سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:16 

نــانــاڻــا

ماکيا مِٺا سُپرين

ھاڻي ناناڻن ۾ پنھنجي ناني صاحب جو احوال لکان ٿي. الله مون کي توفيق عطا ڪري ۽ صحيح حقيقت لکڻ جي سعادت عطا ڪري. ڇا ڪاڻ ته وڌاءُ خراب آھي، ان ڪري حقيقت آشنا ٿي لکي سگھان . منھنجي ناني سليمان قادواڻي جي ڌيءَ ھئي جو ڏيپلي شھر ۾ تمام شريف ۽ عزت دار انسان ھو. ھر محفل ۾ سندس نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو ھو. اھا ڳالھه امان مون سان ڪندي ھئي. منھنجو ته وجود به ان وقت نه ھو مگر ٻڌل ڳالھه لکي رھي آھيان. ناني سليمان کي خبر ھئي ته چيلھار ۾ ڇوڪريون سگھڙ آھن، تنھن اتان شادي ڪئي. امان جي ناني جو نالو ڪونئر ٻائي ھو. امان جي بقول ناني ڏاڍي سگھڙ ھئي. ان وقت پٽاندر ھر فن مولا ھئي. تمام شريف ۽ ان سان گڏ سگھڙ. ناني سليمان کي ٽي ڌيون پيدا ٿيون. هن جا نالا ويرٻائي، ناني حوا ۽ ناني سماني هئا. منھنجي ناني سڀني ڀينرن ۾ وڏي ھئي. منھنجي ڏاڏي کي پنھنجي ڀاءُ جان محمد لاءِ به تمام سٺي گھراڻي جي ۽ سگھڙ ڇوڪري جي گھرج ھئي. ان وقت ماڻھو اھي نھارون ڪندا ھئا ته ادا  ٻار سٺي گھراڻي جو ھجي، انسان تي ڇوٽي لمي اچي پيئي ته اھي منھن ڏئي وينديون. اھو خيال ڪري ڏاڏا پنھنجي ننڍي ڀاءُ ناني جاني لاءِ گُھر ڪئي . مکي مانجھي ھلي آيو، سو نانا سليمان به انڪار نه ڪيو. ڏاڏا به ڏاڍا ڪوڏ ڪيا. زيور به اعلى ۾ اعلى درجي جا ٺھرائيائين. ناني حوا پنھنجي سوٽ جي پٽ ناني جميل کي ڏنائين جنھن مان ناني حوا کي ھڪ ماما ھارون ۽ ٽي نياڻيون سونڀائي،  عزت عرف اجان، رحيمان پيدا ٿيون. ناني جي امان وفات ڪري ويئي ته ناني سليمان ٻي شادي ڪئي. ان مائي جو نالو مون کي ياد نه آھي. ان مان ھڪ پٽ ٿيس جنھن جو نالو محمد ميان رکيائين.  ڀاءُ تي ڀينرن جي ڏاڍي دل ھئي ڀاءُ به اھڙوئي سٺو ھو ۽ ڏاڏا ته خيال پٽاندر نانيءَ کي سمجھدار ۽ سگھڙ ڪري آندو ھو. اھي سڀ نُڪتا منھنجي ناني ۾ موجود به ھئا. ڀائرن جو جيڪڏهن ملڪيت تي ڪو تنازعو به ھو ته به ناني ان ۾ ڪجھه نه ڳالھائيندي ھئي. قرآن شريف تمام چاهه ۽ دل جي لڳاءُ سان پڙھندي ھئي. گنج عرش به ياد ھوس. سنجيده طبيعت جي مالڪ ھئي. پنھنجي ڪم سان ڪم رکندڙ ھوندي ھئي . نانيءَ جا ٻه ٻار ٿيا ته نانو موليڏنه ، جيڪو ناني مڪان جو اصل مڙس ھو ،وفات ڪري ويو. ان مان ھن کي ھڪ ڌي ڄائي هئي، جنھن جو نالو راڄٻائي رکيو ھئائون. ناني مڪان قاضي الھرکيو جيڪو اسان جي قاضي صاحب جو والد مرحوم ھو ان جي ڌيءَ ھئي. ڏاڏا ته اھو سڱ تمام حب سان ڪيو ھو، پنھنجي ڌيءَ سکٻائي بدلي ۾ ڏيئي ڀاءُ کي پرڻايو ھو مگر قدرت کي جيڪي منظور ھجي ٿو اھوئي ٿئي ٿو- لکيو منجھه نراڙ قلم ڪياڙي نه وھي سو ڪجھه وقت کان پوءِ نانا موليڏني جي وفات کانپوءِ منھنجي نانا جانيءَ جو نڪاح ناني مڪان سان ٿيو. سڪون جو دور ختم ٿيو- منھنجي ناني  ويچاري درويش، ٿور ٻولي ۽ ناني مڪان تمام چالاڪ ھئي. کين ٻار به گڏ گڏ پيا ڄمن. ناني ته صبر واري به ڏاڍي ھئي. مون کي ياد آھي ته ناني اسان کي قرآن شريف پڙھائيندي ھئي. اتان پنج رپيه پگھار ملندو ھوس. ملڪيت ته ڏاڏا وٽ اچي ويئي، تنھنڪري نانا وارا  غريب ٿي ويا مگر نانيءَ صبر ۽ شڪر کي ھٿ مان نه ڇڏيو. مائين جا گج ڀريندي ھئي، سلائي جي مشين گھرائي ان مان گج سبندي ھئي. ان پورھئي مان ورچندي به نه ھئي. نانيءَ کي ڇھه پٽ سَتَ ڌيئر پيدا ٿيون. جن مان ٻه ماما احمد علي ۽ محمد عمر. ٻه ڌيئر ھڪ امان ۽ ھڪ رحيمان جنھن جو مڱڻو به ٿيو ھو، چوڏھن سالن جي ھئي ته وفات ڪري ويئي. باقي سندس ٻار ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويا ھئا.  سبب الائي ڪھڙا ھئا. ناني مڪان کي به سَتَ پٽ ۽ ڇھه ڌيئر ٿيون. جن مان ٻه پٽ محمد مصري ۽ ابراھيم بچيا. ٻه ڌيئر ماسي سڪان ۽ ماسي رحمت، ان سڄي اولاد مان ھاڻي باقي ماسي رحمت اڃا زنده آھي پر 78 سال عمر اٿس، اڃا ھوش ھواس سالم اٿس. ٻيا سڀ ويا واٽ وھائي. نانيءَ پنھنجي ڀاءُ ڏاڏي مانجھيءَ جي ملڪيت ڇڏي ته پوءِ ھو غريب ٿي ويا پر بھر حال  نانا کي اسان وارا قاضي يعني ناني مڪان جا ڀائر جيڪي تمام سگاگر ھئا اھي دڙيلي وٺي ويا، اتي دڪان کولي ڏنائون. ڀيڻ جي سار سنڀال به پنھنجي حوالي ڪيائون. نانا ڪجھه وقت کان پوءِ پنجاهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. انالله و انا اليـﮧ راجعون. ناني مڪان کي ڀائرن کڻي ورتو. منھنجي ناني ته صبر جو دامن جھلي ٻچن کي ڪنڌ۾ وجهي ويهي رھي، رھي امان اها به ڪافي وڏي ٿي ويئي ھئي. اھا به ڀرت وغيره ۾ نانيءَ جو  ھٿ ونڊائيندي ھئي. کين ھڪ ٻڪري ھئي ان جي کير مان لسي پاڻي ڪندا ھئا. مگر ڪنھن اڳيان ھَٿُ نه ٽنگيندا ھئا- ائين ڪري پنھنجي ٻنھي پٽن کي دعا سان پاليندي رھي. ڪنھن جي در تي سوال ڪرڻ لاءِ نه ويندي ھئي. ناني مڪان جي ماءُ اسان جي قاضي صاحب جي والده سڳوري تمام سخي ۽ دل واري مائي ھئي. اھا پنھنجي ڌيءَ لاءِ مکڻ لسي جو لوٽو آڻيندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن کين چوندي ھئي، ويرٻائي احمد ۽ عمر لاءِ به وَٺُ ته ناني پيرن تي ھٿ رکي چوندي ھئي امان مون کي دعا ڪر، منھنجي پٽن ۾ برڪت پوي ته مچي مڙس ٿين. ڏکون بکون رب لاھي ڇڏيندو. ان شاءالله. پنھنجي رب جي در جي اميدوار آھيان. مالڪ سائين منھنجي ۽ ھنن ٻچڙن جي مدد ڪندو. ان شاءالله

 ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي ته صديقاڻي جيڪي اتي اچي خوشحال ٿيا ھئا سو انھن مان  حاجي طالب چوائي موڪليو ته ادي ويرٻائي کي ڪا ضرورت ھجي ته اسين سندس مدد ڪريون. ناني ان جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائين ته ادا کي منھنجا سلام ڏجو ۽ کيس عرض ڪجو ته منھنجي ٻچڙن کي ان مَرَ کان الله بچائي. ان شاءالله ويندا لڙهه لھي. بس توڪل ته ڪو کانئس سکي. واقعي الله ايڏو غفورالرحيم آھي، جنھن اھي لُڙهه نانيءَ جي حياتي ۾ ئي لاٿا. پنھنجي پٽن کي درزيءَ جو ڪم سيکاريائين. پوءِ احمد ۽ ھارون کٽي درزيءَ کان ڪم سکي ماما وارا  ان ڪم ۾ ايترا ته ڀڙ ٿيا جو نالو ڪڍيائون. ڪوٽ سبڻ، ڪپهه وجھي ڪوٽيون ۽ ٽوپيون اهڙيون ٺاھيندا ھئا جو سردين ۾ ماڻھو ڏاڍي چاهه سان پائيندا ھئا. روزانو ايترو ڪمائي ايندا ھئا جو آھستي آھستي پنھنجي مشين ورتائون. ٿوري وقت ۾ ٻي به مشين ورتائون ۽ سکيا ستابا ٿي پيا. ماما عمر کي 1936 ۾ جان محمد  پٽ به ڄائو. ناني ڪم سڄو پاڻ ڪندي ھئي. بوا ڀاڳل کي ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندي ھئي. اسان کي ڏاڍو پيار ڪندي ھئي. اسان جي ناناڻن جي ڪڙهه ۾ ھڪ ڪنڊي ھئي، ان جو سڱر ڏاڍو مٺو ھوندو ھو، ان جا کوکا جڏھن سڪندا ھئا تڏھن صفا ڪري ڪپڙي مان ڇاڻي ان جو اٽو ڪري ڪُلُر ٺاھيندي ھئي. گيھه ۽ کنڊ ملائي اسان کي کارائيندي ھئي، اھو به مون کي ياد آھي- اسان تي اَپَر دل جا ھئس - منھنجي ڄمڻ کان پوءِ امان کي نرن ۾ سور ٿيندوھو. جنھن ۾ امان اصل مري ٺري ويندي ھئي. ناني کيس مالش ڪندي ھئي ته  امان کي آرام اچي ويندو ھو. بابا ته خوش ٿيندو ھو ته وسو جي خدمت ڪري ٿي آخر ماءُ آھي. مگر ان تي به ادا احسان ڪڏھن ڪڏھن ڏاڍو گوڙ ڪندو ھو، ويچاري ناني ماٺ ڪري ھلي ويندي ھئي. سامھون اصل نه ٿيندي ھئي. منھنجي نانيءَ جو جھڙو حال ھوندو ھو ان موجب سواليءَ کي به خالي نه موٽائيندي ھئي.  نانيءَ جي زبان به مس قلم ھئي: جنھن کي دعا ڪندي ھئي ته انجو به اثر بلڪل ظاھر ظھور نظر ايندو ھو. پاراتو ڪوشش ڪري ڪنھن کي ڪو نه ڏيندي ھئي. ڇاڪاڻ ته دل جي تمام نيڪ ھئي. نماز، قرآن شريف جو ورد ۽ گنج العرش جي دعا کي اصل نه وساريندي ھئي. ماما عمر کي گڙدي ۾ پٿريون ھونديون ھيون، سدائين پيشاب ۾ تڪليف، اصل ايتري قدر انفيڪشن وڌي ويو جو سڀني چيو ته حيدرآباد وٺي وڃي علاج ڪريو. ان وقت ماڻھن ۾ ھمدردي به ڏاڍي ھوندي ھئي. ھتان ادا عبدالله منھنجو ڏير، ماما احمد ٻيو به ڪو ماڻھو گڏ ھو، ماما ھارون نانيءَ جو ڀاڻيجو ۽ ناني پاڻ بدين ويا. اتان گاڏي ھلندي ھئي ان رستي حيدرآباد ويا. ناني کي بدين ۾ ترسائي باقي ٻيا ماما کي وٺي حيدرآباد ويا. ڊاڪٽر چيو ھن جو آپريشن ٿيندو مگر سورھن آنا ڪامياب ٿيڻ جي اميد نه آھي. ان جي لاءِ وارث جي اجازت گھرجي. اھا ھئي سندس ماءُ جيڪا بدين ۾ ھئي. وري ڇا ٿيو جو ناني گنج العرش جي دعا پڙھي الله سائين کي ٻاڏائي سمھي پيئي. ناني جي به قول ته کيس ھڪ سفيد پوش درويش شڪل انسان نظر آيو چيائين ويرو پنھنجي پٽ کي ڪاتيءَ ۾ نه وجھه. ننڊ مان جاڳي ته ڪير به نه ھو. وري سمهي رھي وري به کيس ائين نظر آيو. اٿي ويھي ڌڻي پاڪ کي ٻاڏايائين، ڌڻي ھاڻي تون واھر ڪر ھتي ته ڪير آھي ئي ڪونه جنھن کي چوان تون مدد ڪر. واھر وسيلو ٿي. اڃا سج مس اڀريو ته ادا عبدالله اچي پھتو. سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. ناني چيو ابا الله سائين تنھنجو ڀلو ڪري منھنجي پٽ کي وٺي اچو. ھاڻي ڌڻي منھنجي مدد ڪندو ۽ منھنجي ٻچڙي کي بچائيندو. اھو ٻاجھارو ۽ مھربان آھي  پوءِ ھي بيت چيائين:

تھه دلون تنھنجي اچي دامن جھلي دستگير،
آءٌ پيس پاتار ۾ مون کي اُڪارج دستگير.

ٻئي ڏينھن ماما کي وٺي آيا وڃي ڳوٺ پھتا. اتي اچي رب کي ياد ڪيائين، شڪر ڪيائين. وري امان خواب ڏٺو ته عمر کي ھريڙ ۽ جَوَ کار پياريو ته چڱو ڀلو ٿي ويندو. نانيءَ سان امان اچي ڳالھه ڪئي. ماما عمر دادلو ھو ناني سان جام وڙھندو ھو سو مڃي نه. امان ھريڙون ۽ جَوَکار وٺي آئي ته اڄ آءٌ ھن عمر کي پاڻ پسائي ٿي پياريان، ڪيڏانھن ويندو. ائين ڪيو ويو ۽ چاليھه  ڏينھن ۾ چڱو ڀلو ٿي ويو. ڪيڏانھن ويا سور ڪيڏانھن گنڊا اھو ھو دعا جو ڦل، اھو آھي الله سائين، جو جڏھن لڙهه لاھڻ تي ايندو آھي ته وٽس ڪا دير نه آھي. پوءِ ٿوري  وقت ۾ ناني کي نمونيا ٿي، ڇهن ڏينهن اندر ڳالھيون ڪندي نصيحتون ڪندي ھلي وئي. ان بيماري جي دوران ابراھيم کي چيائين ابا اِبُو تون الله ڪندو صوبيدار ٿيندين، ماما مصريءَ کي چيائين ماستر ٿيندين. ان وقت ماستر به وڏي ڳالهه ھئي. پوءِ ابراھيم کي چيائين ته ابا امان جو ھڪڙو ڪم ڪر توکي  دعا سان اڏي ڇڏينديس. چار  پنا کڻ تِنِ تي ڪلمون لک، ھڪڙو ڇت ۾ لڳاءِ ٻه پاسن کان لڳاءِ ۽ ھڪڙو سامھون واري ڀت ۾ لڳاءِ ته آءٌ جنھن مھل پاسو ڦيريان يا سامھون ٿيان ته مون کي ڪلمو شريف نظر اچي ۽ ڀر ۾ قل ھو الله به لکي ڏي. ابراھيم نصيحت موجب ائين ڪيو. ناني ته ھلڻ ھارا سپرين وڃڻ وايون ڪن. امان ان وقت گھر ۾ ڇيڻ کنيو ھو سو ان اولي لنبڻ ۾ پوري ھئي. وري ان کي گھرائي چيائين ته امان وسي مون ماءُ وٽ نٿي ويهين، آءٌ ھاڻي وڃان پيئي پوءِ تون ۽ گل جو گھر. پرين جو پاڻي ڀرج، ماءُ ڪونَه ملندي. ان ڏينھن امان واندي ٿي ۽ ناني به ھلڻ جو سعيو ڪيو.شام وچين نماز مھل ناني مڪان کي چيائين ادي مَڪُلِ ڪي غلطيون ڪيون اٿم ته معاف ڪج، مون به توکي معاف ڪيو، تون به مون کي معاف ڪج.  الحمدلله ھاڻي بھشت ۾ گھر اڏجي تيار ٿيو آھي قل ھو الله جي برڪت سان وڃي پھچندا سون . امان وڃي ڏاڏا کي ٻڌايو. چيٽ جو مھينو ھو نانيءَ جي کٽ ٻاھر اوٽي تي رکي ويئي اھو وقت مون کي اڄوڪي ڏينھن جھڙو ياد آھي. آءٌ به بيٺي ھيس. ڏاڏا آيو، اچي ناني جي منھن تي ھٿ ڦيريائين. ناني يڪدم گونگھٽ ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪري  ھٿ وڌايو تڏھن ڏاڏا اکين ۾ پاڻي آڻي چيو "اڙي منھنجي ماءُ، ڪريان- سر سان وھاڻي ته به ساهه نه مٽيو سڄڻين" ايڏي پردي جي پابند ھئي منھنجي ناني! اوڏي مھل مغرب جي آذان آئي، ڏاڏا جي ويٺي نانيءَ ڪلمون شريف پڙھيو سڀني جي شاھدي واري دم ڏنو. انالله وانا اليہ راجعون. پنھنجي پٽن کي پارت ڪيائين ته رات جو درود شريف ضرور پڙھجو. حامد ڊاڪٽر، ادا اسماعيل مٺواڻي، ۽ ٻين به ھڪ ٻن ماڻهن سڄي رات پڙھيو. صبح جو الله سائين جي امانت وڃي سائين وٽ پھتي. الله سائين جنت الفردوس جي بھترين باغ ۾ جاءِ ڏيس. سيدالمرسلين سندس شافع محشر ٿئي. حضرت خاتون جنت رضه جو ديدار کيس نصيب ٿئي. اھا آھي انسان جي آخري حد جتي انسان کي ھر گز ھر حالت ۾ وڃڻو آھي. دعا آھي ته ڪنھن امن ۽ ايمان جي سلامتي سان مومن کي گھرائي.

نانيءَ جي ذڪر ۾ مون پنھنجي مامي احمد جو ذڪر اصل ڪيو ئي ڪو نه آھي اھا ڳالهه ھينئر ماني کائيندي شاھد سان ڳالھه ڪندي ياد آئي آھي. تنھنڪري ھتي قلم تازو ڪري لکي رھي آھيان. ماما احمد وڏو ڀاءُ ۽ تمام پيارو ڀاءُ ھو. ننڍي ڀاءُ ۽ ڀيڻ منھنجي امان تي ۽ منھنجي ڀيڻ حور ٻائي تي به اَپَر دل جا ھيس. پنھنجي زال ننڍي ھوندي فوت ٿي ويئي ھيس. ننڍڙي ڌيءَ ڄائي ھئس اھا به ھلي ويئي. پاڻ اڪيلو رھجي ويو. پنھنجي وندر ڪابه ڪانه ھئس. ناني مڪان کي سڱ لاءِ چيائين. نانيءَ به ناني مڪان کي منٿون ڪيون ته ڀلائي ڪري احمد کي رحمي (منھنجي ماسي رحمت) ڏئي، منھنجي پٽ جو در کلي . اُھا به ھا نه ڪري. سو ويچارو نراس ٿي ويھي رھيو. آواز اھڙو ته مٺو ھئس جو ھلندي رستي ۾ ماڻھو بيھي رھندا ھئا. امان کي منھنجي ڄمڻ کان پوءِ نرن ۾ اھڙي قسم جو سور پوندو ھو جو مرڻ جھڙي ٿي ويندي ھئي. ناني ته ماءُ ھئي ويچاري پئي آڌي مانجھي ڦرندي ھئي. مگر وڃڻ وقت چيائين ته امان وسي توکي دعا ٿي ڪريان، ھي سور وري ڪڏھن نه پوندو. تنھنجي سورن جون ميخون آءٌ الله کان پني ڪڍي ٿي ڇڏيان، سو ٿيو به ائين. وڻ آڏو وراڪو ٿيو. امان کي ڏس مليو ته بدين ۾ ھڪڙي دائي آھي اتي وڏيرو سائينداد آھي، ان جي گھر ۾ رھندي آھي ۽ علاج به تمام سٺو ڪندي آھي. اتي بابا اسان کي وٺي ويو. ٻه اٺ طوطي جھڙا ٻه ڌنار پاڻ سان گڏ کنيائين. بابا راڳ رنگ جو شوقين ھوندو ھو. رستا به ڊگھا ھوندا ھئا. ماما احمد کي چيائين ٻيلي احمد ڪا جھونگار ڪر ته ھي پنڌ کٽي. ماما کي ته بس چوڻ جي دير ھئي. اھو راڳ شروع ڪيائين نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو. آھيان نڌرنماڻي ڪونھي ڪو مائٽ ڪنھنجو. رستي ۾ ڪو ڪولھين جي لڏ پئي ويئي سو واقعي رستي ۾ بيهي رھيا. چيائون ڇوري جو ڪو راڳ آھي! جيستائين اسان جا اُٺ سندن اکين کان غائب ٿيا تيستائين ته ٻڌندا رھيا. ڀائرن جي امان سان ڏاڍي دل ھئي. ادي ادي پيا ڪندا ھئا. خاص ڪري ماما احمد جي. شايد اھا دل وڃڻ لاءِ ڪئي ھئائين. انھن ڏينھن ۾ گرامو فون جو رواج اچي پيو، سو پھريائين اسان جي پاڙي ۾ قاضين جي گھر ۾ فونو آيو. ادا عبدالله وٺي آيو. ڏاڍي رھاڻ مچندي ھئي. ان ۾ ھڪڙو ته نعت ھئي. اھا وڄندي ھئي. قاضي صاحب جي والده سڳوري کي اھا ڏاڍي پسند ھئي. ھن پنھنجي پٽن کي وصيت ڪئي ته جڏھن منھنجا ڏينھن پوراٿين ۽ مولا پاڪ مون کي گھرائي ته ھي فونو وڄائي جنازي سان گڏ اھا مون کي ٻڌائيندا ته آءٌ اوھان کي دعائون ڏيندي رھنديس. وقت ته اھو اچڻو ئي آھي سو برابر آيو. والله غالب اليٰ اَمره. تڏھن سندس پٽن چيو ته امان جي وصيت پاڙڻ ضروري آھي مگر چاچو مولوي صاحب جو ھميشه پنھنجي ڀائٽن کي چوندو ھو ۽ نصيحت به ڪندو ھو ته گھڻو شو شاءُ نه ڪندا ڪريو، توھان تي حسد ٿيندو ته ڪريو هيئن جو ادي جي وصيت به پوري ٿيندي ۽ ماڻھن جي نظر کان به امن رھندو، سو احمد کان نعت پڙھايو.  منھنجي ماما احمد جو آواز ڏاڍو مٺو ھوندو ھو. ان اھا نعت پڙھي. اھا نعت قاضي جي ڪتاب ۾ لکيل آھي، مگر مون کي ياد نه آھي. مون کي به پسند آھي. انھيءَ ڪري ٻه ٽي اکر ھتي لکي رھي آھيان.

ماهه کان بھتر ڪير محمد ﷺ مھر منور ڪير محمدﷺ

پوءِ جڏھن  منھنجي مامن جي ڪمائي وڌي، تڏھن ماما احمد کي شوق ٿيو ته آءٌ به فونو وٺان ۽ فونو وٺي به آيو. رڪاڊ به تمام سٺا ورتائين ۽ ان سان گڏ ھارمونيم  به ورتائين. فونو به اھڙو ته سٺو ۽ وڏو ورتائين جو ڄڻ ته ھن وقت جي ٽي وي جون سڪون پيو لاھيندو ھو. ان سان گڏ لائوڊ اسپيڪر، پوءِ ته بابا برسات جي موسم ۾ واه واه! پاڻ ۽ حور گڏجي فوني تي مائي جيوڻي ۽ ماستر چندر جا رڪارڊ اھڙا ته  هلائيندا ھئا جو بابا کٽ تي ويھي پيو واه واه ڪندو ھو ۽ خوش ٿيندو ھو. ماما احمد شام جو دڪان تان ٿڪجي ايندو ھو ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اھا وندر ڪندو ھو. جاني منھنجي ڀاءُ تي ڏاڍي دل ھوندي ھيس. ايتري قدر جو پنھنجي ساهه کان به مٿي سمجھندو ھو. ھڪ دفعي جي ڳالهه آھي ته ٻنپھرن جي مانيءَ لاءِ آيو.  سندس دستور ھوندو ته اچڻ شرط جان محمد کي سڏي کيس ھنج ۾ ويھاري پوءِ ماني کائيندو- اندر وڃي ڏسي ته جاني ستو پيو آھي. ابا ابا ڪري سڏ ڪيائينس. ھي نه جاڳيو، ھٿ رکي ڏٺائين ته بخار ھوس مگر بخار جا به اَڙا. چيائين ڀاڳٻائي ھن ابا کي ته بخار آھي مگر تمام گھڻو آھي. ماميءَ چيو  ادا تون ته هميشه اسان جو مٿو کائيندو آھين. ھن پل مون وھنجاري سمهاريو آھي. اھا ته نه آئي. ناني مڪان کي سڏ ڪيائين. آئي مڪان ڏس ته ھن ابا کي ڪيترو بخار آھي. ڀاڳٻائي مون کي مڃي ڪونه ٿي. اتي ناني مڪان آئي چيائين برابر تمام گھڻو بخار آھي. امان ڊوڙندي آئي. ماني ته رھي.  پاڙي ۾ ڊاڪٽر رامچند رھندو ھو. ان کي وٺي آيو ڇا ڏسي ته 107 ڊگري بخار آھي. ڇوڪري کي ھوش ئي ڪونه ھو. نڪا ڪيائين ھم نڪا تم ناناڻن جي ڇني ۾ مصلو وڇائي چيائين يا خدا تون پاڪ آھين آءٌ گنھگار بندو آھيان عرض ٿو ڪريان ته منھنجي جيڪا باقي عمر آھي آءٌ ھن جان محمد کي ٿو ڏيان مگر ھن کي بچاءِ ھن کي ڪوسو واءُ به نه لڳي. آخر ڊاڪٽر به علاج ڪيو پٽيون وغيره رکيون ڇوڪرو سجاڳ ٿيو ۽ ھڪ ٻن ڏينھن کان پوءِ ٺيڪ ٿيو پرماما ويچارو واقعي مٿانس قربان ٿي ويو. ٿوري گھڻي ڏينھن بخار ٿيو- نه لٿو. آخر ڪار ھلندي ھلندي ٽي بي ٿي سور کائي 1942ع ۾ ويچارو ماما ھلي پنھنجي رب پاڪ سان وڃي ملاقات ڪئي. جڏھن ناھيد ڄائي ته نالو به پاڻ رکيائينس. نالي رکڻ مھل چيائين ادي آئي چاچا ھليو، توھان اوتي ڪا اوتا. آخر فاني آھي. ھر ڪنھن کي ھلڻو آھي. مگر ڪي موت به ڏاڍا ڏک جھڙا ھوندا آھن. حور سان گڏ ڏورو ڳائيندو ھو. ھندن ۾ جڏھن ڪا ڇوڪري شادي ڪري پرديس ويندي ھئي تڏھن اھي مايون اھو ڏورو ڳائينديون ھيون. اھو مون کي پورو ياد نه آھي، ماسي رحمت کي ياد آھي. اھو منھنجي ڀيڻ ۽ ماما جي ياد گيريءَ جي ھڪ نشاني آھي جو ٻئي گڏ ڳائيندا ھئا. 

 اھي ڳالھيون ته پئيون ھلنديون جيستائين زندگي آھي ته ان سان گڏوگڏ ھلنديون رھنديون. وڌيڪ اھو لکڻ چاھيان ٿي ته مون کي جو ننڍپڻ ۾ شوق ھوندو ھو ته آءٌ ڪنھن جي ڪم اچي سگھان، موليٰ پاڪ کي ھر مھل اھو ئي عرض ڪندي رھندي ھيس ته منھنجا مھربان سائين، تون مونتي اھڙو وڙ ڪر جو آءٌ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪجھه ڪرڻ جي قابل ٿيان ۽ اھڙا موقعا فراھم ڪري ڏي. اھو سائين ھيمشه پنھنجي بندن تي مھربان رھيو آھي. ۽ اڃا به شال ھيمشه مھربان ئي رھي. جيڪو به موقعو ملندو ھو ته ڪوشش ڪندي ھيس ته ڪنھن غريب جي مدد ڪريان.     

 ھڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو ٻار سڀئي اسڪول ويا ھليا، مون گھر جي صفائي پئي ڪئي. ھڪڙو ننڍو ڪتابچو مون کي نظر آيو. ھٿ ۾ کڻي ڏٺم اھو ڀٽي صاحب جو دور ھو، پڙھيم ته بيگم نصرت ڀٽو حيدرآباد شھر ۾ ڪنھن ڪنوينشن کي خطاب ڪيو ھو، ان جو احوال ڏاڍو سٺو ھو ۽ دل پسند ھو. تقرير به مون کي ڏاڍي پسند آئي. غريبن لاءِ اھي ڏاڍا مھربان ٿي آيا ھئا. ان تحرير ۾ ھڪڙو شاهه جو بيت مون کي ايترو ته وڻيو جو اڄ ڏينھن تائين مون کي ياد آھي ۽ دل تي نقش آھي:

ککيءَ ھاڻيون کاريون ککي ءَ ھاڻان ڇڄ،
پاند جنين جي پاند سين لڳو ٿئي لڄ،
سمو   ڄام  سهنج اڀو ڪري ان سين

مون چيو ته واھه جو دور آھي ھن مان فائدو وٺڻ گھرجي.  ڪم ڪار ڦٽا ڪري ويٺيس خط لکڻ. اھو به ٻڌڻ ۾ آيو ھو ته بيگم نصرت ڀٽو کي جيڪو پرائيوٽ خط لکندو آھي ته ان تي ڏاڍو غور ڪندي آھي ۽ ان تي عمل به بر وقت ٿيندو آھي. سو ڏاڍي چاهه مان ھڪڙو خط لکيم جو اٺن صفحن تي مشتمل ھو . ان ۾ مون جيڪي خاص گُهرون ڪيو ن اھي ھي ھيون:

§              ته اسان جي ڏيپلي شھر کي مڊل اسڪول مان ھاءِ اسڪول جو درجو ڏنو وڃي.

§       غريب شاگردن لاءِ اسڪالرشپ ڏني وڃي.

§       غريب ماين لاءِ ڪجھه گرانٽ ۽ سلائي مشينون ڏنيون وڃن.

§       اپوا اسڪول کولي غريب ماين لاءِ روزگار جو ذريعو مھيا ڪيو وڃي.

§       شھر لاءِ جنريٽر ڏنو وڃي جيئن ھتي شھر ۾ روشني جو صحيح انتظام ٿئي.

خط جا جنسي لفظ ھاڻي ڪافي وقت ٿي ويو آھي ياد ناھن. پر مطلب اهو هو جيڪو لکيو اٿم. اھو خط لکي رجسٽرڊ پوسٽ ڪري موڪليم. خط محترمه کي الاءِ جي مليو يا نه مگر الله سائين ڪو اوڏي مھل ٻاجھايو ويٺو ھو. ان اھي سڀ ڳالھيون ٻڌي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پنھنجي بندن کي تيار ڪيو . ٿوري وقت کان پوءِ ڀٽي صاحب جي حڪومت تبديل ٿي ويئي.

ويا مور مري ھنج  نه رھيو ھيڪڙو،
تن سندي آھري، ويٺا چٻ چڙھي،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.

ڪجھه وقت گذريو ته واقعي ڏيپلي ۾ ھاءِ اسڪول منظور ٿيو. ڀلي اھو منظور ادا قاضي صاحب ڪرايو. جنھن جي ھيڊ مسٽريس به رحمون منھنجي ڌيءَ ٿي. انهيءَ ٿوري وقت ۾ ٿرپارڪر ضلعي جو ڊي-سي منظر اڪبر ٿيو ھو. ان جي بيگم رضيه مٺي ۽ ڏيپلي جي دوري تي آئي ۽ اسڪول جي وزٽ ڪيائين. رحمون به سندس تمام گھڻي آجيان ڪئي. ان رحمون کي چيو ته ھتي اسان کي اپوا جو اسڪول کولڻو آھي. ان لاءِ اسان کي شھر جون ڪي معزز مايون گھرائي ڏيو ته اسان انھن مان پنھنجو عملو چونڊي اسڪول جو ڪم جاري ڪريون. انھن ويٺي ئي رحمون مون کي گھرايو. مون وري صلاح ڏني ته ٻيون به شھر جو چڱيون مايون گھرايو جن ۾ حاجي ڀليڏني جي زال سونا، صديقاڻي سونا،  ڊاڪٽر شفيع جي زال حليمان،  حاجي رمضان جي زال ادي جانان، غرض مڙيئي ھر پاڙي مان ھڪ ھڪ مائي آئي. ھاڻي چونڊ ڪرڻي ھئي. سڀني سان ڳالھائي خوش خير عافيت ڪري چيائين ته چيئرمين ته ادي فاطمہ کي ٿا ڪريون. باقي عھدا توھان پنھنجي مرضي سان ڪري وٺو . اھو سڀ ڪجھه ٿيو. برابر اسڪول کليو، مشينون به آيون، ٽي ٽيچر به رکيون. ھڪ ڊاڪٽر شفيع جي سالي ممتاز، ھڪ ماستر محمد کٽيءَ جي ڌي، ھڪ ٻي به ڪا مائي رکي ڪم شروع ٿيو . ھر مھيني باقاعدي ميٽنگ ٿيندي ھئي. جڏھن ڪم تمام سٺو ھليو، ڪافي ڪپڙا ڀرت وغيره ڪٺا ٿيا ته  ميرپور خاص ۾ مينا بازار لڳي. آءٌ سامان کڻائي ويس ته اسان جو سامان تمام پسند ڪيو ويو. ڪافي وقت اھو سلسلو ھليو. ان وچ ۾ جنرل ضياءَ جو دور ھليو، چونڊون ٿيون، عورتن کي ٽائون ڪائونسلر ٿيڻ جو موقعو مليو ته ادا طاھراڻي، ڊاڪٽر شفيع سڀني مون تي زور ڀريو. قاضي صاحب کي راضي ڪيو. قاضي صاحب خوشي سان اھا رٿ به قبول ڪئي. آءٌ اھو تمام دل جي گھراين سان ۽ دعا سان چوندي ھلان ته قاضي صاحب جھڙو شفيق ۽ مھربان، ھمدرد ۽ ھم خيال انسان ملڻ ھڪڙو قدرت جي طرفان انعام ھو، جنهن جا جيترا شڪر ڪجن اوترا ٿورا آھن.

ٿورا منجھه ٿرن مون تي ماروئن جي ڪيا،
عمر ان ڳڻن آءٌ ڪيئن لوئي لاھيان.

 اتي حيدرآباد اچي وياسون. منھنجي ڪائونسلري اتي به بحال ھئي جو ڀائر سڀ منھنجا ڪم ڪار ڪري صحيح اچي مون کان وٺي ويندا ھئا. اتي ايس.ايم عباسيءَ جو ڪنووڪيشن ٿيو ته اسان کي دعوت ملي ۽ آءٌ آپا مسز شيخ سان گڏ ويس. اتي مون ھي سڀ مطالبا ڪيا. گورنر سان مون کي ملاقات جي تاريخ ملي جا وري ڪمشنر حيدرآباد ادا عبدالله جي ميمڻ جي معرفت اطلاع مليو. آءٌ مشھود کي وٺي ڪراچيءَ آيس. ويھه منٽ ملاقات جا مليا. ان ۾ گورنر سان ھي سڀ ڳالھيون ڪيم. سڀ گهرون منظور ٿيون. جنريٽر به مليو. ماين لاءِ گرانٽ به ملي. مشينون به مليون جيڪي پنھنجي ھٿن سان غريبن ۾ تقسيم ڪيم. اھي سڀ ڪم ان ڪريم مھربان مالڪ جا جنھن جي ڪرم سان سڀ موقعا ملندا رھيا ۽ ھن عاجز گنھگار جي رھنمائي ۽ رھبري پئي ٿي. اھو آھي رب، جو ڏيھن جو ڏاتار آھن ۽ بندي جي آرزو پوري ڪرڻ وارو مھربان مالڪ آھي.  

وري حيدرآباد ۾ يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت قائم ٿي ان ۾ ڊاڪٽر الھه ورائي صاحب منھنجو نالو کنيو. ان جو خيال ھو ته اديءَ کي ماين ۾ پريزيڊنٽ ڪريون مگر جيڪي ميمبر ھئا انھن آپا خورشيد ميمڻ جو نالو ڏنو. آءٌ ته ان ۾ به خوش ھيس. آءٌ وائيس پريزيڊنٽ ٿيس. اھو به ڪم تمام سٺي نموني ھليو. ڪڏھن ڪٿي ڪڏھن ڪٿي ڪيمپون لڳنديون ھيون. ويندا ھئاسون. ٻار وڏا ھئا. سڀئي پنھنجي پنھنجي مشغولين ۾ ھئا. قاضي صاحب جي اجازت ھئي. اسان به خوش ھئا سون. گھر کي به سٺو منھن ڏيندي ھيس. وري سنڌ ميمڻ جماعت ۾ به ميمبر ٿيس. پوءِ اسان ڄام شوري شفٽ ٿي ويا سون. قاضي صاحب جي به طبيعت ٺيڪ نه رھي. مون به پنھنجون اھي مصروفيتون گھٽائي ڇڏيون. مطلب ته رب پاڪ کي جيڪو مون عرض ڪيو ھو ته منھنجي ھٿان الله سائين ڪنھن کي فائدو پھچائي اھا آرزو مالڪ سائين پوري ڪئي. شال اھا قبول پوي. مون بنا لالچ جي ڪم ڪيو اجر ته رب پاڪ وٽ آھي. اھو ئي ڏيندو.    

  مھربان مالڪ مون تي ڏاڍا ڪرم ۽ احسان ڪيا آھن، عزت امن سلامتي ڏني، نيڪ بخت ۽ صالح اولاد عطا ڪيو ۽ پڻ قاضي صاحب جھڙو نيڪ صفت، ھمدرد ۽ ھمراز، حال محرم رفيق حيات ڏنو، اھي سڀ ڪرم ان ڪريم جا آھن نه ته انسان ويچارو ڪمزور آهي ۽ ڪمزور خمير جو بنايل ڇا ٿو ڪري سگھي! الحمدلله سڀ ڪرم ٿيا آھن ۽ ھاڻي به شال ٿيندا رھن ۽ وري اھي به احسان ڳڻڻ کان اپار آھن جو عارب جھڙو نوڪر جنھن کي نوڪر به نه چئجي پٽ سمجھجي ته به جائز آھي. جنھن کي اٺٽيتاليهه سال ٿيا آھن ته ھن شخص ڪڏھن وڃڻ جو نالو نه ورتو آھي. ھر حال ۾ اسان جي ساهه سان گڏ آھي. اھي سڀ ڪرم الله سائين جا آھن. آءٌ ان رب پاڪ جي شڪر بجاءَ آوري لاءِ جيڪڏھن سر سجدي مان نه کڻان ته جائز آھي. ان سائين مون تي ھر طرح پنھنجون مھربانيون ۽ عنايتون قائم ۽ دائم رکيون آھن، الحمدلله. اولاد ۾ سڀ ڌيئرون جا ھر ھڪ دل سان امي امي ڪندي آھي، الله سائين سڀني کي اجر عظيم عطا فرمائي! جيڪڏھن پٽ ٻئي آھن ته بس اھو ئي چوان ته مالڪ ھي ڪرم ھن ڪميڻي تي ڪيئن ڪيو آھي جو اھڙا صالح ۽ نيڪ بخت پٽ مليا جن جي نالي وٺڻ سان دل مان آواز اچي ٿو ته الحمدلله الحمدلله. ڪھڙي دل سان ۽ ڪھڙي زبان سان ان سائين جا احسان مڃيان! جنھن مھربان مالڪ منھنجون سڀ ڪميون دور ڪري ڇڏيون آھن شڪر الحمدلله.  سڀ ٻچڙا جن جا نالا لکان ته به بدن جي ھڪ ھڪ رڳ مان اھوئي آواز اچي ٿو ته سڀئي ڌيئرون پنھنجي پنھنجي اھل ۽ عيال سان خوشحال آباد ۽ برقرار رھن ۽ شاھد بچي شال ۽ مٺو پيارو مشن شال پنھنجي آل عيال سان خوش آباد ھجن. توھان سڀئي ڀينرن جيڪي آءٌ ڀينرون سمجھان يا اولاد سمجھان توڙي ٻئي ڀائر جيڪي منھنجا ڀائر به آھن پيءُ کان مٿي پيار ڪن ٿا ۽ پڻ منھنجا ڏوھٽا سڀئي ۽ پوٽڙا سڀئي تنھن ۾ فرحان ته ماشاءَالله ھاڻي وڏو آھي، شاھد ۽ مشن جون سڪون پيو لاھي، ڪنھن جو نالو لکان-  شنيلا، عنبرين، آصف، نعيم خان، امان الله مصطفيٰ، افشين، مرتضيٰ، سڪندر، عائزه ۽ ننڍڙا شاھد، مشن ۽ خالده جا ٻار سڀ ايترو  پيار ٿا ڪن جو آءٌ ان شڪر مان ئي بس مٿو مٿي نٿي کڻي سگھان الحمدلله . ان ۾ جيڪي به مھربانيون آھن جيڪي به ڪرم آھن، اھي سڀ ان ڪريم ۽ ڪارساز جا آهن جو شمار ڪرڻ جوئي نه آھي الحمدلله.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org