سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:13 

توکي ياد ڪنديس جيجل امان

ھي ڪتاب لکندي مون پنھنجي جيجل امان جون ڳالھيون ته ھر وقت لکيون آھن مگر سندس ياد ۾ جيئن بابا سائين يا ڏاڏا سائين جي باري ۾ ھر ڳالھه واضح طور لکي آھي، انھيءَ نموني سان مون پنھنجي مٺڙي امان جي لاءِ ڪجھه به نه لکيو آھي جا سراسر غلط آھي. جيجل ماءُ جنھن جنم ته ڏنو مگر جو پيار ۽ سڪ  سندس اندر ۾ سمايل ھئي، ان جو خاص ذڪر نه ڪيل آھي. ماءُ جو مٺو نالو ئي عظيم آھي.

 وڏن وڏن فلاسافرن جا بيان توڙي اکين ڏٺا احوال آھن جيڪي ماءُ جي عظمت جا ڳڻ ڳائن ٿا. ھي قدرت جي طرفان جيڪو ھڪ عظيم تحفو ھر انسان کي مليل آھي، ان جو ثاني پوري ڪائنات ۾ اصل نه ملي سگھندو ۽ نه ملڻو آھي. ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت رکيل آھي. آءٌ پنھنجي جذبه محبت ۾ اھو به سچي دل سان چوان ٿي ته اھو ھڪ ڳجھو نار آھي، جنھن جو ڪوبه مٽ ۽ ثاني اصل نه آھي. ڇا ڪاڻ ته اولاد کي الله سائين نيڪ ڪري ته اھا ته سندس سعادت آھي مگر اولاد ڪيڏو به نافرمان ڇو نه ھجي ته به ماءُ چوندي بچي شال . پٿر تي آٿڙ ڪندي ته به چوندي بچن منھنجا ٻچڙا. سو آءٌ پنھنجي امان جي ڳالھه پيئي لکان ته سوچيان ٿي ته اھي لفظ ڪٿان آڻيان ۽ انھن قربن کي ڪيئن ڳڻيان جيڪي وک وک تي منھنجي  لاءِ سندس اندر مان نڪرندا ھئا. ننڍڙا ھئاسون ته ڀيڻ ويچاري امان کان جلد موڪلائي ھلي ويئي. سندس لاءِ روئي روئي بابا ۽ امان پنھنجا حال ھيڻا ڪري ڇڏيا ھئا . اھا ته نه موٽڻي ھئي سو نه موٽي پوءِ بس  باقي آءٌ ھيس، ڇا ڪاڻ ته مون کان پوءِ امان کي ٻيو ڪوبه ٻار ٿيو ئي نه. جيڪو ھو اھو ڦاتوڙي لاءِ ھو. ساهه جي رڳن وانگر مون ۾ سمايل ھئي. پاڇي وانگر پيئي منھنجي اڳيان پويان ھلندي ھئي. ذري دانھن ڪندي ھيس ته ساهه سڪي ويندو ھوس ته الاءِ جي ڇاٿيندو، ھيءَ به نه حور وانگر ھلي وڃي. ننڊ ۾ ستي پيئي ھوندي ھئي ته اوچتو ڇرڪي مون کي ڏسڻ ايندي ھئي. جڏھن ٻارنھن سالن جي ٿيس ته مون کي شام جو بخار ايندو ھو جو آڌي رات جو لھي ويندو ھو. اسان وٽ ان وقت ڊاڪٽر علي محمد نوراني ھو ان کي ڏيکاريو، جنھن چيو ته ھن کي ٽي بي آھي. ان جو علاج ھليو. ادا احسان سڀني گھروارن کي مون کان ڇرڪائي ڇڏيو ته ھن جي کاڌي جا برتن الڳ ڪريو. ان ڳالھه بابا ۽ امان کي ڏاڍو ڏک پھچايو. امان ته ويچاري جو ساهه ئي نڪري ويو. پيئي الله سائين کي ٻاڏائيندي ھئي. بابا جو پيرن ۽ فقيرن تي تمام گھڻو ويساهه ھو. اسان جي شھر ۾ صديقاڻين جي گھر جي ڀر ۾ جمن فقير شاهه سائين جو پانڌي ھو، سندس تربت به اتي ٺھيل آھي. منھنجي خيال ۾ اڃا به آھي. اتي ھڪڙو ليار جو وڻ ھو بابا صبح جو سوير اتي ويو ۽ دعا گھريائين.  بنا مند جي ان ليار مان ٻه ليار جا داڻا ڪري پيا. بابا اھي سوڻ ڪري کڻي آيو ۽ مون کي کارايائين ۽ پاڻ پنھنجي ھٿن سان تعويذ لکي منھنجي ڪنڌ ۾ ٻڌايو ۽ امان کي چيائين ته اھو بخار منھنجي ٻچڙيءَ کي ھاڻي نه ٿيندو . واقعي سچي ڳالھه نڪتي جو ان ڏينھن کان پوءِ مون کي ان قسم جو بخار نه آيو. اھو معجزو ھو. ٿورن ئي ڏينھن کان پوءِ ڊاڪٽر وري ٽيسٽ ڪيا ته چيائين ته ھاڻي ھن ادي کي ڪجھه به نه آھي. انھيءَ وقت ۾ بوا کي گوڏن ۾ ڪا تڪليف ٿي سو ڪراچيءَ ۾ نول شنڪر نالي حڪيم ھو ان جي علاج جي ھاڪ ھئي. بوا علاج لاءِ سنڀري ته کيس خدمت لاءِ امان جي ضرورت پيئي. ويچاري امان بابا جي نالي ته ساهه ڏيڻ واري ھئي ھر حڪم تي لبيڪ چوڻ واري باوفا زال. سائين حاضر چئي بوا سان گڏ ويئي. تمام ھوشيار ۽ ڳالھائڻ جي مٺي ۽ زبان ۾ ڏاڍي شيريني ھيس. سو انھيءَ حڪيم کي ڀاءُ ٺاھي ڇڏيائين ۽ امان جي بقول ته منھنجي ڀيڻ ڀيڻ ڪري چوندو ۽ ڏاڍي عزت ڪندو ھو. ان کي منھنجي سڄي طبيعت جي حقيقت ٻڌايائين تنھن چيو ته توھان جي بيبي کي قبضي آھي. ھي بخار ان جو آھي. ھڪڙو ننڍڙو ڏس ڏيان ٿو. پاڻ گوريون ٺاھي ڏنائين . امان چيوته  ادا جي ڀاءُ آھين ته مون کي اھو نسخو ڏي. اھو به ڏنائين وزن وغيره سڀ لکي ڏنائين. اھو امان کڻي آئي. وري آءٌ جا دادلي ٻائي ڪٿي ٿي امان کي مڃيان ڇاڪاڻ ته اهي حب ڏاڍا ڪئوڙا ھئا. بابا ۽ امان ٻئي منھنجي کٽ تي ويھي منٿون ۽ ايلاز ڪري کارائيندا ھئا. اھي ڏينھن ۽ ڪھارپون. ڇا ٻڌايان ته اھا سڪ انھن ڪٿان آندي ھئي. اھي ڳالھيون به ڳچ آھن. ھي لکڻ ليکو ناھي. شال الله سائين منھنجي ٻنھي والدين کي جنت الفردوس جي اعلى درجي ۾ جاءِ عطا فرمائي. ٻيون به ڪيتريون ڳالھيون آھن. منھنجيون سھيليون اينديون ھيون، انھن مٿان امان پنھنجو ساهه قربان ڪندي ھئي. آءٌ ننڍڙي ھوندي پنھنجي سھيلين جي به سردار ھوندي ھيس. اھو به مون کي ياد آھي. اسان گُڏين راند ڪندا ھئا سون ته انھن کي سوڻ ساٺ ڪري پرڻائيندا ھئا سون ته ان لاءِ آءٌ سيرُو پلاءُ رڌرائيندي ھيس. اھو امان ڏاڍي شوق مان اسان کي رڌي کارائيندي ھئي، ٻيو وري اسان ۾ تاريلي جو راڄ ھوندو ھو معنى ڀرت ڀرڻ لاءِ گڏجي ڪنھن ھڪڙي گھر ۾ سڀ گڏ ٿينديون ھيون سين پوءِ سڀني جي گھران ٻنپھرن جي ماني ايندي ھئي ته منھنجي ماني سڀني کان سٺي ۽ صاف ٿانءُ ۾ ڍڪيل ايندي ھئي.

ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي. اسان تمام ننڍڙيون ھيون سين. ان وقت جي رواج موجب ڌيءَ ڄمندي ئي سندس ڏاج جي تياري شروع ٿي ويندي ھئي ته ڇا ٿيو جو اسان جي قاضين جو دڪان ريزڪي ھو ان ۾ ھو ھر ھڪ سامان رکندا ھئا. اتي ھو ريشم به وڪرو ڪندا ھئا سو ريشم وڪڻندي وڪڻندي کائن منجھي پيو. سندن گھر ۾ ته ڪا اھڙي سگھڙ مائي ڪانه ھئي سو امان سندن دڪان تي ڪنھن سامان وٺڻ لاءِ ويئي ته ادا عبدالله چيو ته ادي وسندي ھي ريشم جيڪڏھن سلجھائي ڏين ته توکي جيڪي گھرندين آءٌ ڏيندس، سو امان دل وڏي ڪري کڻي آئي . اچي ٿي ان کي لڳي ته سيرن جا سير ريشم جا ٿوري ئي وقت ۾ سلجھائي کڻي آئي . اھڙا ڳيڙھا وٺي ڏنائين جھڙا صفا نوان آيا ھجن. ادا عبدالله وارن  به دل کولي امان کي ريشم ڏنو جنھن مان امان اسان ٻنھي ڀينرن جي ڏاج جا گج ڀريا. ان وقت ڇوڪري کي پنجويھه گج ڏيج ۾ ڏيندا ھئا. جنھن مان پنجويھه گج حور کي ڏنا ۽ پنجويھه سمانيءَ کي ڏنائين. ٻيا منھنجي لاءِ رکيائين . اھڙا امان جي ھنر توڙي ڪاريگري جا ڪيئي مثال ملندا. ھي ته ھڪ تمام ننڍو مثال آھي. ڇا ته سندس ھٿ جي صفائي ڀرت ۾ ھوندي ھئي. سڀني سھيلين ۾ سرس ھئي. جنھن مجلس ۾ ويھندي ھئي پيئي کلندي ھئي. کيس چوندا ئي ادي کل ڦل ھئا. امان ڳالھه ڪندي ھئي ته ھڪ دفعي آءٌ پاڻي ڀرڻ پيئي ويس ته ٻيون به ٻه ٻه دلا مٿي تي رکنديون ھيون. امان اصل ڪا ننڍي ھوندي ئي ڄام ھئي سو ٽي دلا مٿي تي چوٿون ڪڇ ۾ کنيائين. مامو سومار ڪمناڻي وٿاڻ مان لنگھيو چيائين ڇوري وسي جھڙي وڇيري ھجي. امان اتان آئي دلا لاھي راند ۾ لڳي ويئي. لڪ لڪوٽي راند ڪيائين ته ڪوڏيو پئي ٻريو سو وار وڃي ان ۾ پيا اھي ته ٻريا مگر سندس نراڙ تي به ان جو تمام گھڻو اثر ٿيو . امان چوندي ھئي ته ڪي ڏينھن بيمار پيئي ھيس. مگر آخر تائين اھو نشان نه ويو . ڏاڍي منھن چاڙهه  ۽آتاڪي ھوندي ھئي، سڄي پاڙي جي سردار ھوندي ھئي. ھر چڱي ڪم ۾، ڪنھن ڦڪي ٻڪي، آڍ مک ۾ يا ڪا ناڙ لاھڻي ھجي يا زناني حڪمت سڀ ۾ تاق ھئي. ڪيئي مايون ھونديون ھيون جن جو علاج ڪيائين. انھن کي ٻار ٿيا. ماستر محمد خان ڀرڳڙي اسان وٽ ماستر ٿي آيو ھو، ان جي زال کي اٺ  سال ٻار ڪونه ٿيو. اھو امان جي علاج سان ٿيو. ٻيون ڪيتريون ٻھراڙي جون مايون اينديون ھيون ۽ ھندو مايون توڙي شھر جون مايون مختلف زناني تڪليفون ٻڌائينديون ھيون، انھن جو علاج ڪندي ھئي. الله سائين گھڻيون خوبيون ڏنيون ھيس. ڪيتريون لکي ڪيتريون لکان. اھڙي طرح آخر منھنجي شادي ٿي، منھنجي ڪپڙن ۾ سندس ھٿ جو ڀريل گجن جو ڀرت ھو . سڀني ڇوڪرين جن جي مون سان گڏ شادي ٿي  ماسي رحمت، ماسي مڪو، ڪريمه ۽ سڦو ادا محمد ھارون جي ڌيءَ انھن سڀني ۾ منھنجي ڏيج جي ھاڪ نڪري ويئي. امان نه رڳو  ڀرت ۾ سڄاڻ ھئي پرٺاهه ٺوهه به ڏاڍي سٺي ڪندي ھئي. صفائي ۽ سٿرائي ۾ امان جو مٽ نه ھو. آءٌ  ڪو ڏکيو ڪم ڪريان يا ان جي سوچ ڪريان ته ادي حاضر بيٺي آھي جنھن تان اسان جي پاڙي وارن کي ڏاڍو حسد ٿي پيو. ان ته ويچاري جو ميان منجھه ملير ھوئي ايترو. روئي چوندي ھئي ادي اوھان مون کي ڇو ٿيون طعنا ڏيو، مون وٽ آھي اھا شئي جنھن ۾ ساهه اٽڪيو پيو آھي. مگر ڇا ڪجي دنيا آھي ان کي ڪير روڪي ـ پيئي سھندي ھئي. منھنجي ٻارن تي ساهه ڇڏيندي ھئي، کين گھر وٺي ٻنپھرن جو ڀت کارائي ونھجاري سنھجاري پوءِ موڪليندي ھئي ته منھنجي ڦاتوڙي کي تڪليف نه ٿئي، ڀل سک سان ڪم ڪري، قاضي صاحب کي به خوش رکي. اھڙيون ھزارين ڳالھيون آھن، جن سان ھي سارو ڪتاب ڀرجي وڃي ته به گھٽ آھي.

ڪڙو منجھه ڪڙي  جيئن لوھارن لپيٽيو،
تيئين منھنجو جيءُ جڙي سُپريان سوگھو ڪيو.

ڪپڙا مور نه ڌوئڻ ڏيندي ھئي. ان تان پاڙي وارا مون کي مھڻا ڏيندا ھئا ته آءٌ وري چڙندي ھيس . تڏھن ويچاري وري قاضي صاحب کي چوندي ھئي ته ابا ھي ڇوري مون سان وڙھي ٿي، منھنجو ساهه ٿو ڏورھو ٿئي. ھي ڪو ڏکيو ڪم ڪري ٿي ته ـ قاضي صاحب مون کي چوندو ھو ته ڦاتو مامي صاحبه کي اُف به نه چئو ـ ان ماءُ کان سواءِ ڪير ٿو پڇي . ڏاڍائي نه ڪر ڀلي مامي صاحبه خوش ٿئي . وري ڪم ڪري گڏو گڏ دعائون به ڪري اھڙو ڪير ٿو ڪري . وري ڌيئرون به ڄمن ته اھو سور به دل ۾ رکي انھن کي شوق مان پالي ته متان منھنجي ڌيءَ فڪر ۾ پوي. تنھن وچان علاج ٻيو دعائون، آخر وڃي منھنجي رب پاڪ کي رحم پيو ۽ پنج مسلسل ڌيئرن کان پوءِ غلام محمد ڄائو. ڇا ٻڌايان!  امان کي ڄڻ ته سھاڳ اچي ويو ھو. گھر تڙ سڀ وسري ويس، سارو ڏينھن کمان کمان ۾ گذرندا ھئا .  غلام محمد تمام اجرو ھو سو ڀائيندي ائين ھئي ته منھنجي ڌيءَ کي گھڻو ويھڻو نه پوي متان بيمار نه ٿي پوي. پنھنجي ننڊ آرام جي ته کيس ڪا پرواهه ئي نه ھئي. آخر ڪجھه ڏينھن کان پوءِ غلام محمد ناني امان جي ججھي کمان کمان وچان به کيس  ڇڏي ھليو ويو. ويچاري منھنجي امان چري ٿي پيئي ھئي. ھلندي رستن تي رات ڏينھن رب پاڪ کي پڪاريندي ھئي. وري ٻارھين مھيني کان پوءِ غلام محمد گھڙي پل لاءِ آيو، دلاسو ڏيئي ويو چي ته دلگير نه ٿيو. ان شاءالله وري اچي ويندس. جڏھن منھنجي موڪلڻ واري مھربان پنھنجو ڪرم ڪيو ته اچي ويندس. پوءِ ته روشن راڻي آئي ته ان کي ساهه ۾ سانڍي پاليائين ته من ھيءَ بچي پار پوي. وري خالده راڻي آئي اھا روشن کان مٿي پاليائين. مون کي ته آنچ به نه اچڻ ڏئي، متان منھنجي ڦاتوڙيءَ کي ڪا تڪليف ٿئي. آخر خالده بيگم نصيبدار ٿي ۽ امان جو شاھد بچي شال اچي ويو. دک درد جون دريون سڀ پرين ڏٺي وييون پورجي. چيائين، ابا شاھد تون ڀلي آئين تنھنجي اچڻ اسان کي اجاري ڇڏيو. اسان جي مئل ڏيڏري ۾ پساهه پيو آھي تون ڀلي آئين ـ ڀلي ڪري آئين ـ پوءِ امان پنھنجون تڪليفون سڀ ڀلائي ويٺي . نڪو اچڻ جو ڪاٿو ھو نه ڪنھن جي چوڻ جي پرواهه ھئي. ساهه اٽڪيو پيو ھوس شاھد بچي شال ۾. پينگھي ۾ لوڏيندي ڳائيندي ھئي ته:

لالڻ آيم پيھي، ويئڙا سور سڀئي،
جيئس جيئس تان جيڏيون لالڻ آيو پيھي.

***

ڳالھيون ڪنديس ڳجھه جون منھن مقابل ويھي،
اديون عبدالطيف چئي سڄڻ آيم سيئي.

بس اسان ته خوش ٿيا ھئاسون مگر جا خوشي امان ۽ قاضي صاحب ۽ بُوا حليمان کي ٿي، ان جو شمار ڪرڻ مشڪل آھي. ڪھڙيون ڳالھيون ڪريان پنھنجي ماءُ جون جيڪي بي شمار آھن. ھر ھنڌ تي گڏو گڏ ! حيدرآباد وڃان بيمار ٿيان ٻار ٺيڪ نه ھجي ته مون کي خبر نه ھجي، پيئي اوجاڳا ڪري دوائون، ستيون، منھنجا زور چانپ خدمت، ڇا چوان، ڇا لکان ھن خسيس پني جي ٽڪر تي. لکڻ ليکو ناھي ڪو ڳالھيون ڳڻ ھزار مشن جي ڄمڻ تائين سڀ ٻار پالي ڏنائين، مون کي ته ياد نه ٿو اچي ته ڪو مون پنھنجي ٻارن کي چمي به ڏني ھجي ! سڀ ڪجھه پيار ھنن کي امان نانيءَ وٽان مليو. ھن جي ته سڄي دنيا ئي اھي ٻار ھئا!

جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀون  پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

آخر ڇوڪريون وڌيون ھر ڪم ۾ پڙھائيءَ وغيره ٽيوشن تي وٺي وڃڻ ۾ يا ھر ٻارجي ته ھر ڪم ۾ گڏ ھوندي ھئي. سندس وندر ئي اھا ھئي. وڏيون ٿيون، ماسترياڻيون ٿيون. اميدوار به اچڻ شروع ٿيا ته رحمو جي ته  اڳ۾ خبر ھئي ته ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ آسو جي پٽ الله بخش کي ڏيندو مگر نسيم تي ننڍي ھوندي امان جي توڙي خاص ماما محمد عمر جي ڏاڍي دل ھوندي ھئي ۽ امان کي چوندو ھو ته ادي ھيءَ نسيم مون کي کڻي ڏي، برابر منھنجو پٽ ان لائق نه آھي مگر تون ڀيڻ آھين اھو وڙ ڪرتڏھين امان قاضيءَ کي چيو ته ابا مون تنھنجي گھر جو ري سينھين پاڻي ڀريو آھي ھاڻي آءٌ ھڪڙي گھرڪريان ٿي اھا منھنجي آس پوري ڪجانءِ سڄي عمر توکي دعائون ڏينديس. مگر مئي پڄاڻا به منھنجو روح توکي دعائون ڏيندو . قاضي صاحب ته گھڻو ڪري امان جي ھر جائز ڳالھه مڃيندو ھو ۽ تمام گھڻو احترام به ڪندو ھو. بابا صاحب جي بقول ته ھي قاضي علي محمد توکي پٽن کان مٿي ڪري سمجھندو. ھن سوني ھار جو تون قدر ڪج تنھن ھڪ دم چيو ته مامي صاحبه توھان جو حڪم منھنجي اکين تي آھي. تڏھن امان گُھر ڪئي نسيم جي احمد لاءِ ۽ اھا دعا ڪندي چيائين ته ابا توکي الله سائين جي رحمت ھجي جو ھن نماڻيءَ جنھن عزت جالفظ ڪڏھن مشڪل سان ٻڌاھجن، تنھن کي تو ايتري عزت ڏني آھي. مگر  الله سائين ڪندو ته توکي الله ٻنھين جھانن ۾ مرڪائيندو ۽ پٽن جا سک به ڏسندين. زندگيءَ ۾ ڪڏھين الله توکي ڪو ڏکيو ڏينھن نه ڏيکاريندو انشا الله. مگر اھا به دعا ٿي ڪريان ته ھي منھنجي نسيم ڌيءَ عمرجي گھر ۾ احمد وٽ لوڏون ڪندي ۽ ان شاءالله وٽس ست، ست  نوڪر ڪمائيندا . تو مون کي مان ڏنو آھي. توکي رب پاڪ جي در مان مانُ ملندو ان شاءالله . اھو به ڳائي چيائين ته خالق توکي خاص ڪيو ـ مولا توکي مختيار ڪيو. ڏنئين خزانو فل اختياريءَ جو . رَبَ ڀرم رکج مون بدڪاريءَ جو. واقعي منھنجون سڀ ڌيئون الحمدلله پنھنجي پنھنجي گھرن ۾ آباد ۽ خوش حال آھن الحمدلله مگر نسيم جي گھر ۾ واقعي ھلٽ پيو ھلندو آھي. احمد ويچارو سادو ماڻھو آھي مگر منھنجي ڌيءَ کي ڏاڍو سکيو رکيو اٿس الحمدلله. الله سائين سڀني ٻچڙن کي خوش آباد رکي، سڀ پٽ نياڻيون پنھنجي حال تي خوش آھن. شل ھميشه خوشحال ۽ آباد رھن ان شاء لله.

نسيم جي شاديءَ کان پوءِ امان برابرماما جي گھر رھي. ماما جا به ڀيڻ ۾ ساھه پساهه ھئا سو اصل امان کي نه ڇڏيائين. امان به نسيم ۽ احمد جا ٻار پيئي سانڍي خوش ٿيندي ھئي ۽ اسان به ناناڻن جو گھر سمجھي اتي ويندا ھئا سون ۽ عزيز به اتي ايندي ھئي، ڏاڍو سٺو وقت گذريو. قاضي صاحب ايندو ھو ته وري اسان جي گھر امان سميت سڀ ايندا ھئا. اسان جي گھر جي سرھائي ۽ خوشبوءِ تي سڀني کي  ڏاڍي حسرت ھوندي ھئي ته ادا علي محمد جي گھر ۾ ڏاڍي راحت آھي. شاهد جي امان وڏي به اچي ويھندي ھئي. گھر ۾ ڪنھن قسم جو اجايو بحث يا ڳالھه اصل نه ھئي . جيڪڏھن ڪجھه انساني ڪمزوريون هونديون ته ان کي نظر انداز ڪرڻ ۾ اسان سڀني جو پارٽ ھوندو ھو ته پوءَ ڳالھه وڌندي اصل نه ھئي. وقت به ڏاڍو قرب ۽ امن سان ھليو.آخر اسان 1980 ۾ حيدرآباد آياسون ڇاڪاڻ ته روشن کي تڪليف ٿي پئي شاھد بچي شال به ڊاڪٽريءَ ۾ چونڊجي آيو. ان جي پڙھائي وري خالده جي نواب شاهه جي پڙھائي ـ مطلب ته مختلف ڳالھين جي تحت اچڻ مناسب ٿي پيو . امان کي ڏکه ته ٿيو مگر اسان جي مجبورين سبب موڪل خوشي سان ڏنائين. اسان اتي پھچي چڱيءَ طرح گھر ٺاھي، امان کي گھرايو . ويڪيشن به ھئي، شافعه ڏيڍ مھيني جي ھئي، نسيم به گڏ آئي، ڏاڍاخوش ٿياسون. پاڻ به ڏاڍي خوش ٿي ايتري قدر جو شاھد ۽ روشن ڊاڪٽريءَ جا ايپرن پائي خدا حافظ ڪري نڪرندا ھئا ته دروازي تي بيھي ڏسندي ھئي ۽ شڪرانا شڪرانا ڪندي ھئي. چوندي ھئي: ميان الله تو منھنجا سڀ لڙ لاھي ڇڏيا، اڄ منھنجو شاھد بچي شال ڊاڪٽر ٿيو آھي الحمدلله شڪرانا رب جا منھنجا سڀ ڪاج سريا ـ محبن اچي مون گھر پير ڀريا. مون سڪنديءَ جو سائين عرض اگھايو الحمدلله. وري ماني به آءٌ امان جي دل وٽان ٺاھي کارائيندي ھيس. قاضي صاحب  به امان جو ٻڌي زمين تان آيو ويتر خوشي ٿي. بس ڇا ٻڌايان  اھا خوشي ٿورو وقت ھلي الاءِ جي ڪنھنجي نظر کائي وئي، امان آئي کي يارنھن ڏينھن ٿيا ته مون کي ڌڪو آيو، ٽنگ ڀڄي پئي. ويچاري امان روئڻ جا ڪيس ڪري ڇڏيا. ڇوري تو مون کي ڇو گھرايو مون کي سک لکيل ھجن ته ڏسان ! پوءِ باقي ڪجھه وقت رھي ھلي وئي ڏاڍيون دعائون ڪيائين. چي امان اڳي کان ئي وڌيڪ ڊوڙون پائي ھلنديئن. پھرين ماءُ جي حاضري ڏج توکي الله منڊي ڪونه ڪندو. ھن فقير ماءُ جي دعا تي ڀروسو ڪج وغيره وغيره. دعائون ڪندي ھلي وئي. مون کي ته ست مھينا لڳا ٺھڻ ۾ مگر اھا ماءُ جي دعا ۽ ان سان گڏ رب پاڪ جو فضل ٿيو برابر اللھ سائين مونتي ڏاڍو ڪرم ڪيو. ٺيڪ ستن مھينن کانپوءِ امان جي حاضريءَ تي ويس، ڏاڍي خوشي ٿي. اھڙيءَ طرح سان وقت گذرندو ويو.  1982 ع ۾ نسيم کي چيائين امان ھاڻي شل کير پيئين، وڌين ويجھين مون کي منھنجي ٻچڙيءَ جي ڏاڍي سڪ لڳي آھي مون کي خوشي سان موڪل ڏي ته باقي وقت آءٌ پنھنجي ٻچڙيءَ کي ڏسي سڪ لاھيان. ھاڻي ٿورو وقت آھيان: ھاڻي ڪو ڏينھن آھيان ڪوٽ ۾ ھاڻي ما سڪان ٿي سڪرات ۾، رھي پڇان ٿي راھه، شال مَ وڃيم ساهه پسڻ ڌاران پرين جي.“

 امان مون کي حور جي وڇوڙي اڳي ئي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو ھو، متان منھنجي ھن ٻچڙي جو به وڇوڙو پئجي نه وڃي. نسيم ۽ ماما جن کيس خوشيءَ سان موڪل ڏني ۽ امان اسان وٽ حيدرآباد ۾ آئي.  آءٌ سدائين پنھنجي ڊوڙن ۾ ! ڪڏھن ڪڏھن چوندي ھئي ڇوري تنھنجي سڪ ۾ آئي آھيان. مون وٽ ويھه ته توکي ڏسي سڪ لاھيان. سدائين پئي چوندي ھئي آءٌ به پئي کلي ٽاريندي ھيس ته امان مون کي ته سري ڪونه ٿو. مڙئي پيا ھلندا ھئاسون. امان به پئي ڏسندي ھئي. ھڪ دفعي ڇا ٿيو جو رمضان جو مھينو ھو آءٌ روزا به رکندي ھيس ان وقت نوڪر به ڪونه ھو، ڪپڙا ڪافي ٿي ويا ھئا مشين به اڃان نه ورتي ھئي، مون ڪپڙا پئي ڌوتا ته ٻن پھرن جي مانيءَ جو ٽائيم ٿيو ته آءٌ کچڻي وغيره رڌڻ لاءِ اٿيس. امان جي کٽ ورانڊي ۾ ھئي ـ ويٺي ڏٺائين. روشن ۽ خالده به ويٺيون ھيون، انھن کي آھستي آھستي چيائين امان روشن ۽ خالده اوھين اٿي تڪڙا تڪڙا ٻه ٽي ڌڪ ھڻي ڪپڙا ڪڍي وٺو، امان اوھان جي ماءُ ڪپڙا ٿي ڌوئي ته منھنجي دل ٿي ڏکي. آءٌ جا ڪچن ۾ ھيس ٻڌي ورتيم. مون کلي امان کي چيو امان منھنجا ڪپڙا ڌوئڻ توکي ڏکيا ٿا لڳن، منھنجون ڌيون ڌوئن ته ڀلي؟ چيائين ڇوري تون ٿي ڌوئين ته منھنجي ھينئن ۾ ٿا ڌڪ لڳن. امان قدر تڏھن ٿينديئي جڏھن آءٌ ھلي وينديس. اھو برابر اکر مون کي ستائيندو آھي. بهرحال جنھن ڳالھه جو اسان کي به ڏک آھي ۽ کيس به ڏاڍو ڏک ھوندو  ھو جو چوندي ھئي ته امان آءٌ گھڻي سوڍي سڄاڻ ھيس مگر اکر انڌي ڪري ڇڏيس. بابا به ھونئن ته سندس دلي طرح سان قدر ڪندو ھو مگر پنھنجي پٽ جي اڳيان ايترو ڪو مجبور ھو جو اھو جيڪڏھن امان کي ڪا به تڪليف ڏيندو ھو ته ان کي اصل ڪجھه به نه چوندو ھو . اھو الائي جي ڇا ھو. ان جي زال وفات ڪري وئي ته امان سندس ايتري خدمت ڪئي جو ڪا زال به ايتري پنھنجي مرد جي نه ڪري . وقت به وقت الا جي ڇاڇا تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون ھيس جيڪي لکڻ سان منھنجي به دل ڏکي ٿي. ان ڪري نٿي لکي سگھان مگر وريو سريو ڪي به ڪين. 

تنھن ڪھڻي ڪبو ڪوھه جنھن رھڻي رھيو نه سپرين

***

لکيو جو نراڙ سو انگ ڪياڙي نه ٿئي
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح ۾

ويچاري چوندي ھئي سورن سانڍياس پورن پالي آھيان، سکن جي سيد چئي پکي ڪين پياس ـ جيڪس آءٌ ھياس گُري گوندر ول جي.

اھي ڏينھن به ويا ڏکيا سکيا گذري. امان مائٽن ۾ ڏاڍي ننڍڙي ھوندي کان ئي دادلي ھئي جو ناني جو  به ٻار بچندو نه ھو. مري مري آخر ۾  ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون  بچيا. پوءِ ڀيڻ به چوڏھن سالن جي ڄمار ۾ ھلي وئي، پيءُ گذاري ويو پوءِ ته اتي به ھليا ڏک. بابا وٽ آئي ته اتي به احسان  جو راڄ مگر ڇا چوان، ڪا دل وڏي الله سائين ڏني ھيس، اسان کي ته لکا ئي نه آئي ته ڪا ھيءَ  اسان جي امان ھيتري سورن جي ماريل آھي. بابا جي شاباس شاباس پويان سڄي زندگي ڏئي کڻي پوري ڪيائين . وري ڪا ھڪڙي ٿئي! ڏاڏا جي زال وفات ڪري ويئي، بس ان سان  اُڀ ٽوڙي ڇڏيائين. وسي امان وسي!“ حج تي ويو اتان بيمار ٿي آيو، اھو مون کي به يادآھي ته کيس جلاب لڳا ھئا. ان وقت ڪي ھي سھولتون ڪونه ھيون. ھٿن سان سارو ڪم ٿيندو ھو. اتي به حاضر!

ڇھه مھينا اھا ڪيفيت ھلي، دعائون به جام ڪندو ھوس مگر امان جي ته ھٿن جا ننھن کُسي ويا ھئا . الله سائين وٽ ته اجر جي ڪا ڪمي ڪانھي، شل اتي منھنجي اميءَ مٺڙيءَ ماءُ کي جنت الفردوس نصيب ٿئي. امان لاءِ اھو چوڻ بلڪل جائز آھي ته ھن مائٽن جي گھر ننڍي ھوندي پنھنجي مائٽن جي غربت کي منظور ڪيائين. پنھنجي گھر اچي ھڪ تمام باوفا زال جو ڪردار ادا ڪيائين. جنھن جو مثال به ملڻ مشڪل آھي ۽ پڻ ماٽيلي ماءُ ٿي ڪري سڳي ماءُ کان وڌيڪ ھن احسان سان ان جي ڪا ڏاڍ ڏنگائي دل ۾ نه رکي، سچي دل سان ان جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين. ادا احسان جي ٻي شادي جو سلسلو هليو ته بابا سندس ڌيءُ ادي سماني سندس بدي ۾ نه ڏني جو ھيءَ نياڻي ماءُ پکيڻي آھي متان تڪليف ۾ اچي سو پنھنجي ڀيڻ کي چئي  ڏنائين ته ڀلي سماني تو وٽ ھجي. منھنجي پوٽي الله لاءِ ڪري ڪنھن ڏکئي ھنڌ تي نه وڃي . سو پنھنجي ھڪڙي حسين ڌيءَ سندس بدي ۾  بي قدرن کي ڏيئي سندس شادي ڪرايائين. تڏھن به منھنجي ماءُ بابا کي ان لاءِ به نه چيو . ماڻھن جا ته وات پٽجي ويا ھئا ! ايتري قدر جو بُوا ۽ چاچي مولويءَ صاحب  چيو ته مکي صاحب ھي ڇاٿو ڪرين چيائين ادا، احسان جي نينھن مون کي نھوڙي ڇڏيو آھي. آءٌ ھي به چوان ٿو:

ڀينر آءٌ ڀوري، مون سنڱ سڃاڻي نه ڪيو،
لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.

ان ھوندي  به منھنجي وفادار ماءُ پنھنجي ور سان نه وڃائيو .  اھي مثال اصل نه ملندا.

ننھن جي روپ ۾ ڏسجي ته به مٿي ڏيکاريل آھي مگر افسوس ته فقط اھو آھي  ته نصيب نه آندو ھئائين. بس ڇا ڪجي اھو امر جي طرفان اصل انگ ايئن ھو. چوندي ھئي امان آءٌ پنھنجو لکيو ٿي لوڙيان، خلق جو ڪھڙو ڏوهه! ڀاڄائيءَ جي روپ ۾ ڏسندا ته ان کان مٿي ! مگر اھو ضروري آھي ته منھنجي بُوا سندس قدر ڪيو. زباني طرح باباکي توڙي ادا احسان کي ڪڏھين ڪنھن اڳرائيءَ تان سچ به چوندي ھئي ۽ سندس اولاد ۾  ادي ڀاڻٻائي حور جي وڃڻ وقت اسان کي تمام سٺو ساٿ ڏنو ۽ پڻ ادا قاضي احمد منھنجي ماءُ جو ڏاڍو قدر ڪيو. امان جي وڃڻ وقت تائين ۽ اڃا به مون سان ان نينھن پويان راھيندو پيو اچي. الله سائين جي رحمت ھجيس. پاڻ به زھره ڀيڻ ڪندي دل ورندي اٿس مگر پنھنجي اولاد کي به چوندو آھي ته بابا ھيءَ ڀيڻ زھره تمام پياري ماما جي ڌيءَ آھي . ھن شخص اسان تي پنھنجا پساهه ڏنا ھئا. پنھنجي ننڍين نھرن کي چوندو آھي ته امان توھان منھنجي ڀيڻ کي مانيءَ بنا نه ڇڏجو . ھن جي ماءُ ۽ پيءُ جا مون تي احسان آھن. الله جي رحمت ھجيس . ماڻھو  ڪو قدر ڪري ته سون جا ٿال ڀري ڪو نه ٿو ڏئي، مڙيئي ٻه چڱا لفظ وات مان ۽ دل مان نڪرن ٿا . وات ۾ به تڏھين ٿا اچن جڏھين دل ۾ ٿا ھجن. توڙي جو ڪو وقت بيمارٿي يا ڪن ڪمن سان سندس گھر ايندا ھئاسون تڏھن به سندس گھر وارا جن ۾ ان وقت ڀاڄائي جانٻائي ۽ سندس سڀئي ڌيئرون به تمام سٺو خيال ڪندا ھئا. آءٌ  ۽ قاضي صاحب ھميشه سندس ۽ سندس اولاد جا دعاڳو رھيا آھيون ۽ آءٌ ھميشه رھنديس. ڳڻ ته شل ڪنھن چڱي انسان سان ڪجي. الله سائين مھربان مالڪ ان جو کين تمام سٺي ۾ سٺو بي حساب اجر ڏنو آھي ۽ ڏيندو رھندو ان شاء الله ـ اسان جي اھا دعا آھي.

امان سڦيان حالانڪ امان جي  سوڪن ھئي مگر ويچاري ستايل ھئي. ان ويچاريءَ کي پٽ ته برابر ڄائو  مگر پنھنجي گھر واري توڙي پٽ جي مٺي آواز لاءِ به سڪندي ھئي. حالائڪه ڏاڏا پنھنجي ڀيڻ کان پٽ لاءِ ڏاڍي سڪ مان کنئي ھئي مگر ھر انسان جي قسمت پنھنجي آھي.  سُک لکيل نه ھو نه مليو. اصل سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾. آخر پيري به آئي، امان ته ھونءَ به خدمت گذار ھئي ۽ تمام رحمدل ھئي . پڇاڙي ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو ان ۾ سندس کاٻو پاسو ڪم ڇڏي ويو. ست  سال ڏاڍي لاچاريءَ ۾ گذريا . ڌيءَ ڪانه ھيس ننھن ته ھونءَ به سندس لاءِ نه ھئي. منھنجي امان پنھنجي حال آھر سندس ھر ڪا خدمت ڪئي.  امان کي ڏاڍيون دعائون ڏيندي ھئي. آخر ۾ وڃڻ وقت چيائين ته اي وسندي، فاطمہ جي پاران سک پسندينءَ مون کي (کيرج) کيرڻي رڌي کاراءِ تنھنجي ڌيءَ جو جوڙو ٿيندو. امان يڪدم اُھا رڌي آئي. ۽ کيس پنھنجي ھٿن سان کارايائين، ان وقت اسين سڀ ويٺا ھئاسون.  قاضيءَ صاحب تي ڏاڍي دل ھوندي ھيس ۽ کيس ڏاڍيون دعائون ڪندي ھئي. انسان آخر فاني آھي. عاشوري جي رات شام جو ستين بجي وڃي الله سائين کي پياري ٿي. الله سائين جنت نصيب ڪريس. دنيا ۾ ته ڏاڍي تڪليف واري زندگي گذاري ھئائين. اڳيان شل رب راضي ھجي  ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. اھڙي طرح سان منھنجي امان پنھنجي انساني حد پھچ تائين ھر پنھنجي واسطيدار جي دل و جان سان خدمت ڪئي. صلو ته الله سائين کيس ڏيندو ان شاءالله. 

مون کي ياد آھي ته ادي سماني ڪافي وقت کان سانگھڙ ۾ رھندڙ ھئي ۽ اولاد جو سلسلو به جاري رھيو پئي، سندس سڳي ماءُ يا ڀيڻ ته ھئي ڪو نه. کيس ٻار ڄمندا ھئا ته ڪڏھن ناني مڪان ڪڏھن ماسي رحمت، ڪڏھن ادي ڀاڻٻائي ـ مطلب ھي آھي ته الله ته ڪنھن کي ڪو نه ٿو ڇڏي ـ  جنھن وقت (راجه) يعني محمود پيٽ ۾ پورا مھينا ھوس ته ان وقت امان کي گھرايائين. امان ته ھونءَ به پنھنجي ھر عزيز جي سڏ تي حاضر ھوندي ھئي. بلڪل خوشيءَ سان ھلي ويئي . ڪافي انتظار کان پوءِ ڏھين مھيني ۾ کيس محمود ڄائو. ان وچ ۾ ڇا ٿيو جو ادا محمد احسان کي قدرتي ھڏڪي جي بيماري ٿي پيئي. ايتري قدر زور پڪڙي ويئي جو ادا حامد ڊاڪٽر چيو ته توھان وٽ ڪو اھڙي سجاڳ ماڻھو ئي ڪانھي، ھو ڪيڏي مھل به فوت ٿي سگھي ٿو . قاضيءَ صاحب کي چيائين ته ادي وسندي کي گھرائي وٺو. اسان کي به ان ڏينھن حالت تمام نازڪ لڳي سو اسان ڊبل تار ڪرائي ته امان جلد اچي، محمد احسان تمام گھڻو بيمار آھي. راجا 15-20 ڏينھن جو ھو برابر ادا عبدالرحمٰن صاحب کيس وٺي آيو. اھو به ھڪ ڏينھن رھيو، امان ته ايندي ئي سندس علاج لاءِ ڪن ماڻھن سان مشورا ڪيا ۽ پاڻ به ڏاھي ته ھئي ڇاڪيائين جو ھڪ  ڪپڙو سنھو کڻي پيٽ وٽان مٿي زور سان ٻڌائينس واڻين ۾ ڪنھن ڏس ڏنو ته ٽامي جا ٽڪا اٻاري ان جو پاڻي پياريو، اھو علاج به ڪيائين. ادا احسان جنھن  ھفتي کان ننڊ نه ڪئي ھئي، تنھن سمھي ننڊ ڪئي. سڀني کي ڊپ لڳو ته متان الاجي ڇاٿيو ھجي. ادا حامد ڊاڪٽر آيو چيائين ٺيڪ ستو آھي. ڇڏي ڏيو ويچارو آرام ڪري. بابا اسين ته چئون ٿا ته ھيءَ مائي ستن مردن جو مٽ آھي. ڏيپلي جي شھر ۾ اڃا ڪا ماءُ اھڙي ڌيءَ نه ڄائي آھي.

ادا ته ويچارو سارو ڏينھن ستو، سانجھي مھل جاڳيو ته ماشاءَالله تمام ٺيڪ لڳو پوءِ صبح جو ادا عبدالرحمان روانو ٿيو.  خير اهي ڳالهيون ته پيون هلنديون. اچون ٿا واپس.

امان جي طبيعت آھستي آھستي بگڙندي پيئي ويئي. دم جي تڪليف زور پڪڙي ويئي، ڪجھه پيشاب جي تڪليف پوءِ ڇا چئبو وڃڻ وارو جيڪو انسان آھي، ان لاءِ حيلو ھلي ڪو نه ٿو. اسان به پنھنجي حال آھر وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي. روشن به ڊاڪٽر ٿي ويئي ھئي، ھر طرح جھڙو طبيعت جو نمونو ھوندو ھو اھڙي نموني علاج به ٿيندو رھيو ـ ھڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو وڃڻ کان ٻه چار ڏينھن اڳ۾ مون کان پڇيائين امان قاضي صاحب ويٺو آھي؟ مون چيو امان ھا . چيائين ان کي سڏ ڪر. مون چيو ڇو؟ امان چيو امان منھنجو ڪم آھي. مون قاضي صاحب کي سڏ ڪيو، پاڻ به آيو ۽ ادي يعني شاهد جي امان وڏي به آئي. اھا به مرحومه امان جو ڏاڍو خيال ڪندي ھئي ۽ عزت به ڪندي ھئي . ضرورت جي وقت کيس زور به ڏيندي ھئي . الله سائين جي رحمت ھجيس. قاضي صاحب اچي ويٺو. چيائين مامي صاحبه حڪم ! چيائين ابا توکي ٽي ڳالھيون ڪريان ٿي ياد رکج:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org