سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :25

 

 

 

ڪيڏارو

(داستان ٽيون)

 

 

منهنجي علم ڪتاب کي، سڙيلن ساڙيو،

پنهنجو منهن ڪارو، ان جي دونهين سان ڪيئون.

 

باهه نه ساڙي علم کي، علم ته خود ئي آڳ،

وڌندي رهندي سنڌڙي، هر پل پنهنجي ماڳ،

تن لئه آهي نڀاڳ، جيڪي روڙاهه راهه جا.

 

ڪتابن ۾ ڇاهه، دل دل دفتر درد جو،

باهه نه ساڙي علم کي، جيڪو ان ۾ آهه،

من من ۾ آڙاهه، دل دل ۾ دونهون دکي.

 

سنڌالاجي ڇا سڙي، ڄڻ روشن ٿي وئي واٽ،

ٻرندي رهندي لاٽ جاهل علم نه ٿئي فنا.

 

الا کر جيئن، شل عمر وڏي تن کي ملي،

کلندي وڌندي ويجهندي، ڀلي سنڌ ڏسن،

تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ ساڙ ۾.

 

رسالو سڙندو ڏسي، مرڪيو ڀٽ جو گهوٽ،

سڙي نه سگهندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ،

ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ، جنهن لئه سر صدقي ڪندا.

 

ويري ماري جک، آڏو منهنجي علم جي،

ساڙن ٿا جيڪي پوي، تن جي منهن ۾ رک،

محبت جن جي من ۾ تن جا ڪک به لک،

ڪاريءَ وارا ڪک، ويري تنهنجي پاند ۾.

 

پروميٿيس* آڻين، اڀ مان علم اڃا به ٿا،

توڙي پيرن ۾ ڪڙيون ته به ڏياٽيون ٿا ٻارين،

تاڏي ٿا تاڻين، جاڏي انت نه آهه ڪو.

 

 

ڪيڏارو

وائي

ڀڙڪي ڀڙڪي باهه،

مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ.

 

دل دل ۾ دونهون دکي،

اکڙين ۾ آڙاهه،

مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ.

 

شعلا شعلا چوطرف،

روشن ٿي وئي راهه،

مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ.

 

ڪوٺاريءَ ۾ سون جان،

سچ به سڙندو آهه،

مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ.

 

جي به گهڙا پيلا هئا،

پڪا ڪيا آڙاهه،

مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ.

 

سنڌالاجي ڇا سڙي،

ڄڻ روشن ٿي وئي راهه،

مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ.

 

البيلي آڙٻنگ نشيلي جيڪا سندر ناري آهي،

انگرون جي سا ول آهي، ٽانگر جي سا ٽاري آهي.

 

جا شي دل کي ويجهي آهي سا شي دل کي پياري آهي،

پنهنجي لڳي ٿي هر سهڻي شي توڙي جو سا ڌاري آهي.

 

وار ونگوڙآ لهرون لهرون ڪوئي ڪارونڀار اکين ۾،

بادل ڄڻ برسڻ وارو آ ڄڻ وڄ چمڪڻ واري آهي.

 

عشق ڪرڻ وارا ئي آهن جيڪي جيءُ وجهن ٿا جوکي،

ڪنهن کي ڪوڙي آهه حياتي جان سڀن کي پياري آهي.

 

تنهنجي وڃڻ کان پوءِ جي گل به ٽڙيا ته به روح نه ريڌو منهنجو،

تون نه هجين پوءِ ڪيئن چوان مان آئي مندبهاري آهي.

 

تنهنجي آئي گل گلزاريون توکي ڏٺي ڀرپور بهاريون،

مون سان گڏ ويرانن ڀي پئي تنهنجي واٽ نهاري آهي.

 

پيار سوا آ عمر اڌوري عشق سوا ڪا ڳالهه نه پوري،

نينهن سوا جن گهاري آ تن عمر اجائي گهاري آهي.

 


 

ڇو ايڏو مايوس ٿيو آن تو ڇو دلڙي هاري آهي،

صبح به ايڏو روشن هوندو رات به جيڏي ڪاري آهي.

 

مڌ پيتي سين توکي ياد ڪيوسين ۽ ڪجهه شعر لکياسين،

هيل اسان مند مينهوڳيءَ جي سهڻي ريت گذاري آهي.

 

توڙي گهر گهر بدنامي ٿي يا گوشي ۽ گمنامي ٿي،

او دل او دل مون تڏهين ڀي تنهنجي ڳالهه نه ٽاري آهي.

 

ساڳي ڳالهه ته ٻيا ڀي چوندا پر تنوير کي ڍنگ آ پنهنجو،

هن جي پريت به نياري آهي هن جي ريت به نياري آهي.

 


 

 

 

ٻڌون ٿا هيءَ رات آ مستقل ــــ

چون ٿا ته هن رات جو صبح ڪونهي،

چون ٿا ته اڄ واري اونداهه بي انت آهي.

چون ٿا ته اڄ وقت بيهي رهيو آ ــــ

چون ٿا ته تاريخ جا پير ڪپجي پيا آهن.

ٻڌون ٿا ته اڳتي وڌي ڪين سگهندي.

چون ٿا سرءُ باغ ۾ آئي آ جا اها ڪين ويندي.

وري گل نه ٽڙندا ۽ ساوڪ نه ٿيندي.

ڪروڙن شهيدن جو رت ڀي گلن جي ٽڙڻ جو سبب ڪين ٿيندو.

ڀلي ڪي ئي منصور ڦاهيءَ چڙهن پر،

انالحق جو نعرو ڪٿي ڪين ٻڌبو.

چون ٿا ته هيءَ رات آ مستقل ــــ

ٻڌون ٿا سرءُ باغ ۾ ائي آ جا اها ڪين ويندي....

 

اهو ڪوڙ آهي،

اهو ڪوڙ آهي.

 

ڪڏهن وقت هڪ جاءِ بيٺو نه آهي،

۽ تاريخ پٺتي نه موٽي سگهي آ.

ڀلي رات ڪيڏي به تاريڪ آهي،

مگر صبح ان جي مقدر ۾ آهي.

 

سرءُ ڪيڏي سفاڪ ٿئي پر تڏهن ڀي،

نوان گونچ گل نيٺ ٽڙندا ۽ مکڙيون به ٽڙنديون،

نه ڪو وقت جي پير ۾ نوڙ پئجي سگهيو آ،

نه تاريخ جا پير روڪي سگهيو ڪو.

شهيدن جي رت مان سحر نيٺ ڦٽندي،

سحر نيٺ ڦٽندي.

 


 

 

هيءُ جو سج اڀريو آهي،

منهنجو رت ڦڙو آهي.

 

سنگينن جي چنهنبن مان،

مون رستو ٺاهيو آهي.

 

ڌاريو آخر ڌاريو آ،

پنهنجو پوءِ پنهنجو آهي.

 

ڪنهن جي ڏاهپ جي آڏو،

ڏاڍو هيڻو ٿيو آهي.

 

پڃرو ٿي ويو آ پرزا،

پکيءَ ڏنو ڀڙڪو آهي.

 

هن تي رت جا داغ ڏسو،

هيءُ منهنجو پيرو آهي.

 

نرمل اجرو آهي من،

لڙڪن سان ڌوتو آهي.

 

دوکو ڏئي ٿو جيڪو چئي،

هيءَ دنيا دوکو آهي.

 

ڇا به ٿئي جڳ ۾ تنوير،

جهڙو هئو اهڙو آهي.

 

 

 

ڇا آهي هن پار ــــ نه ڄاڻان يار،

ته ڀي هي پار ته پيارو آهي.

 

هتي مٺا محبوب ــــ وڻن ٿا خوب،

جن سان جڳ اجيارو آهي.

 

هتي ته مکڙيون ماڪ پرهه جا پياڪ،

جن کي مئه جو سهارو آهي.

 

هتي چٽي پرڀات ــــ پکين جي لات،

سمو ڪيڏو سونهارو آهي.

 

رنگا رنگي رنگ ــــ پرينءَ جو سنگ

بهشتن جو ته نظارو آهي.

 

انهن جي لئه اونداهه ــــ نه ڪائي راهه،

جني جو اندر ڪارو آهي.

 

 

 

 

مان مرندو ناهيان مان جڳ ۾ ور ور ايندو آهيان،

لوڪ جڏهن گونگو ٿيندو آ مان ڳائيندو آهيان.

 

پنهنجي رت مان ٽڙندو آهيان بنجي گل گلابي،

ٽاريءَ تي لڙڪي سوريءَ جي زينت ٿيندو آهيان.

 

ڪوڙ جڏهن چڙهندو آ چوٽ ته سڏ ٿيندو آ مون کي،

نعرا هڻندو ڪوڙ جا ڪنگرا مان ڊاهيندو آهيان.

 

ماڻهن ليکي ماڻهو آهيان پوءِ به الائي ڇاهيان،

ڪڏهين ڏيئو ڪڏهين گل ــــ مان ويس مٽيندو آهيان.

 

مان تنوير به آهيان سائين مان تنوير به ناهيان،

پنهنجي پياري کي پهچڻ لئه ڇا ڇا ٿيندو آهيان.

 

 

 

 

 

 

 

 

پنهنجا سور سڀاڳا آهن،

ننڊ نڀاڳيءَ مان جاڳائن.

 

پنهنجو نينهن نرالو آهي،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي جو چاهي.

 

پنهنجو پيار به پارس آهي،

لوهه لوهه کي سون بنائي.

 

پنهنجا ٻول به امرت آهن،

مرندڙ قوم کي جيڪي جيارن

 

پنهنجي مٽي سُرهي آهي،

جڳ ۾ جا خوشبو ڦهلائي.

 

پنهجا راڳ نيارا آهن،

سکڙن جا سانڀارا آهن.

 

 

 

*

هاءِ اڄ جي رات ڪهڙي رات آ،

مئه نه آ مون وٽ نه ڪا برسات آ.

 

سي پرين ديوار جي هن ڀر وسن

جن سان ريڌل لات آ، ۽ ڏات آ.

 

هيءُ جڳ اوندهه آ، انڌوڪار آ،

تنهنجو من ڄڻ پرهه آ پرڀات آ،

 

تنهن پکيءَ جي ڀاڳ ۾ ئي ڪان آ،

جنهن لنوي ڪائي به مٺڙي لات آ.

 

کوهه ۾ پئي چنڊ جو جيئن اولڙو

روح ۾ تيئن ڪنهن پرينءَ جي جهات آ.

 

هو نڪو ماڻهو نڪو آهن ملڪ

نينهن وارن جي نرالي ذات آ.

 

 

 

 

سوکي منهنجي سڪ،

آڇيان ويٺو عام کي.

 

پور پويان ئي پڌرا،

ڪانهي ڪائي لڪ،

آڇيان ويٺو عام کي،

 

منهن مان جرڪي  نينهن ائين،

جيئن اس ۾ ڪا ٽِڪ،

آڇيان ويٺو عام کي.

 

هر ماڻهو محبوب آ،

هيءَ سانگين جو سڪ،

آڇيان ويٺو عام کي.

 

سهسين ماڻهو ديس جا،

آس تنين جي هڪ،

آڇيان ويٺو عام کي.

 

هيءَ امرت جي پيالڙي،

وِهه دريا جي ڀڪ،

آڇيان ويٺو عام کي.

 

سنڌ سندي تنوير چئي،

مون کي آ جا سڪ،

آڇيان ويٺو عام کي.

 

 

او تنوير اسان ستلن جي ننڊ ڦٽائڻ آيا آهيون،

اسان ته شاعر آهيون سائين اسان ته ڳائڻ آيا آهيون.

 

تنهنجي در کي کڙڪايوسين ۽ تو اسان کي پينو ڀانئيو،

گيڙو ويس ڍڪي ڪشتي مان نينهن ورهائڻ آيا آهيون.

 

تو ڪيئن ڀانيو هن محفل ۾ پاڻ وڻائڻ آيا آهيون.

اسان ته ان پاڻيءَ مان ڪائي چڻنگ دکائڻ آيا آهيون.

 

جن کان حال لڪايو سين ٿي تن کي ئي دل ڏيئي ويٺاسين،

جن کان درد لڪايو سين ٿي تن کي ٻڌائڻ آيا آهيون.

 

منهنجا شعر پرهه جي ماڪ جان مارڳ تي وسندا ئي رهندا،

ايندڙ وقت جي واٽهڙن لئه پاڻ وڃائڻ آيا آهيون.

 

آيا آهيون زوراور جو زور گهٽائڻ آيا آهيون،

هيڻن ۽ بي زورن کي شهزور بنائڻ آيا آهيون.

 

 

 

 

نه ڏس آسمان ڏي،

نه ڏس آسمان ڏي،

 ملائڪ نه لهندا،

نبي ڪونه ايندو،

هي دک جو اسان تي،

آ نازل ٿيو ان جو،

ڪو عيسيٰ اچي ۽ مسيحا نه ٿيندو،

اسان پاڻ پنهنجا مسيحا،

اسان پاڻ پنهنجا پيغمبر،

اسان پاڻ ئي قافلو پاڻ سرواڻ آهيون

اسان پاڻ ئي پنهنجو نرواڻ آهيون.

اسان پاڻ ئي پنهنجو نرواڻ آهيون.

اسان پاڻ ئي رات جي رڻ جا راهي،

اسان پاڻ آهيون پرهه جا پيغمبر،

اسان پاڻ رهبر،

اسان پاڻ رهبر.

 

وري شعر تنوير نازل ٿين ٿا،

ثمر سوچ جا نيٺ هاصل ٿين ٿا.

 

جو سالم بچو آ ڪچو نينهن تنهنجو،

جي گهايل ٿين ٿا سي ڪامل ٿين ٿا.

 

پرين پور تنهنجا سدا پوپٽن جان،

اچن ٿا گهڙيءَ پل ۾ زائل ٿين ٿا.

 

سي ڄاڻن ٿا ڪيئن گهارجي زندگاني،

جي ماڻهو محبت جا قائل ٿين ٿا.

 

جني وٽ محبت سچائي به تن وٽ،

جي نفرت ٿا ڌارن سي باطل ٿين ٿا.

 

اسان اڄ ڪسڻ کان ڀلا ڇو ڪٿايون،

پرين پاڻ ئي جڏهين قاتل ٿين ٿا.

 

جهلن ٿا پيئڻ کان اسان کي جي زاهد،

پيئڻ ۾ اسان ساڻ شامل ٿين ٿا.


*. پروميٿس: هڪ يوناني ديو مالائي ڪردار، جنهن کي علم جي باهه چورائڻ جي ڏوهه ۾ اڄ تائين پيرن ۾ ڪڙيون وجهي قيد ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org