سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪنڊڙي وارن جو ڪلام

روحل فقير ۽ مراد فقير

صفحو :1

ڪنڊڙي وارن جو ڪلام

روحل فقير ۽ مراد فقير

لطف الله بدوي

 

ڇپائيندڙ پاران

 هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ڪلاسيڪل صوفي شاعرن: مراد فقير ۽ روحل فقير جي ڪلام تي مشتمل آهي. هنن ٻنهي صوفي شاعرن جو ڪلام ٽڙيل پکڙيل هو، جيڪو ڪيترن ڪشالن ڪاٽڻ کان پوءِ پروفيسر لطف الله بدوي هٿ ڪري ترتيب ڏنو، جنهن جو پهريون ڇاپو سنه 1964ع ۾ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو ڇاپو ڪافي عرصو مارڪيٽ ۾ دستياب رهيو. سن 1983ع ۾ هن جو ٻيو ڇاپو پڌرو ڪيو ويو. اهو به خيرن سان مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو ۽ پڙهندڙ حضرات خاص طور تي تعليمي ادارن جي اصرار کي نظر ۾ رکندي هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو نئين اهتمام سان ڇپي پڌرو ڪيو ويو آهي. اميد ٿي ڪجي، ته هيءُ ڇاپو گذريل ڇاپن وانگر پنهنجي مقبوليت ماڻيندو ۽ خاص طور تي سنڌي ادب جا شاگرد هن ڪتاب مان خاص استفادو حاصل ڪندا.

ڄام شورو، سنڌ                     اعجاز احمد منگي

سومر 26- ذي القعد 1427هه         سيڪريٽري   

بمطابق 18- ڊسمبر 2006ع       سنڌي ادبي بورڊ

 

 

مـَـر مـَـرڪي ملاحن ۾، نـُـوري نـُـوراني،
جنهن جهوليءَ چنڊ جهـُـلي پيو، سمو سلطاني.
                                                - مراد 

 

 

مرتب پاران

سنڌي ادبي بورڊ طرفان مون کي ڪنڊڙي (تعلقي روهڙي) جي درويشن جي ڪلام جمع ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي هئي. ڪيتري عرصي کان تمنا هئي ته انهن جي ڪلام کي جلد مرتب ڪري پيش ڪيو وڃي، پر حالات جي ناساز گاريءَ سبب ترتيب ۾ دير پوندي رهي. ان جو وڏو سبب اهو هو ته مٿين بزرگن جو ڪلام هر جاءِ تي منتشر حالات ۾ دستياب ٿيندو رهيو، ان جي ترتيب ڪا آسان ڳالهه نه هئي.  ”بياض خادمي“   فقير روحل ۽ فقير مراد جو سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام ڪنهن حد تائين ملي ويو. اهو ساڳيو ڪلام سکر جي هڪ ڪتب فروش، هريسنگهه به ڇپايو هو (فقير مراد جي سنڌي ڪلام کان سواءِ).  ”تذڪره“  جي ترتيب وقت، فقير غلام علي  ”مسرور“  وٽ فقير روحل ۽ فقير مراد جو گهڻيءَ حد تائين ڪلام موجود ڏٺو هوم. منهنجي دوست سانوڻمل، رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار ڏهرڪي وٽ فقير صاحب جي مڪمل ڪلام جي موجودگيءَ جو اطلاع ٿي ٻڌم. مگر ان صاحب وٽان به ڪجهه جزوي ڪلام ئي ميسر ٿي سگهيو.

مئي 1956ع ۾، هڪ ڏينهن صبح جي وقت جيئن آءٌ فقير صاحب جي ڪلام جي ترتيب ۾ مشغول هوس، تيئن اوچتو هڪ غريب شخص، جنهن جي ڪپڙن ۾ ڪيئي پيوند هئا، مون وٽ آيو. سندس وار خاڪ آلود هئا ۽ منهن ۾ ڪيئي جهريون پيل هيس، جن مان سندس عمر جو اندازو آسانيءَ سان لڳي ٿي سگهيو. هن مون کان سوال ڪيو ته  ”اوهين ڪنڊڙيءَ جي درويشن جو ڪلام گڏ ڪري رهيا آهيو؟“  منهنجي اثباتي جواب تي هن وعدو ڪيو، ته هو منهنجي خاطرخواهه مدد ڪندو. پوءِ هو هليو ويو.

سندس انتظار ڪندي مهينو گذري ويو، پر هو نه موٽيو. مون سندس

وعدي کي هڪ اتفاقي حقيقت سمجهيو. هو وسري چڪو هو، جو وري جون جي آخري هفتي ۾ اچي نڪتو. سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، جو مون کي ڏيئي ويو. مان ڀيٽڻ کي لڳي ويس ۽ ڪافي ڪلام هٿ آيم. پوئين دفعي جڏهن ڪتاب کي واپس وٺڻ آيو، تڏهن پنهنجو اصلي نالو لڪائي، فقط  ”بيراڳي“  ٻڌايائين. مان ان اجنبيءَ جو، جو ڏسڻ ۾ ته واقعي  ”بيراڳي“  هو، بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن کان روحل فقير جي هڪ ناياب سي حرفي ۽ ڪجهه ڪافيون، ۽ مراد فقير جو عشقيه ڪلام ۽ جهولڻو حاصل ٿيا. جيڪڏهن حياتي مستعار رهي ۽ هيءَ ترتيب شايع ٿي ويئي ۽ هو موقعي تي آيو، ته پنهنجو پورهيو ان جي سامهون ضرور پيش ڪندس.

مون کي هن حقيقت جو بيحد افسوس آهي، ته جي به مسودا مليا آهن، انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه غلطيون ضرور موجود هيون. مراد فقير ۽ روحل فقير جي سنڌي ڪلام جو ڪجهه حصو مسٽر بولچند  ”سنڌو“  رسالي ۾ به ڏنو هو، جنهن جي گڏ ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي هيم. آخر ۾ مان پنهنجي ڪرم فرما، سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن پڻ هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڪئي اٿم.

بهرحال، سنڌ جي هنن ٻن عارفن جي ڪلام کي يڪجا ڪيو اٿم. شايد سندن ڪلام جو ڪو حصو اڃا به مون تائين نه پهتو هجي، جيڪڏهن اهو حاصل ٿي ويو، جنهن جي گهٽ اميد آهي، ته پوءِ ٻئي ايڊيشن ۾ ان کي شامل ڪيو ويندو. سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جي طباعت کان پوءِ، هندي ڪلام کي ترتيب ڏني ويندي. اميد آهي ته منهنجي هيءَ ڪاوش سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن وٽ مقبوليت حاصل ڪندي.

 

شڪارپور 14 - آگسٽ 1961ع

لطف الله بدوي


 

 

مقدمو

 سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشه ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو.

روحل فقير ذات جو زنگيجو هو، جيئن پنهنجي ڪلام ۾ هڪ هنڌ ان جو ذڪر ٿو ڪري:

لوڪ آکي هي  ”روحل“  ٻوليندا،
ڪوئي آکي هڳ ذات زنگيجا،
نهين روحل، نهين ذات زنگيجا،
اي ڪو سـر اِلاهي هڳ.

فقير صاحب جي والد جو اسم گرامي شاهو فقير هو، جيئن پنهنجيءَ تصنيف  ”آگم وارتا“  ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو:

سـيـلڳ سنگي، ست ساٿي، پر گهٽ آئــڳ،
پورنماس چڪورا آيا، گهر شاهوڪــڳ پائــڳ.

(حيا ۽ سچ جو ساٿي ظهور ۾ آيو، چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ چڪور آيو، ۽ شاهو جي گهر ۾ پيدا ٿيو.)

ٻئي هنڌ ساڳيءَ تصنيف ۾ چوي ٿو:

باپ ميرا شاهو ناهين، اُس گهر نهين مات،
جنني هم جايا نهين، ڪال ورن هم نهين جات.

(منهنجو پيءُ شاهو نه آهي، نه وري ان گهر ۾ منهنجي ڪا ماءُ ئي آهي: مان ڪنهن مان به نه ڄائو آهيان، ۽ نه وري موت جي هٿن ۾ وڃڻ وارو آهيان.)

بهرحال، جيئن فقير صاحب لکي ٿو، سندس والد بزرگوار جو نالو فقير شاهو هو.

فقير صاحب جو اصل وطن ٿر هو. هو عمرڪوٽ جي ڀرسان ڪنهن ڀـِـٽَ جو رهندڙ هو. ريگستان جي زمين تي ڄائو، گولاڙن ۽ گگرين ۾ پلجي وڏو ٿيو. افسوس جو مون کي سندس ولادت جي پڪي تاريخ دستياب ٿي نه سگهي آهي، مگر تاريخي واقعات جي ملائڻ سان تخمينو لڳائي سگهجي ٿو. فقير صاحب پنهنجي تصنيف  ”آگم وارتا“  جوڌپور جي والي، راجا بجيه سنگهه، لاءِ تصنيف ڪئي هئي. هيءَ تصنيف سوال ۽ جواب جي صورت ۾ آهي. راجا جي درباري پنڊت، ايسرسنگ، راجا جي سامهون فقير صاحب کان سوال ڪيا ٿي، جن جا جواب فقير صاحب ڏيندو ٿي رهيو.

هن تصنيف جو جامع لکي ٿو:  ”سنمپاد روحل صاحب اور شري راجا بجيه سنگهه جي.“  (روحل صاحب ۽ راجا بجيه سنگهه جي سامهون.) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته فقير صاحب بجيه سنگهه جو همعصر هو. راجا بجيه سنگهه ، ميان نور محمد ڪلهوڙي(1) ، ميان غلام شاهه، ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبيءَ جو همعصر هو. سنڌ جي هنن تاجدارن مان، ميان غلام شاهه ئي سنڌ تي طويل عرصو حڪومت ڪئي. ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبيءَ جي حڪومت جو دور کهنبي جو چٽڪو هو. راجا بجيه سنگهه جي ابتدائي دور ۾ ميان نورمحمد فوت ٿي ويو. سنڌ جي تاريخ مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، هن ئي راجا، مير بجار جي شهادت لاءِ پنهنجا ماڻهو سنبرائي موڪليا هئا. هالاڻيءَ جي جنگ (1783ع) وقت، جا مير فتح علي ۽ ميان عبدالنبيءَ جي وچ ۾ لڳي هئي، بجيه سنگهه جوڌپور جو حاڪم هو. کيس ئي سنڌ جي بدنام حاڪم ميان عبدالنبيءَ، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ان جي ڀر وارو ملڪ ڏيئي ڇڏيو هو. هن سڄي تفصيل ڏيڻ منجهان مراد آهي ته معلوم ٿئي ته فقير روحل ڪهڙي وقت، راجا بجيه سنگهه سان ملاقات ڪئي هئي. جيئن هيٺ هلي تفصيل مان معلوم ٿيندو ته فقير صاحب ميان سرفراز جي حڪومت جي دور ۾ ترڪ دنيا ڪري، سير ۽ سفر تي نڪري پيو هو. ان وقت ۾ هو ڪافي عمر جو ٿي چڪو هو. قياساً جيڪڏهن ان وقت سندس عمر 40 ورهيه شمار ڪئي وڃي، ته سندس ولادت جو سال 1733ع يا 1734ع(1) ٿي سگهي ٿو، هن بحث ۾ قياس کان ئي ڪم ورتو ويو آهي. ممڪن آهي ته هن اندازي ۾ ٿورو تفاوت هجي، پر ان کي ڪا ايڏي اهميت نه آهي. والله اعلم بالصواب.

شاهو فقير کي ٽي پٽ هئا. وڏي جو نالو سلطان ۽ ننڍي پٽ جو نالو ميوو هو، روحل فقير وچون هو. روحل فقير جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ هن ڪهڙي تعليم حاصل ڪئي، سي حالات تاريڪيءَ ۾ آهن. پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سندس تعليم سٺي نموني ۾ ٿي. سندس ڪلام جي پختگيءَ ۽ روانيءَ کي ڏسي، يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته کيس سنڌيءَ سان گڏ، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي به چڱي لياقت هئي. جيئن ته ٿر جي حصي جو رخ جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن ڏي آهي،  جتي هنديءَ جو زياده رواج هو، فقير صاحب هنديءَ کي به حاصل ڪري ورتو هو. هنديءَ تي کيس ڪافي عبور حاصل هو، جيئن اسان کي سندس هندي تصنيفات مان نظر اچي ٿو.

تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن فقير صاحب جوانيءَ جي سن کي پهتو، تڏهن اُن وقت ڪلهوڙن جي دربار ۾ سندس رسائي ٿي. جيئن سندس خانداني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، هو راڄو ليکيءَ جو ماسات هو، جو نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾، سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو هو ۽ ميان غلام شاهه جي حڪومت جي دور ۾ ترقي ڪري، وزير جي عهدي تي وڃي پهتو هو. غلام شاهه جي حڪومت جي دور ۾ ٻن شخصيتن وڏي حيثيت حاصل ڪئي هئي ـــ هڪ مير بهرام ۽ ٻيو راڄو ليکي. ليکي وڏو دورانديش شخص هو. حڪومت ۾ پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ، هن پنهنجي عزيزن ۽ قريبن مان گهڻن کي سرڪاري ملازمت ۾ آندو. جيئن زباني روايتون آهن، راڄو ليکيءَ جي مدد سان، روحل فقير به سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو.

ميان غلام شاهه، فقير صاحب جي خصلتن کان پوريءَ ريت واقف هو ــــــ سانتيڪو مزاج، نهٺي طبيعت، هوَس ۽ حرص کان دور. ميان صاحب سندس سر پرست بڻجي پيو. هوريان هوريان، ترقي ڪري، روحل فقير توشاخاني جو ناظر مقرر ٿيو. هيءُ عهدو ڪا ٿوري شيءِ نه هئي، مگر هو ان رتبي تي پهچڻ کان پوءِ به اڳي وانگر نهٺو ۽ سادگيءَ جي صورت بڻيو رهيو. ان زماني ۾ به هو  ”دست به ڪار ۽ دل به يار“  جو نمونو ٿي رهيو.

فيضان الاهي جڏهن ڪنهن دل کي پنهنجي لاءِ انتخاب ڪندو آهي، ته ان ۾ انساني شرف جون سڀيئي سعادتون اڳ ۾ ئي موجود ٿي وينديون آهن. روحل فقير جي به پاڪيزه دل اهڙيءَ ريت انوارِ الاهيءَ جي جلوي لاءِ پئي تيار ٿي. اوچتو ئي اوچتو سن 1722ع ڌاري، سنڌ جو ڪريم النفس حاڪم ميان غلام شاهه گذاري ويو ۽ سندس فرزند ميان سرفراز حڪومت جون واڳون ورتيون. جواني ۽ الهڙ پڻ، سياست کان ناواقفي-- اِهي اهڙيون شيون هيون، جي نوجوان تاجدار کي بي احتياطيءَ جي طرف وٺي ويون. هو راڄو ليکيءَ جي هٿن ۾ کيڏي رهيو هو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پنهنجي قديم خانداني محسن، مير بهرام کان ڪشيده ٿي ويو. فقير صاحب اگرچه راڄو ليکيءَ جو طرفدار هو ۽ سندس ئي ماڻهو ٿي سمجهيو ويو، پر حق ۽ صداقت کيس متاثر ڪيو. مير بهرام جي خلاف منصوبن کي ڏسي هو لرزي اٿيو. سندس دل ته هن ست رنگيءَ دنيا کان اڳ ئي بيزار هئي. خالي نالي ۽ نمود کان هو گهڻو پري هو، پر هاڻي سندس علمي مطالعو به وسيع ٿي ويو. هن ڄاتو ٿي ته هنن منصوبن جو نتيجو ڇا نڪرندو. هن دنيا جي شان شوڪت، مال ۽ دولت جي بي جٽاءَ ڪڪر جي ڇانوَ کي قريب ٿي ڏٺو. هٿ ۾ استعيفا جو ڪاغذ کڻي، ميان سرفراز جي دربار ۾ پهتو. ميان جي طبيعت ۾ ته هو تبديلي ۽ اصلاح آڻي نٿي سگهيو، ان ڪري سندس ترڪ ملازمت جو پختو عزم هو، هو هڪ قديمي ملازم هو، جو پنهنجي تجربيڪاريءَ ۽ ديانتداريءَ کان مشهور هو، تنهنڪري ميان سرفراز سندس استعيفا کي منظور ڪرڻ ۾ تامل کان ڪم ورتو ۽ پاڻ وٽ رهڻ لاءِ مٿس زور ڪيائين. مگر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. ميان صاحب آخر رنج ۽ مجبور ٿي، کيس پاڻ کان ڌار ڪيو.

ڪيڏي نه خوش نصيب زندگي آهي انهن آزاد انسانن جي، جي دنيا جي باطل هوَس کان بچي، ان جي ڦندن ۽ ڦيرن مان نڪري، انسانيت جي صحيح شاهراهه تي قدم رکن ٿا، ۽ پوءِ  ”لاخوف عليهم ولا يحزنون“  جي مرتبي تي پهچن ٿا. فقير صاحب دنيا کان بيزاريءَ جو منظر هيئن ٿو ڏيکاري:

دنيا ڍونڍ تي طالب ڪتي ٻيٺا مل عمر تاڻي،
هڏي آتون هوڏ تنهان دي وڙهندڳ عمر و هاڻي،
انڌيان عشق الله دا ڇوڙيا، پئڳ ولوڙن پاڻي،
 ”روحل“  راهه ربانيءَ ٻاجهون ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.

خواجه حافظ پنهنجي غير فاني ڪلام ۾ مٿينءَ حقيقت جو نقش هيئن ٿو ڪڍي:

غلام همتِ آنم ڪ زير چرخِ ڪبود،
ز هرچہ رنگ تعلق پز يرد آزاد است.

(مان اُن شخص جي مردانه صحت جو بندو آهيان، جو هن آسمان جي هيٺان رهي، هرهڪ اهڙيءَ ڳالهه کان، جنهن کان ڪنهن لڳ لاڳاپي جو رنگ دل تي چڙهي ٿو، آزاد آهي.)

هيءُ ڪو آسان ڪم نه آهي. ڪنهن جي دل چاهيندي ته هو دنيا جي شان ۽ شوڪت کان علحده ٿي، دولت جي راحت ۽ دنيائي عيش جي اسباب کي پٺ ڏئي! اهوئي سبب آهي، جو انساني حيات جي مفڪرن، نفس جي جهاد کي جهاد اڪبر سڏيو آهي.

فقير صاحب هن جهاد اڪبر ۾ سوڀ لهي، سڀ کي ترڪ ڏيئي صراط المستقيم جي طرف قدم وڌايو. هو پنهنجي وطن مالوف ٿر ۾ پهتو ۽ عمرڪوٽ جي ڀرسان پدمات جي پٽ تي وڃي گوشي نشين ٿيو.

زباني روايتن مان هڪ روايت سندس ترڪ ملازمت جي لاءِ هيءَ به ٻڌي وڃي ٿي، ته هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته ڪي عربستان جا سوداگر ميان غلام شاهه جي درٻار ۾ آيا. هنن ڪيتروئي اسباب ميان کي ڏيکاريو، ميان انهن مان ڪيتروئي پسند ڪري، خريد ڪيو. جڏهن خريد جو معاملو گذري چڪو، تڏهن سوداگرن ميان کي هڪ ڪپڙي جي جوڙي سوکڙيءَ طور ڏني، جنهن تي سارو قرآن شريف، وڏيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻيو ويو هو. ميان اها جوڙي ادب سان وٺي، روحل فقير کي هيئن چئي سنڀاري لاءِ ڏني، ته  ”هن کي توشاخاني ۾ حفاظت سان رکج، جڏهن مان مران ته مون کي انهيءَ چادر ۾ رکيو وڃي.“

 ”جڏهن ميان غلام شاهه وفات ڪئي ۽ سندس وڏو پٽ سرفراز خان سنڌ جو والي ٿيو، تڏهن روحل فقير مٿين جوڙي ميان سرفراز خان کي آڻي ڏني ۽ کيس سندس والد جي وصيت ٻڌايائين. ميان سرفراز هيءَ ڳالهه ٻڌي- اڻٻڌي ڪري ڇڏي، ۽ اها جوڙي روحل فقير کي موٽائي ڏنائين ته  ”وڃي توشاخاني ۾ رک، ڇاڪاڻ ته مان ان جوڙيءَ مان پنهنجو ڪفن ڪندس.“  هن واقعي روحل جي دل کي وڏي چوٽ رسائي، ۽ هن توشاخاني جون ڪنجيون ميان سرفراز کي سنڀاري ڏنيون.“

جيتريقدر هن حقيقت جو تعلق آهي، مون کي هن جي قبول ڪرڻ ۾ تامل آهي. هن روايت جي اندر ڪابه صداقت نظر نٿي اچي. ميان سرفراز جي سياسي ناعاقبت انديشي پنهنجيءَ جاءِ تي آهي، پر هي سندس اخلاق ۽ وضع تي وڏو حملو آهي، جنهن کي بهتان چئجي، ته به بجا آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مورخ سندس اخلاق تي ڪو رقيق يا ناپسند حملو نه ڪيو آهي. هو هڪ صالح نوجوان هو، اُن وقت جي بزرگن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ حضرت فقير الله صاحب علويءَ سان سندس بيحد تعلقات هئا. حضرت فقير الله جي مڪتوبات ۾ ميان سرفراز جا لکيل خط موجود آهن، جن مان سندس غير معمولي خصوصيتن جو اظهار ٿئي ٿو. هو پاڻ به وڏو عالم ۽ شاعر هو. اهڙو ماڻهو اهڙي ناشائسته حرڪت ڪري، ڪڏهن به اعتبار ۾ اچي نٿو سگهي. هڪ بادشاهه وٽ اهڙيون جوڙيون ميسر ٿي پئي سگهيون. نادر الوجود شيءِ ئي ڇو نه هجي، پر جڏهن هڪ ڪاريگر ان کي تيار ڪري پئي سگهيو، ته ان ايجاد کي وري وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه ٻي شيءِ مانع ٿي نٿي سگهي. جا شيءِ دستياب ٿي سگهي ٿي، ان ۾ پٽ، پيءُ لاءِ بخل ڪري، پٽ به اهو جو صالح ۽ عالم، پيءُ اهو جو لائق بادشاهه ۽ عالم، ڪڏهن به اعتبار ۾ اچي نٿو سگهي.

جيئن مختلف روايتون موجود آهن، پدمات جي پـَـٽ تي ٿوري وقت جي گوشي نشينيءَ کان پوءِ فقير صاحب جهوڪ ميرانپور روانو ٿي ويو ۽ اتي شاهه عنايت الله صوفي شهيد جي مزار تي معتڪف ٿي رهيو. اعتڪاف کان پوءِ، اتان جي سجاده نشين شاهه عزت الله جي معتقدين ۾ شامل ٿي ويو. شاهه عزت الله شاهه شهيد جو فرزند ارجمند، ان وقت جي بزرگن ۾ بلند درجو رکندڙ هو، جيئن علي شير  ”قانع“  لکي ٿو(1) :

 ”جو ڪجهه سندس زبان مان نڪري ٿو، اهو تقدير سان موافقت رکي ٿو. سواليءَ جي سوال کان اڳ ۾ ئي، سندس ڪرامت ڀريءَ زبان تي ڳالهيون اچي ٿيون وڃن. منهنجو ناقص قلم، هن خاندان جي بزرگيءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون لکي.“

جهوڪ ميرانپور مان پنهنجي تشنگي مٽائي، هو پنهنجي وطن موٽيو. ان زماني جي ڳالهه آهي ته ڪن منصوبي بازن، ميان سرفراز جا ڪن وڃي ڀريا ته روحل فقير توشاخاني جو سمورو سامان سنڀاري نه ڏيئي ويو آهي. هن بي بنياد تهمت کي سندس مخالفن اهڙي رنگ ۾ ميان صاحب کي ٻڌايو، جو هن حڪم ڏنو، ته سپاهين کي موڪليو وڃي ته هو فقير صاحب کي گرفتار ڪري اچن. شاهي حڪم موجب سپاهي پدمات جي پٽ تي وڃي پهتا، جتي روحل فقير جو هاڻي آستانو هو. فقير صاحب کي گرفتاريءَ جي حڪم کان آگاهه ڪيائون، جنهن تسليم لاءِ ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو ته  ”بابا سڀاڻي هلنداسون.“  پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو هيءَ خبر اڏرندي پهتي ته مير بهرام جي شهادت کان پوءِ ميان سرفراز تخت تان دست بردار ٿي چڪو آهي. سرڪاري ماڻهن کي جڏهن هيءَ خبر پيئي، ته هو فقير صاحب کي پنهنجي حال تي ڇڏي، پوئتي موٽيا.

فقير صاحب جي مرشد بابت هڪ روايت مطابق چيو وڃي ٿو، ته
فقير صاحب پنهنجي مرشد جي نالي کي ئي مخفي رکي ڇڏيو هو، جنهنڪري سندس نالو اڄ تائين ڪنهن کي به معلوم ٿي نه سگهيو آهي. جيستائين مسلمان صوفين جي مشرب جو واسطو آهي، سڀئي تذڪرا هن حقيقت سان معمور آهن ته هر صوفي پنهنجي رهبر ۽ رهنما جي نسبت جو خصوصيت سان ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي خير ۽ برڪت ڄاتو ٿي ويو. روحل فقير هڪ مسلمان صوفي هو، ان ڪري اهڙي لا علمي حقيقت تي اعتبار ئي نٿو ڪري سگهجي.

هن ئي سلسلي جي ٻي روايت آهي ته هو هڪ هندو فقير ڏونگرسي مهراج جو فيض يافته هو، جو ٿرپارڪر جي طرف چڱو ساڌ سنگت وارو ساڌو ٿي گذريو آهي. عين ممڪن آهي، ته فقير صاحب ساڻس صحبت ڪئي هجي. اڪثر مسلمان صوفين، هندو ساڌن سان صحبت ڪئي آهي ۽ هندو ساڌن مسلمان درويشن سان روح اٽڪايو آهي. ڏونگرسي هندي زبان جو ڪوي ٿي گذريو آهي، ٿي سگهي ٿو ته فقير صاحب سندس ڪـِـوتا مان استفاده ڪيو هجي. ڏونگرسي مهراج جو هڪ شبد مثال طور ڏيان ٿو:

ڀڄن ويچارو موري ڀائيو

ڀنورا من ڀرمائيو

پهلي ڪمائي جانري پرکيو

مول گنوايو اُنهان مولان

 

 

من اپنا هاٿ رک لو

 ”ڏونگر“  پوري ٻوليا

من موهيلا

من موهيلا

پيچهي ڪيسا پڇتائيو

جنم چوراسي منهن جائيو

من موهيلا

چرنين منهن لگائيو

جسم ڪـُـٻڌ نه لي جائيو

من موهيلا

روحل فقير پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو سير ۽ سياحت ۾ گذاريو. جوڌپور ۽ بيڪانير جي حصن جو هن خوب سير ڪيو. جنهن جاءِ تي پهتو ٿي، اتي سندس روحاني فيض کان سوين ماڻهو پئي سيراب ٿيا. پنهنجي مريدن کي اڪثر جوڳ جي پاکر ڏيندو هو اُن ڪري جوڳي فقير سندس ارادتمندن ۾ داخل آهن. هن سير ۽ سفر جي سلسلي ۾، سندس ملاقات جوڌپور جي راجا بجيه سنگهه سان به ٿي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. فقير صاحب ڪجهه وقت جوڌپور ۾ رهي، راجا کي صوفيانه مسلڪ کان واقف ڪرڻ لاءِ، پنهنجي تصنيف  ”آگم وارتا“  رچي، جنهن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هندو ڌرم ۽ ويدانت جي هر نڪتي کي پوريءَ ريت ڄاڻندو هو. سندس هن روحاني ڪمال کي ڏسي، راجا سندس معتقدن ۾ شامل ٿي ويو. هن مٿس زور ڀريو ته اتي ئي رهي پوي، پر هن مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ اڃا پسند نٿي ڪئي.

هاڻي سندس زندگيءَ جي شام اچي ٿي هئي. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿي چڪو هو. مير فتح علي خان سن 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ فتح ڪري، سنڌ جو حاڪم بڻيو. ٻئي سال ميرن ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. خيرپور وارو حصو مير سهراب خان کي مليو. مير سهراب خان کي خبر هئي ته فقير صاحب ڪهڙيءَ ريت مير بهرام جو پاسو کڻي، حق ۽ صداقت جي سر پرستيءَ ۾ پنهنجي ملازمت کي ترڪ ڪيو هو. ان کان سواءِ هو هاڻي سندس روحاني عظمت جو به قائل ٿي چڪو هو. هن کيس لکي موڪليو ته سندس ملڪ ۾ جتي به هو پنهنجي رهائش لاءِ جاءِ انتخاب ڪري، اها کيس جاگير طور ڏني ويندي. مير سهراب خان جي هن محبت ڀريءَ دعوت جو فقير صاحب تي وڏو اثر پيو. جاگير جي وٺڻ کان ته فقير صاحب انڪار ڪيو، پر سندس ملڪ ۾ رهڻ قبول ڪيائين. سندس ساٿي فقير مراد، ميرن جي لاءِ هيئن دعا ڪئي:

باري پروردگار، ڪيا وڻ ڪامل ڪڪاڙين جا،
ٽاريون ٽالپرن جون، ٿـِـيـَـڙيون باغ بهار،
سي مرڪن شال ”مراد“  چئي، سنڌ صوبي سردار،
جن ڏنو ڏيهه ڏاتار، مر کائن خان خوشيءَ سان.

مير صاحب جي هن دعوت کي قبول ڪندي، فقير صاحب خود به چاهيو ٿي ته هاڻي ڪٿي گوشي نشين ٿي، باقي حياتي ياد اِلاهيءَ ۾ گذاري. چنانچه هو هنگامي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي، پنهنجي سڄي اهل ۽ اطفال سميت ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان ڪوٽلي جي ننڍيءَ بستي ۾ وڃي رهيو.

ڪوٽلي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ، سندس معتقد ان بستيءَ ۾ ايندا ويندا ٿي رهيا. اُتان جي زميندار کي هيءَ ڳالهه پسند نه آئي. دولت ۽ فقير جو تصادم ٿي پيو. فقير جو صلح ڪـُـل ٿئي ٿو، سو هن وير ۽ وروڌ کي ڪٿي ٿو برداشت ڪري سگهي. روحل فقير نقل مڪاني ضروري سمجهي. مير سهراب سندس بيحد دلجوئي ڪئي، پر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. هو پنهنجي سڄي اهل ۽ عيال کي وٺي، خدا تي توڪل ڪري، بنا ڪنهن مقام ۽ منزل جي اڳتي وڌيو. چون ٿا ته جڏهن هو موجوده ڪنڊڙيءَ وٽ آيو، جو ان وقت جهنگ ۽ غير آباد پـَـٽُ هو، تڏهن سندس چادر جو پلؤ هڪ  ننڍڙيءَ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو. فقير صاحب هن معمولي روڪ کي، خدائي امر سمجهي، پنهنجي لڏي لاهڻ جو حڪم ڏنو. جلدئي جهنگ کي صاف ڪري، ساديون جهوپڙيون اڏي، هڪ ننڍڙيءَ بستيءَ کي آباد ڪيو ويو، جنهن جو نالو  ”ڪنڊڙي“  رکيو ويو، جو نالو فقير صاحب جي رهائش جي واقعي کي ياد ڏياريندو رهي ٿو. درياءَ جي ڀر تي هي آجو گذران، فقير صاحب جي دلي راحت جو سبب بڻيو. روحل فقير هن ننڍڙيءَ بستيءَ جو وڏيءَ حب ۽ پيار سان ذڪر ڪيو آهي:

ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسي
في اَنفـُـسڪـُـم اَفـَـلاَ تـُـبصـُـرون
رمز رندن جي ڪوڪو پرکي
وحدت واري واٽ وٺج تون
 ”روحل“  رهجـان رمــــز انهيءَ ۾

 

رانجهو رمزن وارو يار
مخفي هي اسرار
برهه جو باري بار
وٿي نه آڻج وار
ٻــــــــــي ســــــــڀ ڪــــــُـــوڙي ڪـــــــــــــار.

ڪانن جون جهوپڙيون ۽ ڪکن جون ڇنون، هاڻي حق جي طالبن جون زيارتگاهه بڻجي پيون. ملڪ جي هر حصي کان ارادتمند فقير، پنهنجي روحاني تشنگيءَ کي مٽائڻ لاءِ اچي ٿي گڏ ٿيا. صبح ۽ شام وحدت جو وڻجار ٿي هليو ۽ معرفت جي هٽيءَ جو هوڪو ٿي ٻڌو. بنا ڪنهن مت ۽ ڀيد جي هندو ۽ مسلمان هڪ هنڌ پئي جمع ٿيا. هڪ طالب ڌرمون مل  ”انور“  پنهنجي ستگر جي ساراهه هيئن ٿو ڪري:

ڪنڊڙي ڪنڊڙي ناهه، تحقيق آهي ڪاسي
روحل رام وسي اُٿاهين، جنهن لائي سماڌ ابناسي
اُهي وڃي ٿيا واسي،  ”انور“  اَمرَ پد نرٻاڻ ۾.


(1) جيمس ٽاڊ: "ائنالس ائنڊ آئينٽيڪٽز آف راجسٿان"، ص 253

(1) ميان سرفراز خان سن 1773ع ۾ تخت تي ويٺو.

(1) ”تحفة الڪرام“ ، ج 3، ص 170

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org