سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :10

سنڌي ڪافيون

 

                        ڪافي-1                       (آسا)

راهونڊي رهاڻ

ماندو(1)* مون مهمان، ڪالهه هئا، جي ڪاپڙي.


 

سنگ ساميڙن جا،

ساري منهنجو جندڙو،

بسم بيراڳين جا،

مادر منهنجي من کي،

”امين آندا عشق جا،

هالين ٻجهن (2) هاڻ.

راهونڊي (3) رهاڻ.

سانڍيا† مون سيني ساڻ،

لاهوتين (4) جي لاڻ(5).

اتانهين اهڃاڻ.


 

                           ڪافي – (2)               (ڪلنگڙو)

ساهڙ جي سڪ

سڪ ساهڙ جي سِڌاري (6)، وڌي سيني عشق اڀاري.

سرُرڪي پيتائون سور جي.

تنهن ڳارائي ٿي ڳاري، ڪيائون پرت پناري.

ڪچي،پڪي جي وِٿي(7) ڪانه ڪيائون،

برهه لڳس باري، تنهن تاڻي آندي تاري.

ڪچن ڪاهَنِ ۾ لسن ليٽن تي،

ڪُن ڏَسي ڪپر ڪاري، سڏ ساهڙ ڪيو پڪاري

جڏهن آيس جان ڪڍڻ جي،

توري ڪين تاري، ٻڏي ٻاجهارو ٻاڪاري.

عشق جون آهن، ڳوريون ڳالهيون.

”امين محمد“ سڌ ساري، ڪري جي پنهنجي سي  پاري.

 

                ڪافي –(3)           (ڀيروين)

نيڻن جو جادو

تنهنجي نيڻن جادو لايو، رمزن رمزون * رليون (1) يار،

اکيون تنهنجيون ڪجليون ڪاريون،

ڌاري ڪاڻ دلبر ڌاريون،

هو گهر اجاڙن ڳليون يار،

دليون دلبر ڪارڻ سڌايون(2)

وؤڙڻ ويئون وري نه آيون،

او گهٽنهارن گهٽيون يار،

اکيون آيون اکڙين آري،

وارن وَرَ وَرَ وڌرو واري،

هو جت ڀڳيون تت جهليون يار.

جانب جنگي جادو لايو،

سِرَ ڏيڻ جو تن ڪيو سعيو،

هر دم حاضر هليون، يار.

”امين محمّد“ اکڙيون اڙيون،

زلف زنجير قلابين (1) ڪڙيون،

وَه ڪين ڇٽن سي جهليون يار!

ڪافي -4                      (ڀروين)

پريم پٿر ناهي ناهي

جي ميخاني ملندو مولا، بتخاني ۾ ڇاهي ڇاهي!

هنودي(1) بتخاني آيا،

ترڪن طعنيا تن تي لايا.

پريم پٿر ۾ ناهي ناهي.

بيک برهمڻ دل ۾ دورا،

وانسگ * واهگروءَ (2) جا ٿورا،

دال چپاتي ڇاهي ڇاهي.

منهن ۾ ملياڻي چوَت سان چوري،

اهڙي ڀيت (3) ڇڏي ڏي ڀوري،

رمز رکيو دل راهي راهي (4)

ميخاني جا چون مَوالي،

خيال خوديءَ هٿ پيالاخالي،

وات وڄائن واهي واهي.

سنگ سنياسي پنن وڃاڻيون،

ڳولن راجا ۽ ٻيون راڻيون،

ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي ٺاهي.

”امين محمّد“ آهي، انهن جو،

منءِ (5) †ماري جن ساجن سمجهيو،

الک انهن سان آهي آهي.

 

 

 

ڪافي –(5)           (ڀيروين)

 

وصال جب اميد

 

جانب جدائي لاهي،  ڪر مون اچي ملڻ جي


 

ساجن اوهان کي ساريان

ڏينهنڙا گهنگهر (1) گذريان،

اکڙيون ڏسي غزالان (2)

پائي ڪبڪ زوالان (4)

نت واٽڙيون نهاريان،

اچي واهه ڪر ولهين جي،

شرمندگي سين تالان (3)

ڏسي ٽور هي ٽلڻ جي


 

]اڻپوري[

 

                   ڪافي-6            (ڀيروين)

پنهنجو پاڻ سڃاڻ

هن ته حياتي ساڻ، مر ته مري مزا ماڻئين.


 

”موتُو! قَبلَ الموَتِ (5) جا،

صورت ۾ سلطان جي،

هن حياتي جي حال ۾،

سانگ (7) اٿئي ساعت جو،

ترج تار طلب ۾،

”امين محمّد“ عشق جا

 

اهي آندائون اهڃاڻ(6)

پئي، پچائج، پاڻ

تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ.

ويهي ڪر مَ وٿاڻ(8).

نينهن اٿيئي نياڻ (9)

ڏاهن ورتا ڏاڻ (10)


 

 

ڪافي (7)             (ٽوڙي- گنداري)

دلبر جو دام

دلبر دل کي دام وڌا،

ڪيئن ”لاعَبدي“ (1) چئي لاهيان لاهيان.

ادنى (2) کان منجهه عبدي (3) آيا،

وحدت جا تن ورق ورايا،

قرب قَرابت رمز رجهايا،

پير پرت ڏي پايان پايان.

جان جگر ڪري پارا پارا (4)

نايا نيهن اندر منجهه نارا نارا (5)

وِرهه اچي ڪيا وارا وارا (6)

ڳالهه تنهنين جي ٿو ڳايان ڳايان

باغ برهه جي ڪيون گلزاريون،

تن طلب ۾ تاريون تاريون،

ڇا بتخانا مسجد واريون (7)*،

ڇا ڪعبي ڏي مان ڪاهيان ڪاهيان،

”امين محمّد“ عشق جون ڳالهيون،

هونِ هميشه جي هم حاليون* ê

ڏسي پرت وارن جون چوکيون چاليون،

آءُ تعجب ۾ آهيان آهيان.

ڪافي(8)              (تلنگ)

 

عشق و عقل

 

عشق آندا سامان سينگاري، جلد بهادر جنگي، يارو،

عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ ننگي، يارو!

عشق آڻي ڪيا دل ۾ ٿاڻا،

تسبيح تقوى اٿي اُڏاڻا،

مور ڇڏي ويا ماڻا ٽاڻا،

راز ڏسي سڀ رنگي، يارو!

ڪريا ڪوٽ مغز جا محلا،

ڌٻيا دور دلين جا دهلا (1)،

پيش اچي پيا ورنھ (2) وِهلا (3)،

سينا جن جا سنگي، يارو!

عشق عقل جا ٿو ڪلس (4) ڪنبائي،

آڙ (5) عشق سان ڪنهن جي ناهي،

سڀڪو ٿو پنهنجو پاڻ ڇپائي،

توڙي رومي (6) زنگي (7)، يارو!

عشق عقل جا ٿو شهر اجاڙي،

باهه برهه جي سڀ گهر ساري،

آڻي آتش اوڙي پاڙي

جيئن سو پُور پُشنگي (8)، يارو!

 

 

” امين محمّد“ عشق جا آيا،

سڀ سپاهي سرس(1) سوايا،

جنهن منهن چڙهيا سي گهٽ (2) گهايا،

روسي (3) رخت (4) فرنگي (5) يارو!

 

 

ڪافي-9                       (تلنگ)

 

بانگ الستي جو اظهار

 

 

بانگ اَلستُ رَبّي (6) چئي عشق جن تي آيو،

ميدانِ معرفت ۾ ڪونتل (7) تنين ڪڏايو.

 


 

ڏسي عشق جا اشارا،

نيڻين وهائي نارا (7)،

آڙاهه کؤون اپائي،

پٽ پيءُ هٿان ڪُهائي،

 

وِهندا سي ڪيئن وچارا،

هَيءِ جو هُل مچايو.

رائي (9) ڪنهين ترائي،

بَطحى (10) ۾ گهر بڻايو.


 

 

 

 

 

 


 

ڪٿ مصر ماهه ڪنعان (1)،

رکي بار برهه بهَ نهان،

جفعل (3) ۾ جوڙي جاني،

لاَريبَ(5) لَن تَراَنِي“

ڪربل ۾ خميون کوڙي،

تيغ و تبر (9) سان توڙي،

هر هڪ جي جاءِ ناهي،

ڪيئي فَرّخياب (11) ڦاهي،

”قالُوا بلَى“ ڪهاڻي،

ان وقت کي ڄاڻي،

لاشڪ لباس لائي،

احمد اچي سڏائي،

 

لائي پرت پوءِ ٿيو پنهان(2)

مالڪ ٿي مُلهه چڪايو،

ڪيائين ڪل تي ڪامراني (4)

”اَرني (6) ٿي ڪنهن آلايو(8).

ڪنڌ ڪات کان نه موڙي،

سر بر سِنَان (10) سهايو*

هت ڪير سينو ساهي،

ڪاپار ڪَرٽَ لايو.

ثابت صحيح سڃاڻي،

تنهنجي روح ڪهڙو رايو.

ڪثرت ۾ پير پائي،

”محمد امين“ ٿي آيو.


 

 

 

 

 

 

 

 

ڪافي 10             (تلنگ)

سرڪ ساقيءَ جو اثر

سرڪ ساقي کان چَکَڻُ، تنهنجو دائما ديدار ٿيو،

روز رمزن ۾ رچڻ،(1) تنهنجو مرتضى مهندار ٿيو.


 

صاف سرّيءَ (2) جا اشارا،

تن تجليءَ ۾ تِڇَڻُ (3)،

پاڻ کي پر (4) ۾ پچائج،

مچ ڏسي موٽي اچڻ،

پرت کان پاسي جي ٿيندين،

دام کان دل کي لڇڻ (5)،

نانگ آفت عشق آهي،

پار تنهنجا ڇا پڇڻ،

سوز سانگو سر جو لاهي،

ات ”امين“ توکي اچڻ،

راز سمجهڻ رمز وارا،

تن جو وحدتي واپار ٿيو.

پير پوئتي ڪيم پائج،

تنهنجو عاشقن کي عار ٿيو،

پوءِ جانب ري نه جيئندين،

تنهن جو لامرگ (6) لاچار ٿيو،

خبر ري کاڄڻ ٻي ناهي،

تنهنجو خود زلف خمدار (6) ٿيو.

وڃ پرينءَ جي پار ڪاهي،

محمّد مهند مهندار ٿيو.


 

ڪافي- 11             (تلنگ)

آءُ مهل هيءَ ملڻ جي

جانب جدائي ڇاهي، آءُ مهل هي ملڻ جي.

اميد اوهان جي آهيان، سا لڏو ڪيئن لڪايان

سهڻا سچي سخن جي.

اکڙيون اوهان کي سارن،    نت واٽڙيون نهارن

ڪر واهه ڪا ولهين(1) جي

منجهه باغ گل بهاريا،    ساجن اچي سينگاريا،

رک خوءِ (2) خوش گلن جي.

 

ڪافي (12) (ڪاريهل)

نان وڇوڙي جي ويل


 

نان وڇوڙي جي ويل،

آيل اوٺيڙن سان،

سج سپيرين ري،

هلڻ خاطر هوت جي،

پيرين پاهڻ پٻ جا،

”امين“ اندر ويا هڻي،

ڪيچي مون سان قهر ڪري ويا،

هئا هيڪاندي ٻيل (3)

اُلهي (4) ڪئي به اويل (5).

دل کي ڪَيَڙَم ڍيل (6)

رائو(7) ڀانيا ريل (8)

سيني اندر سيل (9)


 

ڪافي – 13          (ڪاريهل)

عشق جو اوڇڻ


 

روئندي  راتو ڏينهن،

آيل آريءَ ڄام جي،

ويلو (10) ڪر نه وچ ۾،

ويئي وهامي راتڙي..

ڪئي نماڻي نينهن.

ويندي سيڻن (11) سيئن.


 

آيل آرامي ٿيان،

امين اوڇڻ عشق جو،

ڪوهيا ري ڪينئن،

جوڙي(1) پاتائين جينئن.


 

 

 

ڪافي 14             (ڪاريهل)

سرور جا ساٿي.


 

سرور جا ساٿياءِ،

جي پيئندا پُرُ ٿيندا،


 

نرمل (3) جي نورا.


 

سختي ڪا سڪرات جي،

پنهنجي هاديءَ جي به هٿاءِ*.


 

طالب تان نه ڏسندا، نرمل...


 

هوندا هٿ ڪريم جا،

تن محبن جي ته مٿاءِ


 

جي سر گهريو گهوري ڏيندا، نرمل...


 

ايندي پانڌي پير ڏانهن،

ڪندا ڪانه ڪٿاءِ،


 

تن جا پورهيا پلئه پوندا، نرمل...


 

ڪڏهن هوندا ڪينڪي،

ميرا تن مٿاءِ


 

جي در هو ”الاّاللهُ جي ايندا، نرمل...


 

”امين محمّد“ ان جا هردم،

سينان صاف سچاءِ


 

جي ”هو هو“ ۾ حاضر هوندا نرمل...

ڪافي -15 (جوڳ)

عشق جي حصلات جي واٽ،

اها بيرنگ بازار ٿئي، هن عشق جي اصلات (4)جي.

هاڻي مرد ٿي محلات ڀڃ، تان واٽ ٿيئي وصلات (5) جي.

هاڻي پير چايو ٿو پٿو پڏين،

سڏ ڪيو مريدن کي سڏين،

اهڙي اندر ڇو ٿو آڏين،

ماڙي مڪر مصلات (1)جي.

رک گوءِ تان ميدان مچي،

سودو سراسر ڪر اچي،

سر سٽ ته ڪين باقي بچي،

نَس نينهن جي نسلات جي،

هاڻي برهه کان بيزار ٿي،

پنهنجي حرص تي هسوار ٿي.

اَنَامِنَ النّاَسِ“ (2) ۾ نروار ٿي،

توکي آهي فڪر فڪر فصلات (3) جي.

”اَرنِي“ کان منهن موڙج مڪين*،

تان ڪين مان تون ڪجهه ته ٿين.

سڻ ڳالهه منهنجي بااليقين،

هيءَ رمز ٿئي رسلات (4) جي،

اي دل ”امين محمّد“ ملين،

هر دوجهان خوش ٿي کلين،

سِرُ پير ڪيو پِرَ ڏين پلين ê

پوءِ هام (5) ٿئي ê*حصلات (6) جي.

 

ڪافي  16            (جوڳ)

پياريءَ جو ساٿي.

رائي (1) منجهه رهاڻ،

ڪيچي ويا منهنجي ڪاڻ ڪري.


 

پياريءَ جو پنڌ ۾،

ساٿي گهُرجي ساڻ،


 

پريم آءُ تون پير ڀري.


 

ڪوهياري (2) لئي ڪيچ ڏي،

هيل وينداسين هاڻ.


 

ويچاري سا ڪيئن وري.


 

هن سورن جي سسئي،

ٿي کٽياڻي کاڻ،


 

ڏونگر منجهه سا ڪيئن ڏري.


 

توڏا (3) وڃن ٿا تڪڙا،

جتن تاڻو تاڻ(4).


 

هلان آءُ ڪيئن هري.


 

”امين“ آڏيون لڪيون،

ارياڻي تون آڻ،


 

توکان منهنجي سڀ سري*.

 

 

 

 

ڪافي – 17          (جوڳ)

اصل آرياڻيءَ جي آهه زوراور ذات

رائي رات واٽ وند جي وٺي ويا.


 

اصل آرياڻيءَ جي،

ويا سُڻائي سُپرين،

راتيان ڏينهان روح ۾،

ميلاپي جي مونکي،

”امين محمّد اُن لاءِ،

آههِ زوراور ذات.

بِرهن واري بات.

مون کي تن جي تات.

ڏير ڏيارن ڏات.

هَيءِ هَيءِ ڪئي هيهات (1)


 

ڪافي  - 18          (جوڳ)

مارئي جي اُميد

نيٺ اچي نيندا، مون کي شل ماڳ مارن جي،

”يرزُق (2) ڏس سومرا،

سونگو ڏؤنرن جا ڏيندا.

”لاَتحفوُ“ (3) هل ملڪ مارن جي،

چست اچي چيندا*

”مَحبوسُ مَن يّشاءُ (4) چئي،

مون کي واهه وٺي ويندا.

”ڪُلُواوَاشرَبُوا“ (5) پلر (6) جو پاڻي،

کڻي اسان ڏي ايندا.

”اَحَداً رَاَيتُ (7) پسڻ ٿيو پرينءَ جو،

پنهنجو ڀاڻو ڀيٽيندا (8).

قول ”امين محمّد“ سان پنهنجا،

پرتئون پاڻ پاڙيندا.

 

 

 

ڪافي – 19          (جوڳ)

هنيڙو ناز نهاري

جيئر جدائي منهنجي توسان ڪڏهن نه ڪاري(1).

تو سان ڪڏهن نه ڪاري جيسين جياري.


 

اصبعين (2) اوهان جا،

ساهه سري صدقو ڪريان،

لاَتَتَحَرڪُ (3) تو هٿان،

”امين محمّد“ عشق جا،

هينڙو ناز نهاري،

وَجهڪَ ڏي واري

اذنئون (4) تنهنجي اوتاري.

پار پڇو پنڌ پاري.


 

ڪافي – 20 (ڪوهياري)

سسئي جي اميد

آرباڻي شل ايندا، سري سئندا اهي بات نماڻي.

ٻانهين ٻاروچي جي اصلئون * آهيان،

ساڻ تنين ڇا سينو (5) ساهيان،

دوست دلاسو ڏيندا،

نيندا پنهنجي ساٿ سڃاڻي.

عهد آرياني (6) سان آهي منهنجو ،

جيءُ جسو آهي طالب تنهن جو،

سي مون کي ڪين مٽيندا،

آءٌ وائيءَ پنهنجي وات وڪاڻي.

آءُ سُتي هُو ساجهر هليا،

منهنجي پاران ڪنهن نا پليا،

سي ڇوري ڪين ڇڏيندا،

جن ٺُن آهيان رات رنجاڻي.

عشق آرياڻيءَ جو بڙڇيون* ڀالا،

سور چِڪي سڀ ڦٽ ٿيا آلا،

سي واري ڪين وڍيندا،

جنهين آهيان ڪاڻ ڪوماڻي،

شرف پنهل جي شان سڀيئي،

جيهي ٽيهي(1) پلئه جا پيئي،

سا ڇوري ڪين ڇڏيندا،

احد w (2) ”امين محمد“ آهي وڪاڻي.

 

 

 

 

ڪافي 21             (ڪوهياري)

سانول کي سارڻ

ڪير گهڙيون هت گهاريندا،

منهنجو ساهه سِڪي ٿو سانول(3) کي.


 

 


 

مون تان ائين نٿي ڀانئيو،

ڪرم ڪيچيئڙا ڪري،

وڻ وندر (4) جا جيڏيون،

ته ماڻن ساڻ ماريندا،

واڳ وطن تي واريندا.

چانگن کي اچي چاريندا.


 

 


 

پورهيت پرٽياڻي(1) جو،

”امين محمّد“ ان لئي،

ڪو سڱ ساجن ساريندا،

واٽ وند جي واريندا.


 

 

 

 

ڪافي 22             (ڪوهياري)

 

حقيقي عيد.

 

ٻاروچا ٻيها، اڱڻ آءُ تان عيد ڪيون.

اچي ويهج اوڏڙو، منهنجا تون منٺار،

ديدن ۾ ٿا ديد ڪيون.

هلڻواريون من ۾، هلي ڪر هيڪار،

خوشيءَ کي ته خريد ڪيون.

اهي اسانکي ڳالهڙيون،  سيکاريون سنسار،

هلائي ته حميد (2) ڪيون.

هل ته گهمون ڪي گهٽيون، برهن جي بازار،

شهرن ۾ ته شنيد (3) ڪيون.

”امين“ تنهنجي عشق جي، پئي آهه پچار،

هوتان رسيد (5) ڪيون.

 

 

 

 

 

ڪافي 23             (ڪوهياري)

ويچاريءَ جو وڦلڻ

 

ڪيئين ڪونه ڪياس، ٽَڪَر مون کي ٽولي(1) ويو.

هيڪلڙيءَ جو حَب (2) ۾، مرون کائيندا ماس.

رندن (3) ۾ جنهن کي رولي ويو.

وَسِ نه ويچاريءَ جي، وڇوڙي.       وسواسُ

ڀينر مون کان * ڀولي (4) ويو.

پسڻ خاطرين پرين جي، هينئڙي منجهه اُداس،

ادا ڪنهينê اولي (5) ويو.

تبي پاهڻ پٻ جا، ساڙڻ مُئيءَ جو ساس،

جهنگن ۾ سو جهولي (6) ويو.

ڪيم ڪيچئڙن لئي، رهاڻِن کي راس،

چيري منجهه چولي (7) ويو.

پُني پرٽياڻيي جي، آيل اهڙي آس،

ڏونگر مون کي ڏولي ويو.

”امين“ اوٺيئڙن جي، اندر منجهه الاسُ(8)،

ٻاروچل مون کي ٻولي (9) ويو.

 

 

ڪافي 24             (ڪوهياري)

اميد

ڇوٿي آهين چري، ايندم وري،

اجهي منهنجا اوٺي يار اچن ٿا.


 

ڪالهونڪر ٿو ڪانگ لنوي،

پيرون چونڊيندس پاند (1) ۾،

”امين محمّد چوي عشق مان،

اڄ منهنجي اک آهي ڦري.

کٻڙن پاس کڙي(2)

توريءَ ساعت نه سري.


 

ڪافي – 25 (ڀوپالي ڪلياڻ)

وڃي ٿيا ذات ۾ ذاتي


 

 


 

آيا ڪثرت (3) ڪنان ڪاهي،

دلان دلدار سين دائم،

هميشه حرف هو صائم(5)،

وٺي وحدانيت واتي؟

توڙي بيدار يا نائم(4).

ڌريئو * لاڳاپا سڀ لاهي،


 

ڇڏائي ڇرڪ کان ڇاتي.


 

نفي(6) نائي ڪيا نائف(7)،

ثباتيءَ (10) ۾ سدا صائف (11)،

خفيءَ (8) جي خيال ۾ خائف (9)،

پرت ۾ پنج وشش (12) ڇاهي،


 

وڃي ٿيا ذات (13) ۾ ذاتي

 

 


 

پناري پرت پاتائون،

سڄڻ ساڳي * (2) سڃاتائون،

قدر قربت، (1) جو ڄاتائون،

وڍي هو وڻ جو وڻ ڊاهي.


 

ڪيئون ميدان مثباتي (3).


 

سٺئون ê لک لهرجا لوڏا،

اچي ٿيا احد کي اوڏا،

ڍڪي ”ميم“ م، تاڻيائون توڏا،

ولايت وريا ڪاهي،


 

وجهي ”وَجهڪَ“ (4) منجهان جهاتي.


 

”امين محمّد“ جڏهن آيو،

هَي هَي * ê جو حرف فرمايو،

اَلِف تنهن لام (5) سان لايو

لباس ”الناس“ (6) جو لاهي.


 

اِلاَّ اللهُ (7) ڪيائون اثباتي.

 

 

 

 

 

 

ڪافي 26             (ڪلياڻ)

 

مَ چؤ سي مرد مماتي

جنين کي عشق جو آهي، نشو نروار اثباتي،

کيئون هٿ برهه ڀالا، رسيا عبديءَ (8)، ڪنا اَعلى،

ڪنين بيراڳ (9) جا والا، وڌائون فڪر کي ڦاهي،

سا لائي ”لا“ (10) سندي ڪاتي.

 


 

کٽي سا راند ٿيا راسا(1)،

خفيءَ ۾ خان ٿيا خاصا،

پنئون، ٻارنهن (2) ٻئي پاسا،

ڇڏيئون گهر ڊاوَ جا ڊاهي،


 

رکي هڪ رمز ڏينهن راتي


 

اندر ۾ عشق * جا کورا (3)،

ڀڃي ڪيئي ê بت ڪيئون ڀورا،

مڃيائون محبت جا ٿورا،

تنين جي شرف (4) شڪ ناهي.


 

وڃي ٿيا ذات ۾ ذاتي.


 

”امين محمّد اُهي آندا،

نه هڪ دم ور (7) کان واندا،

جي هُو(5) ۾ هوءِ هيڪاندا(6)

ٿي ماريا موت مت ڇا هي.


 

مَ چؤ مرد ممّاتي(8)

 

ڪافي 27                     (کنڀات)

نينهن جو نار

 

آهي دم دم جو ديدار، آهي پلپل جو ديدار،

منڊل اسان جي نار تي،


 

بگا ڏاند ٻڌاسون ٻيئي،

وهن ٿا ڌارو ڌار،

هڪل تني جي پري وڃي پيئي

ڳاڌيءَ واري ڳٽڪار تي.


 

 


 

چوئي پاسي چڪريون سڀئي،

لوٽن جي لارو لار،

ارا تني جا ساڳيا سيئي،

لٺڙي وهي للڪار تي


 

 

 

 


 

ڊڍا چونڪ (1) جهلي وڃي نسريون،

پچي ٿئا تارو تار،

”امين محمّد“ اميّد آهي،

ڳنا تني جا ماکي مصريون،

پيهي واريءَ پوڪار تي.

لَسَ لابارا ڇڏيائون لاهي،


 

گوڌن ڳاهه ڇڏئا وڃي ڳائي، وائر جي وسڪار داڻا کڻو در ڪار تي.

 

ڪافي 28                  (کنڀات)

پرت جي پوک

ڇا ڳاڌي ڇا ڳٽڪار، ڇا اسان جو ارٽ (2) وهي آڌار (3) تي.


 

وهندا روز وڃن ٿا يارو،

پاڻيءَ پاڙڇ ڀرڻو نيسارو،

ٻڌائون ڏاند بگو (4) ٻيو ڪارو،

آئي آنڌي جي وار،


 

ڇا اسين ڪاهي پئاسين ڪوڏار تي.


 

نوان نائڪا* (5) ٻنا ٻهاري،

هارين هرَ هٿ چونيا واري،

ٻروڻي(6) ٿي هر هڪ ٻاري،

سَلن جو سينگار.


 

ڇا اسين ڪوڏيا جوئر جي ڪار تي.


 

پنهنجي پوک رسايائون راهي،

ڊڍي چونڪ ڪئان ê پيا ڪاهي،

هر هڪ هاري سينو ساهي،

لڳو واءُ وڻڪار،


 

ڇا اسين موڙين$ ٻڍڻ جي مار تي.


 

آخر ڪي سنگ نسري ايا(8)،

هيٺان هارين هُل مچايا،

مٿان مڪڙن مورچا لايا،

دانُهنِ * ê جا ڌڌڪار،


 

ڇا سڀ ٿئا سَٺن جي سار تي.

 

 


 

پوک پرت جي ثابت هوندي،

هر پرک بازي نيندي،

ڌڪو ڌومون مور نه کيندي،

پاڻيءَ جا پلتار،


 

ڇا رکَ نيڻن واري نار تي.

 


 

”امين محمّد“ عبرت آهي،

ڳاهه ٻڌائون ڳوڌا(1) ڳاهي،

نيٺ وڌئون لابارا لاهي،

وائر جي وسڪار


 

ڇا اسان داڻا نئا درڪار تي.

 

ڪافي – 29                    (ڀاڳيسري)

 

جان جانب سان ملي حاصل ٿين هر دوجهان

 

زلف جي ڦاهيءَ ۾ ڦاسڻ جو فڪر في الحال آه،

ساهه سر صدقو ڪريان هيءَ محب تنهنجو مال آه،

بنده * باشنده êٿيا سڀ خسرو (2) ۽ خاور (3) جا شاهه،

ڪاڪل (4) قهري ڪمند (5) ۾ طوس (6) ڇا طهپال (7) آهه.

تيز نيزان مثل مرگان (8) ابرو (9) هن آنجا ترار،

رزم (10) رست (11) ڇا ڪندو اُن گريزان (12) زال (13) آهه.

 

نيم بسمل نَين ڪيا سي ڪئن جين جان تشنئه لب،

عسق جي عينن اُڃاين جو حيئڻ جنجال آهه،

ڪالهه ٿينءَ قربان اي دل، اڄ اها ناهي سو ڇا،

يا دلاسو دوست ناهي. يا قرب جو ڪال آهه.

جانِ جانب سان ملي، حاصل ٿين هر دوجهان،

اي ”امين محمّد“ سڃڻ لئي، سڪندي سورهون سال آهه.

 

 

 

ڪافي 30                     (ڀاڳيسري)

 

موتوا قبل مرڪي مرج

هن ڪاڪل  قهري ڪمند ۾ برهه جي بازار ٿئي،

عاشق هجين تان سر اڇل درشن جي جي درڪار ٿئي.


 

ٻيا ڊوا ڊَپ ڪيم ڪَج،

مرندي به وَجهَڪ ڏي ورج،

ترڪي تکي وجهه* تار ۾،

ڏس نيڻ نائي نار ۾،

اڄ مچ ڏسي موٽيو اچين،

ٿي مرد محبت ۾ مچين،

آءُ اي ”امين“ اسرار ڏي،

بازار ۾ بانگي (3) جي رس

”مُوتُواقبل“ مرڪي مرج،

ڪامل ڪسڻ جي ڪا ٿئي.

هڻ ٻانهن پوءِ هن يار (1) ۾،

ٻڏندي ته ٻيڙو پار ٿئي.

ڇو برهه جي باهيئون بچين،

اهو نينهن اٿئي نا نار ٿئي،

هڪ پير پٺتي ê ڪيم کسُ (2)

هت * ê جيت ۽ تُ هار ٿئي.


 

 

ابيات سنڌي

ا                          (رامڪلي)

(1)

”امين محمّد“ آئيا، جوڳي جهونجهي (1) جوءِ،

”ڪُلّ شيءِِ يَرجِعُ (2)“ ثابت سندي سوءِ،

گاروڙي گرناٿ کان، رانول رڱي روءِ،

”هُو“ ۾ ٿيا هوءِ معرفت جي معرڪي(3)

(2)

معرفت جي معرڪي، آديسي آيا،

دونهان دوا پر * (4) جا جوڳين جاڳيا،

سر سناسين پنهنجا، ناٿ اڳيان نايا،

”فَسَجُدو“ في الحال ٿي، امر ۾ آيا،

ڪال نه ڪنبايا، ڪالُ ڪنبايو ڪاپڙين.

(3)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته ڪرتئون مارج ڪال،

”وَنحنُ اَقرَبُ اِليھ“ ويجهڙو اٿئي واحد جو وصال،

چاڙهج ته جاٽائن ê کي، رڱج نا رومال،

ڪيئي گذرن گُرَ ريءَ، سامي توکي سال،

حقيقت جا حال، پوربِ ڪجو پڌرو.

 

(4)

پورب ڪجو پڌرا، طريقت جا تانَ (1)

آهن جٿاهين *(2) جوڳ ۾، سڀ کاهوڙي خان(3)،

پاڻي پوربين کي، نفرت ڪنان نانَ،

سامين کي سرير ۾، شريعت شان،

ڀينر ڀلا مانَ وِجهَل(4) ويراڳين جي.

(5)

وجهل ويراڳين جي، ماءُ منهنجي من،

پوي ڪوڪ قلات ۾، ڪاپڙين جي ڪَنِ،

ماءُ منهنجي من، کِجَڻ کاهوڙين5 جو.

(6)

کِجڻ کاهوڙين جو، آيل مون اندر،

ڀسم ساڻ ڀڀوت ٿي، بابو ويا بر،

هليا هنگلاج (6) ڏي، وري پون نه وَر،

ناٿ (7) ملي نارائڻ (8) ۾، سامين پوري (9) سر، جوڳي جاٽائو پر ”امين“ انهن سان ٿئي..

(7)

جوڳي جاٽائون ڪري، آديسي آيا،

گاروڙين گڻيش جا، سامين ڪيا سعيا.

 

ڪن نمايو ناٿ کي، ڪي ناٿن به ناميا،

پرين پهرايا ”امين“ اوڇن عشق جا،

 

(8)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پيرين پنڌ وسار،

”قالو بَلي“ قول ڪيئي، عهد اهيئي پار،

گڏجي گورک ناٿ(1) کي، ٽلا مور نه ٽار (2)

دائم تو دربار، اجهي اگهوري (3) آئيا.

(9)

ايندي اگهورين جا، ڏوري پڇج ڏَس،

وٺج واٽ وصال جي، ٻئي پاسي ڪيم ترس،

اوڏوئي اکڙين کان، نيڻ نهاري، ڏِس*،

ته جوڳي ڀانيُئي ê جَسُ، ايندي آڌوتين (4) کان،

 

(10)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته ڪرتئون مارج ڪال،

اٿي اور الک سين، هيڻو وٺي حال،

جي پَوئي وَٽ وصال کي، ته جئڻ ڄاڻ جنجال،

موڙي تنهنجو مال، جي گُرسين گڏجين ڪاپڙي،

 

(11)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته واتون ورد وسار،

موت منجهيئي مار تون، ماري جيءُ جيار،

دود(1) دکائج دل ۾، نيڻن ننڊ وسار،

پئجئي جس(2) حبيب سان، چست عناصر (3) چار،

وائي ٻي نا وار، آڌوتي الک ري،

(12)

وحدت جا وجود مان، ڀُنگا ڀڃي ڇڏ،

جهڳا جبيرين (4) سين، وڃي عبديءَ ۾ اڏ،

ڦڪا فقيريءَ جو، حال نه پويئي هڏ،

منجهه ۾ ويهه ماٺ ڪري سُڄي پوءِ مَ سڏ،

اکيون ان سان گڏ، جي اوڏا ڪين احد کي،

(13)

”الف“ الله عليم تون، راحم ربّ رحمان

الف اَلستُ بِرَبِّڪُم“ فرض ٿيو فرمان،

”قَالُوا بَلى“ ڪل ٿيو، جزء (5) تي جرمان (6)،

”جزائهُم“ عِندَ رَبّهمِ“ (7) اهو ئي احسان،

”محمّد“ لڌو مان، عالم تي ”امين“ ٿي.

 

(14)

عالَم تي امين ٿي، اَلستون آيو،

تنزل النّبي اِنّ الّذِينَ آمنُوا“ فائق فرمايو.

 

تَڪَلِموالّناسَ علي قدر عُقو لهِهمِ“ (1).

راحم جو رايو.

شرف شريعت جو وٺي، حاميءَ هلايو،

ناٿن (2) سرنايو، انهن جي آواز تي.

(15)

انهن جو آواز ٿيو، مقدّر منهن جي من،

(امَنَ الّرسُولُ بِما اُنِزل اِليھ مِن ربھ (3)،

قلب ڪيو مون ڪن،

انهيءَ جو ”امين چئي، تڪيو رهيو تن،

مان مونهين تي ڪن، ڪو ڦيرو فيض فضل جو،

(16)

الف آديسين کي، وحدانيت وصال،

ڪُلُ يومِ الڪَثرةِ“ جوڳين ٿيو جمال،

قربت جو ”قُم اللّيلَ (4) ۾، حاضر ڏٺائون حال،

انهن کي احوال، جامع ٿيو جان ۾،

(17)

جڙي آئي جان ۾، کاهوڙين خبر،

وحدانيت وجود ٿيو، قلب ڏني هي ڪر،

”جَامعُ المتفَفَرِقينَ“ (5) انهن جا اثر،

منجهان پرت پڌر، ڏٺائون عين الک جا.

 

 

 

(18)

ڏسي عين الک جا، ٿيا لاهوتي لال،

صُمُ بُڪم عُمي“ (1) جوڳين ٿا جمال،

نالگن کي ناسوت ۾، ٿيا قرب ڪمال،

حاضر ڏٺ جا، ويراڳين وصال جا،

(19)

ويراڳين وجود جو، درست ڪيو ديدار،

پوئي پاتائون پاڻ کي، حقيقت جو هار،

ماڳ ڏٺو ملڪوت جو، ناسوتين نروار،

معرفت مدادر آديسين اندر ۾.

(20)

اندر ۾ انهن کي، ٿيو قبله نما قلب،

سُڄي سامئڙن جي، سدا سيج صلب (2)،

راحم تنهين ربّ هادي ٿيو هڪ رات ۾.

(21)

قبله نما قلب ٿيو، ڪافن (3) ۾ ڪاهي،

سامين سر عرفان (4) جو سُنگ (5) ٻڌو ساهي،

طور تجلّي تن کي، اندر ۾ آهي،

لَيسِ يَمِينڪَ يَعرفُون“ (6) ناز وڌائون نائي،

 

”يسارُڪَ يَبقى(1) ٿيا لاڳاپا لاهي،

”حِلت حَاجَتُڪَ“ (2) جي ڪمي ڪا ناهي،

آڳانڍو آهي، احد احمد انهن کي.

 

(22)

احد احمد انهن کي، رهيو روح اندر،

”فَسيروافِي الاَرض“ ٿيا ويٺي پونن* ور،

ويراڳي ڪنهن واٽ ٿيا، بابو ڪاهي بر،

هنن کي هنگلاج جي، قصدئون آهي ڪمر،

لائي عين الک سين، ڪيائون تميزا تر،

وضو ڪيو ”وَنَحنُ“ê جو، آديسين اپر،

ڀسم ساڻ ڀڀوت ٿي، سامي ڪڍي سر،

رڪوع روح اندر، ”امين“ آهي انهن کي.

(23)

”امين محمّد“ انهن جي، رڪوع ڪيو روحَ،

نيڻ وهائي نار ڪيا، جئن کاهوڙين کوههَ،

منجهان فيض فتوحَ الم ٿيو انهن کي.

(24)

آهه الم ٿيو اوچتو، ساميئڙن کي سڏ،

ذَالِڪَ الڪِتَابُ لاريبَ فِيھِ هُدي،

لِلمُتّقِينَ(3)“ مرڪي جوڙيائون مَڏ،

گُر تنين سان گڏ، جي گڏيا گرناٿ سان.

(25)

گُر سان گڏجي گودڙيا (1)، ٿيا گاروڙي گلزار،

وڌا تن وجود ۾، وحدت جا واپار،

اکڙيون الک پار ڏي، نيڻ وهائن نار،

”بي“ تي ڪن نه بانور، وجھ جا وينجهار*،

اورڻ ٿين ”الف“ سين، ساري سڀ ڄمار،

”امين محمّد“ ان جا پُرجهي ڏٺا پار،

ڪن ڪنهن سان ڪانهê ڪا، ريءَ گرو گفتار،

مَيسَري (2) مخلوق کان ڌريان ڌارو ڌار،

سوالي پنهنجي سر جا، پر جانا پينار،

جوڳين جا جنسار چئي چوان ڪيترا.

(26)

هنن حال حسن جي، پائر (3) پَرِ مَ حَسُ،

انبورا سي ارمان جا، پهچن گاروڙي گس،

ڪرايت (4) قلات کان، ويا لاهوت لس،

انهن سان الک جا، روز رهاڻيون رس،

وصالئون وڻجار ٿيا، ورد وجود وس،

ڏُر پون ٿا ڏس، ”امين محمّد“ اُن جا.

(ابيات متفرقھ)

الله آڻج عشق جا سڀيئي سامان،

هجي حالت همّت سان، باري برهه بيان،

منصب موجودات ۾، ڪھ پوي ٿي ڪان،

هن شاعر جا نشان، مولى وٽ مقبول پيا.


 


(1)   رَلَڻ = گڏڻ (2) سَڌايون = سڌ ڪرڻ.

(1)  ) قلابا = ڪانٽا- ڪڙيون.

رمزن (غ-ت)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org