سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دادن فقير جو ڪلام

باب --

صفحو :7

 

بي ڪيف ڪيف واريو ٻئي دلدار جون اکيون

سهڻيون ڪجل ۽ سُرمي سوا يار جون اکيون

 

قدرت جي جوڙ آهي جو آهن ٻئي قدرتي

خونخوار خون رنگ تي خونخوار جون اکيون

 

نورِ خدا جو جلوو يا نورِ خدا چوي

منهنجي اکين سان جو ڏسي منٺار جون اکيون

 

ڏئي ٿو جواب ڪونه سندس ڏي ڏسي ڏسي

ٿڪجي پيون عاشقِ نادار جون اکيون

 

زاهد جي ٿي نماز قضا ويندي جيڪڏهن

ڏسندو نماز وقت مُنهنجي يار جون اکيون

 

محشر ۾ حق جي سامهون هونديون ٻئي ”دادنا“

انصاف لاءِ يار ۾ مون زار جون اکيون

*


 

 

ڦري ويو زمانو ڪجهه سو ڪجي ڇا؟

آ الٽو فسانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

 

نڪا سوچ آهي نڪا سمجهه آهي

ٿيو پاڳل يگانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

 

ڪري ٿو ڪراڙو جواني جي دعويٰ

هينئر اي جوانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

 

ڪڍي مرد کي ٿي ڇڏي گهر منجهائون

ڇا زور آ زنانو ڪجهه سو ڪجي ڇا؟

 

مِٽن مائٽن مئو محبت جو اڻ کٽ

کٽي ويو خزانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

 

اتي ئي الفت اتي ئي آ ڪلفت

ڏسيو رازدانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

 

ملڻ واري اصلي نه آهي سڄڻ کي

رڳو آ بهانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

 

ويل ڪين دل موٽي دلبر جي طرفان

نه موٽيو بيانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

 

قريبن مان ”دادن“ مزو موڪلائي

رڙهي ٿيو روانو ڪجي سو ڪجي ڇا؟

*

تنهنجي فرقت ۾ مٺا زهر ڦڪيندو ٿو وتان

ڏينهن جا ڄاڻي ڌڻي تارا تڪيندو ٿو وتان

 

عمر پنهنجي جا ڏکيا ڏينهن مان ڪٽيندو ٿو وتان

پنهنجي مُنهن سان سور پنهنجا پٽيندو ٿو وتان

 

ڪيئن ڏسان تو ڏي خطا وار اکيون پنهنجون کڻي

پنهنجي شرم کان مُنهن پنهنجو ڍڪيندو ٿو وتان

 

ياد تنهنجي ۾ بنائي هي غزل ۽ ڪافيون

ڦٽجي پيس پاڻ به ٻين کي ڦٽيندو ٿو وتان

*


 

نه عشقِ صنم ۾ اٿم هوش پورو

ڪُهي پاڻُ جيڪر ڪريان جوش پورو

 

شرارت رقيبن جي کان ٿو نه پائي

ملاقات جي وقت آغوش پورو

 

خبر پاڻ پنهنجي نه مون کي پوي ٿي

ڪيو مئي محبت جي مدهوش پورو

 

خدا جي آ قدرت جو نفرت ئي مونکان

رهي ٿو رقيبن سان هم دوش پورو

 

الائي خطا ڪهڙي ڪئي سون اي ”دادن“

نٿو يار ڳالهائي ڏئي موش پورو

*

بيدادگي بي جرم اي دلبر نه ڪندو ڪر

مون زار طلب گار کي مُضطر نه ڪندو ڪر

 

ڪُهڻو اٿئي ڪهه تون ڀلي شوق سان مون کي

خنجر کي کڻي هٿ ۾ وري ڍر نه ڪندو ڪر

 

بي درد آن جو عشق جو صدمو نه ڏٺو ٿئي

هيئن واعدو ڪري پوءِ وري ويسر نه ڪندو ڪر

 

لله ڪرڻ گهرجي غريبن تي نظر تي

مٽ مور گداگر سان تونگر نه ڪندو ڪر

 

”دادن“ جو سڻي عرض ڪڏهن غرض ڪندو ڪر

هڪ رات ملاقات کان نهڪر نه ڪندو ڪر

 

مجبور محبت ۾ ڪري پهريون پيارا

بدنام صبح شام پو هر در نه ڪندو ڪر

 

اي منهنجا سڄڻ سائين تون منهنجي وفائي

ڪنهن غير جي الفت سان برابر نه ڪندو ڪر

*

گذري وئي رات ساري ستارا ڏسي ڏسي

پئجي ويا نيڻ ننڊ سهارا ڏسي ڏسي

 

ڪم وقت تي نه آئيو ڪوئي ڀي پاڻ کي

ڪيئي ڇڏياسين دوست پيارا ڏسي ڏسي

 

پهچي ويا ڪي منزلِ مقصود تي سفير

موٽي پيا ڪي پنڌ پسارا ڏسي ڏسي

 

ترهي بنا ڪي پار وڃي پهتا هم جليس

ڪي سير ۾ ٻڏي ويا ڪنارا ڏسي ڏسي

 

پورا ڏسڻ سان ڪين ٿا قدرت جا ”دادنا“

ٿڪجي پياسون نيٺ نظارا ڏسي ڏسي

*

راضي خدا هُجي ته زمانو وفا ڪري

جي ٿو مدد خدا ڪري دشمن ٿو ڇا ڪري

 

ٿيندو ڇا جيڪڏهن ڪو ٻئي جي گلا ڪري

ٿيئڻو ئي تيئن آهي جيئن مُنهنجو خدا ڪري

 

معشوق چئجي سوئي جو ناز و ادا ڪري

عاشق ئي پنهنجي ساڻ نه دم ڀر دغا ڪري

 

هن آسمان جي هيٺ، خدا هڪڙي کان سواءِ

ڪنهن جو آ ڪير، ڪير ٿو ڪنهن سان بقا ڪري

 

رحمت خُدا جي زور يا مُنهنجا گناهه زور

عُقبا جو خوف خطرو ٿي مُنهنجي بلا ڪري

 

خوف الرجا جو ڪونه خيال آهي ”دادنا“

قاضي جي آهي راضي ته ڇا ٿي قضا ڪري

*

تنهنجي در تي بنا ناڻي يار وڪاڻو آهيان مان

ڌار تو کان منهنجا وارث ڏاڍو ويڳاڻو آهيان مان

 

آهيان مان توسان سڄو ملڪ عدم جو ساٿي

سوچ ڪر اي دوست تنهنجو دوست پراڻو آهيان مان

 

ناهيان عاشق مان نه ڪي آهيان رقيب اي سهڻا

تنهنجو خادم تنهنجو نوڪر نيچ نماڻو آهيان مان

 

آه مارائي وڌو پنهنجي سادگي ”دادن“

عشق ۾ آهيان اياڻو هونءَ ته سياڻو آهيان مان

*

دم ڏئي مران خدا ڪري دلبر جي سامهون

ٿئي قبر منهنجي شال سندس گهر جي سامهون

 

ڪنڌ ڪين ڪي ڪڍائبو خنجر جي سامهون

ٻڪري جان بيٺو آهيان ستمگر جي سامهون

 

جلوه ڏيکاري پوءِ وڇين بستر نشين ٿيو

منهن جون اکيون لڳي ويون سندس در جي سامهون

 

ثاني خيال منهنجي ۾ ڪونهي ڪو يار جو

ڇا آفتاب ڀي رخِ انور جي سامهون

 

هٿ ڪر دماغ پنهنجي کي ڪر صبر ”دادنا“

سر ڦاٽي پوندو هڻبو جي پٿر جي سامهون

*

اڄ واٽ ويندي دلربا ماري هليو ويو

پاسيرو ناز ساڻ نهاري هليو ويو

 

مشڪڻ سان منهنجي دل کي ڌتاري هليو ويو

هڪڙي نظر سان مونکي هو ڳاري هليو ويو

 

نئين ريت آڳ کي وري ٻاري هليو ويو

ڇا عمر مون غريب جي کاري هليو ويو

 

ساروئي هوش مُنهنجو اڏاري هليو ويو

بي اختيار مون کي روئاري هليو ويو

 

واپس نه آيو يار ڏئي خالي آسرو

رستي ۾ مون کي آهي بيهاري هليو ويو

 

اي رازدان خدا جو قسم يار عشق جو

اوٿر وري اندر ۾ اُٿاري هليو ويو

 

بس هجر بعد خواب جيان يار ”دادنا“

هلندي ئي پنهنجو پاڻ ڏيکاري هليو ويو

*

اي منهنجا سڄڻ سائين هي ڪهڙي ادائي آ

غيرن سان ملاقاتيون مون ساڻ جدائي آ

 

تنهنجي ياد ستائين ٿي ريءَ آگ جلائي ٿي

سُڌ ياد اوهان جي ۾ پنهنجي نه پرائي آ

 

سر سوليءَ تي ڌربو اچي تنهنجي اڳيان مربو

پٺتي جي قدم ڌربو هي ڪيڏي ڪسائي آ

 

نه ڪي قلب کي آ فرحت نه ڪي روح کي آ راحت

بي لطف سڄي مون لئه هي ساري جُدائي آ

 

تنهنجون ڳالهيون عجب آهن تنهنجا ناز غضب آهن

مرڻي جا سبب آهن تو جهڙي ٻُڌائي آ

 

دل جسم کان دور آهي وس پنهنجي نه مور آهي

ڪنهن جو نه قصور آهي مون پاڻ ڦرائي آ

 

اغيار سان ڇڏ رغبت رک ”دادن“ سان الفت

ڪڍ سيني منجهان ڪلفت منهن موڙ اجائي آ

*

محبوب مُنهنجي جا ڏسو ماڻا نوان نوان

ماري ڪري ٿو پوءِ پڇاڻان نوان نوان

 

منهنجي سوال بعد ڏئي ٿو جواب ۾

ورنديون نيون نيون ۽ وراڻا نوان نوان

 

اڳ گذري اڳ سان اڄ به گهڻائي ڪري ڇڏيا

برباد عشق ڪيئي گهراڻا نوان نوان

 

ٿيندا وڃن ٿا پيدا وري منهنجي موت ڪان

رُخ يار جي تي خال ۽ داڻا نوان نوان

 

پيو فائدو نه ”دادنا“ رهندو ڀي وري

ٿي پيا جگر جا زخم پراڻا نوان نوان

 

ڪنهن کي ٻڌايان حال مان دل جو هي دوستو

دل ۾ گهمن ٿا درد جا گهاڻا نوان نوان

*

چيم صنم کي ڪو داد ڪر عرض سڻ هي دل اضطراب آهي

چيائين هرگز نٿو ٻُڌان مان رڪارڊ تنهنجو خراب آهي

 

چيم اي جانان اهي زمانا تون ياد ڪر جي ڌار هئاسين

چيائين ڇڏ ڇڏ ڪرين ٿو چرچا لڌو تو شايد خواب آهي

 

چيم ته ڪنهن جي به دل دکائڻ آ خاص خانءِ خدا سان جهڳڙو

چيائين جيڪي چيئي اسان وٽ اهو وڏو هڪ ثواب آهي

 

چيم ته محفل ۾ غير جي ڇا اوهان جي لئه آ حضور حاضر

چيائين دل آ ڪباب تنهنجي ۽ خون تنهنجو شراب آهي

 

چيم اوهان جو غلام ”دادن“ فقير آهيان ۽ دل جو ماريو

چيائين توسان فقير صاحب اسان ڪيو انقلاب آهي

*

سالڪ ادا تون سير ۾ سيڻهه نه ساڻ کڻ

قُلزم آ ڳالهه ڪهڙي رڳو پنهنجو پاڻ کڻ

 

غواص ٿي ٽٻي هڻي، گرداب عشق ۾

ڪوڏين کي ڪچ کي ٻن ڏئي موتين جو ماڻ کڻ

 

ٻئي جي مٿانهون ڪين اجايو تون بار ٿيءُ

اُٺُ عشق جو ٿيءُ پنهنجي ڪلهن تي پلاڻ کڻ

*

هجين هان جي دلبر ائين ڇو ڪرين هان

مُنهنجي اڻ سري هُئي تون سرندي ٽرين هان

 

پرين توکان مون کي ٻيا ڪهڙا پرين ها

ڌيان اڳي پوءِ جو خدارا ڌرين هان

 

جي ڀُلجي مُنهنجي گهر آيو هُئين ستمگر

ته جيئن آيو هُئين تون نه واپس ورين هان

 

چون عام ٿا مونکي بي درد ماڻهون

ٻُڏي عشق اهڙي کان عاشق مرين هان

 

تُنهنجي سِر جا مان پنهنجي سِر تي اي سهڻا

کڻان هان کڻين بار ڪيڏا ڌرين هان

 

ڏسين هان سڄي عمر ۾ هڪ دفعو جي

ته ”دادن“ سان دلبر نئين وک ڀرين هان

*


 

پيدا ٿئي خوشي ٿي سدائين سهاڳ ۾

ليڪن ڪمال آهي نه ڏک ٿئي ڏهاڳ ۾

 

پروانو ٿي نه هٽجي جلي پئجي آڳ ۾

پيڇو ڳڻي پٺي نه ڏجي ڀل مرجي ماڳ ۾

 

جو ڏٺم خواب ۾ سو ساڳيو ڏٺم جاڳ ۾

ته ڏاڙهي هٿ ۾ يار جي پَٽڪو آ ڊاڳ ۾

 

جهڙو لبن ۾ يار جي آ رنگ فطرتي

اهڙو نه رنگ آهي ڪو ميندي مساڳ ۾

 

ڪاٿي نه پير پنهنجا ٽِڪن ٿا اي ”دادنا“

شايد ڪو لکيل آهي ائين مُنهنجي ڀاڳ ۾

*

 

عاشق جي آتش جلايو ۽ عقل جي اسباب کي

عيش کي پرهيز کي ۽ عشرت و القاب کي

 

هيءَ اُها آتش اٿو جا خود جلائي آب کي

جنهن جي اڳيان شمس کي ڀي ناهي تابش تاب کي

 

شڪل ليليٰ ۽ شيرين هير جي حيران ڪيو

قيس کي فرهاد کي رانجهن رعيت ماب کي

 

ڪيئن زليخا ٿي ڏٺو يوسف جي ثابت خواب کي

پئي ڏسي بيدار ٿي سِر کي ۽ گهر کي باب کي

*

وتاسين دنيا ۾ مزار ڪهڙا ڪهڙا

ڏيکاريا تماشا قضا ڪهڙا ڪهڙا

 

خدا پاڪ حاڪم ڪيا ڪهڙا ڪهڙا

اسان ڪارناما ڪيا ڪهڙا ڪهڙا

 

نٿا سمجهون اهو هن ساڳئي گهر ۾

اسان کان اڳ ۾ هُيا ڪهڙا ڪهڙا

 

بُري کي برو ڀي چوڻ ڪين گهرجي

نوازي الائي خدا ڪهڙا ڪهڙا

 

اسان جو انهن سان وڃي ڇا اي ”دادن“

ننڍا ڪهڙا ڪهڙا وڏا ڪهڙا ڪهڙا

*

گُهور گهائيندڙ اکين جي تيز ترشائي نه آ

تنهن ڪري تصوير جانان جي مون ڇپرائي نه آ

 

ٻيو ته صورت سهڻي جي سچ پچ سمجهه ۾ آئي نه آ

تنهن ڪري تصوير جانان جي مون ڇپرائي نه آ

 

بند هڪ رفتار ٻيو گفتار گهرائي نه آ

تنهن ڪري تصوير جانان جي مون ڇپرائي نه آ

 

بت پرستي مذهب اسلام ۾ آئي نه آ

تنهن ڪري تصوير جانان جي مون ڇپرائي نه آ

 

بت پرستي آ و ليڪن حق پرستائي نه آ

تنهن ڪري تصوير جانان جي مون ڇپرائي نه آ

 

مون اڳيان صورت سندس موجود آ ٻيائي نه آ

تنهن ڪري تصوير جانان جي مون ڇپرائي نه آ

 

”دادنا“ بي جان مورت جو مزو پائي نه آ

تنهن ڪري تصوير جانان جي مون ڇپرائي نه آ

*

آهيان ناتوان مان اي دادن

ڪنهن جي وچ ۾ پوان اي دادن

 

قابو آهيان قفس ۾ مدت کان

لات ڪهڙي مان لنوان اي دادن

 

راڳ نئون آهِه ساز نئون آهي

سُر ٻڌان ٿو نوان مان اي دادن

 

علم ٿيو جذب جاهليت ۾

ڪنهن کي عالم چوان مان اي دادن

*

بي درد هن زمان جي الفت نه ٿي وڻي

فرقت ۾ يار جي مون کي فرحت نه ٿي وڻي

 

کاوان جيئن ٿو صدما تيئن اڳتي آهيان

ڪهڙي به مون کي ڪنهن جي نصيحت نه ٿي وڻي

 

ڪاڏي ڪبو اگرچ کڻي سون جو هجي

بدچال ماڻهو جي مون کي صحبت نه ٿي وڻي

 

ڪڏهين ڪري ٿو پيار ڪڏهن ڪري ٿو عار

شايد سڄڻ کي منهنجي طبيعت نه ٿي وڻي

 

سرهو ڪڏهن آ ڪڏهين آ ارهو اي ”دادنا“

مون کي به يار جي اها عادت نه ٿي وڻي

*

هن شام غريبان جو سحر نيٺ ته ٿيندو

ڪجهه منهنجي ڀي دانهن جو اثر نيٺ ته ٿيندو

 

اميد جي گلشن ۾ ثمر نيٺ ته ٿيندو

آباد ڪڏهن دل جو ڪلر نيٺ ته ٿيندو

 

پيمانه ڀري ساقي پياريندو هٿن سين

مئخانه ۾ مئڪش جو قدر نيٺ ٿيندو

 

هيئن هوندا هميشہ نه جدائي جا زمانا

گهر منهنجي ۾ دلبر جو گذر نيٺ ته ٿيندو

 

اشراف اگر قرب ڪڃر ساڻ ڳنڍيندو

آهستي سو آهستي ڪڃر نيٺ ته ٿيندو

 

ٿيندو نه ائين جيئن ٿي رهيو آهي اي ”دادن“

هي زور زبر، زيرو زبر نيٺ ته ٿيندو

*

زاهد جي تقويٰ زُهد جو مئي خار ڇا ڄاڻي

تواضع خلق مان تهڙي طرح دلدار ڇا ڄاڻي

 

سر بازار ٿي سڏيان اي زاهد اهلِ دل وانگي

ملو ماڻهو درِ گردن وجهي زنار ڇا ڄاڻي

 

گهڻا حڪماءَ صاحب چئي ويا منهنجي ڏسي حالت

دوا مان دلربا جي درد جو بيمار ڇا ڄاڻي

 

ڪُٽي جو لوهه جنهن کي لوهه جي آهي شناسائي

سڃاڻپ سون جي مان ڪو ڀلا لوهار ڇا ڄاڻي

 

بخوبي فرش ڄاڻن ماڻهون بنگلن بلڊنگن هوندي

غريبن جي جُڳهن جهوپن منجهان زردار ڇا ڄاڻي

 

اسان صوفي صفا دل اهلِ دل دم ساڻ گُم ”دادن“

اسان جو عام رندن کان سواءِ اسرار ڇا ڄاڻي

*

اڄ يار مُنهنجي جان جلائي هليو ويو

ڦاسائي مون کي پاڻ ڇڏائي هليو ويو

 

سورن ۾ مُنهنجو ساهه سُڪائي هليو ويو

ماتم جو مون لاءِ مينهن وسائي هليو ويو

 

مُنهنجو سمورو هوش ڀُلائي هليو ويو

سياڻي مئون مون کي چريو بنائي هليو ويو

 

هڪ ابرن جي تيغ ساڻ هو گهائي هليو ويو

ٻيو موت مار چشم لڙائي هليو ويو

 

اڄ شمع مُنهنجي گهر جي وسائي هليو ويو

سيني ۾ آهي آڳ لڳائي هليو ويو

 

خدمت ڪرڻ جي موقعي تائين نه ترسيو هو

مُنهنجي مٿون رقيب کلائي هليو ويو

 

مدت کان بعد ”دادنا“ هو سنگدل وري

دل ۾ وساڻي باهه دُکائي هليو ويو

*

دلدار بنا ڌار گذاري نه سگهان ٿو

تنهائي ۾ دل پنهنجي ڌتاري نه سگهان ٿو

 

يا پاڻ وڃان يا ڪا مُنجان ميڙ سڄڻ ڏي

هڪ جاءِ تي مان راءِ بيهاري نه سگهان ٿو

 

رنگ آهِه ڀريل يار جي اکڙين ۾ غضب جو

نظرن ۾ وجهي نظرون نهاري نه سگهان ٿو

 

ڀؤنڪي ڀلي مون تي ڪتو يار جي در جو

هٿ پنهنجو ادب کان مان الاري نه سگهان ٿو

 

ناراض متان ڪو ٿئي محفل ۾ خدارا

پيتي کان پوءِ مان پاڻ سنڀاري نه سگهان ٿو

 

مدهوشي جي حالت ۾ ڀي اي ”دادنا“ هرگز

مان ياد صنم دل تئون وساري نه سگهان ٿو

*

ڪهڙو نه آيو عجيب د‍ؤر درجهان

کولي نه راز دل جو ٿو چپ آهي رازدان

 

ڪاڏي ويو عندليب ۽ ڪاڏي ويو باغبان

گل جو عروج ڪاڏي ويو ڪاڏي ويو گلستان

 

ايجاد آهي غيرتِ قدرت جي بيمثال

فصلِ بهار ۾ ٿيو ويران بوستان

 

اهڙي ڪا اڻ مندائتي ظالم هوا لڳي

دليون ڦري ويون هرڪو آ هڪ ٻئي ۾ بدگمان

 

بيقدر چئبو ڪنهن کي مخاطب ٿي ڪينڪي

اندازه تلاش ۾ ڪونهي ڪو قدردان

 

سڀڪو آ پورو پنهنجي ئي پورن ۾ دادنا

ڪنهن کي ٻڌايان مان وڃي دردن جو داستان

*

اي دلربا تون ڪينڪي منهنجي خطا ڏي ڏس

مون ڏي نه ڏس تون پنهنجي خدارا خدا ڏي ڏس

 

خنجر کڻين ٿو سر گهرين ٿو نهڪر نٿو ڪريان

منهنجي وفا کي ڏس وري پنهنجي جفا کي ڏس

 

ٿي سنگدل نه تنگ تون ناقص غلام سان

ڏس منهنجي ڏاڙي ڏي تون، پنهنجي چهري صفا ڏي ڏس

 

پرواه ڪر نه ڪنهن جي پردي حجاب کان

نڪري تون ٻاهر ڪينڪي خواري گلا ڏي ڏس

 

جنت ۾ خطا کان نه آدم بچي سگهيو

”دادن“ ڏي ڏس تون ڪينڪي بس ڪبريا ڏي ڏس

 

ڏس مصطفيٰ ڏي ۽ علي المرتضيٰ ڏي ڏس

بس ڇا چوان مان توکي شہ ڪربلا ڏي ڏس

*

اڄ ياد يار کي ڪري ڳوڙها وهي پيا

قسمت خراب منهنجي ٺهيل ڪم ڊهي پيا

 

افسوس منهنجو حال بچيو ڪهڙو دوستو

ارمان نڪتا دل جا نه دل ۾ رهي پيا

 

دلبر به منهنجو مونکان ويو ۽ دل به مُنهنجي وئي

ڏاڍو چڱو ٿيو بار گهڻن تئون لهي پيا

 

ويڻن جا جيڪي ڌڪ هنيا مون کي دلربا

سي داغ داغ تي سمورا ٺهي پيا

 

منزل دراز عشق جي آهي اي ”دادنا“

ڪي پهتا توڙ تائين، ڪي وچ تي رهي پيا

*


 

اڄ مُنهنجو مون کي يار ڏئي غم هليو ويو

دنيا بنائي مون لاءِ جهنم هليو ويو

 

افسوس آ جو حال محرم هليو ويو

پهچائي مُنهنجي جان کي جوکم هليو ويو

 

دم هڪڙو ترسيو ڪين ڪي همدم هليو ويو

دل زخمي کي ڏئي ڪين ڪا مرهم هليو ويو

 

مون کي وڻي هي عالمِ اسباب ڪين ٿو

ڇو جو هو مون کان زينتِ عالم هليو ويو

 

حسرت ڀريو هي سوز سٺو ”دادنا“ مگر

ڪنهن کي ٻڌايان حال جو همدم هليو ويو

*

تنهنجي آمد جون مٺا راهون نهاريندو وتان

ڦارون پائيندو وتان ڪانگ اڏاريندو وتان

 

پنهنجي منهن ساڻ پنهنجي دل کي ڌتاريندو وتان

جهڙا تهڙا ٿو ڏکيا ڏينهڙا گذاريندو وتان

 

ڇا رهيو حال آ صدمي کان جدائي جي اڃان

تنهنجي مرضي آ ڀلي جان کي ڳاريندو وتان

 

منهنجي نالي کان وٺي توکي ٿي نفرت ليڪن

تنهنجو ”دادن“ مان تولئه پاڻ ٿو ماريندو وتان

*

ٿي ڦري صورت اکين اڳيان پيارن جي اڇان

ڪين ٿي وسري ڪچهري قربدارن جي اڃان

 

ڇا نه محفل جو مزو هو ڇا نه محفل هئي حسين

نقش سيني ۾ ملاقات آه يارن جي اڃان

 

جن کي تو سمجهيو ٿي پنهنجو سي ڀي پنهنجا ڪين ٿيا

ٿي ڪرين ڪهڙي تلاش اي دل سهارن جي اڃان

 

دؤر ههڙي ۾ کپن دانهن ڪرڻ وارا دلير

ڪهڙي آهي گهرج باقي بردبارن جي اڃان

 

پاڻ کي ڏاڍو سياڻو ٿو سمجهي ٿو سڀڪو مگر

پرک ڪنهن کي ڪانهي ڪا اڇن ۽ ڪارن جي اڃان

 

وقت ويا گذري ڇڏي ويا سارا ساٿي وقت جا

پر نه ”دادن“ ٿي ڇڏي ڇو ياد يارن جي اڃان

*

اڄ ته محفل ۾ صنم شوخ آ پرجوش به آ

غير جي دوش سان گڏ دوش ۽ آغوش به آ

 

هڪ ته ڏاڍو ٿو ڊڄان هن جي سُرخ چشمن کان

ٻيو ته مجلس ۾ رقيبن سان هم گوش به آ

 

شرف هن شب کي ڏيان ڇو نه خبِ برات سندو

ساقي ساغر به آ ۽ مئي ڀي آ مئي نوش به آ

 

ٿو ڏسان هرڪوئي مئي نوش ته مئي نوشي ۾

دست پيمانه ۽ خندان به آ خاموشي به آ

 

وٺ تون بوسه جو مزو ڪيف ۾ ”دادن“ بيشڪ

پوءِ ڀي چوندا ته هي مستان به آ مدهوش به آ

*


 

پنهنجا حال پاڻهئي وڃائي ڇڏياسين

بڪيون جان جيئرا جلائي ڇڏياسين

 

دل تي لکين ڌڪ پچائي ڇڏياسين

پرين سان پڪا پيچ پائي ڇڏياسين

 

اُهي اڄ اسان جا مخالف ٿيا هِن

هٿن سان جيڪي پڙهائي ڇڏياسين

 

نه جاچيوسين اڳ پو عبس دشمنن کي

ڳُجها راز دل جا ٻڌائي ڇڏياسين

 

وڏن جن ۾ اميد هئي پنهنجي ”دادن“

اُهي ڀي سڀئي آزمائي ڇڏياسين

*

منهنجو ستائڻ يار کي آسان ئي آسان آ

منهنجي هميشه خون جو خواهان ئي خواهان آ

 

جنهن ڏينهن لاڪون ٿيو جدا مون کي وٺي تنهن ڏينهن کان

ڏاڍو اڃان سوڌو ايئن ارمان ئي ارمان آ

 

دل سان گهٽايو ڪين مون زوري هٿن مون دل وئي

منهنجي سچڻ پنهنجي ڪئي دل جان ئي دل جان آ

 

ڪيڏو ڀي سمجهدار ۽ سياڻو کڻي هجي ته ڀي

عاشق اڳيان معشوق جي نادان ئي نادان آ

 

دل بي بها هڪ چيز آ سوچي سنڀالي دل ڏجي

پاڻهين وڃي ڳل ۾ پوڻ نقصان ئي نقصان آ

 

ڪن وٽ گهڙي ڪن وٽ پهر ڪن وٽ مهينو سال کن

مون وٽ فراقِ دلربا مهمان ئي مهمان آ

 

افسوس آهي ”دادنا“ هيڏي ڀريي جهان مان

منهنجي اميدن جو چمن ويران ئي ويران آ

*

اسان جي دعوت اي جاني قبوليندين ته بسم الله

غريباڻي مڇي ماني قبوليندين ته بسم الله

 

نه ڪري زردو نه ڪي حلوو نه ڪي ٿئي چاشني مون وٽ

سرنهن جو ساڳ سبحاني قبوليندين ته بسم الله

 

ٻچا ۽ ٻار گهر تو توئون ڪندس قربن ٻيو ان سان

آ سر ۽ ساهه قرباني قبوليندين ته بسم الله

 

اسان وٽ ڪين ڪي اسباب آهي عيش و عشرت جو

خدا وارن جي ياراني قبوليندين ته بسم الله

 

لبِ احمر شراب آهي، جگر ۽ دل ڪباب آهي

اِها ٿئي منهنجي مهماني، قبوليندين ته بسم الله

 

سڱر بوندي لڏون پيڙا مٺائي ۽ نه مائو آ

ڇِٽو ڀت دال دوفاني، قبوليندين ته بسم الله

 

نه آهي ڪوبه دُنوي مشغلو ”دادن“ جي محفل ۾

رياضت راز روحاني، قبوليندين ته بسم الله

*

اي منهنجا سڄڻ ايڏي بي رحمي نه ڪرين ها

تنهن کان ته چڱو مارين هان زخمي نه ڪرين ها

 

هيئن بعد ۾ ٿيڻو هو اگر بيوفا توکي

بروقت نگاهن ۾ تون نرمي نه ڪرين ها

 

هائو ڀي ڪرين پيو وري نهڪر ڀي ڪرين ٿو

هي رسمِ محبت ۾ بي رسمي نه ڪرين ها

 

رغبت نه ڪرين ها ڪنهن اغيار سان هرگز

”دادن“ جو بدن ساڙي تون بَسمي نه ڪرين ها

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org