سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دادن فقير جو ڪلام

باب --

صفحو :2

 

مدح

حضرت علي ﷦ جي شان ۾

 

فرياد ڪريان توکي ٿو يا حيدر و صفدر

اي شيرِ خدا بحرِ خدا منهنجي مدد ڪر

تون ناطقِ قرآن صداقت جو سمندر

من ڪنت جي فرمان بموجب ٿئي افسر

بس ترس نه اچ شير و شبير جي صدقي

اصغر علي اڪبر علي شير جي صدقي

 

خيبر جي لڙائي ۾ تو مرحب کي مٽايو

اسلام وڌايو تو ڪفارن کي ڪنبايو

جو آيو اڳيان تنهنجي سو گهر ڪينڪي آيو

ڪعبي ۾ ڪفار جو هڪ بت نه بچايو

مصحفه ۾ مدح تنهنجي ڪئي خالق و اڪبر

تون سرِ خدا خاص يدالله غضنفر

 

تلوار جي سَر سَر ٻڌي حيران ٿيو سر سر

جبرئيل ٿيو دربان ۽ فرمان ۾ فر فر

تو پيش اچي پيش پيو واليءَ بر بر

اظهار سخي تو سندو اذڪار آ هر هر

تون والي ولايت ۽ ولين جو ولي تون

دنيا ۽ قيامت جو شهنشاهه علي تون

 

مشهور سڄي ملڪ ۾ آ قاتلِ انتر

تو در ٿيو گدا حاتم و جمشيد سڪندر

باآب وڏو تو سندو القاب آ حيدر

اڌ پورا ڪيا تو ٻه وٺي مهر ۾ اجگر

برپا تو ڪئي جا بجا اسلام جي هستي

ڇا تنهنجي اڳيان آهه علي عام جي هستي

 

اي اڪره ڪشا تنهنجو ڇا انڪار چوان مان

ميدان ۾ سرِ دلدل هسوار چوان مان

انا و علي ثانيءَ سردار چوان مان

يا ڀاءُ چوان مان يا دلي يار چوان مان

ڏي گنج همه رنج ڀلا مون کان پري ڪر

حل منهنجي هي مشڪل اي سخي قرب ڪري ڪر

 

تو ساري عمر موليٰ غريبت ۾ گذاري

پر غير کي تو هر وقت همت پئي ڏيکاري

تلوار سان ڪفار جي تو چال سڌاري

اسلام جي دنيا کي تو تهذيب سيکاري

منڪر نه مڃيندو ته مگر مان ته مڃان ٿو

فرمان الاهي کان نه ٻاهر ئي وڃان ٿو

 

لاريب وڏي شيرِ خدا تنهنجي شجاعت

تو جهڙي نه ڪنهنجي آ فصاحت ۽ بلاغت

تو وانگي رڪوع ۾ ٿو ڪري ڪير سخاوت

ڪعبي ۾ ولادت ٿئين ۽ مسجد ۾ شهادت

آواز سڻو شاههِ نجف منهنجي سدا جو

ڪر غور ڪوهن پنهنجي نادار گدا جو

 

سلمان کي تو شير جي چنبي کان بچايو

خيبر جي زبردست قلعي کي تو اڏايو

شمشاد پهلوءَ جهڙي تو ڪافر کي ڪنبايو

آباد نبي تنهنجو قدم سڀ تي سوايو

جبرئيل جو استاد، نصيري جو خدا تون

حق ناهه جدا توکان، نه حق کان ئي جدا تون

 

تون ناٺي نبي پاڪ جو خاتون جو شوهر

مظلوم پسر تو سندا شبير ۽ شير

مادر آ سندن احمد مختار جي دختر

ناياب سي ٻئي مرجل بحرين جا گوهر

ڪربل ۾ وڃي سر تي سوين سور سٺائون

بي جرم ڪٺا نانا جي امت جي هٿائون

 

ڪيڏو نه ڪيو قهر پڙهي ڪلمو ڪذابن

محشر ۾ اڳيان رب جي منجهه ايندا عذابن

هرگز نه شفا آهي محمّد جي مٿي تن

دوزخ تي تري طول ۾ ڀل ياد پيا ڪن

ياسين پڙهي ڪيئن نه مسلمان بيگانه

تيرن سان چٽن پيا وري ياسين جي معنيٰ

 

ڪيڏي نه ابن معاويه دعوت ڏئي دغا ڪئي

سر نيزي تي ۽ قيد همه آل عبا ڪئي

توڙي جو عدون پئي کڻي ايڏي جفا ڪئي

ٿي شاهه ته ڀي نانا جي امت کي دعا ڪئي

مظلوم جو هڪ سِر نه اِهو نيزي نظر هئو

تحقيق اهو ساري مسلمان جو سِر هئو

 

يا فخرِ شاهان ساڳي مان دنيا ۾ رهان ٿو

جنهن دنيا ۾ ٿيو خون سخي تنهنجي ٻچن جو

ڏهون اِزن الاهي جي تڏهن توکي صبر هو

نه ته شيرِ خدا جا تون ڪرين جيڪي ٿئي سو

اي شاهه شهنشاهه توکي ساري خبر آ

والله نبي بعد نه تو جهڙو بشر آ

 

طاقت نه مون کي آهي ذڪر ڪهڙو ڪيان مان

پورو نه ڪيان تيسين جو دم جيسين جيان مان

تو ابلِ شهيدان فدا توتان ٿيان مان

صدقي ٿو شهيدن جي توکي دانهن ڏيان مان

”دادن“ جي اچي توکي جي مشڪل ڪا ڏسڻ ۾

اچ دير نه ممڪن آ ذرا تنهنجي رسڻ ۾

*


 

 

علي جو مان غلام آهيان علي منهنجو امام آهي

سوا در حيدر و صفدر ڏسڻ ٻيو در حرام آهي

 

علي بااحتشام آهي علي بااحترام آهي

علي دائم مدام آهي علي قائم مقام آهي

 

علي آ ذات جو مظهر علي آ نورِ پيغمبر

علي اطهر علي اڪبر علي خير الانام آهي

 

علي آهي ولي الله علي فخرِ خليل الله

علي آهي لسان الله علي ناطق ڪلام آهي

 

عجيب آهي مجيب آهي اديب آهي حبيب آهي

نقيب آهي نجيب آهي حقيقت جو نظام آهي

 

علي جي مئه جو جنهن ”دادن“ ڪيو پرنوش جام آهي

اهو زنده قسم آهي خدا جو تاقيام آهي

*


 

 

اگر گهر علم جو احمد مگر در آ ته حيدر آ

يدالله فوڪ ايديهم جو اظهر آ ته حيدر آ

 

علي اعليٰ اعليٰ آهي علي منهن ۾ ريا آهي

علي مشڪل ڪشا آهي علي والي ولا آهي

علي حاجت روا آهي بلڪ بدرو دجيٰ آهي

علي هادي هديٰ آهي علي شيرِ خدا آهي

علي شافي شفا آهي علي دارون دوا آهي

غريبن ۽ يتيمن جو جي ياور آ ته حيدر آ

 

علي الله جو پيارو، وڏي همت ۽ دل وارو

هڻي تڪبير جو نعرو ڪنبايو ڪفر جنهن سارو

هٽي هرگز نه هاڪارو ڪري مردود تي مارو

نه اوڀارو نه لهوارو لڙي چؤطرف چوڌارو

ڏيا اسلام جو تارو ڀلارو ڀرجهلو ڀارو

اسان جو مصطفيٰ يارو سدا سردار سوڀارو

هجوم غير تي غالب غضنفر آ ته حيدر آ

 

علي کي پيشوا سمجهو علي کي رهنما سمجهو

علي کي خوشنما سمجهو علي با سفا سمجهو

علي کي اوليا سمجهو علي ابتدا سمجهو

علي کي انتها سمجهو علي مخفن سفا سمجهو

نصيرن جو خدا سمجهو اڙي غافل تو ڇا سمجهو

سنڀالي هل مري ويندين ببر نر آ ته حيدر آ

 

علي جي شاد ٿي شادي سندس گهر ۾ نبي زادي

عدو جي لاءِ بربادي ۽ مؤمن لاءِ آبادي

علي وحدت سندي وادي علي وٽ ڪيئي فريادي

علي وٽ ناهه بي دادي ڪري هيئن ڪير امدادي

ڏئي قاتل کي آزادي لٽا شربت اچي گادي

تعجب خور سان تعدي ۽ مؤمن لاءِ آبادي

مظفر ”دادنا“ سچ پچ اظهر آ ته حيدر آ

*

 

چؤسٽو

 

جدا ٻه اکيون آهن ڏسڻ هڪڙو آهي

جدا ٻه ڪن آهن ٻڌڻ هڪڙو آهي

تون تيئن سمجهه بس مصطفيٰ کي علي کي

ٻه ناهن ٻنهن جو هجڻ هڪڙو آهي

*

بحر عنايت ثمرِ هدايت علي ولايت ماب ندري

شهر که شم شم پوڪاري دم دم وه آبِ زم زم دا آب نذري

علي هلآ برتر علي هلآ اڪبر علي هلآ رهبر هلآ سکه گهر گهر

تي چرچا در در مصحف اندر به مثل سرسر مريندا فرفر

تي نعرلآ ڪر ڪر ڦري ببر نه گروه اکفر شقيا ندي سر سر عقاب نذري

*

 

جسارت هن کي چئبو آ جلالت هن کي چئبو آ

صداقت هن کي چئبو آ سخاوت هن کي چئبو آ

 

نبي جي بستري تي پيو سمهي دشمن جي گهيري ۾

اطاعت هن کي چئبو آ عبادت هن کي چئبو آ

 

قدم مهرِ نبوت تي رکي ڪيئن بت ڀڳا حيدر

وزارت هن کي چئبو آ ولايت هن کي چئبو آ

 

چيو مولا چڙهي ممبر تي آهي ڪو پڇي مون کان

فصاحت هن کي چئبو آ بلاغت هن کي چئبو آ

 

رِڪاب از تا رِڪاب آقا پڙهي قرآن ڪيو پورو

ڪرامت هن کي چئبو آ تلاوت هن کي چئبو آ

 

علي سائين جي شفقت ساڻ کوٽا ڀي کرا ٿي پيا

حمايت هن کي چئبو آ هدايت هن کي چئبو آ

 

اڪيلو لاش نبوي کي ڇڏي ويو ڪينڪي مولا

رفاقت هن کي چئبو آ قرابت هن کي چئبو آ

 

لٽا شربت اڇي گادي ڏنئي قاتل کي آزادي

شرافت هن کي چئبو آ شجاعت هن کي چئبو آ

 

ڪري قصاب ٿو حملو نٿو حيدر چوي ان کي

عدالت هن کي چئبو آ عنايت هن کي چئبو آ

 

تونگر ۽ گدا جو فيصلو يڪسان آ ”دادن“

خلافت هن کي چئبو آ امامت هن کي چئبو آ

*

 

پسند آ خدا کي صداقت علي جي

آ افضل کان افضل عبادت علي جي

 

سندس در تان خالي سوالي نه موٽيو

بيان ڇا ڪريان مان سخاوت علي جي

 

ٿيو تعمير ڪعبه علي جي ڄمڻ لئه

ٿئي ڪاٿي مان نه ته ولادت علي جي

 

اٿڻ جي ادب سان اڳيان مصطفيٰ جي

هئي بطن مادر کان عادت علي جي

 

سو رحمت ۽ شفقت جو حقدار ناهي

رکي ٿو جو دل ۾ عداوت علي جي

 

نه تخت ۽ نه تاج ۽ پارس ٿو گهرجي

فقط مون کي گهرجي عنايت علي جي

 

اهو ويندو جنت ۾ ڪيئن ڪيستائين

نه هوندي جنهنکي اجازت علي جي

 

نبيءَ ۽ عليءَ جو آ هڪ نور ”دادن“

زيارت نبي جي زيارت علي جي

*

 

مشڪل ۾ مددگار علي آ نه ٻيو آ

تک تار ۾ آڌار علي آ نه ٻيو آ

 

سردار جو دلدار علي آ نه ٻيو

وارث ۽ وفادار علي آ نه ٻيو آ

 

احمد جو وصي آهي ولي آهي خدا جو

غمگين جو غمخوار علي آ نه ٻيو آ

 

آ جسم ڀي ۽ جان ڀي نالي ڀي اخي ڀي

مختار ۽ مهندار علي آ نه ٻيو آ

 

آخر ۾ وڃي ڪير ٿيو فاتحِ خيبر

هر جهنگ ۾ اظهار علي آ نه ٻيو آ

 

ويو جنگ احد ۾ نه ڇڏي شاهه امم کي

يارن ۾ سچو يار علي آ نه ٻيو آ

 

آهي ٻيو خلافت جو نه حقدار اي ”دادن“

جي آهي ته حقدار علي آ نه ٻيو آ

*

 

علي جو وڏي ۾ وڏو شان آهي

شهادت لئه فرقان يزدان آهي

 

علي ڪل مؤمن جو ايمان آهي

نبي پاڪ جو اهڙو فرمان آهي

 

ڪيو جنهن علي کي راهه جو آهه رهبر

انهيءَ لاءِ منزل ٿي آسان آهي

 

ڪندي گردش آسمان ڇا انهيءَ کي

علي سائين جنهن جو نگهبان آهي

 

قسم آهي الله جو آ علي جو

جو الله جي گهر جو سامان آهي

 

نه جنهن دل ۾ آهي علي جي محبت

اُها دل ايئن سمجهو ويران آهي

 

علي سائين جنهن تي مهربان آهي

چوان ڇا اهو ڇامئون ڇا ڇا نه آهي

*

 

حضرت امام حسين ﷦ جي شان ۾

 

شهيدن جي مٿان روئندو محمّد مصطفيٰ آيو

بطول آئي ۽ ان سان گڏ علي المرتضيٰ آيو

 

رسول الله جنهن تي مينهن جون ڪڻيون نه سهندو هو

کڻي خنجر مٿان ان جي شمر به بي حيا آيو

 

ننگي سر عام بَلوههَ ۾ ڪيئن آئي زينبِ اطهر

مسلمانن مان ڪنهن کي ڀي نه بيبي تي حيا آيو

 

غضب آهي عجب هي ٿو وڏو ڏاڍو لڳي ”دادن“

ته ناحق خون سيد جي مئون هٿ امت کي ڇا آيو

*

 

ڪربلا ۾ گهر نبي جو ظالمن ڪيرايو

ساڻ سهرن جو وڃي ڪيئن گهوٽ رڻ ۾ گهائيو

 

آب لئه امت اڳيان ويو آ کڻي ٻچڙو حسين

سڃ ڪري جهولي سڄي موليٰ تنبوءَ ۾ آئيو

 

ڀيڻ جڏهن ڀاءُ جي وئي لاش تي دانهون ڪندي

نوَ دفعا پٽ تي ڪري پئي ڪنهن نٿي پرچائيو

 

”دادنا“ امت نبي جي ڪين ڪئي ڪجهه شناس

توڙي ممبر تي چڙهي سرور سچي سمجهايو

*


 

 

ڪجهه لک اي قلم قصئه ستم راز عيان ڪر

ڪنهن ياد ۾ اڄ پيدا ڪو عبرت جو جهان ڪر

مس جاجي وهن ڳوڙها پني تي سي روان ڪر

ڪر چوب زبان واقعي ڪربل جو بيان ڪر

ڇا حال ٿيو آل جو امت جي هٿائون

ڪيڏيون نه گهليون گهوريون وڇوڙي جون هوائون

 

ٿي نقش قيامت جو ويو منظرِ دعوت

دعوت جي بهاني ۾ هئي پوشيده عداوت

قاتل ٿي امامت جي مسلمان جماعت

عالم ڀي ها حافظ ڀي ها ڪي اهل بغاوت

ڪئي پاڪ نه منظور نجاست جي اطاعت

باطل جي اڳيان ڪين جهڪيون شانِ امامت

 

ڏاري ها فلڪ حشر کي برپا ڀي ڪري ها

ٿي پئي ها ايئن شاهه اگر ڇا ڀي ڪري ها

پاڻي جو ٻيو پيدا هو دريا ڀي ڪري ها

في النار همه لشڪر عادا ڀي ڪري ها

برداشت ڪيئن سڀڪي مڃي امر قضا کي

سر پنهنجو ڏئي راضي رکيائين پنهنجي خدا کي

 

لبيڪ چئي سر ڀي ڏنائين گهر ڀي ڏنائين

قاسم ڀي ڏنائين علي اڪبر ڀي ڏنائين

معصوم ٻچو بي خطا اصغر ڀي ڏنائين

ڪنهن کان جي محبت ۾ وفا ٿئي ته ايئن ٿئي

ميدان ۾ عاشق جي ادا ٿئي ته ايئن ٿئي

 

الله ڪان قرباني ڪرڻ ۾ نه گهٽايئين

جيڪي به هيو شاهه کي سو سڀ کي لٽايئين

نانا جو ڇڏي روضو وڃي ويران وسايئين

ماتم نه ڪيائين حال تي ڳوڙها نه وهايئين

امت کي نه احساس ٿيو فرزند نبي جو

صحرا ۾ لٽيئون ساٿ حسين ابن علي جو

 

امت نه ڏنو پاڻي محمّد جي چمن کي

موتي کي چنبيلي کي ۽ رابيل رتن کي

ڇڏيو نه خزان گل کي نڪي شاخ کي پن کي

خارن جا لڳا تير ئي بلبل جي بدن کي

مالهي به گلستان مئون ٿي مايوس هليو ويو

ڪو شام هليو ويو ڪو وري طوس هليو ويو

*

 

امت اگرچه ايڏي مصيبت ڪندي رهي

ليڪن زبان امام جي امت ڪندي رهي

 

تاڪيد جن جو مهرِ نبوت ڪندي رهي

افسوس تن سان ڇا ڇا نه خلقت ڪندي رهي

 

اهلِ مديني وارا چون ٿا ڏهين جي ڏينهن

دانهون رسول پاڪ جي تربت ڪندي رهي

 

توڙي ٿي ظلم هيترو هيئن گذريو ”دادن“

آل نبي تي ڀي نه شڪايت ڪندي رهي

*

 

امت کي آل واسطي اهڙو امر نه هو

هي گهر نبي جو هو ولئه امت جو گهر نه هو

 

تن کنئون ڇو ظالمن کي ٿيو ڪوئي حضر نه هو

جن جي مٿانهه ڪنهن به پکي جو گذر نه هو

 

ڪجهه ڀي شرم نه شاهه جي باري ۾ کيس هو

بي پير هو يزيد سندس پير گر نه هو

 

سڀ دست ڪربلا ۾ ڏيڻ لاءِ ”دادنا“

خالي سخا کان حيدر و صفدر جو در نه هو

*

 

ڏوهيڙو سرائڪي

 

جيم جناب تي ڀيڻ شتاب جڏهن لاش شبير تي آئي

بي روايت جهڻ پئلآ بيبي نو واري زهران دي ڄائي

رو رو آکهلآ نانا سائين اڄ لٽي زينب مائي

”دادن“ ٻچڙي علي دي روئي ميت ڀرادي ڄائي

*

لعنت هووي شمرا شاهه شبير دي ڪٺلآ

شفقت تئين تلآ مول نهين تيڏهون پنجتن پاڪ هن رٺلآ

صدبار شڪر سردار پڙهلآ توڙي بدل تيران دي اُٺلآ

”دادن“ حبدار حسين دلآ هوسن جنت دلآ وچ ڪٺلآ

*

 

سڻ قصئه ڪرب بلائي _ ذرا شاه دي ويک وَفائي

من اذن عظيم الاهي، ڪيتي پير حسين ادائي

 

ميڏي مولا ديان مظلوم ڌيان، شهزاديان مالڪ عرب ديان

ڪي شام ڳيان، ڪي طوس ڳيان سر بار غمان دي چائي

 

ڌي حيدر دي، مان دردان دي، ڏکي زينب مائي مرضا ندي

اولاد آهي لاغرضا ندي، غم وير دي مارمڪائي

 

جهل تير صغير سويا، ڇا اصغر سيس ولايا

سڏ مارڪي رو فرمايا، ول امڙي امڙي ڄائي

 

رڄ ”دادن“ ڳالهه ڪريندا هان، احوال سمورا نه ڏيندا هان

مين مومن مردا ويندا هان، ايهه بات هي مشڪل ڀائي

*


 

 

ڇا لکي منهنجو قلم تنهنجو فسانو ياحسين

ساٿ يثرب کان ٿيو ڪربل روانو ياحسين

ساڻ هو جنهن ۾ خدائي جو خزانو ياحسين

حضرت عباس ۽ عابد يگانو ياحسين

قاسم و اصغر علي اڪبر جوانو ياحسين

زينب و ڪبريٰ سڪينا شهر بانو ياحسين

 

ڪربلا کان آئيو قاصد ڪبوتر بي قرار

پر پسائي خون سان گريان ٿي بي اختيار

ڏسڻ سان سمجهي وئي صغران نياڻي بردبار

وئي رسول الله جي روضي ڏي روئندي زارو زار

پيو روئي روضي اندر هئه تنهنجو نانو ياحسين

ڇا لکي منهنجو قلم تنهنجو فسانو ياحسين

 

ڇا ڪري سگهندس مان ”دادن“ ختم قصئه ڪربلا

هن حقيقت کي ٿو ڄاڻي مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ

ٿي وئي دعوت مئون عداوت گڏ ٿي فوج عشقيه

ساٺ قاسم گهوٽ جي شادي جا سڀ سهڻا ٿيا

خون سان ملجي ويو ميندي ۽ ڳانو ياحسين

ڇا لکي منهنجو قلم تنهنجو فسانو ياحسين

*

ڏکارو ٿي خيمي مان شبير نڪتو

ڏئي داغ همشير کي وير نڪتو

 

هٿن تي کڻي طفل بشير نڪتو

ڇا پاڻي جي ڍڪ واسطي پير نڪتو

 

عمر صاد جي نالي خيمي مان هرمل

کڻي تير بي پير خنزير نڪتو

 

گلي خشڪ کان پار جيئن تير نڪتو

لکن ٿا ته گڏ خون سان کير نڪتو

 

بچو باقي پٺتي هو بيمار عابد

سو ڀي عشق جو پائي زنجير نڪتو

 

ڏسي خاڪ ۾ سهرا قاسم جا ”دادن“

ٿي ڪبريٰ جي نيڻن منجهان نير نڪتو

*


 

 

گهوٽ قاسم جي مٿان هو مصطفيٰ روئي ڏنو

۽ سندس ڏاڏي علي المرتضيٰ روئي ڏنو

 

تازا سهرا تازي ميندي تازي ڳاني کي ڏسي

ڏاڏي زهران بابي حسن المجتبيٰ روئي ڏنو

 

ٿي رنو شمس و قمر تارا ڪتيون ٽيڙو ٽنگڙ

بحر بر قلزم مگر ارض و سما روئي ڏنو

 

ٿي رنو ڪبريٰ سڪينه بانو ۽ دائي فضا

ڀيڻ بيبي زينب ۽ زين العبا روئي ڏنو

 

لاش ٻچڙي جي مٿان شبير کي روئندو ڏسي

عالم ارواح ۾ سڀ انبياء روئي ڏنو

 

ٿي رنو جن و بشر، شجر و هجر، ديو و پري

کوهه صحرا ”دادنا“ بادِصبا روئي ڏنو

*


 

 

موڪلائي نانا کان پو ساٿ سنبرايو حسين

دين نانا جي تي پنهنجو پاڻ مارايو حسين

 

دشمنن جي فوج ۾ لک بيٺو شڪرانه پڙهي

پٽ علي المرتضيٰ جو زهريٰ جو ڄايو حسين

 

سر ڪٽايو گهر لٽايو دين جي ڪارڻ حسين

سر ڏئي بازي کٽي ويو ڪين هارايو حسين

 

ظلم اولادِ علي ڪيڏا سٺا مظلوم ٿي

بددعا ڪئي ڪين ڪي گهٽ وڌ به ڳالهايو حسين

 

”دادنا“ قادر جي ڪئي کان ڪنڌ نه ڪڍرايو حسين

سڀڪي پنهنجو پنهنجي هٿ سان بيهي لٽرايو حسين

*

ڇا ڇا امام پاڪ سان ظالم ڪندا رهيا

هڪڙي جي لاءِ فوج کي فالم ڪندا رهيا

 

چئي هئه حسين پنهنجي تربت شريف ۾

خاتون علي نبي ٽئي ماتم ڪندا رهيا

 

اڄ ڏينهن تائين ڪيترا ماڻهو ڏهين جي ڏينهن

هڪڙا خوشيون ڪندا رهيا ٻيا غم ڪندا رهيا

 

زهران جا لال هيڏي مصيبت مان ”دادنا“

محڪم ٿي دين نانا جو محڪم ڪندا رهيا

*

 

 

دشمن خدا جو خاص آ دشمن حسين جو

ٿيو امتحان عشق ۾ حسن حسين جو

 

چاليهه ڏينهن گذري ويا تنهن کان به پوءِ ٿيو

افسوس آهي مومنو ٿيو مدفن حسين جو

 

اڪبر به ٿيو شهيد ۽ قاسم ڀي ٿيو شهيد

سارو اجاڙ ٿي ويو گلشن حسين جو

 

خيمي ۾ اهلِ بيت جي محشر ٿيو بپا

عباس مارجي پيو دلبر حسين جو

 

”دادن“ هي ڪهڙي چيز آ دادن غلام آ

دادن جو سر حسين جو دادن حسين هو

*

ڪريان مان ناقص ثنا ڇا تنهنجي

اي پاڪ بيبي بتول امان!

آ تنهنجو شوهر علي غنفر

آ بابو تنهنجو رسول امان!

 

تون امان حسين جي اي امان!

تون شافع دارين جي اي امان!

اي فخر حوا اي فخرِ مريم

آ نور توتي نزول امان!

 

معاف منهنجا ڪراءِ الله کان

ڪيم جي گناهه گندا

دعا هي منهنجي ٻچن جي صدقي

خدارا ڪر تون قبول امان!

 

هي بعد مدت جي دانهن توکي

ڏيان ٿو پنهنجو سهارو سمجهي

مان امتي تنهنجي بابي اطهر جو

آهيان مجرم ملول امان!

 

رضائون خالق عطا ڪيون توکي

پنهنجو سڀ اي شفا جي مالڪ

هي آهي اميد دانهن ”دادن“ جي

ڪين ويندي فضول امان!

 

مان ڪهڙو ڀي بي وقار بدڪار آهيان

پر سگ اوهان جي در جو آهيان

ڪرڻ برن سين ڀلايون بيحد

آ تنهنجي گهر جو اصول امان

*

 

شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي شان ۾

 

هر مشڪل لئه اڪثر سخي شاهه جيلاني جوان چوان

 

مير بحر ٿي مريد و ڪاريو _ سير ۾ جنهن ٿي سيد کي ساريو

منهنجي واهر ڪر وزير _ تنهنجي در تي امن امان چوان

 

نماز پڙهندي هٿ کي وڌايئين _ عرض عرضدارن جو اگهايائين

دلشاد ٿيو دلگير _ جنهن جي مشڪل ٿي آسان چوان

 

مُلا چيو هي نماز نه آهي _ عرش ڏي شاهه ڇڏيو اڇلائي

جهلي عيسيٰ چيس ٿيءَ سڌير _ اها نماز صحيح وڌ شان چوان

 

وري ڀي آيو انڪار ڪيائين _ شاهه اماڻيس خواجه تائين

ساڳي تنهن به ڏنس تدبير _ جيڪو سمنڊ سندو سلطان چوان

 

ڪين مڃيائين وري ڀي هليو ويو _ بهشت جي در تي وڃي داخل ٿيو

رضوان چيس اخير _ مڃ جلد جو پير پيران چوان

 

ائين ڪندي اٽي واري مائي _ دانهن کڻي دربار ۾ آئي

منهنجي واهر ڪر وزير _ تنهنجي در تي امن امان چوان

 

ميربحر آيو پير چميائين _ نذر هزار دينار رکيائين

کڻي پنهنجي هٿن سان پير _ ڏنو مائي کي سو دان چوان

 

ملا ڏسي حيران اٿي ٿيو _ شاهه مڃي سو پيرين اچي پيو

ٺاهيو ”دادن“ خاص نذير _ پر نيڪ عجيب پر ڌيان چوان

*

 

حضرت قلندر لعل شهباز جي شان ۾

 

ڇا نه آهي اولياء الله جو اڄ يادگار

ڇا نه آهي شهنشاهه اعظم جي شادي شاندار

رشڪِ گلشن ڏسجي ٿو ميلي جو منظر خوشگوار

آهي سيوهڻ جي عجب سينگاريل هرهڪ بازار

ميلو آهي عرس آهي ڪاج آهي گهوٽ جو

ڪوڏڙيون ڪستا ۽ ڳانا ڏاج آهي گهوٽ جو

 

هي اُها هستي آ جنهن تي مرتضيٰ جو راز آ

هي اها هستي آ جنهن جو عرش تي پرواز آ

هي اها هستي آ جنهن کي چئجي حيله ساز آ

هي اها هستي آ جنهن تي سنڌڙي کي ناز آ

عاشقن ۾ عالمن ۾ عارفن ۾ تاجدار

حافظن ۾ شاعرن ۾ سالڪن ۾ تابدار

 

آدميت ۾ پرنده باز پر شهباز آ

هن جي اڳيان دين جو دشمنن ڪڪڙ ۽ ڪاز آ

نعره حق نعره قلندر مست جو آواز آ

فيض جو هتڙي هميشہ ڄڻ جديد آغاز آ

هن جي در تئون ڪيئي لک مفلس تونگر ٿي ويا

جن رياضت ڪئي سي قطري مان سمندر ٿي ويا

 

سنڌ ۾ آيو هلي ٿيا ڀاڳ برتر سنڌ جا

گڏ ٿيا ڄاڃي اچي اڄ دوست دلبر سنڌ جا

ڪي امير ۽ ڪي غريب ۽ ڪي تونگر سنڌ جا

هم جليس آهن سنڌين سان مهاجر سنڌ جا

هڪ خدا ۽ هڪ نبي سڀني جو هڪ قرآن آ

هڪڙي جو نقصان سمجهو سڀني جو نقصان آ

 

ڇا لکان ٿوري پني تي لال جي مان شان ۾

قوتِ حيدر غضنفر آهي سيوستان ۾

حب مئون آيا هلي جي لال جي ميدان ۾

تن جون ٿيون اميدون پوريون آن سان هڪ آن ۾

جو سوالي ٿو اچي سو ڪين خالي ٿو وڃي

ڪير پهچي جا ٿي هن دَر جو ڌمالي ٿو وڃي

*

اي شام شاهان پير مغان لال قلندر

لاثاني لقب تنهنجو آ لڄپال قلندر

 

هت شاهه نجف بلڪ مدينو ڀي حرم ڀي

مومن جو ٿئي حج ٿو هر سال قلندر

 

اُٿ غير جي قبضي کان اقصيٰ ڏي ڇڏائي

کڻ ڏاڏا جي تلوار زره ڍال قلندر

 

آهيون نه ڳجها توکان تون پنهنجو ڪرم ڪر

ڪر پنهنجا برن ساڻ ڀلا ڀال قلندر

*


 

 

شهنشاهه شهباز منهنجي مدد ڪر

اي حيدر جا همراز منهنجي مدد ڪر

 

قسم ٿئي علي جو علي جي ٻچن جو

طبيعت آ ناساز منهنجي مدد ڪر

 

دوا ڪين ڪنهن کان ڪريان ٿو آقا

اوهان ۾ اٿم آز منهنجي مدد ڪر

 

قطب مست ۽ رند اولياء ڪن ٿا

اوهان جي مٿان ناز منهنجي مدد ڪر

 

هي راڌڻ کان ”دادن“ جا سيوهڻ ۾ سهڻا

تون ٻڌ جلدي آواز منهنجي مدد ڪر.

*

بيت ۽ ڏوهيڙا

 

ترڻ بنا تار ۾، کڻي پاڻ ڇڏيوم

ساهڙ کي سڏيوم، ٻڏل ويل ٻار ۾

 

چڱن ته چڱايون ڪيون، پر منهنجون مدايون

ڪوڙيون ڪسايون، هڪڙي ناهي حساب ۾

 

ماڻهن منجهان ميٺ، موڪلائي مُنهن ڪيو

ڏنگي ٿي ڏيٺ ويو قرب قريب مئون

 

الله تُنهنجو آهيان گنهگار غريب

نه تم ڪُٽنب قريب اٿم تنهنجو آسرو

 

جيئڻ تُنهنجو کِهه پيو، جنهن مئون لاءُ رٺوءِ

مٺي پاڻ مٺوءِ، ور وڃايئي ويسلي

 

حاصل ڪر هن حال کي، فنا ٿي في الحال

ويجهو آهي وصال، ويجهو ناهي وار جو

 

مزو نه رهيو ملڪ ۾ ڪاهي پيو ڪن

ماڻهو ٿيو جن، جن نه رهيو جوءِ ۾

 

ڦٽيل ڦڦڙ فراق ۾ ڦڙ ڦڙ ٿا ڦڙڪن

ڀاري ڀڀڙ باهه جا ڀڙ ڀڙ ٿا ڀڙڪن

الا ٻارڻ عشق جا جهڙ جهڙ ٿا جهڙڪن

سڀئي عضوا سور ۾ ٿڙ ٿڙ ٿا ٿڙڪن

جيرا بڪيون جوش ۾ ٻڙهه ٻڙهه ٿا ٻڙڪن

هيڻان هڏڙا کرڪڻا کڙ کڙ ٿا کڙڪن

باري بار برهه جا ڪڙ ڪڙ ٿا ڪڙڪن

ڏاڍا تنهنجي ڏاڍ کان ڌڙ ڌڙ ٿا ڌڙڪن

”دادن“ کي دڙڪن تنهنجن تپائي ڏنو

*

سورن ڀريون ساعتون، صديون ڀانيان سال

ٿوريون ٿينديون شال، ورندا واءَ وصال جا

 

اکيون اکين جهڙيون، نظر ناهه نگاهه

پرين منجهه پساههَ، ڳهلا ڳولن ڪينڪي

 

ڏسڻ سان ته ڏيهه ڏٺئي، پر ڏسڻ ڏٺئي ڪين

عقل جا امين، ڏسين ته ڏس ڏسڻ کي

 

ڏسين ڇا ٿو ڏيهه کي، ڏيهه نه رهيو ڏيهه

ٻئي هنڌ وڃي ويهه، ويهه نه ڏنگي ڏيهه ۾

 

ڏيهه اُهوئي ڏيهه، پر ماڻهون ڏنگا ڏيهه جا

اُتيئي ڀل ويهه، ويهه نه ڏنگي ڏيهه ۾

 

جيئري جند ڇڏائجي، مرڻا اڳيئي مري

ههڙو وقت وري، موٽي ملندو ڪينڪي

 

سور پرين جا سرتيون، سينگاري سانڍيام

ڏيهه مَ ڏيکاريامَ، رکيم پئي پَساهه ۾

 

ڪرڻ وارا هڪڙا ته ٻُڌڻ وارا ٻيا

اهڙن انسانن جا ٿورا ڏينهن ٿيا

پڌر وڃي پيا، لڄ لڪاين ڪين ڪي

 

ڏيهه نه ڏنگو ڏنگو ڏيهه، پر ماڻهو ڏنگا ڏيهه جا

اُتيئي ڀل ويهه، ويهه نه ويرين وچ ۾

 

گهوڙا ڙي گهوڙا ساٿ وڃي ٿو سرتيون

جنين سان جوڙا، سي سڄڻ سانگ سڌائيا

 

انڌن انڌوڪار، سَڄن لڌو سوجهرو

پيادا وڃي پار پيا، سنبريا ڪين سوار

سهڻين ساٿ وڃائيا، ڪوجهين پاتا هار

ڏاڍين لاءِ ڏُڪار، ڪيو هيڻن هٿ حبيب کي

 

جهڙي تهڙي حال سين هيٺاهين هلجي

جهڙو ملي جنهن کان، جهول وڏو جهلجي

پاڻ کڻي پلجي، ڏيهه نه ڏوراپو ڏجي

 

ڊوڙي پڄا ڊُڪ، ساٿ وڃي ٿو سرتيون

ساهه جنهين سان سڪ، سي سڄڻ سانگ سڌائيا

 

ڪڇيو ڪڇان ڪين ڪي، لُڇيو لڄ مران

ڳڻيو ڳالهه ڳران، ته ڇا مون چوندا سپرين

 

ٺاهي ٺاهه ٺڳيءَ جو، متا ٺڳي نه وڃنئي ٺڳ

پسي اڇي پڳ، متا ڀلجي ڀائيچارو ڪرين

 

سرتيون آهيان سڀني ۾، آءُ هيڻين کان هيڻي

پر جي ملن سپرين، ٿيان ٻيڻين کان ٻيڻي

وير مَ وهيڻي، جيئري آهيان جڳ ۾

 

ڦدو مال ڦٻائي ويو، ويٺو ڏندن وارو ڏسي

ڦاٽي توڙي ڦِسي، مرضي ڦڏي جي جيئن ڪري

 

بي غيرت بدنام جو، پرڻو پيو پاتار

گهوريو مٽ مردار، پاڙي نه چڱو پانهنجي

 

ڪاڏهون جي ڪاڏي، وڃي اوجهڙ پئي آهيان

جاڏي پير پنهل جو، تانگهه به ڪيم تاڏي

حرف نه آهي هوت ڏي، مُهڙ مڙيئي ماڏي

جانب ويو جاڏي، آءٌ به وينديس اوڏهين

 

جن جون رنون گهُمن راڄ، تن کي مڻيا ڪهڙي مُنهن ۾

کائن ويٺا کاڄ، ماڻهون مُنهن مٿي ڪيون

 

لڳو ته اِهوئي لک ٿيو، ٻيو نه هڻج ٻيهار

دوست پرين دلدار، سهڻن ناهي سٿرو

 

ڪلهه ڪلهوڪا ڏينهڙا، گڏ گذاريوسين

اڄ اڏاريوسين، پکي هٿان پانهنجي

 

صُحبت سپريان جي وسري مور نٿي

اڃان سڪ نه لٿي، هو اڳئي ويا اُسري

 

ادلي گدلي آهيان، سڄڻ تنهنجي سام

صبح توڙي شام، جيان تنهنجي آسري

 

دانهون مُنهنجي درد جون، ٻُڌي ڪيئي نه ٻاجهه

ڏاڍا وڌم واجهه، پرين تُنهنجي پسڻ لئه

 

پسي ڳاڙها ڳَل متا پوين مامري

هي کُهنبي وارو چُٽڪو ڪي پلڪون ڪي پَل

اندر مڙيوئي اڳڙيون، مٿان خالص کَل

عشق نه ڄاڻن اَل، عاشق ڄاڻن عشق کي

 

ماڻهون مڙئي نه محبتي، مٺا مڙئي نه انب

ڊاڙي گهڻائي ڊنب، پر سچو ڪو سنسار ۾

هوندي سوندي ڇڏ، هيءَ هوند سڀئي هوت لئه

لڏڻئون اڳي لڏ، ته گُر سان گڏجين ڪاپڙي

 

مرد نه ماريا موت، مردن ماريو موت کي

فوتئون اڳي فوت، جيئرا آهن جڳ ۾

 

سونهن سياڻپ سيٽ جي، ڪمي ڪنهن کي ڪانه

باهر لوڏ لکن جي گهر بک مرن مهمان

دادن اٿم دل ۾ انهن جا ارمان

جيڪي جُنگ جوان، سي لڏي ويا هن لوڪ مان

 

ميڙي ميڙي مال مري ويندا منڙا

نيبهه نه ٿئي ناڻي کي، اٿئي زور زوال

ريءَ عبادت رب جي، ڪهڙو آهي ڪمال

جنهن جو بد اعمال، تڏو تنهنجو گهوريو

 

جيڏيون پنهنجي جانب ريءَ، گهايل ڪئين گهاريان

روئي روئي رند رڙان، ٿي نڌر نهاريان

اُڀي اوساريان، پرديسي پرين لئه

 

جوڳي آيو جوءِ ۾، ويڙو نانگ مري

وسيهر وري ڪَر نه کڻندو ڪڏهين

 

ڪهڙيون ڪجن ڳالهڙيون، ڪهڙا ٻڌجن ڳوٺ

قريباڻي ڪوٺ، سک سمهڻ نه ڏئي

 

روئان رڙان ريهون ڪريان، ڪريان گهوڙا گهل

پرور مون کي پَل، مان اڻ پلي آهيان

 

ور وڃائيه ويسلي، ڄاڻي سڃاڻي

پرت نه پرسين پانهنجي پاڙيئي پراڻي

گهوري اُڇل گهوٽ تئون، آڪهه اباڻي

اُها اگهاڻي، جنهن سٽيو سانگهو ساهه جو

 

روئان رڙان ريهون ڪريان، ڪريان گهوڙ گهل

مون کي ماءُ مَ جهل، آءٌ هينئر ئي ويندس هوت ڏي

 

ڏاڍا تپن ڏينهڙا، توڙي ڪوسو لڳي واءُ

جيجل مُنهنجي ماءُ، آءٌ نه رهندي ان ري

 

رهجي ويم راتڙيون، ڏينهن مَ ڏوريم ڪو

سرتيون وقت سڄو، چرخو مون نه چوريو

 

چرخو مون نه چوريو، پهي پِڃم ڪانه

اڄ انهيءَ ارمان، مون کي وڌو مامري

 

جلوه مِ جمال جي، آهي خود خفي

ناهي ناٿ نفي واصل آهي وجود ۾

 

جيئڻ اهڙي جيڏيون، مٺي ڇو نه مران

ڳڻتين منجهه ڳران، پسان ڪيئن پرين کي

 

ڪڻو لهين ڪين ڪي، گهرين پئي گهڻو

چُني تُنهنجي چڪ ۾، گهگهرو گند هڻو

چرين ڪين چڻو، ٿي هڻي هام هلڻ جي

 

ڪهڙو ڪنڌ کڻان، اڳيان عجيبن جي

جڏي آهيان جيڏيون، ور کي شال وڻان

ڪيم ڪمائي ڪين، ڪُنگر منجهه ڪئان

هئي ٿي هٿ هڻان، هاڻي پنهنجي حال تي

 

روئندي رڙندي سرتيون، ڏاڍا ڏينهن ٿيام

اٿندي ويهندي گهمندي، پرين ياد پيام

جهڙي تهڙي حال ۾ وسري ڪين ويام

جيڪي قول ڪيام سي شل پورا ٿين پرين سين

 

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏکندي گذري ڏينهن

تيئن تيئن وسن اکڙيون، جيئن جيئن وسي مينهن

لاتو نِڌر نينهن، سرتيون سامونڊين سين

 

جيئڻ ٿئي جنجال، مرڻ ٿئي مشاهدو

پاڻ وڃائي پانهنجو، ويجهو ڪر وصال

هيءُ وڃائي حال، حاصل ڪر هن حال کي

 

ڏند ڀڳا، ڏاٺون ڀڳيون ڀڳا سڀ ڀيرا

سڄڻ ويا ساٿ سين، ساجهر سويرا

پڇاڙي ۾ پئي کڻي، پرين جا پيرا

اڇا ۽ ميرا، پرهه ٿيندا پڌرا

 

سرتيون ٿي ساريان، سڄڻ پنهنجا سپرين

ڪنهن کي ڏيکاريان، هيڻا پنهنجا حالڙا

 

چوتيون چوٽ چڙهي ويون چوتين چوي ڪيرُ

تاڏي ڀيرو ڀاڳ جو جاڏي اير نه ڀيرُ

گدڙ ٿو گوڙيون ڪري، ٿو شابس ڪري شيرُ

دادن وڏو تنهن سان ويرُ، چڱي جنهن جي چت ۾

 

ماڻهون ويا ملڻ کان، پر ڏسڻ کان ڀي ڏور

دادن چارئي پاسا پور ته پور نه پوئي ڪنهنجو

 

اگهي ڪين اگهي، دلبر تُنهنجي در تي

سگهي ٿي نه سگهي، ماريل مهميزن جي

 

هڪ ڦريل ٻيو فراق ٽين جانب جدائي

آهي اجائي، جيڏيون جيئڻ جهان ۾

 

چڱا سي چئجن، جي ڪنيون ڇڏن ڪين

ٻئي جي ٻڌن ٻين، ڏسي ڍڪن ڏوهڙا

 

ميڙي مداين جا ڀري ويٺس ڀاڻ

پروڙيم ڪين پاڻ، ڪانهي ڪمي ڪانڌ جي

 

چپ ڪيون پئي چيٺ، ڦٽي ڦٽ فراق جا

ماٺ منجهه ئي ميٺ، ڪڇڻ ڪسارو گهڻو

 

پکيئڙي پَر سوئيا، ٿيو پڃرو پراڻو

اجهو اڏاڻو، ”دادن“ پنهنجي ديس تي

 

پڪو ٿجي پريت ۾، نه ڪجي قول ڪچو

سڄڻ سو سچو، جو ماري مالڪي ڪري

 

جانب جاڳندي نه مليو، رڳو خوابن خوش ڪياس

سجاڳي ۾ سڄڻ سين، مٺي ڪين ملياس

ڀري ڇرڪ اٿياس، اڱڻ اهوئي اوترو

 

سڄڻ ويا ساڻيهه ڏي، مونکي ڇڏي هت

جيڏيون نه آهي جت، پهچڻ وس نه پانهنجي

 

جنهن ڏٺو جيئن، تيئن تنهن گهر آئيو

ڪيئن چوان مان ڪيئن ته پرين پاڻ پسائيو

 

وصل آهي وجود ۾، ڪو وير ڪري ويساهه

پرين ۽ پساهه، پيوند کان وڌ پاڻ ۾

 

ساهه وڃي ٿو سرتيون، جيڏيون جانب ريءَ

هُئي ڇا ڪري هيءَ، هيءَ ڪيئن پهچي هوت کي

 

ريءَ سپرين سرتيون، کهه پيو کائڻ کاڄ

رُسي سارو راڄ، مون کان راءُ نه رُسي هيڪڙو

 

سورن ڀريون ساعتون، دردن ڀريا دم

ويندا غم الم، ايندا ڏينهن سهاڳ جا

*

 

بيت عُمر مارئي

 

مارئي مُلڪ ملير ۾ ٿي پيدا پالڻيءَ گهر

سُهڻي وقت سڀاءُ سان، سا ناز ڀري نينگر

ماڏوئي سندس ماءُ هُئي نالي، نشانبر

کيس منڱايو کيت سين، پڻهس چڱيءَ پر

سنگهاريءَ جي سونهن جا ها ڀري ڀٽن ڀر

هاڪ ڪڍائي حسن جي ٿريلياڻي ٿر

نالي ڦوڳ نوڪري ۾ ئي پليو پالڻي در

تنهن هڪڙي ڏينهن همت ڪري بنا خوف خطر

پالڻي کي پنهن جي مُنهن وڃي اُتئين اوٽ اندر

سنڱ ڏي مونکي سڪ سان تون نهڪر نانهن نه ڪر

پالڻي چيس تون پانهنجو تون ذرا ڪو ڌر

ور کڻي ڀڄ ويڙ مئون متا چڙهين ويڙهيچن ور

پئون تون پنڌ پڌر، رهه نه اسان جي راڄ ۾

 

ڦِڪو تڏهن ڦوڳ ٿي ڀڳو گام ڀري

سندس دل ۾ ساڙ جو پيو ٻيڻو بٺ ٻري

مٺو پنهنجي من ۾ پيو مارئي ڪاڻ مري

چغليءَ وارو چت ۾ هيءَ ڌوتو ڌيان ڌري

پهتو پنڌ ڪري، اچي عمر ڪوٽ

 

سڌو عمر ڪوٽ ۾، عُمر وٽ آيو

حال مارئي جي حسن جو هن سارو سڻايو

سُڻدي ئي سُڌ سومري ٿي ظالم فرمايو

ته ميان موٽ ملير ڏي ڪر ساجهر ئي سايو

جهيڙي جنگ فساد کان اوهين آجا ئي آهيو

تيرو چئي اُٺن چڙهيو سالم سوايو

پئي خبر ڦوڳ کي ٿر سومرو سڌايو

نِئين پٽ ۾ پهچايو اٺن نيٺ امير کي

 

پر کوهه اهو جنهن کوهه تي هئي وسند نه ويجهاڻي

ڀرڻ ايندي هُئي ڀونگن کان جت پالڻيءَ ڌيءُ پاڻي

انهيءَ ڏينهن اويل جو اُٿي ننڊ مئون نماڻي

ساهيڙي کي ساڻ ڪري کڻي ساڙهي سڌاڻي

کلندي آئي کوهه تي سا جهٽ پٽ جهانگياڻي

اِتي ڦوڳ سڃاڻي سومري سين ڪڍي هن پر ڪهاڻي

 

ته سائين اِها ٿئي مارئي کڻ ترس نه تِر هاڻي

تڏهن عمر کڻي ڪئي اٺ تي سوگهي سانگياڻي

باقي سنگتياڻي، ماتم ڪندي موٽي وئي

 

پوءِ اچي پنهوارڻ کي ڪيو قيد عُمر

جيئن ٿي ڪئين جوش مئون ڏوئڻ سر ڏمر

تيئن نو راتيون تيار مون، ڪيون پوريون پر

ساڻ سچي سبحاڻ جي جو مالڪ هر مظهر

هاڻي کوليان خاص خبر، ٿو ميان مُهڙين رات کان

 

رات پهرين: عُمر جو سوال

عُمر پهرين رات تي آيو وٽ پنهوار

ته ماتم ڇڏ هي مارئي تون سرتيون ڪين سنڀار

هت راڻي ٿي رهه اڄ جي، ڇا اٿئي پنهنجي پار

سُرهي ٿي سک سانت ڪر، تون نيڻن نير نه هار

اِهي ماڻان مارئي، ڪينهن تنهنجي ڪار

محلا ماڙيون ملڪ ٿئي ٿر بر جهنگ وسار

ڪارڻ ملڪ ملير جي مٺي پاڻ مَ مار

گڏجي مون سان گهار، سار نه سنگهارن کي

 

مارئي جو جواب:

مارئي کي مٺيان لڳي جنهن ڏنس جلد جواب

ته اسين ڏوٿي ڏٿ جا تون ناڻي دار نواب

اعليٰ تنهنجي آب کان ادا اباڻو آب

حرف چوندي سانءِ حق جو توڙي ڪهي ڪرين ڪباب

ڏيندين تون هن ڏينهن جو هڪڙي ڏينهن حساب

عمر امانت آهيان ڏي رخصت شاهه شتاب

ستائڻ ثواب، نه ٿئي پرائي ننگ کي

 

ٻي رات: عُمر جو سوال

مارئي کي ٻي رات جو عُمر ائين چيو

ته جو پهه توکي مارئي پيڪن ڏانهن پيو

توکي آهي تنهن ڪري هي ڊگهو قيد ڊهيو

رايو تُنهنجي روح جو جٿ سو تٿ رهيو

وڃڻ تنهنجو ويڙ ڏي وڃڻ ڪاڻ ويو

هاڻي ڪر قبول تون قادر جيئن ڪيو

اٿئي اڻ ميو سون اسان وٽ سڪ جو

 

مارئي جو جواب:

اُتي مارئي مُنهن مسوڙي چيس تون ويسهه ڪين وڃاءِ

آڇ نه سون اسان کي تون پنهنجن کي نِيئن پاءِ

آگو ڪئين اهڙيون ڪري، هيءَ رليا تنهنجي راءِ

اٿم ننگ ننگيءَ تي هيءَ ڇوهه ڪري ڇا لاءِ

اهڙيون مون اشراف کي تون ٻوليون ڪين ٻڌاءِ

ڀونگن سان ڀيٽا ۾ اڃا اوچا محل اڏاءِ

مون لاءِ هُت مون جيڏيون، تون پنهواريون نه پٽاءِ

ادا لڳ الله جي، پيڪين وٽ پهچاءِ

سامَ جنهن جي سومرا سا تنهين توڙ رساءِ

سُتي ڪين ستاءِ، مُنج ماڙيچي ماڙ ڏي

 

ٽين رات: عُمر جو سوال

عُمر چيو اڄ رات جو هن ٽئين ۾ ٿيندا ٽڻ

ڳڻي ڳرندو هوس مان، تنهنجي ڏسڻ خاطر ڏڻ

توکي هوندي طعام جي، جهوري ڪارن جهڻ

هلندءِ ملڪ ملير ڏي، هتان ڪونه ڇڏڻ

هاڻي هي هن ڏيهه جا ويٺي ڏس وڻ ٽِڻ

رُڃون راوا رڻ ٿي سُکن هوندي سارينئي

 

مارئي جو جواب:

مارئي کي ماري وڌو اهڙين ڳالهين ڳچ

اُلٽي هن انصاف جو لڳو منڌ کي ڏاڍو مچ

اُتائين عُمر کي چئين اوڏو مون نه اچ

اهي زيور ڀانيان زهر ٿي، سون نه ڀانيان سچ

موتي هيرا سومرا ڪوڙا تُنهنجا ڪچ

مان ڌاري ڌيءُ ڌنار جي تون سهڻين ساڻ سرچ

هينئر هت ڄڻ ناهيان سمجهان ٿي سچ پچ

هوندم سانگي هچ، مالن ساڻ ملير ۾

 

چوٿين رات: عُمر جو سوال

چيو چوٿين رات جو عُمر هيئن اظهار

مڪر زنانو مارئي ڇڏ ٿيءُ ترت تيار

کيت کٿيرو ڇا گهري آءٌ سومرن جو سردار

مان مالڪ پنهنجي ملڪ جو، دانهه دنيادار

ڪرڻ گهرجي ڪين ڪي، اسان سان انڪار

تُنهنجي انهيءَ تيز جو وڏو اٿم ويچار

وڌي وڃي تڪرار، متا اتاهون مارئي

مارئي چيو مير کي تيز نه ڪر تڪرار

اڃا عُمر دور آ اميري اتوار

حاڪم ٿي وري حق تڪي سو ماڳهن آ مردار

دڙڪن سان دٻاءَ تون، آهيان ٻڪرارن جو ٻار

رکندم رب جبار، اٿم جنهن تي آسرو

 

پنجين رات: عُمر جو سوال

عُمر پنجين رات جو مارئي وٽ ويو

ظالم سخت ضعيف کي چڙي هئين چيو

ته چوندي چار لنگهي ويون اڄ پنجين پڌ پيو

رات سموري روڳ کان روڳي ڪين رهيو

سُرپُر ڪندي سومري مٿان صبح ٿيو

مُنهنجي هن مذڪور کي تو ڪهڙو ئي نه ڪيو

هاڻي اڄ ٺهيو، باقي ڇهين ڇڏبئي ڪين ڪي

 

مارئي جو جواب:

اُتي مارئي عُمر کي چيو بس منهنجو ٻُڌ بيان

هرڪو هن جهان ۾، هڪ مانجهاندو مهمان

خاڪ حوالي خاڪ جي ٿي ويندو نام نشان

ٻن ٽن دمن واسطي، هو کيت نه ڇڏبو خان

درخت سڀ دراز هي ڪيان ڪرڙن تئون قربان

محلين مٽيندس ڪينڪي، مسيڪيناڻو مان

مُنهنجي ڪاڻ ملير ۾ هُت هڪ جيڏيون حيران

ديسين لاءِ ”دادن“ چوي اٿم جيءَ اندر جولان

عُمر جي انسان، آهين تان اُماڻ مون

 

ڇهين رات: عُمر جو سوال

ڇهين جو ڇا ڪيو عُمر ڄام امير

سڀ سڏيائين پنهنجا وڏا وير وزير

ڪي مُکي ماڻهون شهر جا ڪي مسلمان مشير

چِٽو چيائين تن کي ته تُرت ڪيو تدبير

مون سان هلو مڙئي دانهن ڏانهن دبير

سڀني چيو صاحبا اسين آهيون همت گير

اٿيو عُمر اڙد سان آيو وٽ اسير

نيڻن هاري نير، مُفت مرين ٿي مارئي

 

مارئي جو جواب:

ڏکيو ڪم ڏاڍو ڪندين، مُنهنجي هيءَ تقصير

مان به مڙندس ڪين ڪي، هيئن نه هلنديس جهير

ڏٺم تنهنجي ڏيهه تي رُڳا ڏونراها ڏم ڏير

تڙ ڪري تڙڪن تي ويٺيون سڪائن وار

جهونگارن جي جهنگ ۾ ٻڪرارن سان ٻڪرار

منهنجو تنهن تنوار، ماري من مستان ڪيو

 

ستين رات: عُمر جو سوال

آيو ستين رات جو عمر امالڪ

سرسو ستيءَ سامهون بڪي ويٺو بڪ

ته مارئي وجهه نه ملڻ ۾ اسان ساڻ اٽڪ

موٽي تنهنجو مُلڪ تي پهچڻ ناهي پڪ

ڇڏ وساري ويڙ جا لويڙ هاري لڪ

مٿي پائي مئون دڙ دڙ هڻ نه ڌڪ

جام اچن ٿا جڪ، مون کي تنهنجا مارئي

 

هت اسان وٽ هر شيءِ حاضر اٿيئي کوڙ

خوش ٿي مل مون خان سان ڇڏ اباڻي اُڪير

نه ته مارو منجهه ملير، مارائيندوسانءِ مارئي

 

مارئي جو جواب:

مارئي ڏسي مير ڏي ڪئي هيءَ گفتار

ته ڇا مارائيندي تن کي، جن جو الله آ آڌار

ساهه سڪيم ٿو سومرا، هت ڌنارن ڌار

اُٺي جا اباڻن کي هيلو هُئا هر ڦار

هن مند هُت ملير ۾، ڪن ڪڪر ڪارونڀار

ڪي اُترڪي اولهه ڪي ڏکڻ اوڀر پار

ويجها تجلا وِڄ جا ٻيو گاج ڪري گجگار

تيئن سرتيون ڪن سينگار، جيئن مينهن مانڊاڻا ڪري

 

مارئي چيو مير کي چٽو چاڙهي چنگ

ته عمر تنهنجا اچن ٿا اُهي پسند ڪين پلنگ

پيل پنهوارن سان اٿم ٻال جُتيءَ جا ٻنگ

سهڻي ساوڪ ساوڙي، سهڻا سائين سنگ

نوان مارن مالڙا، نوان ڀٽن رنگ

سنگهارن جي سنگ، منهنجو من مستان ڪيو

 

اٺين رات: عُمر جو سوال

عمر اٺينءَ رات جو وڏا ڪيا وس

ٻوليائين ٻڪرار کي ته رک تون مون سان رس

آندو هتي آهي مون، مارئي توکي مس

ڇوٿين وڃائين وسيلي، چئن ڏندن جي چس

سومرن جي سردار سان اهڙا ڇڏ آرس

نه ڏوٿڻ ڏيندءِ ڏس، منهنجا ساري ملڪ کي

 

مارئي جو جواب:

مهندا چيو مارئي تو تڙيا ڪر ترس

ڪانه ڏٺي سو ڪاٿهين ههڙي ڪٿ هٿ کس

سرسا چاڙهه نه سام تي دهمانن جا دس

اٿم اباڻي آب جي طلب گهڻيري تس

ڪيئن وساريان پانهنجا، پيڪا سي پارس

پلپل ياد پون ٿا، هو گاهين سدا گس

جيڏيون چوندم جس، جي ست جهليندس سومرا

 

نائين رات: عُمر جو سوال

عُمر پهه پچائيا وري نوان نائين رات

ته اڄ وڃي آڇيانس ٿو، سڀ رنگ جي سوغات

سو هلندو هڪدم آئيو جلد منجها جذبات

ڏوٿڻ ڏانهن ڏسي ڪري، بيهي کوليائين بات

ته کوڙ خزانا مارئي، مون وٽ موجودات

وٺ اسان جي وقت ۾ موجون منجهه محلات

مُنهنجي هن مذڪور تي ڪا تون ڪر تحقيقات

وار نه ٻاڙو وات، هائو ڪر، ڇڏ هوڏ کي

 

مارئي جو جواب:

سڻج سنڀالج سومرا تون ڏاتر کان ڪجهه ڏر

ڪاهي ڏينهن قيام جي، خامي مرندو خر

اهڙن الفاظن سان تون ٻڏي ماري مَرُ

هوندو هن موسم ۾، ٿڌو منهنجو ٿر

ور چوان ٿي ور کي ورندو شال ور

ماروئڙن جي مُلڪ ۾ ڪنديس هيٺ نه ڪر

جوشن جو جسمات ۾، غمن بڻايو گهر

الفراق اشد من الموت، آجو ناهي اندر

ڄڀي ڄيري ڄر، ساهه ٽنهي ساري ڇڏيو

 

سِر ڌڙ قابو ڪوٽ ۾، ساهه سنگهارن وٽ

توسان چڙهي کٽ، مارو ڪئين مٽائيان

مارئي ملڪ ملير ڪان پٽيو ڪڍي پار

وهندي واهڙ ٿي پيا نيڻن منجهان نار

اڻڀا ڀنڊ ڀڀوت ٿيا، ويچاريءَ جا وار

سرتيون ۽ سنگهار، اڄ پڻ ساريا مارئي

*

 

ڏوهيڙا

 

اڄ يار پيار هزار ڏتي، نادار تيار بهار ٿيا

ليل نهار سوار فگار تي بار برهه هر بار ٿيا

دادن ڌار نه ڌار دي پهه آڌار تيڏا سردار ٿيا

 

پٽ سٽم خيم جهٽ پٽ دئي دا پٽ پٽ تي ناکولين

هوللآ ٻولين

هٽ هٽ سودا هٽ هٽ آڻي کٽ کٽ تي ٻهه تولين

هوللآ ٻولين

ڄٽ وٽ ڏي مٽ ڳٽ نٽ مارئي مٽ چٽ نون منهن اولين

هوللآ ٻولين

گهٽ گهٽ ٿي ڪرڪٽ سرسٽ پا دادن گهٽ جهٽ ڳولين

هوللآ ٻولين

بند بند لڳا دلبند بلند تي زلف دلآ بند ڪمند ڪيتا

نهين هنڌ پسنڌ هئي جند تيڏي دي تند چا حسرت مند ڪيتا

پيوند ٿيا ڏک رند ڏيکان اُهين پند ڇا ڪنڌ نمند ڪيتا

اڄ داد دادن دا داد ٿيا اهين هئي دانشمند ڪيتا

 

سڻدي پئلآ هين عشق واليان دي سڃ دي وچ آبادي

جنهان عشق خريد نه ڪيتا، انهان دي عمر ڳئي افرادي

سر وڄيندي سوڀ نه ٿيسي هي منزل جور جفا دي

آکلآ دادن اُهي دلير سڏيجن، جنهان ماريا نفس فسادي

 

سهڻيان دلآ نال هر ڪوئي گذاري، پر ڪو ڪوجهان دي نال گذاري

انهين پار کڙي لک پار ڪڍان ميڏا ماهي وتلآ انهن پياري

فذکروني اذکرکم وحدي تن وچ ..... تاري

آکلآ ”دادن“ مين ايوين روان جيوين وڇڙي ڪونج قطاري

 

يار ڪريندا ماڻي دل کون ماڻلآ يار دي ڀاندلآ

صدقي جاوان سهڻا سڪ نا اتون جو اڄ واعدلآ ياد نه آندلآ

لاندلآ جهڙلآ توڙ نڀادي اتي ڇهوڙ ڪي مول نه جاندلآ

آکلآ ”دادن“ سهاڳڻ ٿي سا جو مڪسن ڏينهن ڏکاندلآ

 

نال انهان دي لڳ ڳئلآ هن ياري هي موت شڪار جنهادا

کاندلآ ني جهڙا ماس ماڻهون دا، هان مين ڀي طعام تنها دا

ڪيجهي سور سڻاوان ڪنهن نون، جو وال نهين اڪ واندا

دادن مينون درد ڏيتا، مين هان نوڪر خاص انهان دا

*

ڪافيون

 

عمر مون کي سانگي سنڀاريندا هوندا

مون نماڻيءَ جون راهون نهاريندا هوندا

 

مزي ساڻ پيا مال چاريندا هوندا

پٽن پاسي گڏجي گذاريندا هوندا

 

اُٺي جو اباڻا ڌڻن کي تڙن تي

پلر پاڪ پاڻي پياريندا هوندا

ڪندا ڇا تو حاڪم کي مسڪين ماڻهون

خدا پنهنجي کي بس پڪاريندا هوندا

 

ڪندا ياد هوندا مون ناقص کي ”دادن“

نه وارث ولهي کي وساريندا هوندا

*

ريءَ سنگهارن رات، هيئن نه پوي مون کي هت هيڪاندي

 

عُمر انهن لاءِ نيڻ ٽمن ٿا، پنهوارن جا پور پون ٿا

وائي سندن ٿم وات، ڪيئن ڪريان آهيان بيوس باندي

 

هي گهه کائڻ کاڄ خوراڪون، ڪين وڻن پٽدار پوشاڪون

مال محل محلات، ٻن تنهنجا زر زيور چاندي

 

لوئي ڇڏي پٽ ريشم پائڻ، سون تي پنهنجا سيڻ مٽائڻ

مُرڪ نه مارن ذات، ريت سندن ساڻيهه سهاندي

 

جاڪون لڌيم کيت سان لائون، تاڪون دادن ڏيب ڏنائون

ڏاج ڏکن جي ڏات، ورهيه کان آهيان وار نه واندي

*


 

 

دم هوندس جو جيرو توکي نه وساريندس

ڪنڌ هيٺ ڪيون وتـندس ٻئي ڏي نه نهاريندس

 

ڳل پائي ٻئي ٻانهون روئي سِر ۾ وجهان ٿو رئي

ڪل ڪانه اِها ڪا پئي هلي حاج هٿن مان وئي

تو ڇا کان جُدائي ڪئي، سُک ڪهڙا مان ساريندس

 

ڏس يار ڪڏهن ايندين، ڪهڙي مهل ملي ويندين

اُها جاءِ ته ڏس ڍوليا جتي رات ڪٺو ٿيندين

ايندين نال وٺي ويندين نه ته پاڻ کي ماريندس

 

تُنهنجي در جو ڪتو ڪارو سو ڀي مون کي آهي پيارو

کائي ماس مُنهنجو سارو، جنهن جو ڀؤنڪڻ سُر وارو

چوي دادن ويچارو، هٿ ڪونه الاريندس

*


 

 

پڇو ٿا ڪهڙيون خبرون مان وڏي آزار ۾ آهيان

نه آهيان پنهنجي وس ۾ بس وڃي پيو تار ۾ آهيان

 

دلِ نادان تي ڪهڙو الائي پيو اثر آهي

نه پنهنجي ڪا خبر آهي نه ٻئي ڪنهن جي خبر آهي

ٻُڏل اهڙو خدا ڄاڻي خيال يار ۾ آهيان

 

نه راحت آ نه رخصت آ نه فرصت آ نه فرحت آ

قيامت تي قيامت آ مصيبت تي مصيبت آ

تري تي سِر کنيو بيٺو سِر بازار ۾ آهيان

 

قسم آهي خدا جو پاڻ تي ڪنهن خار ۾ آهيان

وڏي آزار ۾ آهيان انتظارِ يار ۾ آهيان

اي دادن ڇا ڪريان ڏاڍي پيل ويچار ۾ آهيان

*


 

 

کڻي هوت هنج مان اوٺي ويا اڏاڻا

ڪندي پنڌ پيرين ٿيم سنڌ ساڻا

 

ڀري ساٿ آيا ٿيا مهمان مُنهنجا

ڦُري ويا ڦٽيءَ کي اديون ڏير اهنجا

اويلو اَسر جو وڍي ور سڌاڻا

 

ٿيس پاڻ اڻ ڄاڻ، ڪيم ننڊ پياري

مون غفلت ۾ گهاري سڄي رات ساري

صُبح جو سنڀاليم، ڏٺم ڀينگ ڀاڻا

 

ٿا دادن اکين مان وهن نير نيڪر

ڪوهيارل جي سرڪاڻ هڪوار هيڪر

جبل منجهه جيڏيون اڏيندس اڏاڻا

*


 

 

جانب يار ڪري ويو جوڳي، درد در بين وڄايان مان

 

نانگ ڳچيءَ ڳل ويڙهي سيڙهي، خاڪ لڱين سر لاهيان مان

جانب يار ڪري ويو جوڳي....

 

ٿرن برن جهر جهنگلن ۾، دونهيون روز دکايان مان

جانب يار ڪري ويو جوڳي....

 

گيڙو رتڙا پائي ڪپڙا، ڪن ۾ ڪنڊل پايان مان

جانب يار ڪري ويو جوڳي....

 

دادن درد ڳجهو هي دل جو، ڪنهن کي سور سڻايان مان

جانب يار ڪري ويو جوڳي....

*


 

دلڙي ڏتاري ماڻن سان ماري

سچ چئه او سچ چئه سچ چئه

سڄڻ سائين ڇاکئون ويٺي وساري

 

ڏکيو حال مُنهنجو ڏسڻ ڀي نه آئين

پڇاڙي جو پيارا پڇڻ ڀي نه آئين

ٿڪجي پيا نيڻ راهون نهاري

دلڙي ڌتاري....

ڏاڍو دردُ دل ۾ دُکائي هليو وئين

ڏکارن کي ويتر ڏکائي هليو وئين

بڇي برهه باري ڇڏيئه باهه ٻاري

دلڙي ڌتاري....

ڳالهيون اڳوڻيون اڄ ياد آيون

وسرن نٿيون تُنهنجون ڀورل ڀلايون

ڏکن جا ڏکيا ڏينهن وڃبا گذاري

دلڙي ڌتاري....

سوا تُنهنجي مُنهنجو دلي يار ڪونهي

قسم آ خدا جو ٻيو ڪم ڪار ڪونهي

رڳو تنهنجي ڳڻتي ڇڏيو آهي ڳاري

دلڙي ڌتاري....

تُنهنجي سر تان دادن آ صدبار صدقي

نه خود پاڻ پر سارو گهر ٻار صدقي

نه ڇڏ دوست در تان ڌِڪو ڏئي ڌڪاري

دلڙي ڌتاري....

*

 

اُڏر پکيئڙا پرڙا سنواري، ولر وطن ۾ ٿو توکي تنواري

 

پهچ پکين کي ساجهر سويرو، جبل ۾ وڃي ڪر واهيرو

سنبر ساڻيهه ڏي ساڳيو پنڌ ساري، اڏر پکيئڙا...

 

ڪاڏنهون آئين ڪاڏي ويندي، پاڻي ٿيندؤ پوئرو سر کي ڇڏيندي

آخر لڏيندي ماري نيٺ ماري، اڏر پکيئڙا....

 

دادن دٻن مئون وڃ تون اڏاڻو، پر کي ڇڏي هل سمنڊ سڌائو

ساٿ سڳر، من ڏاتر ڏيکاري، اڏر پکيئڙا...

*


 

 

آيو ڍولڻ يار، ٿيو قلب قرار

 

اجرو اڱڻ ٿيو صحن کٿوري، دل ٿي باغ بهار

آيو ڍولڻ يار....

 

ڪيئي ڀلايون ڀانيان ڀلي جون ليکو ناهي شمار

آيو ڍولڻ يار....

 

ساهه ۾ سهڻي يار سڄڻ کي پايان پوئي هار

آيو ڍولڻ يار....

 

ملي مبارڪ مُحب ملڻ جي، واهه سڌورو وار

آيو ڍولڻ يار....

 

دادن سان ٿيو سبب سڻائو، دوست مليو دلدار

آيو ڍولڻ يار....

*


 

آيو عشق ڪلنگيون ڪلاهه ڪري

وٺي لشڪر ساڻ سپاهه ڪري

ڪٿي رانجهن چاڪ سڏائي ٿو

ڪٿي مجنون جهنگ وسائي ٿو

ڪٿي سِر فرهاد سهائي ٿو

نٿو پريت جي پرواهه ڪري

ڪي گهوٽ پيڙائي گهاڻي ٿو

ڪي سورهيه سولي آڻي ٿو

ڪنهن جي ذات نه ڏات کي ڄاڻي ٿو

منجهه شوق شهيد ٿو شاهه ڪري

نه ڪي ماڳ ڏسي نه مڪان ڏسي

نه ڪي شان ڏسي نه ڪي مان ڏسي

نه ڪي جسم ڏسي نه ڪي جان ڏسي

نه ناهه گهري نه گواهه ڪري

ڦاڙيو ”ع“ بيٺو آ وات سندس

آهي ”ش“ ڪرٽ ۽ ڪات سندس

ڪن ”ق“ وڏو آفات سندس

سوگها سردارن جا ٿو ساهه ڪري

پهريان عشق خدا کي پيدا ٿيو

اچي عربي جي مٿان شيدا ٿيو

پوءِ هي سارو جهان هويدا ٿيو

ڏس ”دادن“ نيڪ نگاهه ڪري

آيو عشق ڪلنگيون....

*

ڇڏ عار هر بار ڪر زار زاري

ٿيندئي وار هڪ وار ڪندئي مار ماري

 

راضي ٿيندو ڏيب ڏيندو گهوٽ ايندو گهر ۾

نال نيندو وٺيون ويندو نه ڇڏيندو بر ۾

جهاتيون پائن وانديون ناهن ديدون آهن در ۾

ڪين يار دلار ڪندو ڌار ڌاري

 

اکيون کول اُٿي ڳول پنهنجو ڍول جاني

وٺ تنهنجو در سهنجو ڪونهي جنهنجو ثاني

هي هار ۽ سينگار ٻچا ٻار فاني

پاڻ پل جهولي جهل وجهي ڳل ڳاري

 

هوندئي تخت نه ڪي بخت اٿئي سخت سوڙهي

هتان ويندين ڪين ايندين ڳري ٿيندي ڳوڙهي

ويهه نه لڪي هل جهُڪي ڀُڄ ڊُڪي ڊوڙي

اُٿ جاڳي ٿي سجاڳ لڳيئي ڀاڳ ڀاري

 

پنهنجو تن ۽ من ڇڏ دادن گهوري

ڪڍي بک سٽي سک هل ڏک ڏوري

پنڌ ڇاهي پري ناهي پرين آهي اوري

ڌاڳا ڌر نه ڍرڪر نه وجهه گهر نه گهاري

*

ذرڙي منجهه زوراور يار، دلڙيون دست ڪري وئين دلبر

ڪيف منجهائون ڪري امارو، ويڙهي ويٺا چندن سارو

زلف مسلسل ڪارا وار، وهه واسينگ وسيهر ور ور

 

ڪاڪل سُنبل کان وڌ سهڻا، قرب جي حرب سان ڪوٺي ڪهڻا

ڪوس ڪماني قبضه دار، ڀرٽ ڀرون ٻئي خوني خنجر

 

سرخ اکيون لب سُرخ لاثاني، گوهر دندان گنج معاني

چاهه ذقن جا اونها آر، ڪيئي ٻڏي ويا دارا سڪندر

 

سرو کان وڌ قد، پاڪ پسينو، کليو خوشبودار خزينو

شبنم موتي ماڪ ملهار، موءِ مئون روءِ ڏيکار نه هر هر

 

لکين عقيل اليل اداسي، پرت سندا پرگهور پياسي

فهم ڇڏي ٿيا ڦيريدار، ڪوڙين تنهنجي ڪوءِ ۾ ڪمتر

 

خال جا داڻا چڳندي آئي، سِر تي زلف سياهه جي ڦاهي

ماريءَ جا هٿ منجهه شڪار، هِن لاءِ عيد ته هُن لاءِ محشر

 

عشق ڪيا لک ساقم سالم، عشق جي اڳيان ڪيئي عالم

ناهه ڪري ٿيا نت نروار، ڪنز قدوري، منطق مصدر

 

سهڻا دادن جو سِر ڇاهي وڍجي اوهان کي گهرج ۾ آهي

تيز تکي کڻ هڻ تلوار، ناهه پرين ڪا هتڙي نهڪر

*

 

من پرچي جانب جيڏيون، ڪندو هوت نه مُئي سان هيڏيون

ڪين ڇڏيندو، گولي گڏيندو، اٿم اميدون ايڏيون

رات سمهڻ ۾ ڏينهن گهمڻ ۾، ڪيم ڪڌايون ڪيڏيون

دادن ديد انهن کي ناهي، جي ٽي ٿيون ڀائن ٽيڏيون

*


 

ڳجهون ڳوٺ مُنهنجون ڳنوارن سان ڳالهيون

ڀٽن پاسي گڏ پاڻ ۾ جام جاليون

 

ڏوٿي ڏٿ ڏهاڙي کائي خوش گذارن

ڌڻيلا ڌڻن کي تڙن تي تنوارن

وهايان ٿي تن لاءِ نيڻي نير ناليون

 

مون مارئي لاءِ ٿر ۾ اُداسي اباڻا

ڏسن کوهه تي پير مُنهنجا پراڻا

هلن جن جون هرجاءِ نيڪيون نراليون

 

عُمر دل اسان جي غريبي گذر سان

مريڙي مٺي موٺ ليارن للر سان

پسيون پاڪ پيرون پٽي پيٽ پاليون

 

ڏوٿيڙن جي دادن ڪيو ڏک ڏکارو

ڪيان صدقي سانگين تئون سِر ساهه سارو

روئان روز ساڻيهه سرتيون سنڀاليون

*


 

 

ڪيئن ڪيان مان مارئي مٽ پکن ماڙيون عمر ڙي ادا

 

کڻي هليون سڀ کوهه تي سرتيون سر ساڙهيون عمر ڙي ادا

عمر ڙي ادا

 

وسڻ جو اڄ ويڙ ڏي ٿو رعد ڪري لاڙيون عمر ڙي ادا

عمر ڙي ادا

 

ڀيڻين تي ڇو ڪيئن ڀُلجي پيون تو جهڙيون ڏاڙهيو عمر ڙي ادا

عمر ڙي ادا

 

دسين جا دادن چوي ٿا سور وڃن ساڙيون عمر ڙي ادا

عمر ڙي ادا

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org