سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:12 

شاھد بچي شال به ڊاڪٽر ٿيو جو سندس بابا به اکين سان کيس ڊاڪٽر ٿيندي ڏٺو. اھا به اسان جي آس ھئي ته ڪڏھن ماڻھو چوندا ته قاضي علي محمد جو پٽ ڊاڪٽر آھي. اھو به سائين پنھنجو فضل ۽ ڪرم ڪيو شڪر الحمدلله. پوءِ شاھد صاحب کي شوق ٿيو ته آءٌ ڊي. سي ٿيان. پنھنجي بابا کان اجازت گھريائين جا ھن کيس تمام خوشيءَ سان ڏني. خوشيءَ سان موڪل ڏيڻ ۽ راضي به رضا جو اھو فائدو ٿيو جو شاھد بچي شال سي  ـ ايس  ـ ايس جي امتحان ۾  پوري سنڌ ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. الحمدلله سائين جا ڪرم ۽ ان جون ڀلايون ۽ ڀال ڳڻڻ کان اَپار آھن. وري اسان جي مٺڙي مشن پياري ننڍڙي کي امان جي دعا لڳي جو ھن جي دل ھئي ته آءٌ انجنيئر،  ٿيان مگر ڪمپيوٽر سائنس ۾. ان وقت حيدرآباد ۾ اڃا ڪمپيوٽر جي تعليم نه کلي ھئي، فقط ڪراچيءَ ۾ ھئي. ھن فارم ڀريو مگر ڪراچيءَ ۾ داخلائون ختم ٿي ويئيون ھيون سو ڏاڍو مايوس ٿي آيو. امان ان وقت اسان وٽ ھئي ۽ ويچاري ماءُ به اھا ماءُ جا منھنجو ته بجاءِ خود مگر منھنجي ھر ٻار جو منھن پيئي سونگھندي ھئي. ھي آيو سلام ڪري ويٺو، مون کي ته ٻڌايائين پوءِ ماٺ ڪري ويھي رھيو. امان مون کي چيو ته امان مشھود جو منھن لٿل پيو لڳي، ناراض نه ٿيج. مون امان کي ٻڌايو ته امان ھن جي فارم جي تاريخ نڪري ويئي آھي. ان ويچار ۾ آھي. امان کي جوش اچي ويو ۽ جذبات مان چيائين امان ھن کي الله سائين ناڪامياب اصل نه ڪندو. ابا تنھنجا الاھي ڪم ڪندو ۽ ان شاءالله تنھنجا گھر ويٺي ڪم ٿيندا. تون يقين رک پنھنھجي رب ۾! الله سائين مھربان آھي. اصل مشڪل نه ڏيندو. آءٌ ته گنھگار آھيان مگر منھنجو رب ڏاڍو مھربان آھي. اصل  دلگير نه ٿي تون ڪامياب آھين، ان شاءالله. مطلب ته امان ھن ٻچڙي کي ڏاڍي دعا ڪئي. رب پاڪ کي به رحم اچي ويو ويچاري امان ته ان ئي ھفتي ۾ اسانکان موڪلائي ھلي ويئي مگر مشن کي رَنڱي ويئي.

 مون کي ياد آھي ته امان کي ھفتو کن مس ٿيو ته مشن ھڪ اخبار جو ليک کڻي خوش ٿي آيو، چيائين امي حيدر آباد ۾ ڄام شوري مھراڻ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جا ڪلاس کليا آھن.آءٌ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪريان ٿو. الحمدلله سڄي ٿرپاڪر ضلعي ۾ ھن جون سڀ کان وڌيڪ مارڪون ھيون سو الحمدلله اسان جو پيارو مشن خيرن سان داخل ٿيو شڪرالحمدلله. منھنجي امان جون دعائون ڌڻيءَ پاڪ اگھايون ۽ ھي خير خوبيءَ سان سدائين فرسٽ يا سيڪنڊ پوزيشن سان ڪامياب ٿيندو آيو. ان وچ ۾ روشن راڻي به ڊاڪٽر ٿي ته اسان کي ڄام شوري ۾ ڪوارٽر به مليو. شاھد صاحب به اچي ڊاڪٽري پڙھڻ لڳو. خالده نوابشاهه ۾ ڊاڪٽري پڙھڻ لڳي. ان تي قاضي صاحب ايترو خوش ٿيندو ھو جنھن جي ڪا حد نه ھئي. ڄام شوري جون کليل ھوائون، گھر خلاصو، اٿڻ ويھڻ جي آزادي. مسواڙ وارن جي آزار کان ڇٽاسون. ڏاڍو وقت عزت ۽ امن سان پئي ھليو ته وري ڊاڪٽر خليل کي به اتي ڪوارٽر مليو. اتي شادي جا سانباھا ٿيا. روشن ۽ شاھد صاحب جي شادي به اتي ٿي تمام خير خوبيءَ سان. اصل منڊل ٿي ويا . ٻن سالن کن ۾ شاهد جو فرزند پيارو فرحان به اچي ويو. الحمدلله پوءِ ته اسان جي قاضي صاحب جون سڀ اوڻايون رب پاڪ لاھي ڇڏيون. فرحان ته کيس نئين جواني ڏيئي ڇڏي ھئي . ڇا چوان ته قدرت ھنن نا چيز بندن تي ڪيڏا ڪرم ڪري ڇڏيا. خالده ننڍڙي ھئي، تڏھن ھڪ ڏينھن قاضي صاحب مون کي چيو ته جيڪي مايون پٽ ڄڻين ٿيون انھن ۾ شايد اھو پٽ ڄڻڻ جو مادو يا جزو ھوندو آھي تو ۾ شايد اھو جزو نه آھي. مون کي مايوسي ته اصل نه ٿي مگر مون قاضي صاحب کي چيو ته جڏھن غلام محمد ۽ الھورايو آيو ھو، تڏھن اھو جزو ڪٿان آيو ھو. توھان ته تمام توڪلي انسان ۽ ھڪ وڏيءَ دل وارا ۽ رب تي ڀروسي وارا آھيو، ان سائين تي رکو. اھو تمام مھربان آھي. چيائين اھو اتفاق ٿيو ھوندو آءٌ نا اميد ڪو نه آھيان مگر ڇا ڪريان عمر وڏي پيئي ٿئي ته انسان آھي ڪڏھن ائين ئي خيال اچي ويندو آھي ته الاجي پٽ ٿيندو يا ايئن ئي انتظار ۾ حياتي ھلي ويندي. مون قاضي صاحب کي دل سان تسلي ڏني. ڏک ته پاڻ کي به ٿيندو ھو  مگر قاضي صاحب کي لکا نه ڏنم. ان سائين مھربان مالڪ پنھنجو ايڏو وڏو عظيم ڪرم ڪري سڄي جڳ کي اها نصيحت ڏني ته اي عاجز بندا پنھنجي ڪرم واري ڪريم جي رحمت مان نا اميد اصل نه ٿيو. اھو جڏھن وريو تڏھن وس ڪري ڏيندو الحمدلله:

وسي تڏھن وس مند مڙيائي مينھن جي

***

جيڏو تنھنجو نانءُ آءٌ ٻاجھه به اوڏيائي مڱان،
ءري ٿڀين ري ٿوڻين تون ڇپر تون ڇانءُ،
آءٌ ڪڄاڙو ڪھان، توکي معلوم سڀڪا.

***

تون سپڙ آءٌ سيڪڙو تون ڏاتر آءٌ ڏوهه،
تون پارس آءٌ لوه جي سڃين ته سون ٿيان.

   ***

ڏاتار ته آھين تون ٻيا مڙيائي مڱڻا،
مينھن مندائتا وسڻا سدا وسين تون،
گھر اچين مون ته ميريائي مان لھان.

سو ڳالھه ان مٿان آئي ته اھو رب ڪريم، جنھن مالڪ ھيڏا ڪرم ڪري ڏيکاريا جو قاضي صاحب کي حياتي ۾ پٽ مليا الحمدلله. تمام صالح ۽ نيڪ بخت ۽ سندس حياتيءَ ۾ مالڪ مھربان کيس پوٽو فرحان به ڏيکاريو. ايتري مھرباني ڪيائين جو فرحان نالو به سندس بابا وڏي رکيو، شڪرالحمدلله. مگر انسان ويچارو ضعيف ڪمزور ڇا ٿو ڪري سگھي. رب پاڪ پنھنجي فيصلي تي پاڻ قادر آھي. اسان اسپتال مان آياسون. عقيقو ڪيوسون. اھو به پنھنجي ھٿن سان ڪرايائين. سيرو پلاءُ رڌرائي ادا عبدالرحمٰن جن کي گھرائي، ڪراچي وارن ڀائرن کي گھرائي، ڏيپلي مان بُوا وارين کي گھرائي ڏاڍي خوشي ڪيائين. جام فوٽو وغيره نڪتا. فرحان بچي شال ايترو صالح ۽ نيڪ بخت ھو جو ذور به نه رنو . سڀني واري واري سان فوٽو ڪڍرايا مگر ھي به خير سان پئي سڀني جي ھٿن ۾ ھليو. آخر ۾ سندس ڏاڏا بابا کيس پنھنجي ھٿ ۾ جھلي چيائين ته ھي ٻار ڪيڏو نه حليم آھي. ذري برابر اوءِ به نه ڪئي اٿس. قاضي صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ چيائين ته آءٌ ھن پياري فرحان کي اوّاه۪ حليم جو لقب ٿو ڏيان ۽ دعا ٿو ڪريان ته ان شاءالله ھي اسان جو ننڍڙو تمام نيڪ بخت صالح سپوٽ ٿيندو ۽ منھنجي پياري شاھد جو ۽ اسان سڀني جو نالو روشن ڪندو، ان شاءالله آمين. سڀني ان تي آمين ڪئي. بچي شال فرحان اڃا ٻاويھن  ڏينھن جو ٿيو ته قاضي صاحب کي ڌڪو آيو،  جو ايترو ڏسڻ ۾ وڏو نه لڳو مگر سندس ٽنگ ڀڄي پيئي. ۽ اسان وڃي کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايوسون.  ٻار ۽ سندس امي کي سندس ناناڻن ڏي سانگھڙ موڪليوسون. اسان وٽ خدمت لاءِ ماڻھو نه ھو بس ڇا ڪريون. اھي انسان جي زندگيءَ جا موڙ آھن. ويچارو انسان پنھنجي وس ۾ ته آھي ڪانه، شاه صاحب چوي ٿو ته:

آءٌ ڪا پاڻ وھيڻي  واڳ ڌڻي تنھنجي وس الا،
ھلائين تان ھلي ھلان،  بيھارين  تان  بس  الا.

 پنجن مهينن جي سخت تڪليف کان پوءِ به قاضي صاحب صحيح نموني ٺيڪ نه ٿي سگھيو. اسان انسانن پنھنجا سڀ حيلا ھلايا، ويڄ ڪيا مگر اسان جا ڪمزور حيلا نه ھلي سگھيا. ۽ الله جو امر غالب ٿي ويو ۽ اسان جو شفيق ۽ مھربان ھمدرد، حال محرم ۽ ٻچڙن جو سدا عاشق بابا نماڻا نيڻ کڻي اسان جي ھٿن مان ھليو ويو. منھنجي زبان مان فقط ھي لفظ نڪتا ته الاھي اسان جا منھن ھاڻي ڪير نھاريندو. بس قضا جو قلم وھي آيو. بندي جي ڇا مجال آھي! 

ھتان ڪي ھوت لنگھيا ويئڙا ڪيئن ورندا
منھنجا سامي سيڻ نماڻيءَ جا ھتان ڪي ھوت لنگھيا
ماهه وڍي ڏيان مِٽن کي الا جگر جو ڳيءَ جيرا
اديون منھنجا سامي سيڻ نماڻيءَ جا

***

وڃي سا رات وھاڻي ريءَ پسڻ پرين جي
ھھڙا اوڏا سپرين تو ڪيئن ننڊرھاڻي

***ء

ڏٺي ڏينھن ٿيام  ڪوه ڄاڻان ڪھڙا پرين
ولن جيئن وريام گوندر غم پرين جا

***ء

نه سي تڙ ھوڙاڪ  نه وايون وڻجارن جون
سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ
مارينم فراق پاڙيچيون پرين جا

ھن ڊائريءَ ۾ سڀني ٻارن جي پڙھائيءَ جي باري ۾ ڪجھه نه ڪجھه   گھڻو يا ٿورو لکيو آھي مگرشاھد بچي شال جنھنجي لاءِ دل ۽ بدن جي رڳ رڳ ۾ جا آس سمايل ھئي ته ڪڏھن پٽ ٿيندا ۽ اسڪول ۾ ويندا ۽ اسين اکين سان ڏسنداسون. الاجي حياتي به ڪيتري وفا ڪري. منھنجي امان چوندي ھئي ته امان ڪڏھن اھو ڏينھن ايندو جڏھن ماڻھو چوندا ته قاضي علي محمد جو پٽ اسڪول ويو آھي. جڏھن ٻار چوڏھين آگسٽ تي جھنڊا کڻي اسڪول ويندا ھئا، تڏھن ڏاڍي حسرت مان دعائون ڪندي ھئي ته  الله سائين اھو ڏينھن منھنجي حياتي ۾ آڻي  ته آءٌ اکين سان ڏسان ته منھنجي ڦاتوڙيءَ جو پٽڙو اڄ ٻين ٻارن سان جوڙيوال ٿي اسڪول ۾ جھنڊو کڻي ويو آھي. اڄ آءٌ شڪر مڃيندي اھو چونديس ته رب پاڪ سندس عرض اگھائيا ۽ مالڪ سائين مھر ڪئي.

ستر ڪج ستار آءٌ اگھاڙي آھيان،
  ڍڪيئم  ڍڪڻھار، ڏيئي پاند پناه جو.

ءمالڪ مھربان ٿيو الحمدلله، شاھد بچي شال اسڪول ۾ داخل ٿيو. ڏاڍو خوش ٿيا ھئا سون . امان صبح جو سوير کيس تيار ڪرڻ لاءِ ايندي ھئي. اسڪول  ڇڏڻ لاءِ پاڻ ويندي ھئي. ڇا چئجي سندس بابا ۽ امان جي اھا خوشي ۽ اھو ٻھڪڻ. الحمدلله ـ شاھد به ماشاءَالله  صالح ۽ نيڪ بخت ھو. پڙھڻ ۾ به ھوشيار ھو. اھي ڏينھن اڄ به دل تي نقش آھن. ياد ڪندي ڏاڍو سرور ايندو آھي. آخر اھو ڏينھن آيو جنھن جو امان کي شدت سان انتظار ھو ته شاھد بچي شال پاڪستان جو جھنڊو کڻي ھڪ جيڏن سان گڏ ھلي. سائين جھنڊي لاءِ ڪاٺي به امان پنھنجي ھٿن سان ڇُلھي، ڪپڙو اسان جي دڪان تان کڻي چنڊ تارو ھٿن سان ٺاھي سبي تيار ڪيائين. جڏھن شاھد بچي شال مٺائي کڻي واپس آيو ته ڏاڍو خوش ٿي. سندس بابا خاص طور جيمس آباد مان آيو ھو. بس مالڪ سائين ڏاڍي مھرباني ڪئي. ڪلاس ۾ ڀلي نموني ڪامياب ٿيندو پئي آيو. ۽ پنجن  درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪيائين . ننڍڙي ھوندي چوندو ھو ته آءٌ پيٽارو پڙھندس. عزيز ته ھونئين به سدائين چوندي رھندي ھئي ته  اسان جو ڀاءُ پيٽاري ويندو . اھو اکر ذھن ۾ رکيو ھئائين. اسين به خوش پيا ٿيندا ھئاسون.

انگريزي ۾ اچي الحمدلله سٺي نمبر ۾ پاس ٿيندو پئي آيو. سندس مقابلي ۾ منير عالي سرائي جو پٽ ھو . ٻنھي جي نمبر تي چٽاڀيٽي ھوندي ھئي. ستين درجي ۾ پيٽاري لاءِ ماستر الھڏني سرائي تياري ڪرائي ـ الحمدلله تمام عزت سان  خير سان ڪامياب ٿيو. 1974 ع ۾ داخلا مليس. اتي 150 روپيه اسڪالرشپ به کيس ملي.  الحمدلله مئٽرڪ کانپوءِ پري ميڊيڪل کنئي ھئائين جو اسان جي اھا به آس ھئي ته اسان جو پٽ ڊاڪٽر ٿئي. کيس ڄمڻ مھل ماسي راڄٻائي صالح صاحب جي والده اھا دعا ڪئي ھئي ته ابا الله سائين ڪندو تون صالح جھڙو وڏو ڊاڪٽر ٿيندين. مقصد ته منھنجي امان جي ۽ قاضي صاحب جي الله سائين ھر دعا قبول فرمائي ۽ پنھنجي ڪرم جو پرچو پسايو الحمدلله . شاھد بچي شال انٽر ۾ ھو ته مشن مٺڙو به پيٽاري ۾ داخل ٿيو. الحمدلله. ٻئي واقعي الله جي ڏنل نعمتن مان بيشڪ عظيم نعمتون آھن شڪر الحمدلله. اھي سڀ ڪرم ان ڪريم جا آھن، جنھن اسان جا سڀ لُڙهه لاھي ڇڏيا . جيترا شڪر مڃيو ن اوترا ٿورا آھن . الحمدلله الحمدلله الحمدلله. ھتي اھو لکندي ھلان ته ھي ٻئي ڀائر ايترا ته صالح، نيڪ بخت، چئيدار ۽ حال محرم ننڍڙي ھوندي به ھوندا ھئا ۽ ھاڻي به آھن جو ان جو مثال ڏئي نٿو سگھجي. جڏھن شاھد بچي شال انٽر پاس ڪيو ته ان وقت سندس بابا ڪافي  ضعيف ٿي چڪو ھو ان وقت اسان جي واٽرڪورس ٺاھڻ لاءِ بار بار ميرپور خاص وڃڻو پوندو ھو.  اھو ڪم به شاهد پنھنجي بابا کان کڻي خير سان پاڻ ڪرايائين. انجينئرن سان ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ  بلڪل نه ڪندو ھو. اھو ڪم سندس ھٿان الله سائين ڪاميابيءَ سان ڪرايو. مشن خان صاحب وري انٽر پاس ڪري گھر ۾ واندو  نه ويٺو . گھرو حالتن ۽ انڪم جي خبر ھيس. ان ڪري ڪوشش ۾ لڳو ته جيستائين رزلٽ اچي ته بيڪار نه ويھجي. ان لاءِ نوڪري جي ڪوشش ھلي. ان ۾ الله بخش اسان جي سٺي مدد ڪئي، سينڊوز ڪمپني ۾ نوڪري مليس. اسان ان زماني ۾ لطيف آباد نمبر 6 ۾ رھندا ھئا سون. سياري جي موسم هئي. سخت سرديءَ ۾ صبح جو ڇھين بجي اٿي ويندو ھو. 1200 سو روپيه پگھار ملندو ھئس، جو اسان جي لاءِ تمام وڏي آٿت ھئي. اتان شام جو ڇھين بجي رحمون جي گھر گاڏي کاتي ۾ ايندو ھو ۽اتان اٺين بجي مس مس اچي گھر پھچندو ھو مگر ھن نيڪ بخت ٻار ڪڏھن ايئن نه چيو ته آءٌ ٿڪو آھيان. الله سائين ھنن ٻنھي کي اھڙو ته صالح ۽ نيڪ ڪيو آھي جو رب جا احسان ڳڻڻ کان ٻاھر آھن. اھي ڪرم سڀ ان ڪريم جا آھن جنھن مالڪ سائين اسان جون سڀ ڪميون دور ڪري ڇڏيون آھن. شڪر الحمدلله. اصل تعريف جي لائق الله پاڪ جي ذات پاڪ آھي جو انسان کي اھڙو سٺو بنائي ٿو. اسين احسان ان مالڪ جا ڳڻيون جنھن ھنن ٻچڙن کي ههڙيون خوبيون ڏنيون. نياڻيون به سڀ ڪفايت شعار ۽ صالح آھن. سڀني پنھنجي پنھنجي حال آھر اسان کي وڌ ۾ وڌ خوش رکيو آھي ۽ ھر ممڪن طريقي سان تڪليف کان بچايو آھي. اھا به تمام شڪر جي ڳالھه آھي جو اولاد نيڪ ۽ حال محرم ملي.

ھن ڪتاب لکندي به منھنجو سير خون وڌي پيو جو منھنجو سڄو اولاد الله سائين جي ڪرم سان نيڪ ۽ صالح آھي ۽ مون کي ھر طرح سڪون حاصل آھي. شڪر الحمدلله. اھو لکندي ھلان ته جڏھن قاضي صاحب اسان کان موڪلايو ته ان وقت مون کي ياد آھي ته مشھود مون کي ڀاڪر پائي ڳراٽڙي ۾ جھلي چيو ھو ته  امي روءُ اصل نه، اسان انشاءُالله توکي ڏکيو ڪونه ڪندا سون  . بابا ته برابر ھليو ٿو وڃي، اھو ته ھاڻي اسان جي وس کان ٻاھر آھي، اھو الله جو امر آھي پر تون تسلي ڪر. برابر اھو عمل رب پاڪ جو ھو پورو ٿيڻو ھو ۽ ٿيو مگر ھنن ٻچڙن مون کي ھڪ ڏينھن بلڪ ھڪ ساعت ۾ به ڪڏھن اھو سوچڻ  نه ڏنو آھي ته منھنجو گوھر مون کان ھليو ويو آھي. ايتري قدر جو آءٌ چانھه قاضي صاحب وٽ پيئندي ھيس اھو اسان جو دستور ھوندو ھو. ان وقت اسان پنھنجون سنھيون ٿلھيون ڳالھيون ۽ حال احوال ڪندا ھئا سون ۽ ڏاڍا خوش ھوندا ھئا سون. اھو وقت ياد ڪري اڄ به لڙڪ لڙي آيا آھن جيڪي ھن پني تي نشان آھن مگر ڇا ڪريان حڪم جي اڳيان سر تسليم خم ڪرڻو ئي آھي پر ھاڻي  اڄ ڏينھن تائين شاھد بچي شال مون بنا چانھه نه پيئندو آھي. جيڪڏھن اندر ڪمري ۾ چانھه ملندي اٿس ته به کڻي اچي منھنجي ڪمري ۾ مون سان گڏ پيئندو آھي . الله سائين جي رحمت ھجيس، مشھود جو به ساڳيو دستور آھي. جڏھن وٽس سعودي عرب ويندي ھيس يا ھتي ايندو آھي يا ڪئنيڊا ويندي آھيان ته ناشتو توڙي شام جي چانھه مون سان گڏ پيئندو آھي . اھا روٽين آھي ٻنھي ڀائرن جي. مون کي منھنجي سڄڻن واقعي ڪڏھن اُف به نه چئي آھي. الله سائين کي عرض آھي ته شال کير پيئن ۽ پنھنجي اھل عيال سان خوش سلامت ۽آباد ھجن.  صحت سلامتي سان بخت بلند سان عزت ۽ مان سان ھميشه خوشحال رھن. ان شاءالله. آمين. ٻچڙيون به سڀ نيڪ بخت ۽ صالح آھن. سڀ ٻار ايترو ته پيار ڪن ٿا جو آءٌ ڏاڍو شڪر ڪندي آھيان. مگر اھو به سوچيندي آھيان ته اي سائين!  منھنجي اھڙي ڪمائي ته نه آھي. ھي سڀ ڪرم تو ڪريم جا آھن شڪر الحمدلله. الله سڀني پٽن ۽ نياڻين۽ پڻ سندن اولاد کي خوش آباد رکي . منھنجا ڏوھٽا ۽ پوٽا سڀ ڏاڍا سٺا نيڪ صالح آھن. آءٌ سڀني جي لاڏلي آھيان ۽ کلندي آھيان ته  مون کي امان ۽ بابا به ڏاڍو دادلو ڪيو ۽ توھان جي بابا به مون کي دادلي رکڻ ۾ ڪا قصر ڪانه ڇڏي. ھاڻي توھان سڀني به پنھنجي وس کان مٿي سڀ ڪجھه ڪيو آھي. ان جو اجر عظيم توھان کي الله سائين بنا حساب ڪتاب جي ڏيندو ۽ توھان ٻنھي جھانن ۾ سرفراز رھندا امن ۽ عزت ۾ وڌ ۾ وڌ رھندا ان شاءالله آمين ثم آمين. ھاڻي ته منھنجا سڀ ٻار شڪر الحمدلله پاڻ ڀرا آھن ۽ سڀئي پنھنجي جڳهن تي خوش آھن، شڪر الحمدلله.

*   رحمون ھن وقت ويھين گريڊ تي آھي اِي.ڊي.او جي پوسٽ لاءِ اميدوار آھي.

*   نسيم به الحمدلله ارڙھين گريڊ ۾ آھي ھيڊ مسٽريس پھريان به ھئي ۽ ھاڻي به آھي.ميران ھاءِ اسڪول ۾.

*  عزيز به شڪر الحمدلله ھن وقت فائونڊيشن پبلڪ اسڪول ۾ سنڌي ڊپارٽمنٽ جي انچارج آھي .

*   روشني به شڪر الحمدلله ھن وقت لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄام شورو ۾ ويھين گريڊ ۾ گائيني جي پروفيسر آھي.

*  خالده راڻي به ڊاڪٽر آھي. ھن وقت ڪينيڊا ۾ مقيم آھي، اتي امتحان جي تياري ڪري پئي شڪر الحمدلله. اڳتي ھلي اتي ان شاءالله وڏي ڊاڪٽر ٿي ڪامياب ٿيندي .

*  شاھد بچي شال ويهين گريڊ ۾ آھي. ھن کان اڳ، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ اڳ ۾ ڊي.سي بدين ۽ ڊي.سي حيدرآباد به رھيو آھي.

*  مشهود بچي شال به ھتان ارڙھين گريڊ ۾ ھو ته سعودي عرب ويو، اتي به ڪمپيوٽر انجينئر ھو، ڪم بھترين ڪيائين. سٺي ڪاميابي سان رھيو، پاڻ به حج ڪيائين. مون کي به حج ڪرايائين. پنھنجي گھروارن کي به حج ڪرايائين. اتي ڇھه سال رھي  پنھنجي بابا جو قرض وغيره لاھي، شادي به ڪيائين ۽ ھاڻي ھن وقت ڪينيڊا ۾ مقيم آھي. شاپر ڊرگ مارٽ ۾ پروجيڪٽ مينيجر آھي، شڪر الحمدلله. الله سائين جا جيترا شڪرانا بجاءُ آڻجن اھي ٿورا آھن. شڪر الحمدلله، شڪر الحمدلله، شڪر الحمدلله . مالڪ جا ٿورا. سڀ ٻچڙا رب جي ڪرم سان آباد آھن شڪر الحمدلله شڪر الحمدلله شڪر الحمدلله. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org