سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪنڊڙي وارن جو ڪلام

روحل فقير ۽ مراد فقير

صفحو :4

 

 

فقير روحل صوفي

 

 

 

 

 

 

سنڌي ڪلام

 

 

 

 

 

بـِـسمِ الله الرحمـٰـنِ الرَحـِـيم

 

 

توحيد جا بيت

 

 (1)

جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اَٿـِـي قيمت سندو قطرو،
ڪوري ڪـَـڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ،
پري نهارڻ (1) پـِـرَ کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،
نت سائين توهـِـي ساڻ، راتيان ڏينهن(2)  ”روحل“  چوي.

 

(2)

صحيح سڃاڻج سچ، مـُـڙج مَ ملامت کؤن،
گهـِـڙي پنهنجي گهٽ ۾، پرواني جيان پچ،
ماري ڪڍج من مان، ڪوڙائيءَ جو ڪچ،
رنگَ پـِـريان جي رَچ، رات ڏينهان  ”روحل“  چوي.

 

(3)

جي لڳو اَٿـِـي تان لاءِ، هينئڙو حبيبن سين،
پائي پيچ پريت جا، سپيريان ڏي ساهه،
وحدت ۾ ٿي واه،  ”روحل“  رَتي روح جـِـي.

 

(4)

جي لڳو آهين تان لڳ، پريان سندي پيچري،
من مؤن محبوبن جو، صحيح سڃاڻج سڳُ(1)،
ڇڏي جـُـوٺو جـَـڳُ، وڃي  ”روحل“  رچج (2) رنگ ۾.

 

(5)

پڙهيا بيد ڪتيب(3) جا، ٿا ڏين ڏورانهان ڏَسُ،
سي سچ سڃاڻن ڪينڪي، موهيا پـَـسـِـي مـَـسُ،
راتيان ڏينهان  ”روحل“  چوي، رڙهي تنهن کي رَسُ،
پير پريان جو پـَـسُ، نائي ڪنڌ قلوب ۾.

 

(6)

پڙهڻ پـُـرجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سـَـهائي سچ (2) جي، ڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحي سڃاتو پير،  ”روحل“  رات نه تن کي.

 

(7)

پڙهي پـُـرڌو جن، سي عاقل عقل جا ڌڻي،
سي  ”مـُـوتـُـوا“  ٿي محبت ۾، پلپل پرين پـَـسن،
تن تسليون تمام ڪيون، محب جن جي من،
 ”روحل“  مٿان تن، لٿا حرف حساب جا.

 

(8)

ڪاتب ڪاني ڪانهن جي (1) ڪاغذ تي مَ ڪاهه،
اکر جي اِدارڪ جا، تـُـهـَـن ۾ لکين لاهه،
قلم جو قلوب جو، مٿي وحدت واهه،
سپرين ڏي ساهه،  ”روحل“  رَتي روح جي.

 

(9)

ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀـَـرن اُبتا ڀير،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي(2)، تن کي سچ چوندو ڪير؟
پر  ”روحل“  راهه پرين جو، جان گهڙي ڏٺوسي(3) گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦنڊ نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا سـُـتي ڪعبة الله ۾!

 

(10)

نه مون سـُـڌ نه سار، اچي عشق اُٿاريو اوچتو،
 ”روحل“  چوي روح ۾، تن پرين جي پچار،
سي اَکين(4) آيا سپرين، ياد ڪريندي يار،
ٺريا نيڻن نار، پـَـسـِـي منهن محبوب جو.

 

(11)

نه مون جـَـنِ نه ڪـَـنِ، اچي عشق اُٿاريو اوچتو،
 ”روحل“   چوي روح ۾، محبت محبوبن،
سي ئي سڄڻ آئيا، تات جنين جـِـي تن،
جيءَ جـَـڙِ لڳي جـَـن، سي سائينءَ ميڙيا سپرين.

 

(12)

جي نه ڄاتم ڄاڻ، ته وسين ويڙهي وچ ۾،
عشق جي اُهاءَ کي(1)، اچي پـِـرَ پـَـسايو پاڻ،
 ”روحل“  رنگ پـَـسي ڪري، ڀڳو ممتا ماڻ،
سائين سدا ساڻ، مون آڄاڻي(2) ٿي اُڄهيو.

 

(13)

ٻـُـڌان جان ٻيهار، تان تون اکين کان ڀي اوڏڙو،
 ”روحل“  وسين روح ۾، وِٿَ نه ڀانئيان وار،
جئن جو سج صبوح جو(3) ٿو ڪري باغ بهار،
بيت نه ڀانئجو ماڻهؤ! هي وحدت جو ويچار،
دل ۾ ڪيا ديدار، عشق جنين اکين سين.

 

(14)

جن کي عشق اندر ۾، تن کي اُڃ نه بک،
وحدت منجهه وصال جي، ٿا سدا ماڻن سک،
ڏور تنين کان(4) ڏک، جي  ”روحل“  رتا روح ۾.

 

(15)

پنهنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن،
سي سوءُ ڀيرا ساعت ۾، ٿا پلپل پرين پسن،
تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من،
 ”روحل“  مٿون تن، لٿا حرف حساب جا.

 

(16)

وڻج وِهائڻ ڪاڻ، ڇو وڃين ٻئي هـَـٽ،
توکي پـَـٽُ پٽيهر پانهنجو، اَٿي وڻج مڙيوئي وَٽ،
جنهن ۾ نشو نينهن جو، سا ڪا ڪوٺي پـَـٽِ،
 ”روحل“  محبت مور نه مـَـٽِ، توکي سڪ مان ٿيندو سوجهرو.

 

پورب جو سـُـر

 

(17)

جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ،
گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ،
نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ،
 ”روحل“  لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.

 

(18)

جي تن ۾ تيرٿ ڪن، سي گنگا وڃن نه گودڙيا،
تن سامين سنديءَ سڪ جا، ٿا دونهان دل(1) دکن،
پير سڃاتو پر جو، لوچي لاهوتين،
لڳو رنگ،  ”روحل“  چوي، اندر آديسن،
کوجي کاهوڙين، وڃي اُونهي ۾ آسڻ ڪيا.

 

(19)

اونهي ۾ آسڻ ڪري، وڃي ماڳ لـَـڌائون مـُـور،
تن تي جا آٺئي پهر اُڪنڊ ۾، ٿا ڪن تنوارون طـُـور،
اُت  ”روحل“  رات نه ڏينهن ڪو، نڪو ســِسُ(2) نه سـُـور،
وڃي نـُـوري گڏيا نـُـور، لنگهي پيا لاهوت کان.

 

(20)

نائي ڪنڌ ڪماه(3) کان، جن نهاريو ناسوت،
راتيان ڏينهان،  ”روحل“  چوي، اُهي ماڻن ٿا ملڪوت،
پير سڃاڻي پـِـرَ جو، جـَـتا ۾ جبروت،
جوڳي جفائون ڪري، لنگهي پيا لاهوت،
سي آديسي اَوڌوت، وڃي نانگا گڏيا ناٿ کي.

 

(21)

نانگا گڏجي ناٿ سان، وري ٻيو پـَـهـُـه پيونِ،
سا ڳڻيائون ڳالهڙي، جو گـُـر ڏَسُ ڏنونِ،
 ”لا حجاب بينـِـي و بينـُـڪ“ ، وچون سڀ ويونِ،
تهون پوءِ پيونِ، وڃي پيوند پيچ پرينءَ سان.

 

(22)

ڪو پـَـههُ پيو جوڳئين، تن کنيون کڙائون،
جاترا جوڳ جـُـهار جي، مور نه مڃيائون،
سا ڀـُـون سوجهيائون، جنهن ۾ جوڳ نه ڀوڳ ڪو.

 

(23)

ڪو پـَـههُ پيو جوڳئين، پـُـريا تنهين پارِ،
جت گنگا نه گومتي، نڪو جوڳ جـُـهار،
نه ڪو ذڪر نه فڪر ڪو، نه ڪو سڏ تنوار،
نه ڪا رات نه ڏينهن ڪو، نه ڪا جيتِ نه هار،
لڳو رنگ  ”روحل“  چوي، اُت آديسين اَپار،
جنهن جو آرُ نه پارُ، وڃي تـِـت ڪيائون تـَـڪيو.

 

(24)

برهه ۽ بيراڳ جي، جن(1) جـَـڙَ لڳي منجهه جيءَ،
سـُـوجهي سچ(2) سرير مؤن، تن پريمن پاتو پيءَ،
مرڻ جيئڻ جو من مؤن، تن سامين لٿو سيءَ،
ناٿ نماڻا ٿي، وڃي  ”روحل“  رَتا رام سين.

 

(25)

جي رنگَ رَچـِـي رام جي، لاهوتي ٿيا لعل،
سرِ ڏنائون سـَـٽَ ۾، ڪايا، مايا، مال،
ويا تن کان وسري، کوٽا سڀ خيال،
راتيان ڏينهان،  ”روحل“  چوي، واليءَ ساڻ وصال،
سي نانگا سدا نهال، جن درسن پاتو دوس(1) جو.

 

(26)

ڪـَـهڻـِـي تان هرڪو ڪـَـهي، پر رهڻـِـي اوکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان  ”روحل“  چوي.

 

(27)

نـَـوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين:
هڪڙي ويهن واٽن تي، ٻيو کائڻ نه کائين،
ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان، ٿا نميو نوائين،
چوٿون ٻڌي ڪنن سان، وري نه ورجائين،
پنجون پهه پرينءَ سان، ٿا پـَـڪو پچائين،
ڇهون ڪـُـڇن ڪينڪي، ناتو نباهين،
ستون سڪ سڄڻن جي، ٿا لنؤ لنؤ لڳائين،
اٺون ڳالهه عجيب جي، ٿا واري ورجائين،
نائون ننڊ نيڻن کي، ٿا جودؤن جاڳائين،
تڏهن سيبائين،  ”روحل“  دوساڻـِـي درٻار ۾.

 

(28)

نڪا سـِـڪ سمهڻ ۾، نڪو جاڳڻ ۾ جـَـسُ،
نڪي خير کـِـلڻ ۾، نڪي روئڻ ۾ رَسُ،
ذاتي ذڪر زباني، اِهو به اوري ڏَسُ،
من جو مرشد پـَـسُ، ته  ”روحل“  ملين روح الله سان.

 

(29)

ٽـُـٻي ڏيئي پاڻ ۾، پـَـسان جان پيهي،
نڪو ملڪ، نڪا خلق، نڪي اَسيئي،
اَسين ڳوليون جن کي، سي پڻ اَسيئي،
ٻي وائي ويئي،  ”روحل“  هونگ پرين جي هڪڙي.

 

(30)

عاشق اِلاهي اُڀا، جي قضا ڪين ڪرين،
نائي ڪنڌ قلوب تان، نمازون نيتين،
ڏين طوافون تن کي، مـَـڪو ئي منجهين،
 ”روحل“  روح سندين، هر دم هوندو حـَـج ۾.

 

ـــــــــــــــــــــــــ


 

 

متفرقه

 (1)

ڪـِـنـِـي ڪوڙهي ڪـُـوڙي، اَٿـِـي نيچ نماڻي،
سڱ سـَـمي جي سون ڪئـِـي، سڀ جڳ سيباڻـِـي،
جنهن راءُ ريجهايو پانهنجو،  ”روحل“  سا راڻي،
سا مـَـرُ مـَـرڪي مهاڻـِـي، ڪانڌ جنهين جي ڪڇ ۾.

 

(2)

ڪانڌ جنهين جي ڪڇ ۾، سا ٿي سرون سـَـر،
سمي جي سهاڳ سان، جنهن کي آيو نام نظر،
سا مئيءَ منجهون ماڻهو ٿي،  ”روحل“  چئي اَپر،
سا ڇو گهمي گهر گهر، هوت جنهن جو حمايتي.

 

(3)

رب ٿيو راضي، تڏهن سالڪ جو سنگ ٿيو،
ڪاملَ جي ڪرم سان، ٿي اَٽڪ کان آجي،
رهي نه رتيءَ جيتري،  ”روحل“  محتاجي،
نـُـوري نوازِي، ڄام سمي ڄاڻي ٻجهي.

 

(4)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ڇڏ جيئڻ هي جنجال،
ڪارڻ قوت قرار جي، هٿئون ڏئين حال،
راتيان ڏينهان روح ۾، خام ڳڻي ٿو خيال،
اڄ سڀاڻي ڪنڌ تي، ڪڙڪـِـي ايندءِ ڪال،
هي مڏيون هي مال، ڪم نه ايندءِ ڪڏهين.

 

(5)

سائين سٻاجهو سڀ جو، آهي راهه رفيق،
آڏو آهي عشق جو، بيحد بحر عميق،
توحيدي طريق،  ”روحل“  نه سمجهي عام ٿو.

 


 

 

سـُـر سهڻي

 

 (1)

ڪـَـچـِـي جي ڳنن جي، جنين چـَـري وَسَ،
سي پڪي پير نه ڏينديون، تن کي چارو ڏي چـَـسَ،
 ”روحل“  چوي تن جي، جيئري جايون ڪـَـسَ،
سي ليٽي پونديون لـَـسَ، تون مينهون پـَـسُ مَ مـَـتيون.

 

(2)

ڪـَـچو جي چارين، پيٽ چٽائي پانهنجي،
لالـچ لڳي لوڀ جي، وينديون نه وارين،
 ”روحل“  چوي ريج ۾، مينهون سڀ مارين،
هنجون سي هارين، ٿوري گهڻي ڏينهڙي.

 

(3)

جن چلڻ سان چاؤ، سي مينهون پـَـسُ مَ متيون،
ڳانيون جي ڳچيءَ جون، سي کتين جيئري جاؤ(1)،
جڏهن ورندي واهـُـندي واؤ، تڏهن جائون پوندن جان ۾.

 

(4)

مانجي جيرا جن جا، پـَـڪي ڪيڙا پاڪ،
چارو سو چـَـرنديون، جو موريو مينهن ماڪ،
 ”روحل“  چوي ريج کان، تن جي سـَـرهـِـي سـُـڄي ساک،
سي ٿڪي ڏين نه ٿاڪ، اندر اَڇا جن جا.

 

(5)

پـَـڪو جي چـَـرن، تن جون مينهون پـَـسُ مَ ميريون،
اوسر اچي نه اُن کي، توڻي گاهه ٻـُـرن،
 ”روحل“  ريج نه رنجيون، هـُـو جي ڦانڪين منجهه ڦرن،
سي هڏين ڪين مـُـڙن، ڏُکائيءَ جي ڏک سان.

 

(6)

ڪاڇو ٿا ڪـَـڇـِـين، طنابي تـِـکَ تاب مؤن،
آڻي لام منڍي ۾، ٿا سـَـؤ سـَـٺيون سارين،
 ”روحل“  رائر تن جا، نالا پـُـڪارين،
جا ڪـَـچي ٿا چاڙهين، سا پـَـڪي ٿيندي پڌري.


(1) نهار نه (ج).

(2) رات ڏينهان (ب).

(3) پڳ (ب).

(4) رتج (خ).

(1) ڪتاب (خ).

(2) سج (غ)، سمجهه (ب).

(1) جيان (ب).

(2) لڌي (خ) (ب).

(3) ڏٺوسون (ب) (خ).

(4) اڱڻ (خ) (غ).

(1) اُهاؤ تي (ب).

(2) مون اڳيان آڻي ٿي اُجهيو (خ).

(3) جئن سو سنجهه صبوح جو (ب).

(4) تؤن (غ).

(1) درد (خ).

(2) ستُ (خ).

(3) سامي ڪنڌ ڪمان کان (ٿ).

(1) جن کي (غ).

(2) جوءِ سوجهيائون (غ).

(1) دوست (ب).

(1) ڪانون جي ڪـَـچي جـُـون، کتيـُـن کـِـيري جاو. (غ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org