سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دادن فقير جو ڪلام

باب --

صفحو :3

 

انهيءَ يار کي حيف هزار هجن، جيڪو يار تئون سِر کي فدا نه ڪري

تنهن سان ڪهڙو وفا جو کڻجي قدم، جو وفا جي عيوض وفا نه ڪري

 

ڪنهن کي درد پنهنجي جي دانهن ڏيان، ڪو ٻڌائي مان ڪاڏي ٿي ڪاڏي ٿيان

جيئن مون سان ٿي گذريو آهي، تيئن دشمن سان به خدا نه ڪري

 

مُنهنجي يار جي باري ۾ يار اوهان، جيڪي به چيو بيڪار اوهان

آهي ڪهڙو به مُنهنجي اکين سان ڏسو، مُنهنجي اڳيان سندس ڪو گلا نه ڪري

 

سوا يار سڄڻ جي ٻيو نه کپي، مونکي ڪنهنجو علاج ٿو ڪونه کپي

جنهن کي مرض محبت جو آهي لڳل، تنهنجو ڪوئي طبيب دوا نه ڪري

 

ڪجهه دادن پاڻ کي خيال نه آ، ريءَ ڪنهن به ڪشالي ڪمال نه آ

سارو جڳ هي جدا ٿي وڃي ته وڃي هڪ جانب يار جدا نه ڪري

*

 

 

تُنهنجي عشق جو ڏاڍو يار ڏکيو آزار ڀي آ تڪرار ڀي آ

تنهنجو جورو جفا اي اهلِ جفا يڪ بار ڀي آ صد بار ڀي آ

 

تون پاڻ ڏنگو، تُنهنجو پيار ڏنگو تُنهنجو آر ڏنگو آ چار ڏنگو

تُنهنجا ابرو ڏنگا هر وار ڏنگو ڄڻ تيغ ڀي آ تلوار ڀي آ

 

تون ونگ وجهڻ جا ڍنگ ڍنگي، هڻي مانڊن کي ڏنگ ڏنگي

تنهنجي زلف جو ڪارو مار سيهه خونخوار ڀي آ خدار ڀي آ

 

تون مارين ٿو ۽ جيارين ٿو، پر مئي جا جام پيارين ٿو

تُنهنجي مئخاني جو مئه ڪش ٿيو هوشيار ڀي آ سرشار ڀي آ

 

تنهنجو هلڻ ڏسي حيران ٿيس، تنهنجو گفتو ٻڌي گريان ٿيس

تنهنجي اهڙي سڄڻ ڪا جادو ڀري رفتار ڀي گفتار ڀي آ

 

اي مُنهنجا يگانه يار سڄڻ، تُنهنجو مُنهنجي مٿان بس راضي رهڻ

درمان ڀي آ ديدار ڀي آ مُنهنجو هار ڀي آ سينگار ڀي آ

 

هن ڳالهه ۾ ڪو ڦند ڦير نه آ تُنهنجي حسن جو طالب ڪير نه آ

سردار ڀي آ ته غريب به آ، نادار ڀي آ زردار ڀي آ

 

تنهنجي در جو اي دلدار سڄڻ، تنهنجي پيرن جو اي يار سڄڻ

هي دادن دل افگار سڄڻ پينار ڀي آ خاڪسار به آ

*

 

مليو بدلو اوهان کان وفا جو جفا، ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن چوندو

ڏسي اهڙي سڄڻ تُنهنجي ڪوڙي ادا، ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن چوندو

 

ٿو پاڻهين ڪرين اقرار سڄڻ، ٿو پاڻهين ڪرين تڪرار سڄڻ

تُنهنجي هائو ڀي نهڪر آهي صفا، ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن چوندو

 

تنهنجي مرضي سڄڻ تون ڪيئن ڀي ڪرين، توکي ڪير چوي تون جيئن ڀي ڪرين

ڪر قياس ڪو دل جو اي دل جا خدا، ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن چوندو

 

مون گهر ڀي ڏنو توکي سر ڀي ڏنو هي دل ڀي ڏني ۽ جگر ڀي ڏنو

تُنهنجي ناهي خطا مُنهنجي آهي خطا، ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن چوندو

 

ويندو ”دادن“ توسان نڀاهي مٺا، تُنهنجا ٿورا سگهي ٿو نه لاهي مٺا

توتي ڪابه ميار نه آهي مٺا، ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن چوندو

*

 

 

هيئن نه جڳائي توکي سهڻا سڄڻ سائين هيئن نه جڳائي

 

گهوريو وڇوڙو محب ٿو ماري وڃ تون پنهنجو منهڙو ڏيکاري

دوست مٺا دلدار، سڄڻ سائين هيئن نه جڳائي....

 

منڙو ماندو آهي ملڻ لئه، تون جي اچين ته تنهنجي اچڻ لئه

واٽين وڇايان وار، سڄڻ سائين هيئن نه جڳائي...

 

مِل ته ڪسون ڪي قلب جون لاهيون، روز ازل کان واقف آهيون

ناهيون ڌُريان ئي ڌار، سڄڻ سائين هيئن نه جڳائي....

 

ائين ڪرڻ توکي يار ٺهي ٿو! دادن ايڏا ڪيئن سهي ٿو

باري برهه جا بار سڄڻ سائين، سڄڻ سائين هيئن نه جڳائي...

*

 

ڪڏهن ايندين يار پيارا، سهڻا سهڻي صورت وارا

 

تو لئه آهي ساهه اداسي، بيوس وئي آ دلڙي ڦاسي

ڪر ڪو قياس خدارا، سهڻا سهڻي صورت وارا

 

رهڻ پري جو آهي قيامت، ڪانه ٿي گذري سک جي ساعت

وڻن ٿا ڪين نظارا، سهڻا سهڻي صورت وارا

 

هيئن نه جڳائي توکي جاني، آخر آهي دنيا فاني

سورج چنڊ ستارا، سهڻا سهڻي صورت وارا

 

تنهنجي درشن لاءِ، ديوانا، عاشق توتي يار يگانه

ڪيئي ”دادن“ پارا، سهڻا سهڻي صورت وارا

*


 

 

آهيان عيبن هاڻي، من ڪا ٻاجهه پوئي ٻاجهارا

 

ڏکندي گذريو ڏيهن ڏکن جو روئندي رات وهاڻي

من ڪا ٻاجهه پوئي ٻاجهارا

 

اصلي مُنهنجي آهي اوهان سان ڏاڍي پريت پراڻي

من ڪا ٻاجهه پوئي ٻاجهارا

 

ٻانهي گولي پورهيت بي زر، تو در دوست وڪاڻي

من ڪا ٻاجهه پوئي ٻاجهارا

 

روئي روئي جبل جا جيڏيون، پهڻ ڪندس آءٌ پاڻي

من ڪا ٻاجهه پوئي ٻاجهارا

 

دادن جو دم، دم تي ناهي، آهي پساهه پڄاڻي

من ڪا ٻاجهه پوئي ٻاجهارا

*


 

 

ناهيان سڄڻ پنهنجي وس، ڪر ڪا مون سان محب ملڻ جي

 

دل تي بار هزار نه هڪڙو، روح نه آهي رس

آهي ڏاڍي آس ملڻ جي

 

وجهه مَ وڇوڙا ڪرمَ جدايون بس هاڻي سڄڻ سائين بس

راول ڇڏي ڏي ريت رسڻ جي

 

هيءَ ته اڳي پوءِ ماڳهن مرندي، گولي اوهان جي گس

هڻندي مور نه هامَ هٽڻ جي

 

”دادن“ کي هن درد جو دلبر، ڏس ڪو ڏاها ڏس

سگهه نه آهي سور سهڻ جي

*

مونکي بي سبب آهي ڇڏي غم ۾ گڏي گلفامُ ويو

منهنجي مرغ دل کي آهي زلفن جو وجهي هو دام ويو

 

مُنهنجي رات وئي منهنجو ڏينهن ويو منهنجو عيش ويو آرام ويو

مُنهنجي جانِ من مُنهنجي سِر کي ڏئي سوداءُ ۽ سرسام ويو

 

مونکي خلق ساري ۾ اجائي ناحق هو ڪري بدنام ويو

مون تي خوامخواه خالي عبس آهي رکي الزام ويو

 

مُنهنجي روح جي راحت وئي، فرصت به وئي فرحت به وئي

مونکي داغ جدائي جو ڏئي آهي ڪري قتلام ويو

 

هن حسن وارن جي عشق ۾ هميشہ اي دادنا

ڪنهنجو شرم ويو ڪنهنجو ڌرم ويو ڪنهنجو دين ويو اسلام ويو

*

 

پڇ وڻن کان سور پکين جا، جي وريا ڪين واهيري

 

سنگتي سارن راهون نهارن، هو موٽن ڀاڳن ڀيري

پڇ وڻن کان سور پکين جا...

 

ڀڳئون پيرا ڇڏيئون آکيرا، ويا ساجهر ويل سويري

پڇ وڻن کان سور پکين جا...

 

ماريءَ ماريا ڳاريءَ ڳاريا، آيا ڪين اويري

پڇ وڻن کان سور پکين جا...

 

دادن دلبر دل وارن جا ويا جيرا جيلائي جيري

پڇ وڻن کان سور پکين جا...

*

 

يار سڄڻ ايڏيون ڪر نه جدايون سُهڻا

ڏس نه ڏنگايون سهڻا

 

جهڙي تهڙي آهيان اوهان جي مِهر ڪري مُنهنجون

ميٽ مدايون سهڻا

 

عيبن هاڻي آهيان اياڻي، ڪوڙين مون ۾

آهن ڪسايون سهڻا

 

گهوريو وڇوڙي جو گهارڻ، گهر ۾ اچي مل

ڪس قلب جي لاهيون سهڻا

 

دوست اچين جي در ”دادن“ جي جيءَ ۾ ڏيان

توکي جانب جايون سهڻا

*

 

 

مون کي سِر ساهه کان اي يار پيارو تون آن

ياد مون کي سدا سانوڻ ۽ سيارو تون آ

 

جهڙا تهڙا مان ڏکيا ڏينهن گذاري ويندس

تو جا ڪئي آ سا توکي ياد ڏياري ويندس

ڪو مري ڀل مري ڪيڏو نه وسارو تون آن

 

جيئري ئي يار سڄڻ آهه تو ماريو مون کي

مان ته توکي نه وساريو تو وساريو مون کي

مُنهنجي ڪشتيءَ لاءِ پرينءَ ڀر جو ڪنارو تون آن

 

تنهنجو مشتاق ازل کان اي سڄڻ مان آهيان

قياس ڪر ڪو اي خدارا بي خطا مان آهيان

ڪير آ مُنهنجو مون دادن جو سهارو تون آن

*


 

 

دلدار ڏيو دلداري، ڇڏ ريت وسارڻ واري

 

ماڻن تنهنجن ماري ڇڏيو آ، ڳڻتين تنهنجي ڳاري ڇڏيو آ

مُنهنجي توبهه توبهه زاري ڇڏ ريت وسارڻ واري

 

موت نه ڪنهن کي مور ڇڏيندو، هرڪوئي پرلوڪ لڏيندو

ڊنگ رئيس هجي توڙي هاري، ڇڏ ريت وسارڻ واري

 

سهڻا توکي ساهه ٿو ساري، صدقي ساهه جي ويهه نه وساري

وجهه گهوٽ نه ايڏي گهاري، ڇڏ ريت وسارڻ واري

 

دادن تولئه آهي اُداسي، بيوس وئي آ دلڙي ڦاسي

ڪر ڌار نه دلبر ڌاري ڇڏ ريت وسارڻ واري

*

 

جيئن تون ٿو ڪرين تيئن ڪير ڪري

جيئن مان ٿو مران تيئن ڪير مري

 

ٿو اهنج ڏئين آزار وري

ٿو صدما ڏين صدبار وري

ته به تنهنجي سڏڻ تي يار وري

جيئن مان ٿو وران تيئن ڪير وري

 

بس ڪهڙو به آهيان ميرو مندو

تڏهين به اوهان جو آهيان بندو

ٿي ٻارڻ برهه جي باهه سندو

جيئن مان ٿو ٻران تيئن ڪير ٻري

 

هل حسن سندا هٻڪار ڏسي

رفتار ڏسي گفتار ڏسي

سڀ سهڻا سندءِ سينگار ڏسي

جيئن مان ٿو ٺران تيئن ڪير ٺري

 

ڀڃ ياري نه مون کان يار مٺا

مل ”دادن“ سان دلدار مٺا

هنئن ڳڻتين ۾ غمخوار مِٺا

جيئن مان ٿو ڳران تيئن ڪير ڳري

*


 

 

ساهه سدائين ٿو ساري سنڀاري ساجن کي

پاڻ وڌو مون ماري سنڀاري ساجن کي

 

ڪهڙو سندس آ روح جو رايو

ڇاکنئون اڃا مُنهنجو يار نه آيو

ٿڪجي پيا نيڻ راهون نهاري، سنڀاري ساجن کي

 

دل ۾ گهر دلبر جو اڏيو مون

سندس اچڻ جي لاءِ ڇڏيو مون

اڱڻ اکين سان ٻهاري، سنڀاري ساجن کي

 

تحفو سڄڻ لاءِ نئون ۽ نيارو

هار بنايم هيرن وارو

هنجون هر هر هاري سنڀاري ساجن کي

 

سُک ٿي سُمهي ٿو سڀ جڳ سارو

ساري رات ”دادن“ ويٺو آ ويچارو

هٿڙا کنيون پيو اوساري سنڀاري ساجن کي

*


 

 

مُنهنجي ننڊ وئي آرام ويو، تو هي ڇا هي ڪيو مون کي ٻڌاءِ ته سهي

آهي رحم جي قابل حال سندم، مُنهنجي ڪر ڪو هينئر حياءَ ته سهي

 

منهنجي لحم کي کاءُ تون ڪباب ڪري

مُنهنجي خون کي پيءُ تون شراب ڪري

مُنهنجو مارڻ سمجهه ثواب ڪري، ڏي بدلي وفا جي جفا ته سَهي

 

تُنهنجي طلب گهڻيري تات اٿم

تنهنجي وائي سڄڻ سائين وات اٿم

جهڙو ڏينهن اٿم تهڙي رات اٿم، تون ڪڏهن نه ڪڏهن مون ڏي آ ته سهي

 

توکي عجيب چوان توکي مجيب چوان

توکي حفيظ چوان توکي حبيب چوان

توکي حڪيم چوان توکي طبيب چوان

مُنهنجي درد جي ڪر ڪا دوا ته سهي

 

تُنهنجو دادن آ دربان سڄڻ

تنهنجي قدمن تئون قربان سڄڻ

ڪر عاجز تي احساس سڄڻ

سڻ سائل جي ڪا صدا ته سَهي

*

جلدي مل تنهنجو آ درشن درڪار سهڻا

درشن درڪار سهڻا سِر جي سرڪار سهڻا

 

وسري ويون ورهه ۾ واهون،

ايندي دلدار ايڏانهون

تنهنجو ٻئي تيز نگاهون، سڀني کان پار سهڻا

 

نيڻن وهايان نيڪر

ماريان مان پاڻ جيڪر

پنهنجو هڪ ڀيرو هيڪر منهڙو ڏيکار سهڻا

 

توريءَ ٻيو ناهي چاڙهو

تو ڏي آ دل جو لاڙو

راتيان ڏينهن روڄ راڙو اِها دادن جي ڪار سهڻا

*

 

ذرڙي منجهه زور آور يار دلڙي دست ڪري وئين دلبر

 

خال جا داڻا چڳندي آئي

سِر تي زلف ساهه جي ڦاهي

ماريءَ جا هٿ منجهه شڪار هِن کان عيد ته هُن کان محشر

 

سَرو کان وڌ قد پاڪ سينو

کليو خوشبودار خزينو

شبنم موتي ماڪ ملهار موءِ مان روءِ ڏيکار نه هر هر

 

سهڻل ”دادن“ جو سر ڇاهي

وڍج اوهان کي جي گهرج ۾ آهي

تيز تکي کڻ هڻ تلوار ناهي سڄڻ ڪا هتڙي نهڪر

*


 

 

تُنهنجي وڇوڙي وڌو يار ماري

ويندس ڏکن جا مان ڏينهڙا گذاري

 

هتڙي نه ڪنهنجو اڄ آهي ڪوئي

هڪ جهڙو آهي نه هي جڳ سڄو ئي

جنهن سان چڱو هَل دشمن آ سوئي

اِها ڳالهه ڏاڍي پئي پساري

 

آهيون مسافر ماريا وڃون ٿا

تڏهين به تنهنجا ٿورا مڃون ٿا

سڄڻ جي سانگي نه ڀيرو پڇون ٿا

تون ته اسان کي ويٺين وساري

 

جيڪو ڪوڙ ڄاڻي سو ڀل موج ماڻي

ظاهر ٿي پوندو اڄ يا سڀاڻي

جيڪي ٿو ڄاڻي رب پاڪ ڄاڻي

ائين ئي چيو آهي ”دادن“ ويچاري

*


 

 

ڪنهن کي حال ٻڌايان دلڙي دردن ماندي

ڍولڻ سُڌ نه لهي ٿو ڀورل سُڌ نه لهي ٿو

 

سورن ساڙي ڇڏيو آ ڳڻتين ڳاري ڇڏيو آ

ور او سهڻل يار ساهه هي سٽ نه سهي ٿو

 

باهه برهه جي آهي باري مُنهنجي توبهه زاري

اکين مان آب ٿيو جاري واهڙ وانگي وهي ٿو

 

توبن ”دادن“ ساري روئندي رات گذاري

ناهي قلب قراري هينئڙو هنڌ نه رهي ٿو

*

 

مون کان ياري نه ڀڃ منهنجا يار سڄڻ

اچي ستت لهي وڃ سار سڄڻ

 

جهڙي رات اٿم تهڙو ڏينهن اٿم

مٿان غم جو اُٺو ڪو مينهن اٿم

تو سان ننڍڙي لاڪون نينهن اٿم

هئاسين ٻڌڙن ۾ ٻئي ٻار سڄڻ

 

منهنجا يار تون مون کي کولي ٻُڌاءِ

توکي ڪيئن ٿو جڳائي رهڻ جدا

تنهنجي لاءِ اکين مان ڄاڻي خدا

روئندي روئندي ٺهي پيا نار سڄڻ

 

وئي دل جا هٿن مان ڪيئن وري

کڻي ڪوئي ڪيڏا حيلا ڪري

ساري ”دادن“ توکي ٿو سڏڪا ڀري

ڏاڍي تنهنجي لڳي وئي تار سڄڻ

*

 

ڏکيا ڏينهن ٻه ٽي وينديس قيد ڪٽي

سکيا سانگي وسن ٿا سنگهار جتي

 

ڏسان ڏوٿين کي مولا ماڙ ڪري

هن ڪوٽ جي پرور پاڙ پٽي

 

مري عُمر وڃان جي تنهنجي ملڪ اندر

ته به اچجائن اباڻي لوڙهه لٽي

 

ڏسان ٿي ته ڏسڻ ۾ ٿو ملير اچي

ڀِنا ڀونگا هوندا، پئي برسات وسي

 

ڪيو ٻاجهه ڇڏيو ويچاري هن دادن کي

مان پنهواري بندي مُنهنجا مارو ڪٿي

*

 

هئه هئن هيرن هوندي ڪوڏيون ڪچ ٿو ڪمائين

ڪوڏيون ڪچ ٿو ڪمائين ڪيڏو ضرر ٿو پائين

 

اچڻي جيڪا آهي تنهنجو ڪين تون ڌيان ڌرين ٿو

ڄاڻ مرين ٿو وطن ورين ٿو واپس ڄاڻ ورين ٿو

ٻين جو ڇا ٿو ڪرين تون پنهنجي ڪان ٿو وهائين

 

جاڏهون ڪاڏهون جانچي ڏس تون پاڻ کي ڇامئون ڇاهين

جيئن ٿو پاڻ کي ڀائين ثابت تون هرگز ائين ناهين

ڪاڏهون جو تون آهين ڪاڏهون هتڙي آئين

 

ريجهي ويٺين ڇاتي ”دادن“ ڪهڙي موهه منجهايئي

هيڏو سارو حيف اٿئي ويهي وقت وڃايئي

الله ڪين ڪمايئه مورک ٿوري کٽي ڪاڻ ڇو ٿو مور وڃائين

*

هنجڙا هليا ويا ساجهر سويرا

موٽي انهن جا ڀاڳن تي ڀيرا

 

جوڙي قطارون هنجڙا اُڏاڻا

ساڻيهه ساري ستت ئي سڌاڻا

وهندي وڃي ڪيئون وطني واهيرا

 

ميڙي ويا موتي ڇلر ڇڏي ويا

لالون لڪائي لڪ ۾ لڏي ويا

باقي بچيا نئين ٻگهه ۽ ٻٽيرا

 

هنجڙا هليا ويا واپس وطن تي

”دادن“ درن لئه خالي دُٻن تي

آهن وڍي ڪيا ڪانگن ڪانگيرا

*


 

 

سفر مسافر ڪرڻو آ توکي

پتڻ پرائو ڀرڻو آ توکي

 

دنيا ۾ تون ڇا ڇا ڪرين ٿو

ڪم نه ايندئي سي جن لئه مرين ٿو

مر تون الله لئه جي مرڻو آ توکي

ڪاڏي ويا سڪندر ڪاڏي ويا ساٿي

ڪاڏي ويا گهوڙا ڪاڏي ويا هاٿي

وئي کان پوءِ هيڏي نه ورڻو آ توکي

 

”دادن“ باقي ڇاهي هاڻي

ڄاڻ مُئين تون اڄ يا سڀاڻي

قبر جو لکيل ڀرڻو آ توکي

*

 

اونهو عشق اٿاريو گهونگٽ گهر گهر ۾

 

ڪٿي هير هيراني ڪٿي سسئي سيلاني

ڪٿي مجنون مڪاني بيٺو بَر بر ۾

 

بيسر برهه جي بازي محڪم مام مجازي

گُم ڪر پنهنجو تون غازي سارو سرسر ۾

 

”دادن“ نينهن نوايا ڪيئي سورهيه سوايا

رهزن رند رلايا دانهن در در ۾

*

 

هيڏي اک تي سڄڻ ڏسي پٽي، ڇڏيئي دل ڦٽي ڦٽي

ڇاکنئون محب وئين مُنهن مٽي ڇڏيئي دل ڦٽي ڦٽي

 

تُنهنجي تابش تاب تَون ۾، سُهڻا سائين سمجهه سَوَن ۾

ڪونه عشق جي بازي کٽي، ڇڏيئي دل ڦٽي ڦٽي

 

توسان ڪو نه چلي ڪو چارو، ويو ساهه سَنڌن مان سارو

بحري باز مثل وئين جهٽي، ڇڏيئي دل ڦٽي ڦٽي

 

رُٺين جانب يار جڏهانڪون، تُنهنجي سِر جو قسم آ تڏهانڪون

نٿو مرض اندر جو هٽي ڇڏيئي دل ڦٽي ڦٽي

 

سارو زهر لڳي ٿو زمانو، ”دادن“ تنهنجو يار ديوانو

جيڪو ڏينهن ڏکن جا ڪٽي، ڇڏيئي دل ڦٽي ڦٽي

*

 

 

هن دل جا يار هزار ڪيم ڪو ڪٿي رهيو ڪو ڪٿي رهيو

ڪي ڪوڙا ڪيم ڪي سچار ڪيم ڪو ڪٿي رهيو ڪو ڪٿي رهيو

 

ڪن سان راتيون مهينا سال سڄا، گڏ ويهي ڊگهي گفتار ڪيم

ڪن سان هلندي ڳالهيون ٻه چار ڪيم ڪو ڪٿي رهيو ڪو ڪٿي رهيو

 

ڪنهن جا طعنا سٺم ڪنهن جا تُنڪا سٺم ڪنهن جا مهڻا لک هزار سٺم

ڪونه ڪنهن تي پنهنجي ميار ڪيم ڪو ڪٿي رهيو ڪو ڪٿي رهيو

 

اي ”دادن“ ناحق دل جو وڃي اڻڄاڻن سان واپار ڪيم

اڳ پوءِ جي ڪانه سنڀار ڪيم ڪو ڪٿي رهيو ڪو ڪٿي رهيو

*

 

اُڏر ڪانگل سُتت ساري سنيهو ڏي سنگهارن کي

چوان مان جيئن وڃي چئو تيئن الله لڳ ڌر ڌنارن کي

 

اڱڻ تي کولي کنڀڙيون چئج ڪانگل چُهنبڙي چوري

سڀيئي مُنهنجي سورن جون ڳجهيون ڳالهيون ڳنوارن کي

 

ائين چئجانءِ مارن کي مرڻ تي مارئي آهي

سندس ته به ساهه ساري ٿو، اوهان پيڪن پيارن کي

 

اُڏاڻي تو سان گڏ جيڪر هلان مان ڀي اباڻن ڏي

وساري ڪيئن هت ويهان ولهارن ويڙ وارن کي

 

ڏسان ٿي خواب اهڙا روز ڄڻ آهيان اباڻن ۾

سڀن سرتين سان گڏ ٿي ڏسان لوڏيان ليارن کي

 

قضا قسمت ڪيو قابو ڪرين نه ته ظُلم ڇا ظالم

غريب آهن گهڻو ئي آهي ڏک ڏوٿين ڏکارن کي

 

چوان ڇا ڇو ته آيا ڇو نه مُنهنجي سُڌ لڌي سانگين

اي دادن آ ميار اهڙي نه مارن بي ميارن کي

*

 

واهه واهه درس ڏٺم دلبر دا

سهي سيني وچ ثابت پڙهيم الف اکر انور دا

 

شيش محل ڪثرت والا ٽوڙيم

خود پرستي خيما کوڙيم

ڇوڙ جسم اٿان جاءِ وچ جوڙيم

راز جتان رهبر دا

 

ڀر پيالا مئه والا پيتم ترڪ ڏي طرق ڪون

ترڪ ڇا ڪيتم

ملڪ انهين وچ خيال ڪو نيتم

جت درڪ نه مسجد مندر دا

 

هرڌي اندر جهاتڙي پاوان

هر مظهر وچ آوان جاوان

”دادن“ اپڻا نانوَ سڏانوان

بنده علي حيدر دا

*

 

ول پرديسي ڍولا جاني _ ڏور ڪيتوءِ وڃ ملڪ مڪاني

 

ڪڏهان آسن ڏينهن ملڻ دلآ _ کُلسن ساري راز رسڻ دلآ

فڪر فراق دلآ ٿيس فاني

 

رات ملڻ دي عيد منئيان، گهولي آپ نون گهول گهمئيسان

نظر ڪرسيان سر قرباني

 

عشق تيڏلآ دا تلڪ لگيئسان _ بار ملامت سرتلآ چائسان

جڻيان پئسان ڳل صفاني

 

يار ”دادن“ نون چين نه آندا، تيئن بن سارا جڳ نهين ڀاندا

وسدا ويڙها سڃ ويراني

*


 

 

مئين هان بردي تئين دلبر دي نوڪر تيڏي هر نوڪر دي

درد نه ڄاڻي دنيا بي دردي، تيئن بي ساڏي مول نه سردي

قسم هي تيڏي سهڻي سردي

 

اکيان تيڏيان بڙڇيان ڀالي، مر ويندي هن ويکڻ والي

ڪونه سهي نت نوڪر نظر دي

 

لنبيان اميدان جيوڻ ٿولا، ڏاڍي ملڻ دي لوڙهي ڍولا

لوڙ نهين ڪائي زردي گهر دي

 

روندي ”دادن“ رات گذاري، ايوين پوڪاري جيوين پوڪاري

وڇڙي نکڙي ڪونج ولر دي

*

 

 

جهنگ ماهي دا خلد برنيي مجهين وڇئين نال مڪيني

بن ماهي دلآ کٿي جاوان، اک پل ساعت صديا ڀاوان

گذرن گهڙيان سال مهيني

 

وڃ دريا دلآ ڍير تماشي، لک هيران دي لڙهه لڳي لاشي

غرق ٿئي غوراب سفيني

 

شانان والا صاحب اعلي، شاهه جهان دا تاج دا والي

وچ ٻيلي دي تخت نشيني

 

وچ گرداب دلآ توڙ نبائسي، لاش مئي دلآ چاڳل لائسي

ايجها دادن دل نون يقيني

*

ٻه سٽا

 

اڄوڪي وقت جي ياري آ ڄڻ اوندهه ۾ دونهون

ڏسڻ ۾ ڪين ايندو آ مگر محسوس ٿيندو آ

*

قارون جي خزاني سان عزت نه ٿي ملي

دولت سان ڪميڻي کي شرافت نه ٿي ملي

*

اي بُلبل خوش نه ٿي وقتِ خزان آهي اچڻ وارو

ڪري گُلڙن سان وٺ ڳالهيون باغبان آهي اچڻ وارو

*

مزو ياد تنهنجيءَ جو ورتم گهڻو ئي

هينئر مون کي تنهنجو ٿو ديدار گهرجي

*

رهيو مشغلو پنهنجو درِ زندگي

آ هڪ راڳ ٻيو شعر ٽيون بندگي

*

ڪرم جي نظر سان ڏسي ڪين ٿو

ستم جي نظر سان ڏسي ته به چڱو

*

هينئر اوڏانهن هليو وڃبو نه پهچي موت ڀي جاٿي

هي اندازِ جنون آهي بيابان ڪيس مجنونءَ جو

*

نه نڪ آهي نه چپ آهي نه لڄ آهي نه شرم آهي

سهڻ جو آهي مادو پاڻ ۾ سڀ ڪجهه سهي وڃبو

*

سياڻن جي سياست کي ڏسي ڇڏيوسين بس هاڻي

ڪبو ڪو پاڳلن جي پارٽيءَ مئون منتخب پاڳل

*

ڪنهن جي درد جو ڪنهن کي خيال ڪونهي ڪو

بچاءِ يا خدا ماڻهن جو حال ڪونهي ڪو

*

زندگي حادثن جو مرڪز آ

هڪڙو ويندو ٻيو مٿئون ايندو

*

ميار ڪهڙي آ اغيار تي ادا ”دادن“

جي حق چئبو ته خود پنهنجو ڀي رُس پوندو

*

چؤسٽا

 

هر ڪنهين جو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پرواز آ

سرڻ آخر سرڻ آ ۽ باز آخر باز آ

ناز دولتمند کي دولت تي آ پر ”دادنا“

مونکي پنهنجي شيرين شعر و شاعري تي ناز آ

*

ٻئي ابرو تکا خنجر فولاد ته ناهن

ٻئي چشم ڪهڻ واسطي جلاد ته ناهن

پيچيده ڏسڻ ۾ ٿا اچن اهڙي طرح تي

ٻئي مار سيهه زلف جا نر ماد ته ناهن

*

گذري ٿي عمر پنهنجي ڏهاڙي ڏهاڳ ۾

ڪڏهين نه سنڀران هڪڙي ڀي ساعت سهاڳ ۾

جو خواب ۾ ڏٺم سو، ڏٺم ساڳيو جاڳ ۾

ته ڏاڙهي آ هٿ ۾ يار جي پٽڪو آ ڊاڳ ۾

*

واقفيت کنئون مون ڪئي توبهه

جاهليت کنئون مون ڪئيه توبهه

پيار حيوانيت جو مونکي کپي

آدميت کنئون مون ڪئي توبهه

چريو ٿي آهي رهڻو چرين سان

قابليت کنئون مون ڪئي توبهه

*

هينئر دل چوي ٿي پري کان پري

هليو وڃبو سورن کي ساٿي ڪري

لهي بار پوندا گهڻن جي مٿان

ٺڳن دوستن جي ڀلي دل ٺري

*

زندگي ڇا جي هي ڇا جا مشغله

زندگي ڪهڙي سا جنهن ۾ زلزله

دؤر زاغن جو اچي ويو در چمن

ويا اُڏامي بلبلون ۽ بلبلا

*

پيءُ پٽ سان ۽ ڀاءُ ڀاءُ سان لڙيو پيو آ

وڏي خساري ۾ هر آدمي اڙيو پيو آ

ڏُڪر ويو پئجي محبت جو ڏاڍو اي دادن

ٻڌايان ڪهڙي حقيقت اندر سڙيو پيو آ

*

عجيب رنگ زماني جو واهه واهه آهي

نه عادل نه قاضي نه گواهه آهي

ڪمال ڪيڏو نه پنهنجي وفا جو آ دادن

جو بي وفا ۾ ڀي اميد خوامخواهه آهي

*

محفل ڏٺم سڄڻ جي اجلاس جو نمونو

چهرا ڏسڻ ۾ آيا راڪاس جو نمونو

اعلان بر زباني ڄڻ سير آسماني

بنجي زمين پئي آ آڪاس جو نمونو

*

مان ڪنهن وانگي چمچو چغلخور ناهيان

مان حق چوندو آهيان گلا خور ناهيان

سڃاڻي ڇڏيو آ مون سڀ ڪنهن کي دادن

مان انسان آهيان ڍڳو ڍور ناهيان

*

نئون روپ نئين چال نئون ڍونگ آ نئون ڍنگ آ

عدالت جو امانت جو ديانت جو ٿيو دنگ آ

پيو ڪم آهي اهڙن موذي مرضن سان وڃي دادن

ڪو نزلو آ ڪو لقوو آ ڪو مرگهي آ ڪو اڌ رنگ آ

*

رفاقت ۾ ملاوت آ قرابت ۾ ملاوت آ

صداقت ۾ ملاوت آ سياست ۾ ملاوت آ

عدالت ۾ ملاوت آ امانت ۾ ملاوت آ

اي دادن ڇا ڪجي جو خود ملاوت ۾ ملاوت آ

*

ڪريان ٿو يار سان سودو جيئن قسمت گهريو هوندو

يا هوندو تاج شاهي سِرِ تي يا هٿ ۾ کريو هوندو

ڪندي ڇا بي خبر بي درد جي دادن گلا مون کي

انهيءَ کي قدر هوندو جيڪو مون وانگي ڦريو هوندو

*

زر، مال، زن، زمين ڇڏي ويندي اي ادا

ٿيندا جي هي چارئي توکان جدا جدا

خوشحال زرپرست کان بي زر آ حق پرست

زر هن جو آ خدا ۽ آهن جو خدا خدا

*

هر بشر آهي مسافر در سفر هر صبح و شام

موت ان جي آهي منزل موت بعد ان جو قيام

عارضي آهي رهڻ هت خواب وانگي ”دادنا“

ڪونه ڪو ڪنهن ساڻ هوندو هم جليس ۽ هم ڪلام

*

ڇا ٻُڌايان حال دل جو مان مُٺو

جيڪي ٿيو سو ڏاڍو ٿيو سهڻو سُٺو

قوم اهڙي سان ٿو رهجي دادنا

ڪربلا ۾ پير جن پنهنجو ڪُٺو

*

حسن تنهنجي ۾ هيو ڏاڍو شرافت جو گمانُ

پر اي سهڻا تون ته ڪو هُئين نانگ سهڻو بي زبان

ٻيا ته ڇڏ پر مُنڍ وارن کي به تو کائي وڌو

ويا وڄائي ڪيئي مرليون تو اڳيان جوڳي جوان

*

ڪنهن خار کان مئخانه مئون مئخوار اُٿي ويا

محفل مئون مٺا ماڻهون مزيدار اُٿي ويا

اٿڻا نه هيا جيڪي سي لاچار اُٿي ويا

ڪي سچ چوڻ وارا گنهگار اُٿي ويا

*

دوست غافل جو نه عاقل غم ڪري

ڪم چوي ڪنهن کي نه پنهنجو ڪم ڪري

عارضي ٿوري جيئڻ لاءِ دادنا

اهنجو سهنجو پورو پنهنجو دم ڪجي

*

ٻين وانگي چريو ناهيان، مان سڀني کي سڃاڻان ٿو

اڃا مئخانه ۾ عادي ڏسان پاپي پراڻان ٿو

مان رند آهيان مان طالب آهيان رندن جو اي ”دادن“

منافق ٿي نه مرڻو آ مان حق ۽ سچ ڄاڻان ٿو

*

سڀ ڪجهه هلي رهيو آ شرافت جي اوٽ ۾

آخر عيوض انهيءَ جو خراب آهي موٽ ۾

پڌمن جي هوندي ڪنهن جي ڀي پوري نٿي پوي

پورو آ هرڪو سوٽ ۽ نيڪ ٽاءِ ڪوٽ ۾

اک سڀ ڪنهين جي تڏهين کُلي ويندي ”دادنا“

ماڻهون کي لڳندو موت جو ڌڪ جڏهن چوٽ ۾

*

يار تنهنجي شهر مئون آزار وٺيون ٿو وڃان

باغ مئون گُل جي عيوض ڄڻ خار وٺيون ٿو وڃان

ٻيو ته تنهنجي شهر مئون سودو نه مون ورتو سڄڻ

ڦاهي کائڻ واسطي کاٻار وٺيون ٿو وڃان

*

هيٺيون مٿيون ٻئي پنبڙيون هڪ ٻئي تي عاشق آهن

اک جي نظر کي روڪي هڪ ٻئي سان ڪيئن ملن ٿيون

منهنجو به يار سان تيئن هر هر ملڻ ٿئي ٿو

نظرن کي روڪي پنبڙيون هڪ ٻئي سان جيئن ملن ٿيون

*

مهد کان تان به لحد تائين ڪنهنجي ڀي پورت ڪانهي

تنهنڪري پاڻ کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ڪانهي

ههڙي ماحول ۾ رهجي ته صدف جيئن رهجي

خلق کان جان بچائڻ جي ٻي صورت ڪانهي

*

ڀليل آهي زمانو ڪين ٿو ڄاڻي حقيقت کي

ڪري ناصح نصيحت ٿو نه سمجهي ٿو نصيحت کي

نه يارن ۾ رهي ياري نه خويشن ۾ وفاداري

ڏسي ڇڏيوسين آخر نيٺ سڀني جي فضيلت کي

*

محبت ۾ ضرور اي دوستو غم کائڻو پوندو

نه قرباني ڪبي پهريان ته پوءِ پڇتائڻو پوندو

محبت ۾ اگر عاشق سچو سڏرائڻو پوندو

نه ڪنڌ ڪڍرائڻو پوندو نه رُخ بدلائڻو پوندو

محبت ۾ رٺي محبوب کي پرچائڻو پوندو

هو ڳالهائي نه ڳالهائي ته ڀي ڳالهائڻو پوندو

*

ملڻ کان پوءِ جدائي ٿئي ملڻ اهڙو ڪبو ڪاڏي

سڄڻ مان ٿئي ڦري دشمن سڄڻ اهڙو ڪبو ڪاڏي

نه سهڻي آهي صورت پر جي سهڻي سيرت آ دادن

وڻي جو ڪين ڪي ڪنهن کي لڇڻ اهڙو ڪبو ڪاڏي

*

ڪريان ٿو فون سڄڻ ڏي ڪو ٻيو جهٽي نه وجهي

رقيب وجهه وٺي لائين کي ڪٽي نه وجهي

رکايان ڏاڙهي نٿو بس انهيءَ ڪري ”دادن“

چوان مان سچ متان ڏاڙهي ڪو پٽي نه وجهي

*

محبت ۾ نه پيري ۽ نه جواني جو سوال آهي

هميشہ آدمي جي دل جوان ۽ نونهال آهي

ٿئي معشوق عشق پنهنجي عاشق جي مٿان ”دادن“

نه عاشق جو مگر هي عشق جو ڪيڏو ڪمال آهي

*

دل کي ڪجي ڪشادو نه گذري جو غم ڪجي

وڌ گهٽ نه ڪنهن کي چئجي پيو پنهنجو ڪم ڪجي

ٿوري جيئڻ جي واسطي دنيا ۾ دادنا

اهنجو ڪي سنهنجو پورو حياتي جو دم ڪجي

*

نٿو سمجهان انسان ڇاکي ٿو چئجي

حيا دين ايمان ڇاکي ٿو چئجي

ٿو ماڻهون کي ماڻهون سان ماڻهون لڙائي

ٻڌايو ته شيطان ڇاکي ٿو چئجي

*
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org