سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :29

 

 

ماضي سچ ڪڙو ڪو

ڄڻ ڪو مڌ پرو ڪو

 

جيڪو خواب ڪلهوڪو

سوئي سچ اڄوڪو

 

سڀڪو سپنا ماڻي

ساڀيان ماڻي ڪو ڪو

 

اسان ملائڪ ناهيون

او لوڪو او لوڪو

 

گل ڇڻڻ جو ڪاٿي

تو آواز ٻڌو ڪو

 

 

ٿڃ جي گوهي جيان

شعر نڪتو ذهن مان

 

ڄڻ ته ڏينهون ڪو کليو

ڄڻ ڦٽيءَ آ منهن ڪڍيو

 

ڄڻ ته اڪ ٽٽڙيو اڏيو

واءَ تي ترندو ويو.

 

 

 

ڪيستائين مجاز جون ڳالهيون

هاڻ هلنديون نه راز جون ڳالهيون

 

تون نه سمجهين ۽ مان ڪندو ٿو وتان

شعر پنهنجي ۾ راز جون ڳالهيون

 

حسن آڏو جهڪي ڏسي هڪبار

پوءِ ڪري ڪو نماز جون ڳالهيون

 

 

تون ياد اچين ايئن جيئن هير گُهلي ٿي

اڻڄاتي خوشي ڄڻ منهنجي جهوليءَ ۾ جُهلي ٿي

 

ڄڻ ماڪ پوي ٿي ۽ ڪا ٿڌڪار ٿئي ٿي

ڄڻ صبح ٿئي ٿو وري مکڙي ڪا کُلي ٿي

 

ايئن پيار جي هٻڪار وڃي ڦهلجي جڳ ۾

ڄڻ شهر ۾ افواهه ٿي ڪا ڳالهه هُلي ٿي

 

ڪيتريون سهڻيون مورتون

تنهنجي مورت ڪٿي

 

ڪيتريون مهڻيون مورتون

تنهنجي مورت ڪٿي

 

شهر جي شور ۾ تنهنجي آواز کي

مان سڃاڻي وٺان

 

تون گلن ۾ لڪي جي وڃين

تو کي ڄاڻي وٺان

 

هيءُ نوري نظارا لڪائي سگهن

ٿا نه توکي ڪڏهن

 

منهنجي دل تان مٽائي سگهن

ٿا نه توکي ڪڏهن

 

گوڙ ۾ گم ته ڀي تو کي ڳوليان پيو

تو کي ڳوليان پيو  توکي ڳوليان پيو

 

 

 

 

سو ڪَهِڙي تي ساوڪ آئي سانوڻ مينهن پيا

تو سان نينهن ٿيا

 

ڳاڙها پيلا ناسي نيلا ڄڻ ڪي گل ٽڙيا

تو سان نينهن ٿيا

 

مڌر مڌر هئي سانت ائين ڄڻ ڪي ئي ساز ڇڙيا

تون سان نينهن ٿيا

 

ڪين وريا، سي، جيڪي اونهين اکڙين منجهه گهڙيا

تو سان نينهن ٿيا

 

مڌ پي جي نه لڏيا ڪڏهين  سي توکي ڏسي ٿڙيا

تو سان نينهن ٿيا

 

رات اسان جي من جي اڀ تي ڪي ئي چنڊ کڙيا

تو سان نينهن ٿيا

 

 

 

مون توکي هٿ ڏنا

ان لاءِ ته ڪم ڪرين

۽ تون انهن هٿن کي

گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ هر ويلي

دعا جي لاءِ کڻين

 

 

ڪهڙا گهيڙ ڏسون

ڪهڙا گهاٽ پڇون

تنهنجو نانءُ وٺون

ترندا تار وڃون

 

ترسون ڪيئن ڀلا

من ۾ آڳ الا

ترسون جي – پڄرون

ڪهڙا گهيڙ ڏسون

 

ڪوئي ساٿ هلي

آهي جي ته ڀلي

هيکل ورنه هلون

ڪهڙا گهيڙ ڏسون

 

پيرو ناهي ڪو

بلڪل نئون رستو

ڪنهن جا پير کڻون

ڪهڙا گهيڙ ڏسون

ڪهڙا گهاٽ پڇون

 

 

 

گهٽين ۾ رلون ٿا

ٿڙون ٿاٻڙون ٿا

 

گهڻو ئي پيئون ٿا

۽ ٿورو جيئون ٿا

 

جي الزام اچن ٿا

ته چُپ چُپ ٻڌون ٿا

 

اتان ٿو کڻي جڳ

اسان جت ڇڏيون ٿا

 

اوهان  ڏي ڏسون ٿا

غزل ڄڻ  لکون ٿا

 

اوهان پٿرن کي

اسان ئي گهڙيون ٿا

 

 

 

هيءُ ڪنهن جو لاش آ

جنگ جي ميدان ۾

ڪهڙو پاسو زور ٿيو

ڪهڙو پاسو گهٽ رهيو

ڪنهن جو رت هاريو گهڻو

ڪنهن کي ڌڪ ڳؤ را لڳا

ڪنهن کي ڌڪ ٿورا لڳا

ڪنهن کي گهرا گهاءَ ٿيا

ڪنهن کي هلڪا زخم ٿيا

 

ڪير آ ڪڙجي ويو

ڪنڌ ڪنهن جو آ جهڪيو

ڪنهن تي بم برسيا گهڻا

ڪنهن جا گهر سڙيا گهڻا

ڪهڙي پاسي جا گهڻا

ٻار ٿيا آهن يتيم

ڪنهن طرف رب ڪريم

 

ڪهڙي پاسي باهه گهٽ

ڪهڙي پاسي آهه گهٽ

ڪهڙي پاسي سور گهٽ

ڪنهن طرف مجبور گهٽ

هيءُ ڪنهن جو لاش آ

جنگ جي ميدان ۾

 

 

هن جا پاسي آ کٽيو

يا انهي هارائيو

هيءُ ٿيو آهي شهيد

يا جهنم ۾ رسيد

رحمتون ڪنهن تي وسيون

لعنتون ڪنهن تي وسيون

 

هيءُ جنهن جو لاش آ

توڙي ان آهي کٽيو

يا انهيءَ هارائيو-

هيءُ منهنجو لاش آ

هيءُ تنهنجو لاش آ

هن نڪو آهي کٽيو

۽ نه آ هارائيو

 

مات ٿيا سين تون ۽ مان

مات ٿي انسانيت

سر جهڪائي شرم کان

بيٺي آ رحمانيت

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org