سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :6

 

ڇا، اسان جو آرٽ وهي آڌار تي،

ٻَڌئون ڏانگ بگو ٻيو ڪارو.

ڇا ڳاڌي ڇا ڳٽڪار،

وهندا روز وڃن ٿا يارو،

پاڻيءَ پاڙڇ ڀرئو نيسارو

ڇا، اسين ڪاهي پياسين ڪوڏارتي،

ٿي ٻروڻي هر هڪ ٻاري،

آڻي آنڌيءَ جي وار،

نوان نائڪا ٻنا ٻهاري،

هاري هر هٿ چونيان واري-

ڇا، اسين ڪوڏيا جوئر جا ڪارتي

هرهڪ هاري سينو ساهي،

سلن سندو سينگار

پنهنجي پوکي رسائيون راهي،

ڍڍئي چونڪ ڪڻا پيا ڪاهي-

ڇا اسين مُوڙين ٻڌڻ جي مار تي،

مٿان مڪرن مورچا لايا،

لڳو واءُ وڻڪار،

آخر ڪي سنگ نسري آيا،

هيٺيان هارين هُل مچايا-

ڇا، سڀ ٿيا سٽڻ جي سار تي،

ڌڪو ڌومو مورنه کيندي،

دونهن جا ڌُنڌڪار،

پوک پرت جي ثابت هوندي،

هر برک کان بازي نيندي-

ڇا، رک نيڻن واري نار تي،

نيٺ وڌئون لابارا لاهي،

پاڻيءَ جي پلٽار،

”امين محمّد“ عبرت آهي،

ڳالهه ٻڌائون ڳوڌا ڳاهي-

وائر جا وسڪارا، ڇا اسان داڻا نيا درڪار تي،

 

امين سائينءَ جي مذڪور ڪلام ۾ اسان کي پريت جي پوک جي استعاري ۾ هڪ طرف، اهي موزون قافيا ۽ الفاظ ملن ٿا، جي سندن شعريت زباندانيءَ جي خداداد صلاحيت جو دليل آهن. ٻئي طرف پوک جو صحيح نقشو حقيقي طرح سان پرت جي پوک جي استعاري ۾ چٽي، آخرت جي پوک کي بيان ڪن ٿا. اها آهي شاعرن جي بلاغت

”ڪليات حمل“ ۾ عشق جي عنوان مان هڪ بيت عرض رکجي ٿو.

لوڪ ڪنون لڪ عشق نه سگهندا، توڙي سهس ڏينوس سر پردي،

آپئون آپي بوءِ ڏينداهي، وانگي مشڪ عطر دي،

درد ڪنون دم سرد نڪل دي، دونهي درد اندر دي،

”حمل“ هرگز مول نه ڇپدا، آڙهه وچ اندر دي.

حمل فقير جي زبان سرائڪي هئي ۽ امين محمّد سائينءَ جي سنڌي؛ پر امين سائينءَ جي هيٺئن مثال مان معلوم  ٿيندو ته کين سرائڪي تي به سوکو عبور هو:

عشق عجاب الٽيان باتيان هئي هئي هل مچايا،

هئي هئي حال حقيقت والا، سارا حرف سڻايا،

”نحو“ دي نيڙي جهڳڙي جهيڙي، جزوڪل، قلب ڪنبايا،

ماسوا ڪون مار سٽيوني، هڻ هڻ ”هو هو“ دا رايا،

ٿي ”هُو“ وچ غرق تان غرض ٿيو ئي سِرّ سبحاني سايا،

”وَفِي اَنفُسِڪُم“ سرّ سڀوئي، سيني وچ سمايا،

”اَنَالحَقُ“ حلاّج الايا، جنهن ڪل ڪنڌ ڪپايا،

هئي هئي آک ته هُو هُو ٿيو ئي، اوُ ڪثرت اي ڪايا،

هووي عشق ”امين“ اسان ڪون، جنهن ملدي ملدي مايا.

مذڪور مثال مان معلوم ٿيو ته امين سائين جو اظهار پنهنجن اڳواڻن يارن کان نرالو آهي. اها هن صاحب جي ڪلام جي خاص خصوصيت آهي ته هن صاحب اندر جا آلاپ پنهنجي جذبن ۽ لفظن ذريعي الايا هئا.

واقعي سندن ڪلام بلاغت نظام هڪ معنى خيز اٿاهه ساگر سمان آهي، جنهن مان سيڪڙن کي وِرهه جا ونڌيل موتي ملن ٿا. ازان سواءِ پاڻ هڪ باشعور شاعر وانگر هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندن شاعريءَ ۾ بيت ڏوهيڙا، ڪافيون، مولود، حمد، مرثيا، لوليون، سه حرفيون اچي وڃن ٿا. سندن ناز وند زماني تي فارسيءَ جو موزون شاعريءَ ۾ جو گهرو اثر هو. گويا هر هڪ سنڌ واسيءَ فارسيءَ جي موزون شاعريءَ يد طولى ٿي رکيو ۽ ڪيترا سنڌي شاعر اهڙا برک ٿيا، جو مادري ايراني شاعريءَ کي شهه ڏيئي ڇڏيائون. اهڙي دور ۾ امين سائين سنڌي جي خالص صنفن واريءَ شاعري کي استعمال ڪيو آهي، تاهم سندن شاعريءَ ۾ عروض جي نسبت سان به ڪافي موزون ڪلام موجود آهي، چند مثال ڏجن ٿا:

1- بحر رمل مثمن مقصور (فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات)

زلف جي ڦاسيءَ ۾ ڦاسڻ جي طَلَب في الحال آهه،

ساهه سر صدي ڪريان هي محب تنهنجو مال آهه.

 

2- بحر مضارع مثمن اخرب (مفعول فاعلاتن، مفعول، فاعلات)

بانگي الست ربّي، چئي عشق جن تي آيو،

ميدان – معرفت ۾ ڪونتل تنين ڪڏايو.

 

3- بحر رجز مثمن سالم (مستفعلن، مستفعلن، مستفعلن، مستفعلن.)

هن ڪاڪل قهري ڪمند ۾ برهه جي بازار ٿئي،

عاشق هجين تان سر اڇل درشن جِي، جي درڪار ٿئي.

 

4- بحر هزج مثمن سالم (مفاعلين، مفاعلين، مفاعلين، مفاعلين)

جنين کي عشق جو آهي نسو نروار اثباتي.

وزن سندن ڪلام ۾ عيان آهي، فارسيءَ ۽ اردو جا ٻه ٽي ناقص غزل هٿ آيا آهن، انهن مان به موزون ڪلام جي شاهدي ملي ٿي. ملاحظه فرمايو:

 

فارسي:

اي زاهد چه. داني تو  شيوهائي رندان،

شهباز بر شکارم تو کي ز اهل رندان،

ما مالکيم ”سرّي“ اسرار راز عشقيم،

ما خسرويم اجابت، ما خوشدليم خندان.

اردو

اس دام سي اب دل ڪو ڇڙا ڪون سڪي گا،

تقدير ڪي لکهّي ڪو مٽا ڪون سڪي گا.

وه لائي ميري حق سي ڇري سيني په ميري،

اس هاٿ حنائي ڪو هٽا ڪون سڪي گا.

هاڻي اچان ٿو سندن ڪلام جي ٻين صفتن تي: پهريائين سرائڪي کي ٿا کڻون، ان بعد سنڌي، مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته امين سائين سرائڪي زبان کي به پنهنجو ڪري ڇڏيو. ان زبان ۾ سندس دل ڏاريندڙ ڏوهيڙا، قرب واريون ڪافيون، دل ۾ درد رکندڙن لاءِ روحاني حظ جو سامان آهن.

 

ملاحظه ڪريو:

ڏوهيڙا:

عشق جو شطرنج

اوّل ڪؤن انصاف ڪري وچ سيني شطرنج جوڙي،

تخت اتي چا شاهه ٻلهاوي، آڻ رخي تي گهوڙي،

وچ پهلو دي ويک وزير، جو مار مريندا ڏوڙي،

الٽ پلٽ گهٽ گهوڙي، جڏان آ سر تي پوندي سوڙهي،

جي ڪوئي وت وزير مرا وي، سو کٽي بازي ٻوڙي،

ري وزير شهه ڪونه ڏي، متان نفس نهوڙي،

آءُ ”امين“ چڙهه عشق دي ٻيڙي، تان رس نا راندنه ڇوڙي.

خفي جلي اتي ڪشف ڪرامت اي سڀ اوري خالي،

دل ڪون ننگ ديدار سڄڻ دا، وچ جلوي دي جالي،

روح رلاون رمزان وچ، ويکو عشق اڳئي پرنالي،

مردان ڪونه معراج وکيندا،جٿا ڀڙڪن ڀالي،

مئن بن تاري ترڻ نه ڄاڻا، من ٿيوم سوز سمالي،

مانَ  ماهي ميلاپ ڪري، سالا ترڪي نديان نالي

”امين محمّد“ عشق او راندي، هن نازڪ ڪم نرالي

”وجودي“ وڻڪار جو ذڪر ”وجودين“ وانگرهيٺينءَ ڪافي ۾ ڪيو اٿس.

 

 

 

 

برديدا ڪر بيک بهان، آ ڪي عبد وچ سمايم،

بردا مئن بادشاهه به مئن هون، هر هڪ داسَنڌ ساهه به مئن هون،

رهبر تي گمراهه به مئن هون، هر مظهر ميڏا مئخان،

هر ميگون وچ موج مچايم.

باهه برهه آسمانئون آيم، عاشق ”هو“ ڪر احد الايم،

طور تجلي نال جلايوم، بحري بدل وچ گهٽ گمسان،

بت خاڪي وچ ورهه وسايم.

آدم هو فردوسئون آيس، موج محبّت لهر لوڙهايس،

حوت بطن بن يونس آيس، هود حذر وچ ڪر حيران،

باد برق دا برقعا پايم.

نار نسنگ گلزارون گل هئي، ماهه ڪنعاني ميڏا ملهه هئي،

قصد ڪليم دا ڪيڏا هل هي، بنما بنما ٿي بيران،

نئي نئي نزدئون ڪوهه ڪنبايم،

سولي سهه ڪر موت مچايم، اک ”انَالحَقُ“ آپ ڪهايم،

”قُم بِاذِني“ دا حڪم هلايم، پوست پري سٽ بن برهان،

رمز رندي وچ رنگ رچايم.

عشق ”امين محمّد“ سٽ سيني، ڪهندا قرب ڪهيندي ڪيني،

بيرنگي دي راز رنگيني، سر ڏيوڻ دا ڪر سامان.

ڪربل دي وچ ڪنڌ ڪپايم.

سندن سرائڪي ڪلام تي ڪن ڪن هنڌن تي هنديءَ جو رنگ چڙهي ٿو وڃي، امين سائين بابو بيکاريءَ جي بيس ۾ بابؤ کي پيو وينتيون ڪري. ملاحظه فرمايو.

ڪٿ هندو ڪٿ مومن مذهب

مين هون ٺاڪر دواري ۾ دَل هون.

ستگر جڳ سنگت پر ٿم پاوڻ،

دواپر ڌرمڪ مئن رَل هون.

سنت سلا پرتا من ميرا،

هر پنٿ دي وڄ مئن پل هون.

هر برهمن ڪون ڀيد بتاوڻ،

جمنا دي وچ مئن جل هون،

هر هر دي وچ هر نون پايا.

هر مايا وچ مئن مَل هون.

ڍونڍ رهي سڀ پٿر پنٿه،

هر هنٿه دي وچ مئن هل هون.

گيان گرو هو ميرا آوڻ،

جنم جراکت مرمر ماوڻ،

جسد مين دم سنگت تيرا،

ڪچي مڇي مانگهن هر گهت گهيرا،

اِندر آنوڻ سارا جڳ سانوڻ،

گنگا گورک هر گهت کاوڻ،

ڪلپ ڪهت ڪر رام ريجهايا،

رام ملي سڀ مِل وي مايا،

ارٿبه عشق ”امين محمدّ انٿه

بديان ڀرڪر هون مئن هر هنٿه

 

ان کانپوءِ سندن سنڌي ڪلام جي ڌار ڌار ڪڙين کي پيش ڪجي ٿو:

سنڌي بيت: ڪليات ۾ امين سائين جا سنڌي بيت پنجن سرتن تي مشتمل آهن، اهي سر هي آهن، سر رامڪلي، سر سسئي، سر راڻو، سر ڪيڏارو ۽ سر ڏهر. سڀ کان اوّل سندن همعصرن جي بيتن مان محظوظ ٿيون ٿا، جيئن پکن ڌڻيءَ جي پريت وارن بيتن جو موازنو ڪري سگهون.

 

شاهه نصير

ويا جي وڻڪار، ٻاروچو ٻيلهه کڻي.

وينديس پٺيءَ تن جي ڇڏي ڪم ۽ ڪار،

پليو مون نه سرتيون، صحب لڳ ستار،

ٿئي ساهه جسي کان ڌار، جيتر ڏسان نه ان کي.

مولوي غلام محمّد:

امڙ مت مَ ڏي، مٺي مون موٽڻ جي،

کڻ فراسي ويڙهه تڏو، تون پڻ هل لڏي،

جانب سان گڏي، گوندر لاهيون دل جا.

امين سائين جي ورهه جا ورلاپ سڻو:

سڪي سڱ ٿيوم، جيڏيون ذات جتن سان،

ستيس سنجهي سيج تي، تڏهن هٿان هوت ويوم

”امين محمد“ عشق جو، پرو پوءِ پٻ جو،

ڪيچين ساڻ ڪيوم، پيرين پاهڻ پٻ جو،

هڻان پاڻ پهڻ سان، جيڏيون لاءِ جتن،

آرياڻيءَ جي اوج، خير ڪئي خطن،

جي هليون نان هوت ڏي، ٿيون ويچاريون وتن،

مونجهارو ماءُ تن، آيم اوٺيڙو جو.

مولوي غلام محمد صاحب سر رامڪلي ۾ فرمايو آهي:

ڪالهه لڏي ويا ڪاپڙي، بابت بيکاري،

سين هنيائون سُڃ ۾ حُب وارن واري،

”اَلڪُفّار فِي جَهنّم“ هي جنت جواري،

تڪيا تواري، ڇڏي هليا اوهري.

سائين پکن ڌڻي جو قلب رامڪلين لاءِ رام هو. واهه جو جوش طبح اٿن! پڙهندڙ ائين پيو پرجهي ته ڄڻ گاروڙن سان گوڏو ڀڃي گڏيو ويٺو ستگر کي ستائي ۽ ريجهائي. حظ وٺو:

آهه الم ٿيو اوچتو، ساميئڙن کي سڏ،

لاهوتين لبيڪ چئي، هيڻو ڪيو هڏ،

گاروڙي گُر ساڻ ٿيا، گوڏا ڀڃي گڏ،

”ذَالِڪَ الڪِتَابُ لاَرَيبَ فِيھِ هُدََي لِّلمُتّقِينَ“

مرڪي جوڙيائون مڏ

گرتنين سان گڏ، جي وڃي گڏيا گرناٿ سان.

گر سان گڏجي گودڙيا، ٿيا گاروڙي گلزار،

وڌا تن وجود ۾، وحدت جا واپار،

اکڙيون الک پار ڏي، نيڻ وهائڻ نار

بي تي بانور ڪينَ ڪَن وجھ جا وينجهار،

اورڻ ٿين الف سين، ساري سڀ ڄمار،

”امين محمّد“ ان سندا، پرجهي ڏٺا پار،

ڪن ڪنهن سان ڪانه ڪا، ريءَ گروءُ گفتار،

ميسري مخلوق کان، ڌريان ڌارو ڌار،

سوالي پنهنجي سر جا، پرجانا پينار،

جوڳين جا جنسار، چئي چوان ڪيترا.

بيت : بيت سنڌي ادب ۾ اعلى حيثيت رکن ٿا، سنڌ جا سٻاجها ڌڻي ڌوئل هن صنف جي ذريعي پنهنجي روح کي رحمان جي ريجهه سان ريجهائيندا هئا. بيت انهن جي اندر جي آهن جو سنئو سڌو وسيلي هو. اهوئي سبب آهي جو قارئين ڪرام ملاحظه ڪندا ته بيتن ۾ جي برهه واريون باتيون آيل آهن، سي سنڌي عوامي نظم جي ٻيءُ ڪنهن صنعت ۾ مشڪل لڀندون. امين سائين ان ڏس ۾ پنهنجي روزگار جي راڻن ۾ راڻو هو. سندن بيتن ۾ واهه جو اثر آهي!

ڪافي: سندن ڪل ڪافيون الاهي عشق جي رنگ سان رنڱيل آهن. حقيقي فيض لاءِ هنن مان ڪيتريون روحاني رمزون معلوم ڪجن ٿيون. اڳ ۾ ڏيکاري آيو آهيان ته امين سائينءَ جي ڪلام ۾ انفراديت آهي، ڪنهن متقدم يا معاصر جي نقالي ڪونه ٿو ڪري، پاڻ، سندن معاصرن مان ڪن سندن تتبع ڪيو آهي. اهڙو اشارو محترم ”عارف المولى“ ڪلام حَسن بخش جي صفحي 12 تي ڪيو آهي ته ”اهڙي طرح سائين حسن بخش ٻين هيٺين شاعرن جي تتبع تي پڻ ڪلام چيو آهي“ ۽ پهريائين مثال سائين امين محمّد جن جو آندو اٿس. ٻنهي جو ڪلام پيش ڪجي ٿو. پهريائين امين محمّد سائين جو، ان بعد سائين حسن بخش شاهه جو تتبع ڪيل.

 سائين پکن ڌڻي:

جنين کي عشق جو آهي نشو نروار اثباتي.

رسيا عبديءَ ڪنان اعلى،

وڌائون فڪر کي ڦاهي.

کنئون هٿ برهه جا ڀالا،

ڪَنين ويراڳ جا والا،

سا لائي ”لا“ سنڌي ڪاتي.

پَئون ٻارهن ٻئي پاسا،

ڇڏيون گهر ڊاوَ جا ڊاهي

کٽي سا راند ٿيا راسا،

خفيءَ ۾ خان ٿيا خاصا،

رکي هڪ رمز ڏينهن راتي.

مڃائون محب جا ٿورا،

تنين جي شرف شڪ ناهي-

اندر ۾ عشق جا کورا

ڀڃي ڪئين بت ڪيئون ڀورا،

ڪين ظاهر ذات ۾ ذاتي.

جي ”هو“ ۾ هوءِ هيڪاندا،

ٿي ماريا موت مت ڇاهي-

”امين محمد“ اهي آندا،

نه هڪدم وِرهه کان واندا،

مَ چئو سي مرد ممّاتي.

سائين حسن بخش شاهه

جنين جي جان ۾ آيو، آ حضرت عشق اثباتي

ڪاتي سا ”لا“ سندي لائي،

پائي اٿن روحيءَ سندو رايو-

ڇڏيائون نفس کي نائي،

خفي کان خيال تي پائي،

وڃي ٿيا ذات ۾ ذاتي

آڌوتي الک سان اورن،  ڪلهن کان ڪنڌ ٿا ڪورن،

ويٺا پنهنجي ڏيل ۾ پورن، مٿو مونن مٿي پايو-

رکن رند رمز ڏينهان راتي.


 

نفي ثابت آ جن ڪيڙو، صغرى سير تن ٿيڙو،

پرو ڪبرى انهن پيڙو، ”مُوتُوا قِبِلَ ال“ جنين چايو-

نه ٿيا سي مرد مماتي 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org