سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :3


چمن ۾ آهي اي دل موسمِ بهار اڃا
خدا ٿو ڄاڻي رهان ڇو ٿو بيقرار اڃا

 

مدد اي دستِ جنون آهي ننگ و حشت هي
جو آهي رهجي وئي دامن ۾ هڪڙي تار اڃا

 

هينئر نه روڪ روئڻ کان تون مون کي اي همدم
اکين ۾ اشڪ ڪي آهن رهيل ٻه چار اڃا

 

فريب ڏئي لٽيو ٿي اسان کي راهبرن
انهن ئي رهزنن تي ۽ اعتبار اڃا

 

احيا ڏسان ٿو فضائي چمن تي ويراني
نگاهه ناهي ٿي مانوسِ نو بهار اڃا

 

زمانو ٿيو جو چمن پنهنجو هي ويو لُٽجي
اچي ٿو ياد پر افسانئهِ بهار اڃا

 


 

 

ٿيان ٿو نذرِ قضا هاڻ مان محبت ۾
حيات منهنجي تون مون کي ڀلي پڪار اڃا

 

اڃا ته جامه دري آهي پنهنجي ئي وس ۾
جنون ۾ دل تي رهي ٿو ڪجهه اختيار اڃا

 

ٿي جنهن نگاهه سان منهنجي حيات وابسته
انهي نگاهه سان مون ڏي پيو نهار اڃا

 

بهار آيو ته ڪهڙو چمن ۾ هي يا رب
ڏسان ٿو گل جي گريبان کي تار تار اڃا

 

سکن ته اهل چمن ڪجهه بهار جا آداب
بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃا

 

هي اشڪهائي مسلسل هي داغهائي جگر
گذشته دوءر جا آهن هي يادگار اڃا

 

اهو فسانو حقيقت به جنهن کي داد ڏنو
ٻڌاءِ مون کي او تنوير بار بار اڃا

 

 

 

 

نوان فتنا نوان طوفان کڻي دل ۾ قرار آيو
الاهي خير جو منهنجي چمن ۾ اڄ بهار آيو

 

جڏهن مان زندگانيءَ کان ويس ٿي تنگ دنيا ۾
تڏهن اي موت تنهنجي اهميت تي اعتبار آيو

 

ازل کان وادي الفت ۾ اڄ تائين ڏٺو آ مون
ويو جو مُرڪندو ۽ جيڪو آيو اشڪبار آيو

 

خزان جي خون جي سرخي گلن ۾ اڄ ڏسان ٿو مان
به اندازِ  دگر منهنجي چمن ۾ اڄ بهار آيو

 

ملائِڪ خود ٿيا حيران انهي جي جرمِ جرات تي
کڻي سو بارِ عصيان پيڪرِ مشتِ غبار آيو

 

يقين ڪهڙو رکي سگهندو اهو تنوير ڪنهن شي ۾
نه جنهن کي زندگيءَ ۾ زندگيءَ  تي اعتبار آيو

 

 

 

ديدهِء  شوق  کي جلون جي مقابل ته ڪريون
حيرتِ ديدِهء حيران کي ڏسي رهنداسين

 

سنڌ، جيڪو به مٽائڻ ٿو گهري تنهنجو وجود
اهڙي ڪم ظرف ۽ نادان ڏسي رهنداسين

 

اچ ته روشن ڪريون اڄ صبح وطن کي تنوير
ظلمتِ شامِ غريبان کي ڏسي رهنداسين

 


 

ڪيئن ٿي سگهي ڪو  رحمتِ يزدان کان بي نياز
انسان جڏهن نه ٿي سگهيو انسان کان بي نياز

 

کائيندي زندگيءَ ۾ فريبن پٺيان فريب
منهنجي نظر  ٿي جلوهِ  جانان کان  بي نياز

 

ڪنهن جي وڃڻ سان بزم ۾ هڪ ٿرٿلو متو
هي ڪير ٿي ويو محفل يار ان کان بي نياز

 

اهڙو به وقت عشق ۾ ايندو آهي ڪڏهن
جو درد ويندو آهي ٿي درمان کان بي نياز

 

مان ڪهڙي فڪر ۾ پيس الجهي اي دوست اڄ
جو ٿي ويس مان زلف پريشان کان بي نياز

 

 

اڄ تمنائون ٿيون وري بيدار
يعني دل جي چمن ۾ آئي بهار

 

ڪنهن جي قدمن نوازيو هن کي
مسڪرائي ٿي  ڇو هي راهگذار

 

بي نياز آهي سا مسيحا کان
جنهن کي سڀ ٿا چون دلِ بيمار

 

مون کي پو صبر جي ڪر تلقين
پهرين  دل کي ته پنهنجي پاڻ سنڀار

 

نغمِئه  انقلاب ڇيڙ يندي
منهنجي دل جي اها شڪسته تار

 

 

اوهان جو درد آ جيڪو ٿو ڌڙڪي
اسان جي سيني ۾ ڪا دل نه آهي

 

سڪون دل جو جتان آندو هئو سين
رهي باقي اها محفل نه آهي

 

اسان جو ذوق ٻيو ڪجهه ئي ٿو ڳولي
هي منزل پنهنجي لئه منزل نه آهي

 

هتي ڪجهه راهبر آهن مسلطـ
هي منزل پنهنجي لئه منزل نه آهي.

 

 

نينهن  جو مينهن  ڪو وَساءِ پرين
باهه دل جي اچي وِساءِ پرين

 

ساهه کي منهنجي جيڪو سيبائي
گيت اهڙو اچي ٻڌاءِ پرين

 

ڪنهن نڀايو نه آهي ڪنهن سان پر
نينهن مون سان تو نڀاءِ پرين

 

آ رهاڻيون ڪريون ڪي پل ويهي
آيون چانڊوڪيون پنهنجي لاءِ پرين

 

نيڻن آهي ڏئي ڇڏيو نياپو
ڪا ته منزل کڻي ٻڌاءِ پرين

 

مان چڪي پي چريو ٿيو آهيان
سڪ ۾ هاڻي نه تون سڪاءِ پرين

 

دل تي تنوير ڪهڙو وس آهي
جي لڳي وئي ته پوءِ لڳاءِ پرين

 


 

هڪڙي سرڪ پيار

 

هڪڙي سرڪ پيار – ساقي

مون کي هڪڙي سرڪ پيار

 

مکڙيءَ  ڏي ڏس ڪيئن ٿي مرڪي
منهنجي پيئڻ تي دل ٿي سرڪي

 

موٽي آيو بهار – ساقي

مون کي هڪڙي سرڪ پيار

 

دل کي پياس اڃا ڪجهه آهي
تو ۾ آس اڃا ڪجهه آهي

 

منهنجي آشا جيار – ساقي

مون کي هڪڙي سرڪ پيار

 

سرڪ پيان ۽ سرت وڃايان
مان هيراڪ ازل کان آهيان

 

مون کي ڪجهه ته ڏيار – ساقي

مون کي هڪڙي سرڪ پيار

 

جيئڻ تي ويساهه نه آهي
اڄ آ سڀاڻي  ساهه نه آهي

 

گذريل وقت سار – ساقي

مون کي هڪڙي سرڪ پيار

آزاديءَ جي عيد

 

آزاديءَ جي عيد ملهايو

دل جا دک اڄ دل ۾ لڪايو
آزادي جي عيد ملهايو
آهون پنهنجي دل ۾ دٻائي
آزاديءَ جا گيت ڳايو
دودي کي اڄ گهر ڏي اماڻي
شاهه چنيسر کي ئي بنايو
ڀل لٽجي مارئيءَ جي عصمت
گيت عمر جا زور سان ڳايو
 آزادي جا مفت ملي آ
تنهن ۾ گڏجي عيش اڏايو
آزاديءَ جي نالي سان ئي
پنهنجي پنهنجي دل پرڀايو

 

آزاديءَ جي عيد ملهايو

 

آزادي، افلاس جي ماريل
 ويٺي آهي آس لڳايو
چپ تي ان جي آهي صدا هيءَ
آزاديءَ کي ڪجهه ته ڏياريو
هيءَ آزادي آهي اگهاڙي
آزاديءَ کي ڪجهه پهرايو
هيءَ آزادي آهي بکايل
آزاديءَ کي ڪجهه کارايو
ميرن ڦاٽل ڪپڙن  ۾ هوءَ
 عرض ڪري ٿي عرض اگهايو
ها اي آزاديءَ جا سپوتو
پنهنجي  وک کي اڳتي وڌايو
گدليءَ ميريءَ  آزاديءَ کي
ڊوڙي وڃي اڄ ڀاڪر پايو

 

آزاديءَ جي عيد ملهايو

 

آزاديءَ جي اڃ کي اجهايو
آزاديءَ کي خون پياريو
دوست اسان آزاديءَ جي لئه
ڇا قربان ڪيو هو ٻڌايو
آزادي اڄ قربانيءَ جو
قرض گهري ٿي – قرض چڪايو
ساڙي جيڪا ڪوٽ عمر جا
دل ۾ اهڙي باهه دکايو

 

آزاديءَ جي عيد ملهايو


 


 

آ گيت پريت جا ڳايون

 

آ گيت پريت جا ڳايون

نغمن ۾ هستيءَ کي وڃائي هو اتي اڄ لهرايون
جهرڻن مان  ڪي سُر چورائي مٺڙا ساز وڄايون
پاڻ سان گڏ هن جڳ کي ڀي گيتن جي لئه ۾ وڃايون

 

آ گيت پريت جا ڳايون

 

آ چنڊ سان راند رچايون

لهرن ٿي ۽ هنج ۾ پنهنجي چانڊوڪي کي لوڏيون
بادل ٿيون ۽ اڀ ۾ چنڊ جي منهن کي لڪايون کوليون
 اچ ته چڪور جان پنهنجي من کي چنڊ ڏي هاڻِ اڏايون

 

آ چنڊ سان راند رچايون

 

آ گلڙن سان لنو لايون

هير ٿي ۽ پرڀات جون پنهنجون جهوليون ڀريون خوشبو سان
ماڪ ٿي ۽ ڪي رنگ چورايون مکڙين جي ته ڳلن مان
ڀونئر ٿي گل گل جي چوڌاري ڦيرا هر هر پايون

 

آ گلڙن سان لنو لايون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org