سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دادن فقير جو ڪلام

باب --

صفحو :8

 

زندگيءَ فانيءَ تي ڪهڙو ناز آ

زندگي خود موت جو آغآز آ

 

ڪونه ڪو ڪنهن ساڻ هوندو هم نشين

گڏ رهڻ جو عارضي انداز آ

 

آدميت ۾ ڀي رکيل ڪو راز آ

ڪنهنجي صورت ڪنهنجو هي آواز آ

 

جيڪڏهن حامي خدا آهي ته پوءِ

بي پرن جو عرش تي پرواز آ

 

لطف محفل جو نه رهيو ”دادنا“

مئي نه ساقي ۽ نه ساغر ساز آ

*

انسان کي کپي ته ڪنهين تي نه بار ٿئي

مثلِ نسيم باد جهان جو سيار ٿئي

 

مشڪل جي وقت سُسُت نه ٿي بردبار ٿئي

نقصان دوستيءَ ۾ ڀلي لک هزار ٿئي

 

ڪوڙي جي ڳالهه تي نه مون کي اعتبار ٿئي

اوڏانهن وڃجي، جيڏانهن نٿو خط ۽ تار ٿئي

 

سو ڪين چئجي ٻار جو ٻارن سان ٻار ٿئي

گهوڙي تي موت جي هي اجهو ٿو سوار ٿئي

 

جنهن وقت وقتي غم کان ٿي دل بيقرار ٿئي

بس موت جو وڃي ٿو فقط انتظار ٿئي

 

تير نگاهه سيني کان ڀلي آرپار ٿئي

ٻيو رنج ٿي وڃي نه رڳو رنج يار ٿئي

 

ڪالهه جنهن جي سِر لاءِ سهرا ۽ پوشاڪ جسم تي

اڄ ان جي لاءِ هاءِ ڪفن ٿو تيار ٿئي

 

مرضي سواءِ پنهنجي جي دنيا ۾ ”دادنا“

ڪنهن جي مٿانهون ڪين گران بار ٿئي

*


 

هجي هان سيم بر بر ۾ ته بر ڀي باغ ڄاڻان ها

چريو هئس ڇا نه جو اهڙي عنايت کي سڃاڻان ها

 

کڻي قاصد ويو منهنجو سنيهو يار سهڻي ڏي مگر مگر واپس وراڻن ۾ وڙهڻ جهڙا وراڻا ها

 

اسان جي دل سڄڻ سان ۽ سڄڻ سوگهو زماني سان

ڏکيا ڏاڍا اُهي محبوب جا مون لئه ماڻا ها

 

اهو ڀي ڪو زمانو هو سيراندي طول جي بدران

ٻئي ٻانهون حسينن جون وچئون ڪنڌ جي وهاڻا ها

 

جمالِ يار جا طالب نه مان هڪ مون سوا ڪيئي

سوين بيٺا سندس در تي نمايون ڪنڌ نماڻا ها

 

ڇڏي ڏي بي نوا پر اهل دولت صاحب کي ڀي

ڪڏهن هٿ تي رُکي ماني ڪڏهن مکڻ جا چاڻا ها

 

ڪنهين سانگي مسافر آهيون هتڙي دنيا ۾ نه ته

اسان جا عرش اعظم تي ٿڏي کان ٿاڪ ٿاڻا ها

 

پڇي توکان کڻي جيڪو ته ان کي چئه ائين ”دادن“

آ ڪهڙو ڪم فقيرن جو فلاڻا يا فلاڻا ها

*

ڏسي رُخ ٿياسين ڪلامي پري کان

ڪئي سون اوهان جي سلامي پري کان

 

پَسي سهڻي صورت اوهان جي اي سهڻا

بنا زر وياسين وڪامي پري کان

 

ڏسڻ منهنجو توڏي سهي ڪين سگهيا

اندر ويو رقيبن جو کامي پري کان

 

جي ويجها اچئون ٿا ته فِتنو اُٿي ٿو

ڏبي تنهنجي در جي غلامي پري کان

 

پري کان سڃاڻي ٿو سڀ ڪنهن کي ”دادن“

آ پڌرو حلالي حرامي پري کان

*


 

ايندو نه يار دل کي صدمو خراب ايندو

قاصد ڪئي دير آهي شايد جواب ايندو

 

ناراض ٿي پيو آ ڇو رازدان مونکان

سُڌ پئي نه اهڙي اهڙو انقلاب ايندو

 

بي درد ساڻ دل جو کولڻ نه راز گهرجي

سمجهڻ ۾ ڪين ڪڏهين رڍ کي رباب ايندو

 

بيهي نه عشق اڳيان سگهندو حجاب هرگز

رهندو نه زاغ تاتي جاتي عُقاب ايندو

 

تابان حسن جانان ٿيندو جڏهن اي ”دادن“

اڳيان مقابلي ۾ ڇا آفتاب ايندو

*

بدلي الفت جي سڄڻ رنج و بلا ڏيندو رهين

مان دُعا ڏيندو رهيس، تون بددُعا ڏيندو رهين

 

سوز فرقت ياس حسرت درِد هجرت بار بار

مون جهلي جهولي تون جيڪي دلربا ڏيندو رهين

 

غير جي محفل ۾ آهين، غير سان تون همنشين

مون کي بي مقصد اجايا آسرا ڏيندو رهين

 

مون ته تنهنجي حڪم جي ڪئي پيروي پوري طرح

بيوفا تون پاڻ ٿئين، مون تي گِلا ڏيندو رهين

 

ڪوڙ تنهنجي تي ڪريان پت، ڪيئن نه جوهر ڳالهه ۾

هڪ تون سهڻو ٻيو وري شاهد خدا ڏيندو رهين

 

زور اڳيان آهي زاري، ڇا ڪري ”دادن“ غريب

بي سبب صدبار صدمن جي سزا ڏيندو رهين

*

ڪري سينگار اڄ ٻاهر اسان جو يار آ نڪتو

پيارو ساهه کان ڏاڍو مٺو منٺار آ نڪتو

 

هجومِ عاشقن اعلان ڪيو اڄ خير ڪونهي ڪو

کڻي تلوار هٿ ۾ بي ڌڙڪ دلدار آ نڪتو

 

ڏسڻ ۾ آئيو ٿي پاڪ رُخ دلبر جي زلفن مان

ڪڪر ڪاري منجهان ڄڻ چنڊ چمڪي دار آ نڪتو

 

ڏسان ٿو جنهن طرف تي تنهن طرف کان مست ٿي ”دادن“

سندس ديدار لئه گهر کان ٻڍو ۽ ٻار آ نڪتو

*

ڏسي ۽ وائسي پنهنجا نه مار اي سهڻا

نه سمجهي ڌاريو ڌڪو ڏئي ڌڪار اي سهڻا

 

وجهي نه ايڏيون وٿيون وسار اي سهڻا

گهڙيون ڪي گڏجي اسان سان به گهار اي سهڻا

 

پيار ڪينڪي شربت تون غير کان مونکي

هٿن سان زهر تون مون کي پيار اي سهڻا

 

مران ٿو تنهنجي ڏسڻ واسطي مان سالن کان

خدا جي واسطي هيڏي نهار اي سهڻا

 

اندر نه ساڙ اسان جو تون گهنڊ پائڻ سان

کِلي تون اسان جو اندر ٺار اي سهڻا

 

لڳا جدائي جي صدمن جا تير جيڪي ڀي

سي سيني کان ٿي پيا پار اي سهڻا

 

جگر جلائي ڇڏيو ٿي نظر پهرئين سان

وڌيڪ ٻيا وري ٻارڻ نه ٻار اي سهڻا

 

خطا ته آدميءَ جو آهي گهر اي گهر وارا

اسان کي پنهنجي نه گهر مئون اُٿار اي سهڻا

 

جيئن ٿو آسرا ”دادن“ کي ڏين نه ڏي ڪنهن کي

اجايو عمر ڪنهين جي نه کار اي سهڻا

*

ٻڌايان دل جو غم ڪنهن کي، ٻڌڻ وارو نه آهي ڪو

کلڻ وارا گهڻا آهن، روئڻ وارو نه آهي ڪو

 

جلائي جي غريبن جو ڇڏي ڪو گهر ته ڇا ٿي پيو

ٿو جنهن کي جيئڻ وڻي ڪنهن کي چوڻ وارو نه آهي ڪو

 

ڪجي ٿي دانهن ته ٿئي ڪو داد پر اٿئي مشڪل

مريضِ عشق کان پاڻهي پڇڻ وارو نه آهي ڪو

 

هزارين ٿا ملن درازي، لباسن جي سبڻ وارا

و ليڪن چاڪ سيني جا سبڻ وارو نه آهي ڪو

 

ڪٺي هڪ ٻئي سان هوندو ڪونه ڪو دنيا ۾ اي ”دادن“

مسافر هرڪو هت آهي، رهڻ وارو نه آهي ڪو

*

نه آيو يار نڪي انتظار پورو ٿيو

هيو جنهن وار تي اچڻو سو وار پورو ٿيو

 

ڏسان ٿو روز مان دل جي جهان ۾ هن کي

ائين ڪرڻ سان ئي دل جو قرار پورو ٿيو

 

وتي چُٽيندو ٿو چشمن جي ڪان سان ڪيئي

اڃان شڪاري جو نه آهي شڪار پورو ٿيو

 

رهڻ جڳائي نه گلشن ۾ توکي اي بلبل

خزان اچي وئي آهي بهار پورو ٿيو

 

ٿي عمر پوري وئي آدمي جي اي ”دادن“

ڪنهين جو ڪين مگر ڪاروبار پورو ٿيو

*

اکيون تنهنجو عجيب سهڻا گهڻن جا سر گنوائينديون

جڏهن جنبش ڪري ڪاري ڪجل جي ڌار پائينديون

 

اوهان جي جيئن نظر پئي هٿان دل زور سان ويئي

نه هڪڙو مان مگر ڪيئي اهي ڪجليون ڪُهائينديون

 

دونالي ديد جي ڇٽڪي اچي سيني اندر اٽڪي

چکائي موت جي چٽڪي گهڻائي گهوٽ گهائينديون

 

منجهن اسرار آڪاسي هميشہ خون جو پياسي

اسان پارا سوين سياسي ڦري دلڙي ڦاسائينديون

 

ڏسي چانڊاڻ چشمن جي اڙي دل دوست ”دادن“ جي

ڇڏيم دعويٰ بدن تن جي اڃان ڇا آزمائينديون

*


 

ٻَن پيون اهي فضائون ٻن پيا اهي نظارا

ٻَن پيئي هي رات روشن ٻن ٻيا پيا اهي ستارا

 

دل بيقرار آهي اک اشڪبار آهي

پرچائي ڏئي ڪو مون کي دل جو خدا خدارا

 

سا عيد عيد ناهي سا ديد ديد ناهي

موجود جنهن ۾ ناهن ماڻهو پرين پيارا

 

ڪو مرد مرد آهي دنيا بي درد آهي

ڪنهن کي هي حال پنهنجا ڏيکاريان ڏکارا

 

اهڙو به ڏينهن ايندو ”دادن“ جو داد ٿيندو

ٻيڙو ٿي پار ويندو ڏسبا ڪنڌيون ڪنارا

*

وقت تنهائي هجي محبوب متوالو هجي

خير سڀ ڪنهن ڏي هجي الله جو نالو هجي

 

چئجي گهٽ ڪين ڪنهن کي گر ڪو بدچالو هجي

پنهنجي پر ۾ خوش ڀلي چهڙو ڀنگي ٻالو هجي

 

وڃجي تاٿي جاٿي ٻڌجي يار پو توڙي کڻي

دير، مندر، گرجا بت خانو يا شيوالو هجي

 

مئي هجي ساقي هجي لبريز بس پيالو هجي

عشق جو نشو هجي ۽ عقل کي تالو هجي

 

آهيون مجنون ليليٰ ٻئي ”دادن“ ٻنهي ۾ فرق هي

مُنهنجون مجنون، هن جو ليليٰ بس نالو هجي

*

ڪڏهن ايندين سڄڻ تنهنجي اچڻ جو انتظار آهي

ڏسڻ کي ڏينهن ٿيا ڏاڍا ڏسڻ جو انتظار آهي

 

هٿان تنهنجي ڪهڻ وارا، ڪُسڻ جو انتظار آهي

اڏي تي تنهنجي اڳيان سر رکڻ جو انتظار آهي

 

نه تون آئين نه موت آيو نه تنهنجو نامه بر آيو

اکين کي اي پرين تنهنجي پسڻ جو انتظار آهي

 

جدائي جو عذاب هڪڙو ٻيو ماڻهن جا ملن مهڻا

جيئن اهڙي کنئون دنيا مئون هلڻ جو انتظار آهي

 

ٻڌڻ وارو هجي ٻيو ڪونه ڪو ”دادن“ جي دردن کي

اڪيلائيءَ ۾ بس توسان ملڻ جو انتظار آهي

*

دل جي ڦاسائجي توڙ تائين نڀائجي

ڪنڌ نه ڪڍائجي مُنهن نه مٽائجي

 

عاشق سڏائي وڏي ڪس کائجي

سر کي سهائجي اڏي تي اڏائجي

 

لوڪ کنئون لڪائجي وسو ٿي نه وائجي

لڳي ته لڳائجي ٻئي کي نه ٻڌائجي

 

”دادن“ رهائجي ڪنهن کي نه رنجائجي

ٿورو جي نه لاهجي ڳڻ ٿورو ڳائجي

*

جيئڻ اهڙي کان اي يارو مرڻ ڏاڍو سٺو آهي

وري ڪهڙي الائي ڳالهه تان دلبر رٺو آهي

 

ڪڏهن هائو ڪڏهن نهڪر ڪڏهن راضي ڪڏهن ڪاوڙ

ٻڌايو ڇا ڪريان مون کي انهن ڳالهين مُٺو آهي

 

اڄوڪي وقت تائين دوستو ساري زماني ۾

ٻڌو ڪاٿهن ته ڪنهن ڪنهن کي بنا ڪاتي ڪٺو آهي

 

حياتيءَ ۾ دفعو هڪڙو ملڻ ٿيو ڪونه ڪو ”دادن“

نه ڄاڻان مينهن سانوڻ جان سڄڻ ڪاٿي اُٺو آهي

*

دوا جو فائدو هڪ درد ڄاڻي ٻي دوا ڄاڻي

ٻيو ڄاڻي جو مريض آهي ۽ دستِ شفا ڄاڻي

 

نه ڪر ناصح نصيحت عشق بازي ڪرڻ کان مونکي

مرڻ جو خوف ڪونهي، هاڻي مان ڄاڻان قضا ڄاڻي

 

انهيءَ سان ڪم پيو آهي جو هن مُنهنجي محبت جي

نه ڪي ٿو ابتدا ڄاڻي نه ڪي ٿو انتها ڄاڻي

 

پتو پئي پاڻ کي ٿو ڪين ڪي ”دادن“ اڃا اهڙو

الائي ڇاهي قسمت ۾ خدا جون ڳُجهه خدا ڄاڻي

*

آهي جو ليک ۾ اُهو هرگز گُسي نٿو سگهي

قادر سوا ڪنهن جي هٿان ڪو ڀي ڪسي نٿو سگهي

 

جيڪي ڪري خدا ڪري بندو ويچارو ڇا ڪري

حڪم بنا الله جي پر ڀي کُسي نٿو سگهي

 

آتش اندر جي ٺاريان، دريا هنجن جو هاريان

چولو چوانڪن سان اڃا پورو پُسي نٿو سگهي

 

الفت جو ٿيو ڪمال آ ڪلفت جو ٿيو زوال آ

دادن کان ڪنهن به حال ۾ دلبر رُسي نٿو سگهي

*

بي درد کي ڪهڙو آ پتو دل جي لڳيءَ جو

مشڪل ٿو ٺهي موٽي وري سودو ڀڳيءَ جو

 

جو سمجهين ٿو پنهنجو سو اوس آهي نه تنهنجو

دنيا جو سڄو رستو اٿئي ٺاهه ٺڳيءَ جو

 

هوندا ها! اڳين وقت ۾ واپار سرن جا

اڄڪلهه ته وڌ ۾ وڌ آ رڳو سوال سڳيءَ جو

 

جا آهي خبر جنهن کي سو قائم آ انهيءَ تي

سُرتال مان ڇا ڄاڻي شوقين کڳيءَ جو

 

سوداگري اهنجي آ وڏي عشق جي ”دادن“

هاٿي نه وٺي سگهندو خريدار ڍڳيءَ جو

*

هي قصئه درد آهي ڪينڪي آهي ڏسڻ جهڙو

آ دل جو سور دل ۾ ئي نه ٻاهر آ ڪڍڻ جهڙو

 

بچو چارو نه آهي عشق بازي کان بچڻ جهڙو

اهو ناسور ٿي پيو آهي جو ناهي ڇٽڻ جهڙو

 

خبر ان سان ڪجي ڏسجي ته اڳلو آ مڃڻ جهڙو

ٻڌائڻ ڀي کپي تنهن کي هجي جيڪو ٻڌڻ جهڙو

 

ٻيا ڀي حسن وارا خوبصورت ٿا ملن ليڪن

نٿو ڪاٿهن ڏسان اکين سان سهڻو سڄڻ جهڙو

 

چيائين بي اجازت ڪيئڻ اچڻ ٿيو آه اي دادن

ڀري محفل ۾ مان ٿي ويس مرڻ جهڙو ٻڏڻ جهڙو

 

پراون کي ڪيم پنهنجو پراوا پر نه ٿيا پنهنجا

ڪيو آهي زماني پاڻ کي هاڻي ڀڄڻ جهڙو

 

ڏسڻ سان حسن وارن کي وڃان ٿو هوش مان نڪري

خدا ڄاڻي مان آهيان ڪين ڪنهنجي گهر وڃڻ جهڙو

 

اکيون ڏسجن يا لب ڏسجن يا موتيءَ جهڙا ڏند ڏسجن

سڄو ئي منهن مبارڪ آ يار جو آهي چمڻ جهڙو

 

نه پرچڻ جهڙو اڄ پاڻهي کِلي ويٺو سندم دلبر

ڪڍي ويٺس ڪو اهڙو گفتو اڄ مان ڀي کلڻ جهڙو

*

دلبر ٿي ڌار ويو آ دل کي قرار ڪونهي

ڳڻتيون هزار آهن ليکو شمار ڪونهي

 

سيخ و ڪباب آهي چنگ و رباب آهي

ٻيو سڀ ڪي آهي ليڪن موجود يار ڪونهي

 

سکڻو سلام ڀي نه اڄ موڏانهن ڪو اچي ٿو

شايد سڄڻ کي مون لئه پهريون پيار ڪونهي

 

ڪاٽي ڪنداسين پوريون، گهڙيون جُدائي واريون

سِر جي بلا آ سِر سان، ٻيو ڪنهن تي بار ڪونهي

 

زر مال جي ضرورت نه پاڻ کي آ ”دادن“

گهرجي وصالِ جانان، ٻيو انتظار ڪونهي

*

رکي ياري مون يار سان يار سمجهي

مگر هُن ڇڏيو مون کي بيڪار سمجهي

 

محبت جي موتي جو ڪو قدر ڪونهي

وڃان ڪنهن ڏي، ڪنهن کي خريدار سمجهي

 

اُهوئي ٿو دل کي ڏئي سور صدمان

ڏني دل مون جنهن کي آ دلدار سمجهي

 

خبر هُئي نه اهڙي ته ڪو ائين ٿيندو

پيس ڀُلجي انڪار، اقرار سمجهي

 

اٿم پڪ ادب سان وڃي پيش پوندس

نه ماريندو سهڻو گنهگار سمجهي

 

هُيو هو ته ڪو چور دلين جو ”دادن“

وفا ڪئي مون تنهن سان وفادار سمجهي

*

ڪو جي ڪنهين جي عشق ۾ مجبور ٿي پيو

بدنام ساري ملڪ ۾ مشهور ٿي پيو

 

هڪڙن سان ڳالهه هڪڙي ته ٻين سان آه ٻي

اڄڪلهه ڪو اهڙو دنيا جو دستور ٿي پيو

 

شايد ته منهنجي سمجهه ڪيو ڪم نه آهي جو

جنهن کي مون سمجهيو شير سو آ لنگور ٿي پيو

 

ٿي پئي جلوه طور رخِ يار جي جهلڪ

گهر مون لئه يار جو جبل طور ٿي پيو

 

آيس نه باز حسن پرستيءَ کان ”دادنا“

آخر رواجي زخم مان ناسور ٿي پيو

*

گذري وئي جا رات سا خوابن جي رات هئي

منهنجي سڄڻ جي سوالن جوابن جي رات هئي

 

مس مس ملڻ ٿيو خواب جي صورت ۾ يار سان

افسوس سا به مون لئه حجابن جي رات هئي

 

پيتم نه ٻيو شراب سڄي رات دوستو

خونِ جگر پيئڻ ان شرابن جي رات هئي

 

ڪجهه ڀي چوڻ جي لاءِ نه فرصت ملي سگهي

عشرت جي هئي نه رات عذابن جي رات هئي

 

هن کي ته هئي نه پاپ جي پرواهه ”دادنا“

مون صبر ڪيون مون لئه ثوابن جي رات هئي

*


 

دنيا کي سمجهي رستو اويڙو ڇڏي ڏنم

عزت بچائي بس متو ميڙو ڇڏي ڏنم

 

ماڻهون ڇڏيم وطن جا ۽ مائٽ وطن ڇڏيم

آباد وسندو پنهنجو ويڙهو ڇڏي ڏنم

 

طوفان وقت پنهنجي خدا تي رکي ڪري

درياهه ۾ نصيب جو ٻيڙو ڇڏي ڏنم

 

رُخ يار جو مئون سمجهي ويس اڄ ئي ”دادنا“

حُجت جو اڳتي يار سان جهيڙو ڇڏي ڏنم

*

تُنهنجي نظر جو مُنهنجي نظر تي اثر پيو

دل تي اثر پيو ۽ جگر تي اثر پيو

 

ٿيو پرده پوش ڪاري ڪڪر ۾ حجاب کان

رُخ تُنهنجي سان ڏسڻ تي قمر تي اثر پيو

 

آئي خزان چمن ۾ ڪئي الوداع بهار

گل تي اثر پيو ۽ ثمر تي اثر پيو

 

اهڙو اثر پيو آ مون ”دادن“ غريب تي

بجلي جو ڄڻ ته ڪنهن جي آ گهر تي اثر پيو

*

جڏهن لاڪون جدا ٿي ويئن جلن ٿا جوش ۾ جيرا

ڪيا هن دل اندر دلبر اوهان جي عشق آکيرا

 

نٿو سمجهان سڄڻ سائين اوهان جي روح جو رايو

الائي ڏوهه ٿيو ڪهڙو اسان کان وئين ڀڃي ڀيرا

 

ٻڌايان ماجرا فرقت جي ڪنهن کي مان مِٺا سائين

ڏنا تنهنجي جدائي جان جيءَ کي ريءَ ڇُريءَ ڇيرا

 

هميشہ ڪينڪي هونديون گهڙيون گهوريون وڇوڙي جون

گذارياسين جي گڏجي سي ڪندو والي وري ويرا

 

پري توکي اکيون پنهنجون سهن ٿيون ڪينڪي سهڻا

ڪٺو ره دوست ”دادن“ سان لڳائي دائما ديرا

*


 

وساريندس نه اي دلدار توکي دم ڏيڻ تائين

پيو ڏيندس غلامي تنهنجي در جي مان مرڻ تائين

 

نه ڪرڪا بدگماني ڪابه منهنجي آزمائش ۾

ٻڌل توساڻ آهيان زهر جي پيالي پيئڻ ائين

 

بچڻ جو آسرو ڪونهي وري ڀي آ خدا مالڪ

حياتي من ڊگهي ٿي پئي سڄڻ تنهنجي ملڻ تائين

 

اگر سڪرات ۾ هوندس تڏهن ڀي آس تنهنجي ۾

اکيون در ڏي سڄڻ سائين پيون ڏسنديون ڏسڻ تائين

 

ڪر ايلاز آزيون ميڙيون وجهندس توکي پرچائي

ڇڏيندس ڪنهن به صورت ۾ نه مان توکي رسڻ تائين

 

اشارن مئون ئي سمجهي حڪم تنهنجو مان ڪندس پورو

مٺا سائين چرڻ ڏيندس نه چپ تنهنجا چوڻ تائين

 

پري کان ئي پَلي ڇڏ ڪينڪي تون پنهنجي ”دادن“ کي

خدا جي واسطي ڇڏ تون پرين پيرين پوڻ تائين

*

تڪڙ ڪر ڪين طالب عشق جو پنڌ اڳڀرو آهي

نه تو ۾ ذوق ذاتي، ذڪر ذاتيءَ جو ذرو آهي

 

ڏئي جان ڏيل ۾ ڏسجي، اندر تئي جو ترو آهي

وڏي جهل آ فقيريءَ جي، جو کوٽو ڀي کرو آهي

 

گهمين ٿو ڏينهن سارو، رات ساري ٿو سُمهين غافل!

خدا جي ياد کان توکي، چڙهيو ٻيڻو ٻرو آهي

 

ڪريو جنهن جي جهڳي تي، آسرو تنهنجو ڇڏيو لاهي

محبت عشق جو ”دادن“ ڳڙو ڳورو ڳرو آهي

*

رُسي ٿو دلربا اڳ پوءِ جي ڳڻي نه ڳڻي

خبر خدا کي الائي هي ڪم بڻي نه بڻي

 

اڄوڪي وقت ۾ آ سڀڪو يار مطلب جو

چوان ٿو سچ ڪنهين کي وڻي نه وڻي

 

لبن جي لعلي زياده آ لعل کان توڙي

مساڳ سُرخي لبن کي سڄڻ هڻي نه هڻي

 

نباهِه ”دادنا“ دلدار ساڻ پنهنجي تون

اڳئين جي مرضي قدم قرب جو کڻي نه کڻي

*

 

گڏ مون غريب سان هجي دلبر جٿي ڪٿي

هڪ ٻئي جو گڏ هميشہ هجي گهر جٿي ڪٿي

 

منهنجي اڳيان سندس جو تصور جٿي ڪٿي

آيو ڏسڻ ۾ هو پري پيڪر جٿي ڪٿي

 

جو عشق جو مطيع سو برتر جٿي ڪٿي

بيڪار آهي عشق جو منڪر جٿي ڪٿي

 

پائي ٿو مانُ پاڻ سخنور جٿي ڪٿي

هرگز ڇپي سگهي نٿو گوهر جٿي ڪٿي

 

موجود آهي خالقِ اڪبر جٿي ڪٿي

ٻانهن جي ٻاجهه واسطي حاضر جٿي ڪٿي

 

راحت رسي نه ”دادنا“ ٿي ڪنهن به بزم ۾

جو مون لاءِ آهي يار بنا بر جٿي ڪٿي

*

مون تي محبوب مهربان آهي

قربدار آهي قدردان آهي

 

ڪين ڊڄجي ٿو ڪنهن مصيبت کان

منهنجي اڳيان ڇا آسمان آهي

 

ٿي قضا پنهنجي پاسبان آهي

خود مقدر ڀي رازدان آهي

 

ڪر نصيحت نه مون کي اي ناصح

منهنجي دل جو جدا جهان آهي

 

درد وارو پڙهي مري ويندو

اهڙو دردن جو داستان آهي

 

احد پيري ۾ مون کي اي ”دادن“

عشق هن جي ڪيو جوان آهي

*

پنهنجو نه رهيو پنهنجو هرڪوئي بيگانو آ

دنيا بي وفا آهي مطلب جو زمانو آهي

 

صدبار وڃان صدقي سڄڻن جي ادائن تئون

ڪنهن تي نه نظر پئي ٿي ڇا رعب شهانو آ

 

احوال پُڇي مونکان ڪوئي نه محبت جو

عبرت جي ڪهاڻي آ حسرت جو فسانو آ

 

ڪنهن کي نه بقا اهي هر چيز فنا آهي

ڪو صبح روانو آ ڪو شام روانو آ

 

ياراني جو اي ”دادن“ يارن ۾ مزو ڪونهي

ڪلفت جو تماشو آ الفت جو بهانو آ

*


 

ڳولي يار مون ڪيو آ وهواهه جهڙو

پيارو آ مون کي سڄڻ ساهه جهڙو

 

منهنجو حال ٿيندو اُن مجنونءَ وانگي

جنهن ڀانيو ٿي ليليٰ کي الله جهڙو

 

نه ميڙن ۽ منٿن سان پرچي سگهي ٿو

نمونو نٿو ڏسجي ڪو ٺاهه جهڙو

 

ٻيا مثل تارن جي سڀ حسن وارا

مگر منهنجو معشوق آ ماهه جهڙو

 

پيو ڀلجي مون وانگي زاهد اي ”دادن“

ڏسي ڪنهنجو رُخ ڪعبة الله جهڙو

*

 

اردو غزل

 

وه زمانلآ اور تهلآ اور يہ زمانلآ اور هين

وه فسانلآ اور تهلآ اور يہ فسانلآ اور هين

 

حال دل کس سلآ کهين دانش بيگانون مين نهين

وه يگانلآ اور تهلآ اور يہ يگانلآ اور هين

 

جانتا هون باقي جينلآ کي تمنا هي نهين

وه بهانلآ اور تهلآ اور يہ بهانلآ اور هين

 

مٽ نہ جائينگلآ ابهي پهللآ نشانلآ يہ نهين

وه نشانلآ اور تهلآ اور تہ نشانلآ اور هين

 

جن ترانون نلآ کيا مردون کو زنده ”دادنا“

وه ترانلآ اور تهلآ اور يہ ترانلآ اور هين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org