سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :30

 

 

5

 

هيءَ  ڌرتي

 

(1977ع کان 1975ع تائين)

 

 

 

 

 

 

موتي پرڪاش

۽

ڪلا پرڪاش

جي  نالي

 

 

 

 

Faut- il criei? Faut-il cre’er?

Qui donc nous creer en cet instant?

Et contre la morte  elle mem n’est-il

Que de cre’er?

St,John Perse-Amers.

 

روئجي يا تخليق ڪجي؟

هن گهڙيءَ اسان مان ڪير تخليق ڪندو؟

موت جو جواب تخليق ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟

 

سنٽ جان پرس

’اميرس‘

 


 

 

 

 

مان ڪو ڪور ڪاغذ ناهيان

 

مان ڪو ڪورو ڪاغذ ناهيان

جنهن تي چاهيندين جو- لکندين.

ٻار جي ڦرهي ناهيان جنهن کي،

ميساريندو، لکندو رهندين.

ان ڊهندڙ تحرير مان آهيان،

۽ پنهنجي تقدير مان آهيان،

مان آهيان هڪ ازلي ليکڪ

منهنجي اک ۾ سج جو تيک

 

 

(ٽوڙهيءَ واري واقعي)

شرم ٻوٽي

 

شرم ٻوٽي ڇهڻ سان ڪومائجي-

توکي هٿ لايان ٿو، تون ٽڙي ٿي پوين.

 

مان ڪو مضراب آهيان ۽ تون ساز ڄڻ

جو ڇهڻ سان هڪدم ڇڙي ٿي پوين.

 

هير جان ننڊ مان توکي جاڳيان ٿو

۽ تون مکڙيءَ وانگر ٽڙي ٿي پوين.

 

سج جي روشنيءَ جو جهٽي اولڙو

چوڏينهنءَ  چند وانگر کِڙي ٿي پوين.

 

گگدامن تي ڪهل ڪيو

 

ننڍي هوندي ٻڌندو هوس،

ماڻهو چوندا هئا،

جانورن تي ڪهل ڪريو-

انجمنون ٺاهيندا هئا

گهوڙن گڏهن کي مارڻ وارن تي

ڪيس ڪندا هئا-

 

اڄ ڪلهه چوواٽن تي، ميدانن ۾

انسانن کي لڳن پيا چهبڪ

اهڙا ڪي ماڻهو آهن جي

چئي سگهن

انسانن تي ڪهل ڪيو-

-گگدامن تي ڪهل ڪيو!

 

 

 

پنهنجا مٽ چڪائيو

پنهنجو مڌ مچائيو

 

زخم ٻيا سڀ اکين تي

گهورن سان نه گهائيو

 

پرين کان جي پور ملن

سڀ چشمن تي چائيو

 

هاڻ ته سوڪهڙو آهي

هاڻ ته مينهن وسائيو

 

شعر لکي جيڪي تنوير

اوهان انهن کي ڳائيو.

 

 

ڪونج جهڙي ڳچي

ڊيل جان ٽور آ

 

وار  ڀنڀا ڀنل

رنگ ئي اور آ

 

پاڻ خاموش ۽

شهر ۾ شور آ

 

پير پنهنجا ڏسي

جي ڪوئي مور آ

 

دل ۾ آهي اُهو

دل جو چور آ

 

هت پنهون ٿا کڄن

هيءُ ڀنڀور آ

 

 

هائڪو

 

چهرو ڪاوڙيل

۽ ڪالر تي ڪوٽ جي

ٽڙندو گل لڳل.

 

مينهن پيو ڦڙ ڦڙ

پڙهيم ويٺي شاعري

ٿيو ڪانون جو لُڙ

 

الطاف

 

تو سواءِ هيءَ زندگي

ڄڻ ته لوهر جو دڪان

هر گهڙي ڄر ۽ ڄڀي

 

مان نه ساريان هڪ گهڙي

جنهن ۾ پڄري ڪينَ جان

تو سوا هيءَ زندگي

ڄڻ ته لوهر جو دڪان

 

هر گهڙي هڪ مترڪو

هر ڪو پل سنداڻ آ

تون هليو وئي ايئن ڇو

هر گهڙي هڪ مترڪو

 

درد ڪيئن ٿيندو جهڪو

وقت سورن کان آ

هر گهڙي هڪ مترڪو

هر ڪو پل سنداڻ آ

 

الطاف

 

هو پيار ته پنهنجو نڀائي ويو

پر مون کي رڻ ۾ رلائي ويو

هن گهاوَ ته پنهنجا ڪين ڏٺا

پر سنڌ سڄيءَ کي گهائي ويو

 

هو وڻندر هئو، هو خوب هئو

هو مٺڙو هئو محبوب هئو

اڄ نظرن کان محجوب ٿيو

منهنجي اکڙين کي ته سڪائي ويو

 

لڙڪن سان ڪيئن  هي داغ ڊهن

سڏڪن سان ڪيئن هي سور لهن

سي عمر سموريءَ لاءِ ڳهن

هو پيچ جني سان پائي ويو

 

سهڻا گل اڳ ۾ پٽجن ٿا

سونا سنگ پهرين ڪٽجن ٿا

سامي نه گهڻو ڪٿي ترسن ٿا

هو راز اهو سمجهائي ويو

 

ايڏيون ٿو جدايون ڪري جاني

جو ڪين قبولي مهماني

هئي تيار پئي مون وٽ ماني

هو پنهنجو ماڳ مٽائي ويو

ڇاهيءُ به هن جو ماڻو هئو

ڇا هيءُ به ضد ٻاراڻو هئو

هو ماڻهو موتيءَ داڻو هئو

جو سنڌ سڄي جر ڪائي ويو

 

ڪنهن دک ۾ اڪيلو ڪين ڇڏيئين

هر دؤر ۾ منهنجو ساٿ ڏنئين

اڄ پنهنجي اڪيلي واٽ وتئين

هن وياڪل من کي گهائي ويو

 

ڇو ايڏو جلدي هو اسهيو

ڇو ايڏو ٿورو وقت رهيو

هو ماڪ جي بوند ته ڪين هيو

جو پل ۾ مُنهنڙو مٽائي ويو

 

هوءَ ڪهڙي رات اماس هئي

جا چنڊ اسان جو ويئي ڳهي

اوندهه ڪري واسو ويهي رهي

منهن پنهنجو چنڊ لڪائي ويو

 

اڄ ياد ۾ جنهن جي نيڻ ٽمن

اڄ پل پل جنهن جا پور پور

اڄ تَنهن جون ڳالهيون ياد اچن

هئو جيسين سڀن کي کِلائي ويو

 

مان ڪيئن ڪريان مان ڪاڏي وڃان

سڪ هن مان لٿي هئي ڪين اڃان

مان ڪيئن مڃان مان ڪيئن مڃان

هو مون کان پاند ڇڏائي ويو

 

الطاف

 

هن ڀيري ته بهار ۾ گوندر گونچ ڪڍيا

اندر ۾ الطاف جا ور ور وڍ پيا

پيلا گل ٽڙيا من ۾ مونجهن پاڙ هنئي

 

هن ڀيري ته بهار ۾ نسريا آهن سور

ساروڻين سلا ڪڍيا پاڙون هنيون پور

من نه سمجهي مور، پل پل لڙڪ لڙي پون

 

هن ڀيري ته بهار ۾ ڦُٽي پيا ڦٽ

گهاو مليا، جن کي ڪڏهن لَٽي نه وقت جي لَٽ

اندر آ برپٽ، ٻاهر ڇاهي - ڪجهه نه آ

 

پل پل توريءَ تير جان چڀي وڃي ٿو ڀاءُ

تنهنجي وڇوڙي لاءِ ڇا مون کي ڄڻيو ماءُ!

ڪاٿي تنهنجيون ڳالهڙيون ڪاٿي تنهنجو ساءُ

تنهنجو هڪڙو گهاءُ لک زخمن کان وڌ لڳي

 

پيا ٿا چاڪ چڪن چڪندا رهندا عمر ڀر

تنهنجي لاءِ سڪن جي اهي ڀلا ڪيئن ڪن

خوابن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو تنهنجو درشن

هڪڙو هڪڙو کن توريءَ ٽياس ٿو لڳي

 

الطاف

 

پرين ويا پرڏيهه اسان هن ڏيهه ڪُوڙو ڀانيون

 

سامي پهتا ماڳ تنهين

ناهي جنهن جو ڇيهه

اسان هن ڏيهه کي ڪوڙو ڀانيون

 

مون لئه باقي آ بچي

سندي پيرن کيهه

اسان هن ڏيهه کي ڪوڙو ڀانيون

 

تو جو ڏيهه وسائيو

سڀ جو آ ساڻيهه

اسين هن ڏيهه کي ڪوڙو ڀانيون


 

 

تو کي وڻون يا ڪين وڻون ته به

جهڙا آهيون تهڙا آهيون

 

ڏاڍا  ڀاڳن وارا آهيون

پاڻياريءَ سر ٻهڙا آهيون

 

ڪجهه ڏينهن لئه ياد ڪندينءَ تون

تنهنجي جسم تي رهڙا آهيون

 

مينهن! ڀلي وس، وس وس

 هاڻي سالن جا سو ڪهڙا آهيون

 

ماضيءَ تي ٿا پاڻ پڏايو

حال ۾ ڪهڙا آهيو

 

شتر مرغ جان واريءَ ۾ ڇو

پنهنجو منهن ٿا لڪايو

 

پيالو مون ته ڀريو آهي پر

هٿ اوهان جو به وڌايو

 

پوئتي ڏسندي اڳتي وڌبو

ڪيئن ڀلا، سمجهايو

 

ماضيءَ تي ٿا پاڻ پڏايو

حال ۾ ڪهڙا آهيو

 

مان هتان جو ناهيان

 

مان هتان جو ناهيان

مان هتان جو ناهيان

هيءُ ماڻهو اجنبي

هيءُ مٽي اوپري

 

هي ڪڙيون، جي منهنجي پيرن ۾ ڏسون ٿا

سي هنن ماڻهن جي ذهنن جا وڪڙ آهن

تير، جي سيني ۾ منهنجي ويا کُپي

سي هنن جون تيز نظرون

رت جيڪو منهنجي زخمن مان وهي ٿو

سو هنن جو قُوت آ

مان هتان جو ناهيان

مان هتان جو ناهيان

مان ڪٿان جو آهيان؟

 

مان اتان جو آهيان

جت هڪ ٻئي جي سوچ

هڪٻئي لئه گلن جو هار آ


 

 

 

 

 

 

جت مُرڪ جي ديويءَ جو راڄ

جت ٽهڪڙن جا ٻار ٿا رانديون رمن

جت عشق جي ٻيڙي سدائين

حسن جي لهرن جي پينگهي ۾ لڏي

جت خوشيون چڻگائِي تيلين جا ڏکن جي

جهنگ ۾ جهر مر ٿيون ڪن

 

هي شهر آهي ڪو ديون جو شهر

جنهن ۾ ڇرڪن ڇوڪريون

جنهن ۾ ٻارن جون رڙيون

 

ٻاٽ اوندهه ۾ جتي ٿيون ٽيل لئمپ جان

ڀوٽ جون اکيون ٻرن –

(اڻپورو)


 

 

مان ئي آهيان پنهنجو جاني

سبحاني مان اعظم شاني

 

ٻن چيزن ري سڀ ڪجهه فاني

تنهنجو حسن ۽ منهنجي جواني

 

پيار ئي آهي ڳٽ ڳچيءَ جو

پيار ئي آهي ڳچيءَ جي ڳاني

 

نانهه ۾ ڳولي هستي پنهنجي

دل ديواني دل ديواني

 

اکڙين منجهه ڦُٽا ڪانڊيرا

دل جي واٽن تي ويراني

 

پيار اڳيان ٻئي بي معنيٰ ٿيا

ڇا ناداني ڇا دانائي


 

سدائين ائين ڪين گهٻرائبو آ

کُليءَ دل سان ڪڏهين ته ڳالهائبو آ

 

نه شوخن سان دل کي ڪو اٽڪائبو آ

جي اٽڪائبو آ ته پڇتائبو آ

 

ٻين جي اڳيان جيئن شرمائجو ٿا

اسان جي اڳيان ايئن نه شرمائبو آ

 

سچي عمر پڙهبو پيو آ سبق هڪ

پنو عشق جو ڪين اٿلائبو آ

 

زبان مان جڏهن ڪو اکر ڪين اڪلي

انهي وقت اکين سان ڳالهائبو آ

 

اوهان سان رڳو دل کي وندرائبو آ

نه کٽبو ئي آهي نه هارائبو آ

 

ڪڏهن دشمنن ۾ به ڊپ ناهي ٿيندو

ڪڏهن دوستن ۾ به گهٻرائبو آ

 

تڏهن شعر تنوير لکبو آ پاڻهئي

جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ

 

 

راڪ رول

 

ناچ ۾

دائر!

گول گول

سِر ۾ آ

ڪو خمار

راڪ رول

راڪ راڪ – رول رول

 

ٻانهن چيلهه ۾ نه وجهه

 هڪ قدم اڳتي کڻ

هڪ قدم پرڀرو

هڪ قدم پوئتي

مان وڻان توکي، تون

مون کي وڻ

ساز ساڻ سُر ملاءِ

۽ سنڀالي پير کڻ

ايترو نه ويجهو اچ

 

۽ نه ايڏو ٿي پري

توڙي تنهنجي دل چوي

ته به نه لاءِ مون ڳري

ٿورو ٿورو مون ڳري

ٿورو ٿورو فاصلو

آ ضرور

 

ٿورو ويجهو

ٿورو دور

منهنجي سامهون هجين

پوءِ به مون کي ڳول ڳول

ناچ ۾ دائرا

گول گول

راڪ رول راڪ رول راڪ رول

 

منهنجي لئه تون مچ، جو

سيءَ ۾ ٻري پيو

پر جي ويجهو ٿو اچان

ٿو سڙي وڃي وجود

۽اگر پري ٿيان

ڇانئي روح تي جمود

ٿورو ٿورو فاصلو

ٿورو ٿورو قرب آ

 

جيترو به ٿي سگهي

اوترو قريب آءُ

تو تان اول گهول

ناچ ۾

دائرا

گول گول

راڪ رول – راڪ رول

راڪ رول

 

 

درد ئي آهي مسيحا

 

 

 

درد ئي آهي مسيحا

”قم با ذني“ چئي اٿاري

ٿو ڪَئي مردا جياري

درد پيغمبر – انهي جو معجزو آهي سجاڳي!

 

ننڊ موت جي ڀيڻ

لوليون ڏيئي سمهاري

اسرندڙ قومن جا ٻار

ڪي ڳهرجن

ننڊ ڪن ڪي

ڪي وڃن سڪرات ۾

موت جهڙيءَ سانت ۾

 

درد هڪڙو شور

ڄڻ ڪو رعد جو رڙڪو هجي

ٻاٽ اوندهه ۾ جيئن مظلوم جي ڪا چيٽ

جنهن سان

ڳهريل

 

ننڊ ۾ ستل

سڪرات ۾ ورتل

ڀرن هڪ ڇرڪ ۽ جاڳي پون

”قم با ذني“  جي ٻڌن

 

درد ئي آهي مسيحا

”قم با ذني“ چئي اٿاري

ٿو ڪئي مردا جياري

درد پيغمبر –

انهي جو معجزو آهي سجاڳي!

 

 

اوهان سڀ پڙاڏا ٻڌو ٿا

مگر سڏ ٻڌو ئي نه ٿا

اوهان سڀ ڏسو ٿا

رڳو عڪس

پر روشنيءَ ڏي  ڏسو ئي نه ٿا

اوهان ڊوڙو ٿا روز پاڇن جي پويان

حقيقت ڏي ليڪن اچو ئي نه ٿا

هيءَ خوابن جي دنيا، هيءَ خيالن جي دنيا

انهي کان اڳي ڇو وڃو ئي نه ٿا!

 

ابديت

 

هڪڙو سهڻو گل گلابي

پٽي، نپوڙي، چيڀاٽي ۽ چيٿاڙي

اڇليو ويو آ مٽيءَ ۾

اڳ به هئي خوشبو ان ۾ پر

چيڀاٽڻ ۽ نپوڙجڻ کان پوءِ

هٻڪارن جون هيرون آيون

خوشبو جا اوٻارا آيا

جيڪي ڌرتيءَ جي گولي کي ويڙهي ويا.

 

گل ته مٽيءَ منجهه ملي ويو،

ليڪن ان جو واس

ابد تائين پيو لهرائيندو

 

ڌرتي ماتا

 

ڌرتي ماتا

پختا ٿي ويا

تو سان ناتا

تنهنجي ٽاڪ تي رات ڪٽي سين

تنهنجي مٽي نرڙ کي الائي

اوندهه جي سڪرات ڪٽي سين

 

 پنهنجي آتِي آتِي  ڇاتي

 تنهنجي ڇاتيءَ ساڻ ملائي

توکي ڏاڍو ڀاڪر پائي

سمهي پياسين درد دٻائي

جيئن ڪو ننڍڙو ننڍڙو ٻالڪ

ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ منهن پنهنجو

ڀو کان ڇڏيندو آهي لڪائي

 

اوندهه جي سڪرات هجي ڀل

تنهنجي وائي هوندي وات

دل ۾  هوندو تنهنجو درد

تنهنجي سورن جي سوغات

آهيون تو لئه آتا

ڌرتي ماتا!

پختا ٿي ويا

توسان ناتا.

(خيرپور جيل -16 آڪٽوبر، 1979ع)

 

 

 

 

لوهي سيخن جي وٿين مان گذري

هير سرهاڻ کڻي آئي آ

درد جي جهنگ ۾ تنهنجي منهن جي

اجري چانڊاڻ کڻي آئي آ

 

درد جي رات ڊگهي آهي ته ڇا

چنڊ نکري ٿو ٽڙن ٿا تارا

تات تنهنجي ٿي سڀئي درد ڍڪي

مرڪ مرڪن ٿا سدا دل وارا

 

قيد ڪوٽن ۾ ڪڏهن ذهن رهيا

هير ۾ سوچ جي خوشبو گُهلندي

ڦهلجي ويندي جا هر وسعت ۾

ديس جي هر ڪا گهٽي واسيندي

 

(سکر سينٽرل جيل -28 آڪٽوبر 1979ع)

 

 

اميٽيشن جي پٿرن وچ ۾ سچو  موتي ٿو شرمائي

مورک ماڻهن جي مجلس ۾ شاعر ڪيئن ڪو شعر ٻڌائي

 

شهر تي ديون جو آ قبضو ماڻهو ماڻهو پنڊ پهڻ ٿيو

جادو ٽٽندو، ٽٽندو، نيٺ ته ٽٽندو ليڪن ڪڏهن الائي

 

ٽاڪ منجهند جو سج گرهڻ ٿي پکي هليا ويا واهيري ۾

اوندهه آهي، رات نه آهي، پوءِ ڀي ڇو ٿي دل گهٻرائي

 

چنڊ تي ماڻهوءَ پير رکيو آ تارن ڏي ٿو تاڻي هاڻي

درسنين سان هاڻ نه سگهندو ڪو ڀي من جو رام ريجهائي

 

جيڪو گدرو خوشبو ڏيندو سڀ کان اڳ ۾ ڳترا ٿيندو

پڪل ميوو ڪيئن ڀلا سرهاڻ ڏيڻ کان پاڻ بچائي

 


 

 

 

 

 

منهنجي جهوليءَ ۾ گل آهن

تنهنجي هٿ ۾ پٿر آهن

 

دل جو حال نه لکجي سگهبو

ڪورا سارا ڪاڳر آهن

 

هاڻ  نه ڳوڙها اگهجي سگهبا

نيڻ سمورا ساگر آهن

 

ڳيرا ڦرندي ڪرندي پٽ تي

بندوقن جا فائر آهن

 

او الله جا تصور

تو ۾ سڀ ڪجهه آهي –

تقدس، قهر جبر، ۽ رحم

تنهنجا نوانوي نالا

 پر تو ۾ هڪ شيءِ ڪانهي

سا آهي انسانيت!

 

 

جهڙ ٿيو مينهن ٿو وسي سائين

ڪوئي دل منهنجي ٿو کسي سائين

 

ڀل چوي پوءِ چنڊ کي سهڻو

پهرين منهنجو پرين پسي سائين

 

ڀٽڪي ڀٽڪي مان واٽ لهندس نيٺ

مون کي ڪو ئي نه ڪجهه ڏسي سائين

 

ڪهڙي امرت جي آ طلب ان کي

 تنهنجي چپڙن تي جو رسي سائين

 

هن حياتيءَ تي ڀروسو ٿي ويو

پيار جي ئي ته ڀروسي سائين

 

 

نيڻ ته نيل ڪمل

آلا ماڪ ڀنل

شيمپو، وار ڪٽيل

پنبڻيون مٿي وريل

سرخي، چپ چميل

لڄ کان ڳاڙها ڳل

ڄڻ ڪو روج لڳل

گل جان ٽهڪ ٽڙيل

 ڇاتيون، ڇلندڙ جل

تون مان مينهن اٺل

ساوا گاهه ڦُٽل

ڳاڙها گل ٽڙيل

 ڏاڍا رنگ رتل

ڏاڍي موج متل

کنوڻين کيج ٿيل

هينئين هيج اٿل

من ۾ موج متل

دل ۾ درد دٻيل

 پريت جا پيچ پيل

 تون ماٺ مٺل

اکڙين ڳالهه چيل

جڳ ۾ هُل متل

اهڙا پيارا پل

اهڙا سرها پل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org