سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪنڊڙي وارن جو ڪلام

روحل فقير ۽ مراد فقير

صفحو :7

 

 

فقير مراد صوفي

 

 

 

سنڌي ڪلام

 

 

معرفت

 

 (1)

سا مـَـن(1) سک(2)  ”مراد چوي، جا پر پتنگن،
اچن اَجـَـلَ سامهان، سـِـرَ جو سانگ نه ڪن،
جن کي موت مشاهدو، سي رَتي ڪين رهن،
ساعت سين نه سهن، پاڻ برابر پـِـرَ جي.

 

(2)

جي اچين تان اچ، اَٿـِـي اڄ  ”مراد“  مشاهدو،
پـَـئـِـي پروانن جان، رنگ پريان جي رَچ،
پـَـسي موٽ مَ مـَـچُ، اَٿـِـي سـِـرَ جي ساٽي سـُـپرين.

 

(3)

جي ٻارين تان ٻار، اندر باهه برهه جي،
مٿي مچ،  ”مراد“  چئي، ڪئي پتنگن پچار،
ته جيئري جانب نه مـِـڙي، توڻي حيلا ڪرين هزار،
دوساڻيءَ درٻار، ٿا مـُـوا ڪن مشاهدو.

 

(4)

جي اچين تان آءُ، اَٿـِـي اڄ  ”مراد“  مشاهدو،
پئہُ تون پروانن جان، مٿي عشق اُهاءُ،
ترس مَ پـَـسي تاءُ، اَٿـِـي سـِـرَ جي ساٽي سـُـپرين.

 

(5)

محبت جي ميدان ۾، ڏيڻ سر ثواب،
جو آڏو عجيبن کي، آهي هئڻ جو حجاب،
مـَـرُ ته ٿئين،  ”مراد“  چوي، محبوبن جو باب،
جئن سو گل گلاب، ٿـِـي(1) پيش چـُـڪايو پاتشاهه.

 

(6)

جي تون عاشق آهئين، وڃي سور وِهاءِ،
سدا سـِـڪ پرين جي، اندر روح رِهاءِ،
اکين منجهه  ”مراد“  چئي، ڪر جانب جي جاءِ،
پل پل ۾ پيو پاءِ، سـُـرمون سپرين جو.

 

(7)

جي تون سچي ساهه، آهي سـِـڪَ پرين جي،
ته مـُـڙج مَ ملامت کون، هيءَ رهبر اَٿـِـي راهه،
ٻـُـڌي ٻوڙو ٿيءُ تون، ڪـَـنين وجهه ڪپاهه،
ڪـُـڇ ڪنهين سان ڪينڪي، جا وڻي سا واه،
صبر ريءَ صلاح، ٻي ڪانهي مـُـور،  ”مراد“  چئي.

 

(8)

جي تون سـِـڪَ پرين جي، ته ناحق ڏور مَ ڏُور،
 ”هـُـوَ الاول، هو الاآخر“ ، جيئن سو نيڻين نور،
 ”هـُـوَ الظاهر، هو الباطن“ ، هر دم آهه حضور،
ٻيا سڀ فنڊ فـُـتـُـور، ماري ڪڍ،  ”مراد“  چئي.

 

(9)

مـُـئن جي مت،  ”مراد“  چئي، هنئين آڻ مَ هـَـڏِ،
ڀانڊو ڀـَـڃ ڀـَـرم جو، هي ٺـِـڪرُ ٺوڪي ڇڏ،
ته ڪـُـنڀر ڪـَـچئين گڏ، توکي ٻيهر ٻاري ڪينڪي.

 

(10)

مـُـئن جي مـَـتِ،  ”مراد“ ، چئي، تون هنئين هـَـڏَ مَ آڻ،
سو ٺـِـڪـُـر ٺوڪي ڇڏ تون، جنهن ڀانڊي پـِـيـَـڙو ڀاڻ،
ته ڪـُـنڀر ڪـَـچئين ساڻ، توکي ٻيهر ٻاري ڪينڪي.

 

(11)

هڪ وار نه ڏٺئي يار، ٿو وايون ڪرين وصال جون،
ڪـَـيئـِـي نه قطري جيترو، دل اندر ديدار،
لافون اڳيون لوڪ جي، ٿو هڻين لک هزار،
 ”لـَـعنت الله عـَـلـَـي الڪاذبـِـين“ ، هيءَ ڪوڙن سين ڪار،
جي پـُـڄئي ته پار(1)،
نه ته مٺي ماٺ،  ”مراد“  چئي.

 

(12)

جئن سو سهس سمنڊ ۾، لهرين(2) لک هزار،
تئن وحدت جي درياهه مان، ٿيو پيدا سڀ سنسار،
ڄمڻ مرڻ  ”مراد“  چئي، پـَـسُ پاڻيءَ جو پارُ،
ٻيو ڪونهي ڌڻي ڌار، آهي سڀ گهـَـٽ نـُـور نـِـسهرو.

 

(13)

ڪـَـهڻي ڪـَـهي سڀڪو، پر رَهڻي ڪين رهن،
ذات نه پـُـرجهن پانهنجي، ٿا ٻڌيو بات بـَـڪن،
سي مـَـنَ ميرا  ”مراد“  چوي، لڪيا ڪين لـِـڪن،
توڙي ڪوَڙين مـَـڪـَـر ڪن، ته به پارين آهن پڌرا.

 

(14)

جن کي عشقَ جاڳائيو(1)، سي نيڻين ننڊون ڪئن ڪـَـنِ،
پـِـي پيالا پـُـر ٿيا، هٿئون حبيبنِ،
صورت سـُـپرين جي، اٺ ئي پـَـهر پـَـسنِ،
 ”مراد“  مرادون تن، پـِـرَ گڏجـِـي پوريون ٿيون.

 

(15)

جن کي منجهه معراج، آهي حـَـج  ”مراد“  حضور جو،
سي مـَـڪي جا محتاج، ڪامل ٿين ڪينڪي.

 

(16)

وحدت جن وجود، آهي ڪعبو تن جو ڪوڏيو،
سي ڪنهن کي ڪـَـنِ سجود، جي پاڻ  ”مراد“  مـَـڪو ٿيا.

 

(17)

دنيا ڪارڻ دين کي، ٿو ورسيا وسارين،
کـَـٽـِـي بازي بانورا، هٿين ٿو هارين،
ماري مـَـن  ”مراد“  چئي، جي وحدت ڏي وارين،
ته هوند جاڏي نهارين، تاڏي سـَـڄڻ پـَـسين سامهان.

 

(18)

تـَـنِ پرين، مـَـنِ پرين، چـِـتِ پرين، دل يار،
اندر ٻاهر سـُـپرين، وِٿ نه آهي وار،
اکين منجهه  ”مراد“  چوي، ٻيو ڪونه قريبين ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سـَـڄڻَ پـَـسان سامهون.

 

(19)

تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ ماڪُ،
ڦوڙائو، فراق، توتي ڪونهي مـُـور،  ”مراد“  چئي.

 

(20)

تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ پارو،
هيءَ پـَـسُ مَ پـَـسارو، جو آهي مڙو(1) محب،  ”مراد“  چئي.

 

(21)

آٺن پهرن مان پهر، ۽ پاءَ پـَـهر کان ڀي ڪم،
گهـَّڙي تان گهڻو ٿئي، جي دُرس کڻي هڪ دَم،
ته هوند لـَـهنـِـين گوندر غم، محشر جا  ”مراد“  چئي.

 

(22)

اَکر پڙهي سڀڪو، نـُـقطو پڙهي نه ڪو،
ورق جو وصال جو، ساري سـِـکي نه ڪو،
معنيٰ ڪارڻ  ”مراد“  چئي، هٿ هڻندو پو
(1) ،
وائي تنهن کي وو، جنهن دوست نه ڏٺو دل ۾.

 

(23)

ڪـَـنز، قدوري، قافيه، توڙي پڙهين نحو صرف،
توهه مـُـلن کان  ”مراد“  چئي، اِيندءِ ڪين الف،
جنهن کي هاديءَ ڏنو حرف، تنهن کي علم سڀ عيان ٿيو.

 

(24)

حاجي مـَـڪي هليا، ۽ ٿا عاشق عرش وڃن،
هـُـو سير
(2) پسي سرها ٿيا، هـُـو ٿا حج حضور پڙهن،
هن تـَـنَ مـَـنَ منجهه طواف ڪيو، هـُـو ٿا ڀورا ڀـِـت پـَـسن،
سي انڌا ساڻ سـَـڄن، ڪئن موافق ٿين  ”مراد“  چئي.

 

 

(25)

هڪ عابد باغ بهشت لئه، ٿا ياد عبادت ڪن،
ٻيا طالب طريقن ۾، مـُـوڙها پـَـسُ منجهن،
ڪي قلبي، روحي، خفي، اخفا، سري نا سمجهن،
مهندان محب  ”مراد“  چئي، ٿا حيف حجاب وجهن،
پر آءٌ قرباني تن، جن هي پردا ڦاڙي ڇڏيا.

 

(26)

 ”لا“  کي لاٿو جن، ۽ ثابت ڪيو اثبات کي،
سي عاشق اولا ۾ آڀا، ٿا نـِـت نماز پڙهن،
سي ذاتي ذات کي ويجها ٿيا(1)، ٿا سنمک سجدو ڪن،
سي هر دم پرين پـَـسن، جي  ”مـُـوتـُـوا“  ٿيا  ”مراد“  چئي.

 

(27)

هادي! هدايت جو، ڪو پيالو مون پيار،
مستي جا محبت جي، سا مون ڏات ڏيار،
وِسـِـرُ ڪـِـيم  ”مراد“  چئي، مَ ڪي مون وسار،
سا ڪا نظر نهار، جنهن سان تنهنجي رنگ رَچي رهان.

 

(28)

ڪلمو پڙهي سڀڪو، پر پـُـرجهڻ پري ٿيو،
پڙهي جن پـُـرجهيو، تن ڪـِـينو ڪين ڪيو،
 ”انااحمد“ ،  ”مراد“  چوي، وحدت منجهه ويو،
وڃي تـِـت پيو، جـِـت حـَـقَ حقيقت هيڪڙي.

 

(29)

ڪلمون قلوب ۾، سي هردم حق پـَـسن،
وڃي وحدت ۾ پيا، پرَتا سا پرين،
ري الله اکين ۾، ٻيو قطرو ڪين سهن،
 ”مراد“  مرادون تن، پـِـرَ پـَـسـِـي پوريون ٿيون.

 

(30)

چڙهي چيتن رنگ، لـُـنءَ لـُـنءَ ۾ لالي،
خاوند ريءَ خالي، سـُـئيءَ پاهو نه ڏسان.

 

(31)

هئڻ ساڻ الله، عيش نه عيشن جهڙو،
ڇاجي روءِ زمين جي، شاهي ڪري شاهه،
پر تنهن کان بهتر آهه، هڪدم  هئڻ هوت سان.

 

ــــــــــــــــــــــــ


سـُـر سهڻي

 

 (1)

جنهن کي عشق اُٿاريو، سا سانگو ڪري نه ساهه،
موٽڻ تنهن کي ميهڻو(1)، پـَـسي دور درياهه،
جهـَـلـِـي رهي نه جهول ۾، ڏي لهرين مٿي لاهه،
ساهڙ جي صلاح، وڃي ملـِـي مـُـنڌ،  ”مراد“  چئي.

 

(2)

مـَـئي مـَـتي مهراڻ جو، نه ڪو آر نه پارُ،
لهرين ليکو ناهه ڪو، اُونهو جت اَجهار،
اَڻ تاريءَ کي تار ۾، جئن تارين تئن تار،
منهنجي ساڻ ميهار، ڪج ملاقات  ”مراد“  چئي.

 

(3)

تون تارين تان تارِ، هيءَ اَڻ تارِي مهراڻ ۾،
لکين لهريون لـَـسَ وهن، اوڀارون اوتارِ،
جت ڪـَـپـَـر ڪـُـنُ ڪڙڪا ڪري، ٻيو آڏي ٻجهي ٻارِ،
اُتِ
(2) پرين لنگهائج پارِ، ڪـَـج مون مـُـهت  ”مراد چئي.

 

(4)

سـَـڀـَـرُ سائر هيڪڙو، لهرين لک هزار،
 ”تون“  جي هن تار مون، پـَـلي ويهه پڇار،
مـَـرجـِـيو،  ”مراد“  ٿي، پيهي ويهه پاتار،
تان نائي نيڻ نهار، ته منجهيئي موتي لـَـهين.

 

(5)

نه آورار نه پار(1) ، نڪو ساهڙ سـِـيرَ ۾،
ڇا کي ڇوليءَ ۾ گهڙين، اَٿـِـي مـَـنِ ميهار،
توهي
(2) ۾ تڪرار، آهي مـُـنڌ!  ”مراد“  چئي.

 

(6)

تو هـِـي(3) منجهه مهراڻ، تو ۾ ماڳ ميهار جو،
دلبر اَٿـِـي دل ۾، ڇو پاڻيءَ وجهين پاڻ،
ويٺي ڪر قريب سان، اندر روح رهاڻ،
تو ساهڙ توئي ساڻ، آهي سڀ ڪنهن مهل  ”مراد“  چئي.

 

(7)

جنهن سـِـيبائي ساڻ، سيڻهه کنئين سچ جي،
لهر نه لوڏي
(4) تن کي، جا گهوري گهـُـري پاڻ،
محبت جو مهراڻ، ٿو تاري اڻ تاريءَ کي.

 

(8)

جن کي سيڻهه سچ جي، سي تـُـرهي تات نه ڪن،
ڪڍن نه ڪاڻِ ڪنڀار جي، ڀيلي نه ڀـُـلن،
رکي روح رضا تي، ٿا طالب تار تـَـرن،
سي محبتي مـِـڙن، وڃي محب ساڻ  ”مراد چئي.

 

(9)

ڀيلي تي مَ ڀـُـلاءِ، جو ڪچي مان ڪين ٿئي،
توهه تنهنجو تـُـرهو، ٿو لهريون لـَـسَ لنگهاءِ،
ڪهڙو ڀـَـوءُ ڀـَـريـُـنِ جو، جن ٻيڙي ٻاجهه سنداءِ،
اچي پرين پاڻ پـَـساءِ، ڪر مون تي مـُـهت  ”مراد“  چئي.

 

(10)

تـَـرج ڪيم تـَـرسُ، محبت جي مهرياڻ(1) ۾،
پڇائيندي
(2) پـِـرَ کي، خوف مَ ڀانئج خـَـسُ،
ويٺي ماڻ  ”مراد“  چئي، روز رهاڻيون
(3) رَسُ،
تون پاڻ پـُـرجهي پـَـسُ، جو اَٿي ساهون ساهڙ اوڏڙو.

 

(11)

مري جيئن تان مـَـنگُ، پيالو پريت جو،
نهوڙيندءِ نڪڙيان، اَٿي نينهن نهنگُ،
تاڻي نيندءِ تار ۾، وجهي وحدت وَنگُ،
تون ڏيندي سـِـر مَ سنگ، ته پـَـسين محب  ”مراد“  چئي.

 

(12)

جڏهن سـُـئائين سانڀر، تڏهن سانڀر ٿي سهڻيءَ کي،
وَٽؤن ور اُٿي ڪري، وڃي پئـِـي وِيرين ورَ،
جا گهڙي ڪـَـر ڪـُـنن ۾، تنهن جي قادر لهج ڪـَـرَ،
سا نيئي ميڙ ميهـَـر، منجهون مهر  ”مراد“  چئي.
 

ــــــــــــــــــــــــــ

 

بيت سوال - جواب سسئيءَ جا

 

سوال:

تـَـڙ تـَـڙ تڪ مَ تور، ۽ ڪيچ ڪڄاڙي کي وڃين؟
نڪي هاڙهي هوت ويوءِ، نڪي حـَـب، هنگورو،
موٽي وڃ  ”مراد“  چئي، ڀوري! منجهه ڀنڀور،
ناحق ڏيهه مَ ڏور، اَٿـئي دل ۾ ديرو دوست جو.

 

جواب:

عاشقن ائين، ڪين سـَـري ري سڄڻين(1)،
موٽڻ جا  ”مراد“  چئي، تون ڪئن ٿو ڏَسَ ڏِئين،
پيالو پريت جو، جي هٿئون هوت پئين،
ته جانڪو ڏينهن جئين، تان ڪوڪون ڪرين قاف ۾.
 

سوال:

قاف ڪڄاڙي ڪاڻ، ٿي ڪوڪون ڪرين قرب(2) لئه،
جن پرين لئه پنڌ ڪرين، سي تان توهي
(3) ساڻ،
موٽي وڃ  ”مراد“  چئي، اوڳي منڌ اَڄاڻ،
پيهي نهارج پاڻ، اَٿـئي دل ۾ ديرو دوست جو.

 

جواب:

چي دوست پنهنجي دل ۾، سڄڻ ڏٺو جـَـن،
 ويهڻ تـِـنن کي وهـُـه ٿيو، نڪي سـُـک سمهن،
موٽن ڪئن  ”مراد“  سي، محب جـِـنن جي مـَـن،
هڪ تات نه اٿـِـي تن، ٻيو اُڪنڊين آڏو ورين.

 

سوال:

اُڪنڊين آڏو ورين؟ سنئون ڏنوسون ڏَس،
محبتن  ”مراد“  چئي، شل گهوري لڳي مَ ڪـَـسُ،
دلبر اٿـِـي دل ۾، رڙهي تنهن کي رسُ،
ته جڳ پڻ چيئي(1) جـَـسُ، هوت به گڏجئي هـُـتهين.

 

جواب:

جـَـسُ تنين کي لـِـکيو، جي جودون جهد ڪن.
گهـِـڙي لڌائون گهـَـٽ ۾، سندو پير پرينِ،
وَهه پيا وحدت جي، ٻيون ڏنائون ٻن،
تن سک نه سالڪن، ويا هي- هي ڪندا حق ڏي.

 

سوال:

هي - هي هـِـنئين ۾ ڪجي، تون ٻاهر بات مَ بـَـڪُ،
 ”الانسان سـِـري وَ اَناسـِـره“ ، ساري پڙهه سبق،
 ”نحن اَقرب اِليه مـِـن حـَـبلِ الوَريد“ ، واري پس ورق،
ته هاري! توکي حق، هوت به گڏجي هـُـتهين.

 

جواب:

جي هـُـتهين هوت ٿيوم، تان ڀي ڏاڍي ڪنهن ڏُک مڙي،
 ”الست بربڪم“ ،  ”قالوا“  ڪن پيوم،
 ”ڪـُـل شيءِ قدير“ ، سڻي سک ويوم،
تهان پوءِ ٿيوم، پسڻ پارُ پرينءَ جو.

 

سوال:

جي پسين پار پرين جو، تان رڙهج مٿي راهه،
دلبر اَٿي دل ۾، ڪاڏي ڪنديئـَـن ڪاهه،
 ”ڪل شيءِ محيط“  سڻج هيءَ صلاح،
ساجن شامل ساهه، اَٿي محب  ”مراد“  چئي.

 

جواب:

ساجن تؤن سؤ وار، سر صدقو ڪريان ساههَ سان،
 تن ۾ اٿم تنهن جي، اٺئي پهر پچار،
جي پاڻ نه هلين پـِـر ڏي، ته وينديـَـن هڏ مَ وار،
توڙي حيلا ڪرين هزار، تان ڀي پير پوئاهون نه کڻان.

 

سوال:

پڌر کڻ مَ پير، هل هـِـنئين سين هوت ڏي،
تو هـِـي منجهه  ”مراد“  چئي، سپيريان جو سير،
سي سڀ سڄڻ تنهنجا، جي ڏجهڻ ڀانيئي ڏير،
وچون لاهي وير، هل ته پسين هوت کي.

 

جواب:

جن پروڙيو پاڻ ۾، وريو تن وصال،
ويا تنين کان وسري، ڪايا، مايا ڪال،
محو ٿيا محبوب سان، ڪـُـڇن قيل نه قال،
سي ڪـِـئـَـڙا نينهن نهال، محبتي  ”مراد“  چئي.

 

سوال:

وڃي وهاڻي، تو سمهندي صبح(1) ٿيو،
 ”مـُـوتـُـوا قبل انت مـُـوتـُـوا“ ، ڄاتئي نه ڄاڻي،
پاڻ نه ماريئي پر لئه، ٿي واتون واکاڻي،
حيف وڃايئي هوت ريءَ، جوڀن جواڻي،
 هاڙهياڻي هاڻي، پرينءَ منجهه پروڙ ڪي.

 

جواب:

آءٌ چئي چونديس ڪيترو، ڳالهه مڙيائي هڪ،
جنهن کي سچي سڪ، سا پسندي پرينءَ کي.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ


(1) سامين (غ).

(2) سڪ (غ).

(1) تئن (غ).

(1) جي ٻولين ته پاڙ (ب).

(2) لهريون (غ).

(1) جڳائيو (ب).

(1) مڙئي (غ).

(1) پوءِ (غ).

(2) سڃ (ب).

(1) ذوالوجهين (ب).

(1) مهڻو (غ).

(2) هـُـتِ (ب).

(1) نه اُو آر نه پار (ب).

(2) تونهين (غ).

(3) تونهين (غ).

(4) اوڏي (غ).

(1) مهراڻ (غ).

(2) پهچائيندي (ب).

(3) ڏهاڙي (ب).

(1) سڄڻان (ب).

(2) ڪوڪون ڪرين ڪانڌ لئه (ب).

(3) توهين (خ).

(1) رهيئي (ب).

(1) صبوح (ب).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org