سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:11 

 ھاڻي اھو خيال ٿيو ته ڇوڪريون وڌي رھيون آھن سو ڇوڪرين لاءِ مڊل اسڪول ٿيڻ ضروري آھي. اتي اسان خيال ڪيو ته رحمون کي بي ايڊ ڪرايون، معلوم ٿيو ته حيدرآباد ۾ ڪو ايجو ڪيشن ۾ ٿي ٿيو ۽ مڊل  اسڪول به ان وقت تائين ٿي چڪو ھو. ان ۾ ادا قاضي چيو ته اھو صحيح نه ٿيندو پوءِ توھان جي ڇوڪري ھيڊمسٽريس نه ٿي سگھندي. ھاڻي اسڪول جا ٻه سيڪشن ٿيا: ھڪڙو گورنمينٽ جو ٻيو اڳئي لوڪل بورڊ جي زير سايه پئي ھليو.  ادا صاحبڏني چيو ته قاضي ھن اسڪول جي منظوري جا رڳڙا ھلندا رھندا تيستائين توھان جي ڇوڪري بي.ايڊ پورو ڪري اچي به ويندي. اھو چانس نه وڃايو . وري به زينت پنھنجي مائٽن تي زور رکيو مگر انھن اجازت نه ڏني. امان کي چيائون ته قاضي کي ان ڳالهه تان لاهه ته توکي مٺائي کارائينداسون. امان چيو ابا مٺائي وڃي جنھن کي وڻيو کارايو، اسان جون ڌيئرون پڙھنديون . ڀرم رکندن الله سائين . اڄ ائين ٿا چئو، سڀاڻي سڀ انھن نوڪرين تي ڪُٽبا. ياد رکجو منھنجي ڳالھه! بھر حال رحمون 1969ع ۾ برابر پڙھڻ لاءِ ويئي، ڏاڍي شوق سان پڙھائي ڪيائين. آءٌ ۽  سندس بابا وٽس ايندا ويندا رھندا ھياسون. توھان جي بابا کي الله سائين جي رحمت ھجي ڇا چوان ته ٻچڙن لاءِ ڪيڏي الله سائين جي ڏنل نعمت ھو. اھو اسان تي وڏو قدرت جو انعام ھو. ڪنھن ڳالھه ۾ ته اسان کي ڊسڪريج ڪري، اصل سوال ئي پيدا نٿي ٿيو . ماڻھن ڪافي چمه گويون ڪيون. چوندا هئا ته بابا ھي ڇوڪريون توھان جون  ڪير کڻندو ئي ڪونه جيڪي ھيئن مردن سان گڏ ٿيون پڙھن . مگر  قاضي صاحب به چيو ته اسان جون نياڻيون الله سائين ڏنيون آھن ۽ اھو سائين انھن جو ڪفيل آھي. اسان تي بار ڪانھي. پاڻھي باري بار کڻندو. انھن ڳالھين ڪندي رحمون خير سان امتحان ڏيئي اچي پھتي. پوري يونيورسٽي ۾ چوٿين  پوزيشن آيس. امتحان وقت تمام بيمار ٿي پئي ھئي. بخار تمام سخت مگر ھمت نه ھاريائين. ڌڻي پاڪ مدد ڪئي. رحمون جي اچڻ کان پوءِ مڊل اسڪول اسٽارٽ ٿيو، جنھن ۾ رحمون ھيڊ مسٽريس ٿي. ھاڻي اسڪول جو ورھاڱو شروع ٿيو. اتي زينت ڀاڻيجي به مئٽرڪ ڏئي ورتو. مسئلو ڇا ٿيو جو اي وي اسڪول ۾ پنج درجا ھئا ۽ ٻه مئٽرڪ جا، وري لوڪل بورڊ جو نئون مڊل اسڪول پراونشل ھو ۽ ترقي تي ھو. نوڪرين تان ھلي وٺ وٺان! آخر دادي ليلان ان وقت انسپيڪٽريس ھئي. جنھن کي اڄ ڪلھه ڊي.اي.او (D.E.O) ٿا چئون. ان وٽ معاملو ويو. ادا قاضي، ادا احمد صاحب، عبدالرزاق صديقاڻي سڀ گڏجي ويا. اسان وارو اکر اچي صحيح نڪتو، فيصلو اھو ٿيو جو چيائون ته قاضي علي محمد جون ٻه ڇوڪريون آھن ھڪ رھي لوڪل بورڊ واري اسڪول ۾ ۽ ھڪ ھونءِ به آھي گورنمينٽ ۾، صديقاڻين جون  ٻه ڇوڪريون آھن اھي به ائين رھن. ھڪ ھن اسڪول ۾ ھڪ ھن ۾. باقي قاضي احمد صاحب جي ڀاڻيجي ۽ ادا خان صاحب جي ڇوڪري ٻئي وڃن گورنمينٽ جي اسڪول ۾. بر وقت سي ٽي (C.T)  ڪرڻ لاءِ فارم ڀرين، نه ته نوڪري ڪچي رھندي . اسان کي ڏک ته ٿيو جو نسيم پريشان ٿي مگر صلح خاطر ائين ڪرڻو پيو. نسيم کي انھيءَ ڳالھه تي راضي ڪيوسين ته توکي بي ايڊ ڪرائي ٿا وٺون.  اھو چانس ڇھن ستن  مھينن اندر ملي ويندو .  بي.ايڊ پرائيوٽ ۾ ڪري سگھجي ٿو  . بر وقت فارم ڀريو ويو . توھان سمجھي سگھو ٿا ته ان ۾ ڪيتري جاکوڙ ھلي ھوندي ۽ ڇا ڇا سھڻو پيو ھوندو. اسان به ھمت ذري به نه ھاري، پئي وقت جي وھڪري سان گڏ ھلياسون. الله سائين مدد اسان جي به جاري رکي ھئي. ان مالڪ جي مدد کان سواءِ ڪو به چارو اصل نه ٿئي ھا شڪر الحمدلله. اتي اسان جي عزيز راڻي به مئٽرڪ پاس ڪيو شڪر الحمدلله. ھاڻي ادا قاضيءَ کي عرض پائي ھن کي به نوڪري ڏياريون! ٽيچرن جو انگ ته پورو ھو، ھاڻي ڇاڪجي. تڏھن ان کي عربي ٽيچر ڪري رکيو ويو. ھاڻي الحمدلله اسان جون ٽيئي نياڻيون ٽيچر ٿي ويئون. 1971ع ۾ جڏھن بنگال ۾ جنگ ھلي پئي، ان وقت ھندستان وارن اتان توجھه ھٽائڻ لاءِ ڪڇ رڻ جي بارڊر تي پنھنجون فوجون بيھاري پاڪستان سان لڙائي شروع ڪئي.  اسان جو شھر ڏيپلو اتان فقط ٻارھن ميل فاصلي تي ھو، گولن بارودن جا ٺڪاءُ ٻڌڻ ۾ پيا ايندا ھئا، آخر ڪار خطري جو اعلان ٿيو ۽ ماڻھن کي ڊپ کان لڏڻ لاءِ چيو ويو، ڪجھه ماڻھوخوف کان لڏڻ لاءِ مجبور ٿيا بليڪ آئوٽ ٿي ويو. اسان به ان لڏپلاڻ ۾ شامل ٿي وياسون، رات جو اوچتو خبر پئي ته ھندستاني فوجي ڏيپلي کي ويجھا اچي پھتا آھن. رات جو ٻين بجي اسان کي نڪرڻ لاءِ چيو ويو. قاضي محمد اسماعيل جا ٻار جن کي قاضي اقبال گاڏي موڪلي جيڪو  ان وقت بدين ۾ اي.سي  ھو. اھي ته ھليا ويا، وڃي جھڏي پھتا. ڇاڪاڻ گاڏي ھڪڙي ھئي ان ۾ ڪيترا ماڻھو ايندا.  اسان الله جو آسرو ڪري ويٺا ھئاسون ته من ڪا مدد ٿئي. آخر رات ٻين  بجي اٺن تي پڙھياريءَ پھتاسون . ادا ابراھيم صديقاڻي اسان جو سيڻ به ھو ۽ اسان سان ھن جي وفاداريءَ جي انتھا ھئي، ان پنھنجي پٽ ڊاڪٽر عبدالغني کي چورائي موڪليو ته قاضي جا ٻار پڙھياريءَ تي آھن ڪنھن به حالت ۾ انھن جي رھڻ جو انتظام ڪري وٺ ۽ پاڻ ان وقت انڌاري ۾ دڪان کولي مون جيڪي پنھنجي ضرورت جون شيون لکيو ھيون، انھن جو ڪارٽون ٺاھي ڀري اسان کي موڪلي ڏنائين. الله سائين جي رحمت ھجيس. اسان کي ادا ابراھيم خدا پاڪ جي نعمت لڳندو ھو. ماڻھو کيس ڏنگو چوندا ھئا مگر اسان لاءِ ته ھو عظيم انسان ھو. اسان کانئس بيحد خوش ھوندا ھئاسون . ڊاڪٽر عبدالغني ادا غلام محمد لاٽ کي چئي اسان لاءِ صبح جو سوير ٻه گاڏيون موڪليون. ھڪ گاڏي قاضي اقبال صاحب جي به اچي ويئي، ان وقت به اسان سان قاضي محمد عثمان جو لڏو ھو، اُھي، حامد ۽ امينا جو لڏو سڀ گڏجي روانا ٿيا. ان وقت جون  جيڪي کائڻ پيئڻ شيون کنيون ھيون اھي سڀني کي ڏاڍو ڪم آئيون، سڀ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ تعريف ڪيائون ته ھھڙي اڙانگي ۽ ڏکئي وقت ۾ ادي سڀ ضرورت جون شيون کنيون آھن.  بسڪوٽ، ڀڳڙا، ڪاجو، چانھه، کنڊ مطلب ته تقريبن ھر شيءِ موجود ھئي. اٽو، گيھه، دال وغيره کائي پيئي خوش ٿي سڀ روانا ٿيا. جڏھن جڙھيار تي گاڏيون پھتيون ته قاضي صاحب به اچي پھتو. اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.

 اتي ھڪڙو واقعو اھو ٿيو جو امينان کي ويم جا سور ٿيا، تڏھن امان کي لاھي امينان وارن جي جيپ ۾ وھاريوسين. رات انڌيري، ھڪ رستو ڏکيو ڪاٽارچ اسان وٽان ملي. جڙھار تي ڇوڪرو ڄائو. اھو اسان جو ضميرخان صاحب. ناڙي لاءِ ڇري کپي، تڏھن قاضي صاحب جي سئڙي ڪم آئي. بھرحال الله الله  ڪري خيرن سان اچي جھڏي پھتاسون. اسان کي ڊاڪٽر عبدالغني پنھنجي ڪواٽر ۾ وٺي آيو. ھتي اسان ڏاڍو خوش ٿياسون. ڏاڍو سڀني ڏيپلاين اسان جون مھمانيون ڪيون. عزتون ڏنيون. ڊاڪٽر وارن ته ڀلا ڀلي ڪري ڇڏي ھئي. مٿان اسان جي زمين ويجھي ھئي، ان مان کير، ڀاڄيون وغيره روزانو اچڻ لڳيون. ڇوڪرين کي اتي به نوڪري ملي ويئي.

 ٻارن جي پڙھائي جي ڳالھه پئي ھلي ته وچ ۾ اھا ڳالھه به اچي ويئي. روشن راڻيءَ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو ھو. تنھن ان وچ ۾ آرٽس ۾ فرسٽ ايئر به ڪيو. ھاڻي اسان کي اھو خيال ٿيو ته ڇوڪريون وڏيون به آھن، ملڪ جون حالتون به الا جي ڇا بيھن. سو اداخان صاحب ۽ ماما محمد عمر ٻئي ڄڻا اچي ويا ۽ ڏينھن چٽا به اتيئي ٿيا. ادا ابراھيم وري گھڻن ماڻھن ۾ اٽڪيل ھو مگر ايترو ته سمجھدار ھو جو چيائين ته قاضي صاحب نياڻين جو پيءُ آھي ۽ ويچارو غريب ٻچڙيوال ماڻھو آھي. ان کي آءٌ خرچ ۾ ڪو نه وجھندس. اھو به تيار ٿيو ۽ بعد ۾ عزيز جا به ڏينھن اتيئي چٽا ٿيا. ۽ شاھد به پنجين درجي جي ڀيٽ جي امتحان جي تياري پئي ڪئي. ان جو ڏيپلي ۾ رھڻ ضروري ھو جو اتي عبدالغني جوڻيجو ٽيوشن سٺي پڙھائيندو ھو. ادا ابراھيم جا ٻارته جھڏي ۾ ھئا مگر پاڻ پنھنجي دڪان جي سانگي ڏيپلي پئي رھيو. ان چيو ته شاھد منھنجي اکين تي آھي. کيس مون وٽ موڪليو آءٌ کيس اکين ۾ جاءِ ڏيندس. سو اسان به دل جھلي کيس موڪليو ۽ شاھد ڳالھه ڪندو ھو ته چاچو منھنجو ڏاڍو خيال ڪندو ھو ۽ الحمدلله شاھد بچي شال به خيريت سان تمام سٺيءَ پوزيشن ۾ پاس ٿيو ۽ اسڪالرشپ کنيائين. شڪر الحمدلله شاھد بچي شال جي ھر ڳالھه اسان لاءِ نئين ۽ مبارڪ ھوندي ھئي. اسان جي ان وقت مالي پوزيشن تمام ڪمزور ھئي مگر ان ھوندي به ٽنھي ڀينرن جي ڏاج ۾ اسان ڪا ڪمي نه ڪئي. ان ۾ منھنجي امان ۽ منھنجي ٽنھي ڌيئرن ڀرت جو ڪم ۽ سلائي جو ڪم سارو پنھنجي ھٿ سان ڪيو، ايتري قدر جو منھنجي خيال ۾ ھڪ روپيو به ان باري ۾ اسان جو خرچ نه ٿيو. ٿوري وقت ۾ ڏيپلي ۾ به سانت ٿي ويئي. اسان به خيريت سان پنھنجي پنھنجي گھرن ۾ اچي آباد ٿيا سون. شادي اسان جي ٽن ڌيئرن جي ۽ نسيم ادا خان صاحب جي ڌيءَ جي گڏ ٿي. انھن به پنھنجي وسان ڪو نه گھٽايو، مگر جڏھن ڏاج نڪتا تڏھن اسان جي ڇوڪرين جي ھٿ جي محنت جي واه واه ٿي ويئي. اسان جو قاضي صاحب ته ھونءَ به تمام فراخدل ھو سو سائين اٽا پڪان پاپڙ جيمس آباد جا. ناشتي ۾ مانيون گوشت ٽي ڏينھن ناشتن جي واروتار ھئي. اٽي جون ٻه ديڳون ۽ پڪانن جا ڊرم تيار ڪرائي ورتائين. پوءِ وري ماني ھلي ته سيري پلاءُ جي واھه واھه. رات جو رخصتي ٿي. اسان ته وڏيءَ دل سان ٽنھي ڀينرن کي روانو ڪيو.  شاھد ۽ مشهود ڀينرن سان گڏ ٿي ھليا. جڏھن گينان ۽ جانو ۽ ڏاڏي ادا محمد ھارون جي ڌيءَ جي شادي ٿي ھئي تڏھن ڀاءُ خير ڪو ھو اھو ڏک ته پنھنجي جاءِ تي ڏاڍو ھو، ايتري قدر جو قاضي صاحب انھن کي اجازت ڏيئي گھر موٽيو پوءِ جيڪا حالت ھئي اھو سور دل ۾ رکي بيمار ٿي پيو ھو. اھو وقت اسان کي اڃا ياد ايندو آھي. لڙڪ لڙي ايندا آھن، ويچارو ٽن ڌيئرن کي روانو ڪري ھٿ ڇنڊي ويھي رھيو ھو. ان ڪري ھن وقت شاهد ۽ مشن جي ڪري ھيءَ خوشي اسان جي لاءِ عيد جي خوشيءَ کان ڪي رتيون ڪسر ھئي. مگر تڏھن به ڏسندڙن جي نظر ۾ اسان صبر ۽ شڪر سان ڪمال ڪيو. ادا عبدالرحمان جن ان وقت اسان وٽ ويٺل ھئا. صبح جو ڳالھه ڪيائون ته اسان چيو ته ڀائي ھنن مائٽن کي شاباس آھي جو ھيڏي وڏي دل سان انھن پنھنجي نياڻين کي رخصت ڪيو آھي. اڃا تائين ڪڏھن ڪڏھن ڳالھه نڪرندي آھي ته اھا ڳالهه ڪندا آھن. مگر مشن صاحب جنھنجي باجي عزيز تي تمام گھڻي دل ھئي سو جڏھن ننڊ مان اُٿيو مون کي چيائين امي باجي ڪٿي آھي؟ مون چيو ابا باجي ته پنھنجي گھر ھلي ويئي. سو ان ڪنھن کي به ڪو نه ٻڌايو، سڌو ويو پنھنجي مٺڙيءَ باجيءَ وٽ. ان جا به ھن ۾ پساه ھئا کيس ڏسي  ڀاڪر پائي پيار ڪيائين. عزيز کي چيائين ڇو ھلي ويئي آھين؟ ڇھن سالن جو ته ھو مگر عزيز جو وڃڻ کيس ڏکيو لڳو ھو. ادا ابراھيم به پيار ڪيس. ماني لاءِ ڏاڍو چيائونس پر اتي ماني نه کاڌائين. اتان ماما جن جي گھر آيو. نسيم کي ڏٺائين ماما ماني کارايس جو اسان جي ماما جي به منھنجي ٻارن تي تمام گھڻي دل ھئي. ان گھر کي اسان اڃا تائين پنھنجو گھر سمجھندا آھيون. مگر ڳالھه پئي هَلي ته مشن جي اکين ۾ ننڍڙي ھوندي ئي ڏاڍي چمڪ ھوندي ھئي. ڏاڍو شرارتي به ھوندو ھو، مگر ان ڏينھن کان وٺي ھن جي اک مان اھا چمڪ نڪري ويئي پوءِ ته آھستي آھستي وڏو ٿئي ماڻھو سھائي ٿو وڃي مگر وٽس اھا چمڪ نه آئي. اھو آھي اصل پيار ۽ سچي محبت جنھن جو بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي.

 شاھد سائين کي الله سائين وڏو ڪري پيدا ڪيو آھي. جو ان مالڪ کي خبر ھئي ته ھن ٻار کي وڏا بار کڻڻا آھن، سو ان وقت به حقيقت پسند ھو ۽ ھاڻي به سائين حقيقت پسند آھي. الله سائين ٻنھي ڀائرن کي وڏي حياتي ۽ صحت سالم ڏيئي نوازي. اسان جي لاءِ بيشڪ رب پاڪ جون ڏنل نعمتون آھن. ڌڻي پاڪ مھربان مالڪ کين ھر نظر ھر حسد کان ۽ شيطان جي شر کان پنھنجي حفظ ۾ رکي. ڪريم ڏاڍا ڪرم ڪيا آھن ۽ ھيڻو حال ڏسي مالڪ ڀال ڪري ڇڏيو آھي. ڪيترا احسان ان خالق اڪبر مالڪ مھربان جا ڳايون جنھن واقعي منھنجي امان جي دعا موجب ستن  ڄڻين جا مٿا ڍڪي ڇڏيا ۽ اگھاڙن کي ڪرم جو پاند ڏئي ڍڪي ڇڏيو. ننڍڙو مشن آھي برابر سڀني ڀينرن توڙي ڀاءُ کان ننڍو مگر کيس رب پاڪ پنھنجي ڪرم فرمائيءَ سان ايتري ته سمجھه ڏني آھي ۽ صالح نيڪ بخت ڪيو آھي جو کانئس پرديس ۾ رھڻ ھوندي به اسان سڀئي ڀينرون توڙي يعني سندس ڀاءُ شاھد ھر ڳالھه جو ھر مسئلي جو حل پڇندا آھيون ته معقول ۽ مناسب ٿورن لفظن ۾ مشورو ڏيندو آھي. تقريبن ھر مسئلو الله پاڪ جي فضل ڪرم سان حل ٿي ويندو آھي. شڪر الحمدلله. مالڪ سائين جا ڪرم آھن. اسان عاجز ۽ گنھگار بندا آھيون، ھي سڀ ڪرم ان ڪريم جا آهن جنھن اسان جو ن سڀ تڪليفون لاھي ڇڏيون. ھر ڪمي پوري ڪري ڇڏي. شڪر الحمدلله. ڳالھه پئي ھلي نياڻين جي شاديءَ جي اھا ته الحمدلله خير خوبيءَ سان ٿي. سڀ پنھنجي گھر ۾ خوش ان وقت به ھيون ۽ ھاڻي به الحمدلله خوش آھن. سڦو پٽيوالي جنھن کي اسان پنجن روپين تي رکيو ھو، ان جي اھائي وفاداري اسان سان ساڳئي ھئي. ٻي اسان تي جيڪا الله سائين جي عنايت ٿي، ان جو ته ذڪر اڳم ۾ لکڻ گھربو ھو جو ھاڻي ياد آيو آھي: اسان جو ننڍڙو ۽ مٺڙوپيارو مشن بختاور جڏھن اچڻ وارو ھو تڏھن اسان کي حيدر آباد مان اھڙا احوال پئي مليا ته ادا قاضي جي  گھر ۾ ھاڻي رھڻ شايد مشڪل ٿئي. اسان کي ويم لاءِ وڃڻو به حيدر آباد ئي ھو پوءِ سوچي سوچي اھو حل ڪڍيو سين ته سجائي تي سڪيلڌي حجام جنھن جي زال ساران قاضي صاحب جي وڏي گھر مان پٽ عبدالرحيم کي کير ڏنو ھو. انھن سان اسان جي تمام گھڻي محبت ھئي. ان کي چوائي موڪليو ته ھڪڙو ڇوڪرو ڪنھن حالت ۾ اسان کي ڏيو. انھن اسان کي عارب ڏياري موڪليو جو ان وقت ٻارھن سالن جو ھو ۽ سجائي تي ڀومسنگ ٺڪر جي گھر ڪم ڪندو ھو. انھن سان ڏاڍو ٻڌل ھو. شايد ان جي به فطرت ۾ وفاداريءَ جو اُنس ننڍپڻ کان ئي موجو د ھو. انھن کي ڏاڍو ياد ڪندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن مون کي ياد آھي ته ناني ناني ڪري روئيندو ھو. ڇاڪاڻ ته ڀومسنگ جي زال کي ناني چوندو ھو اسان وٽ آيو ۽ آھستي آھستي اسان سان دل لڳي ويس جو اڃا تائين اسان وٽ ئي آھي. اسان به کيس تمام گھڻو پيار ڏنو، پنھنجي اولاد جھڙو سمجھندا ھئاسون. انسان آھي پيار سان، انسان کي الله تعالى شينھن به نمائي ڏنا آھن. ھي ته وري به ھڪ انسان آھي. ڏيپلي مان مون کي اٺون  مھينو ھو ته اسان جيمس آباد  اچي وياسون. ٻار اسان سان گڏ ھئا. شاھد بچي شال ۽ ننڍڙي پياري خالده ھئا. باقي ڇوڪريون ڏيپلي ڇڏي آياسون ڇاڪاڻ ته عزيز مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ واري ھئي. رحمون ۽ نسيم نوڪريءَ ۾ ھيون ۽ ماشاءَالله وڏيون ۽ سمجھدار ھيون. اسان کي انھن جو ڪو به کُٽڪو اصل نه ھو ۽روشن به تمام وڏي دل واري ۽ حوصلي مند ھئي. ۽ سندس امان وڏي به تمام گھڻو پيار ڪندي ھئي. ته پوءِ اسان به دل وڏي ڪري ھليا آياسون. اچڻ سان قاضي صاحب حيدرآباد ھليو ويو،  الله سائين اسان جي مدد ڪھڙي نموني ٿو ڪري! ڇاڪاڻ ته اھو سائين ھر بندي جي مدد ڪندڙ ۽ مھربان مالڪ آھي. اسان جي ھر حال کان واقف آھي. بندي کي صرف ۽ صرف سندس سھارو ۽ توڪل ڪرڻو آھي. اتي وڃي ڊاڪٽر صالح صاحب سان صلاح مشورو ڪيائين، ان چيو ته چاچا ھن وقت ڊاڪٽر قمر ميمڻ اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ تمام ڪامياب آھي، اتي منھنجي به ڳالھه ھلي سگھي ٿي. ان شاءالله توھان توڪل ڪري اتي ويم ڪرايو. وڌيڪ الله سائين توھانجي مدد ڪندو ان شاءالله. اتي ادا غلام محمد مخدوم به ويٺل ھو. رھڻ جي ڳالھه به ھلي ته ڪيئن رھجي. ان چيو ته چاچا ڪو به فڪر نه ڪر، آءٌ ھينئر گلشن ھوٽل جي سامھون رھان ٿو. کيس سرڪاري گھر مليل ھو. اتي ميمڻ اسپتال به تمام نزديڪ آھي. منھنجو گھر به سامھون آھي. اھا ھوٽل آھي ڏاڍي سٺي ۽ سندس مالڪ منھنجو دوست آھي، ٻيو وري آفيسر ماڻھو جو ھر ماڻھو لحاظ به ڪندو آھي. ھن پل مون سان گڏ ھل آءٌ توکي تمام سٺو انتظام ڪرائي ٿو ڏيان. اچي ھوٽل ڏسي مالڪ سان ڳالھايو. ھن چيو ته آءٌ سو روپيه مھينو مسواڙ وٺندس. توھان جيترو به رھو ڀلي اچو، جاءِ ۾ ٻه ڪمرا اڱڻ ھلڪو ڦلڪو ڪچن جو انتظام به ھو، باٿروم به سٺو ھو. قاضي صاحب کي ڏاڍو پسند آيو سو روپيه ايڊوانس ڏئي رات جو واپس گھر آيو يعني جيمس آباد. ڏاڍو خوش ٿي، اسان سان ڳالھه ڪيائين. اسان به خوش ٿيا سون صبح جو گھربل سامان کڻي اچي اتي لٿاسون. عارب اسان سان گڏ ھو. اسان ٻئي ڏينھن ڊاڪٽر قمر صاحبه کي طبيعت ڏيکاري. چيائين اڃا مھينو کن ليٽ آھي. ھر ھفتي ڏيکارڻ ويندا ھئاسون. انھيءَ نموني مولا سائين اسان جي مدد فرمائي. الحمدلله مالڪ سائين اڻ ڳڻيا احسان ڪيا. جنھن سان اھا ٻاجھه ٿي جو پيارو مٺڙو مشن به اچي ويو. وڏا ٿورا مالڪ جا اھو بيان اڳ۾ لکي چڪي آھيان. ھي بيان اڳ ۾ لکڻ گھربو ھو مگر پوءِ خيال آيو ته ھتي لکي رھي آھيان خير... جيئن جيڪا ڳالھه ياد ايندي آھي لکي ڇڏيندي آھيان.

ڳالھه پئي ھلي پٽيوالن جي ته ان وقت اسان وٽ جيڪي پٽيوالا ھئا، ماسي سڦو، سڄڻ، عارب جو ننڍو ڀاءُ ان کي اسان عارب جي اٻيل لاءِ رکيو ھو. ھونءَ ته تمام ننڍو ھو مگر اسان وري به رکي ڇڏيو ھو. حجام تمام وفادار به آھن، انھيءَ ڪري به رکيو سون. چنيسر بجير پاڻي ڏيندو ھو. مگر رحمون جي شادي بعد ضروري ھو ته سندس پٽيوالا سندس گھر ۾ ڪم ڪن مگر ھن نيڪ بخت ڇوڪريءَ بس ھڪ سڄڻ پنھنجي گھر ۾ ڪم لاءِ کنيو، باقي اسان وٽ ڇڏيائين. اسان وٽ عارب ھڪڙو رانجھو لکن جھڙو ھو. اھو دڙيلي ويندو ھو ته اتي قاضي صاحب کي خوش رکيائين. جڏھن ڏيپلي ايندو ھو ته اسان جا رھيل ڪم جيڪي ڳراسرا ھوندا ھئا اھي ڪري اسان کي به خوش ڪري ويندو ھو. الله سائين جي رحمت ھجيس ۽ اسان به کيس پنھنجي پٽن وانگر سنڀاليو آھي. اھو ته دنيا جو دستور آھي. اھو انسانيت جو ڳڻ ھر انسان ۾ ھئڻ تمام ضروري آھي. ۽ منھنجي پنھنجي سڀني جملي ڌيئرن توڙي پٽن بلڪ پوري اولاد کي نيڪ نصيحت آھي ته احسان جو بدلو احسان آھي. ڪڏھن به ڳڻ چور نه ٿجي. منھنجي بابا لاءِ ماڻھو چوندا ھئا ۽ سڄي تر ڏيپلي ۾ اھا ڳالھه مشھور ھئي ته مُکي گل محمد ڏنگو آھي، مگر ان ھوندي به ھميشه چوندو ھو ته جيڪو توھان سان ڪو به چڱو قدم کڻي ته ان جو قدر ڪندا ۽ احسان مڃيندا رھندا ته ان ۾ توھان تي الله پاڪ جون نعمتون وڌنديون رھنديون. احسان وساريندڙ ۽ ڳڻ چور کي الله سائين به معاف نه ڪندو آھي. اھا ھڪ نيڪ نصيحت آھي. پنھنجي وڏن جو چيو مڃڻ به ھڪ قسم جي سعادت آھي. ھي ويچارو غريب ماڻھو آھي مگر پنھنجي وفاداريءَ جي ڪري اسان وٽ پنھنجو مان رکايائين ۽ اسان به سندس قدر ڪيو آھي. شڪر آھي. وقت خير سان پيو ھلي الحمدلله.

نياڻين جي شاديءَ کان پوءِ  نون  مھينن کانپوءِ صالح صاحب پيدا ٿيو. حيدر آباد آياھئاسون. ويم جي لاءِ آءٌ به ويس مبارڪ ڏيڻ لاءِ. پنھنجي حال آھر پنھنجي ھٿن سان ٺاھيل ڪپڙا سامان کڻي ويس. سندس بابا به اسان سان گڏ ٿيو سڀ خوش ٿياسون. صالح الحمدلله تمام سھڻو ۽ سٺڙو ٻار ھو. ۽ تمام وڻندڙ. مشن کان پوءِ ھي ٻارڙو آيو ته اسان به خوش ٿيا سون ته ڏاڏاڻا به خوش ٿيا. ادا ابراھيم جي عزيز تي ڏاڍي دل ھئي. چوندو هو کيس الله سائين جي رحمت ھجي. اسان جو ڏاڍو قدر ڪندو ھو. گھر ويندا ھئاسون ته ڏاڍي عزت ڪندو ھو. توڙي ادي ڪريمان به ھڪ نيڪ بخت ۽ سمجھدار ۽ قدر شناس مائي ھئي . ٻنھي ڄڻن اسان جو تمام سٺو مان رکيو ھو. ٻنھي کي الله سائين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي. پوءِ وري نسيم کي به مھيني کن کان پوءِ ٻار ڄائو. اھا ڇوڪري ھئي ڏاڍيءَ تڪليف کان پوءِ پيدا ٿي مگر بر وقت ويچاري الله کي پياري ٿي، ڏک ته ڏاڍو ٿيو مگر الله سائين پنھنجي فيصلي تي قادر آھي. بندي جي ڇا مجال جو ان جو حڪم نه مڃي. رحمون کي ليٽ ٿي. صالح پندرھن  مھينن جو ٿيو ته  شنيلا راڻي به اچي حاضر ٿي. ماشاءَالله صالح کان ڪي رتيون قصر. سھڻي سٻاجھڙي ننڍڙي مٺڙي ڏاڍي وڻندڙ پياري ھئي. خوش ٿياسون. شام جو ٻئي ايندا ھئا ته اسان جي گھر ۾ شادماني لڳي ويندي ھئي. ھو  چوندو آءٌ کڻان ھو چوندو ته آءٌ کڻان. اڃا به سڀ  ٻار يعني اسان جا سڀ ڏوھٽا اسان وٽ ائين ئي دادلا آھن. شنو ڇھن  مھينن جي ٿي ته الحمدلله عنبرين راڻي اچي وئي. الحمدلله تمام گھڻو خوش ٿياسون جو رحمون جو ٻارڙو گھر ۾ اچي ويو. ان وچ ۾ نسيم جو ڇوڪرو ڄائو ھو مگر اھو به پورو پاٺو نه ھو، اھو به ھليو ويو. نسيم جي انھن ٻارن جو ڏک اسان سڀني کي ڏاڍو ھو مگر امان تمام گھڻو پريشان ھوندي ھئي. ۽ نسيم کي دعائون پئي ڪندي ھئي ته امان تون روءُ نه غمگين نه ٿي، تنھنجي پيٽ مان شينھن پيدا ٿيندو. تون منھنجي اھا دعا ياد رکج الحمدلله. ٿيو به ائين عنبرين ڇھن  مھينن جي ٿي ته الحمدلله آصف خان اچي ويو. شڪر الحمدلله شڪرالحمدلله. واقعي شينھن پيدا ٿيو . مالڪ سائين جا ٿورا ۽ احسان. الحمدلله اسين پنھنجي گھر خير سان کيس وٺي آياسون . ڇاڪاڻ ته امان جي طبيعت ٺيڪ نه ھئي. اھا به اسان جي گھر ھئي. آصف بچي شال اڄ ننڍو سڀان وڏو تمام سٺو وڻندڙ ٻار پوءِ ته ادا ڇاچوان، شام جو اسان جي گھر ميلو ھوندو ھو. عزيز ايندي ھئي، ٻئي ٻار ۽ ھُتان عنبرين راڻي ۽ آصف خان گھر ۾ خوش سندن بُوائون اينديون ھيون، گھر گلزار لڳو پيو ھوندو ھو. واهه واهه اھي ڏينھن اڄ به ڏاڍا ياد ايندا آھن.

ھڪڙي ڳالھه لکڻ جا تمام ضروري آھي. اھا رھجي ويئي آھي. اھا ھيءَ آھي ته مون رحمون، نسيم ۽ عزيز جي پڙھائي جو به چڱي ڀاڱي لکيو آھي. اڃا به اھو احوال ھلندو رھندو مگر روشن راڻي جو احوال ته اصل نه لکيو آھي: ته اھا ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني پڙھي. اھو به وڏو ھڪڙو يادگار داستان آھي. ماشاءَالله پڙھڻ ۾ منھنجا سڀ ٻار الحمدلله ھوشيار ۽ پاڻ ڀرا ھوندا ھئا ۽ کين ڪنھن به ٽيوشن وغيره جي ضرورت نه ھوندي ھئي. الحمدلله. روشن ننڍا ننڍا امتحان  ڏيئي آخر مئٽرڪ ۾ آئي. اسان وٽ ان وقت سائنس جو ڪلاس نه ھو. ان ڪري سڀ ڇوڪريون آرٽس پڙھنديون ھيون.  مئٽرڪ حيدرآباد مان اسان جي دادلي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنئي ۽ زيب النساءِ مٺواڻيءَ (محمد عمر مٺواڻي جي ڇوڪري) جي ٻئي پوزيشن آئي. اخبار  آئي ته اخبار ۾ روشن جو نالو لکيو پيو ھو ۽ زيبوءَ جو نالو ٻئي نمبر تي ھو. سندس بابا جيڪو شام جو کٽ تي ويٺو ھو، ان جڏھن ٻڌو تڏھن چيائين ته ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگھي. ماڻھو لکڻ ۾ ڀليا ھوندا. اھا روشن علي محمد ڪا ٻي ھوندي مگر پوءِ  پاڻ به اخبار پڙھي مطمئن ٿيو ۽ اسان به رب پاڪ جا شڪرانا بجا آندا. ان وقت به ڪافي ماڻھن جا خط تارون آيا جن ۾ ھڪ خط ادا الھڏني جو اسان جي دل تي اڃا تائين نقش آھي . جنھن پنھنجي جذبي ۾ ھي لفظ لکيا ته؛

خودی کو کر بلند اتنا کہ ہر تقدیر سے پہلے
خدا بند
ے سے خود پوچھے بتا تیری رضا کیا ہے

ھن فرسٽ ايئر ۽ انٽر آرٽس ۾ ڪيا. ان کان ڪافي اڳ جڏھن  به منھنجو شاھد کان پوءِ وارو ٻار پري ميچور ڄائو ھو ۽ مون کي تمام سخت تڪليف ھئي، تڏھن ھن معصوم ٻار جيڪا صرف اٺن  سالن جي ھئي، ان کي ايترو ڪو ڏک منھنجي انھن تڪليفن  جو ٿيو جو پنھنجي ننڍڙي ڊائري ۾ لکيائين ڪاش آءٌ ڊاڪٽر ھجان ھا الله تبارڪ تعاليٰ جيڪو سڀني ٻاجھارن کان گھڻو ٻاجھارو آھي، ۽ سميع عليم آھي. ان ٻڌي ورتو. اھو ڪاش جو لفظ سندس دفتر ۾ لکجي چڪو ھو. ان اھو رنگ رچايو جو 1973 ع ۾ نواز قاضي ۽ اقبال قاضي جي شاديءَ تي اسان حيدرآباد ۾ ھئاسون اھو خيال ڪيو سين ته روشن کي نوڪري وٺي ڏيون يعني ماستري. آپا مسز شيخ سان منھنجي ڇوڪرين جي نسبت چڱي خاصي دوستي ٿي ھئي. ان کي عرض ڪيوسون. اھا ان وقت ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ھئي. ان روشن جو سرٽيفڪيٽ ڏسي چيو ته امان ھي ڇوڪري ته پوزيشن ھولڊر آھي. ڪيئن ٿا ھن کي ماستري وٺي ڏيو، ھيءَ ته ڊاڪٽر ٿيڻ جي لائق آھي. اسان چيو آپا آرٽس ۾ ڪيئن ٿي سگھندو؟ چيائين توھان اجازت ڏيو ھيءَ ڇوڪري منھنجي آھي. آءٌ سڀ انتظام ڪنديس. ان کان توھان ڇُٽا آھيو، اسان سڀني سان ڳالھه ڪئي ته سڀ کلڻ لڳا  مگر الله سائين جو سڄي  علم جو ڌڻي آھي سو ڪنھن کي علم ڏيڻ  ته ان مالڪ جي اڳيان آسان ھو . اسان اتان روانا ٿي نئون ڪوٽ آياسون ته ڏيپلي واري لاري رواني ٿي چڪي هئي ۽ اسين ادا حاجي محمد مٺواڻيءَ جي جاءِ تي رات رھياسون. اتي اسان قاضي صاحب سان واضح ڳالھه ڪئي. قاضي صاحب جو اسان جي ھر جائز ڳالھه کي  ايپرشيئٽ ڪندو ھو. ان رحمون ۽ روشن کي تياري ڪرائي عارب سان گڏ روانو ڪيو. اھي سڌو آپا شيخ صاحبه وٽ آيا ۽ آپا به ھر ڪا ڪوشش ڪئي يعني بورڊ جي پرميشن وٺي ۽ گورنمينٽ ڪاليج ۾ آپا امينا ھاليپوٽه سان جھاد ڪيو ۽ روشن کي داخل ڪرائي، ھاسٽل ڏياري مطلب ته ھر طرح جي مدد ڪيائين. ان کي الله سائين ٻنھي جھانن جو اجرعظيم عطا فرمائيندو ان شاءالله. اسان جي مدد مولا پاڪ کي ڪرڻي ھئي، جنھن ھن مائي کي تيار ڪيو ۽ معصوم نياڻي جي آس پوري ڪيائين الحمدلله. ان ۾ جن جن ماڻھن اسان جي مدد ڪئي انھن ۾ ڊاڪٽر سڄڻ صاحب به شامل آھي، جو جڏھن انٽر پاس ڪيائين 74 پرسنٽ تي ٿر ۾ پھريون نمبر آئي ۽ نواب شاه ميڊيڪل ڪاليج ۾ سيٽ ملي ڇاڪاڻ ته ٿر جو ڊوميسائل ھو. ان وقت زيبو جي وفات سبب آءٌ اتي ھيس ۽ اسان جي لاءِ نواب شاه تمام ڏکيو ھو . سندس بابا پيرسن ۽ اسان جي اتي رسائي ڏکي ھئي. پوءِ آءٌ اتان نواز قاضي محمد اسماعيل جي پٽ کي گڏ وٺي نوابشاهه ويس. جتي ڊاڪٽر سڄڻ صاحب سول سرجن ھو ان کي عرض ڪيو ته ادا اسان جي ھن ڪم ۾ مدد ڪريو. ان وقت سيڪريٽري انور شيخ ھو. ادا سڄڻ جو تمام گھرو دوست ھو. چيائين ادي حاضر، آءٌ وسان نه گھٽائيندس. ان شاءالله توھان کي مائيگريشن جو ليٽر اچي ملندو. برابر اسان اتيئي حيدر آباد قاضي اسماعيل جي گھر ھياسون ته سندس ڪلارڪ ليٽر کڻي آيو. قدرت رب جي ان رات ڊاڪٽر انور شيخ کي دل جو دورو پيو ۽ فوت ٿي ويو. ان کي به الله سائين اجر ڏيندو. اھو حڪم رب جو ھو مگر اسان جي مدد ان سائين کي ھر طرح ڪرڻي ھئي، پوءِ اسان روشن کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخل ڪرائي، ڊاڪٽر محمد علي جي گھر جو ان وقت ڄامشوري ۾ ھو، اتي رھايو.

داخلا لاءِ  اھو شرط رکيو ويو هو ته ڇوڪري پھرين ٽيسٽ ۾ فرسٽ پوزيشن کڻي . اھا به الله سائين مدد ڪئي واقعي روشو امي جي مٺڙي پياري اھو به مرحلو حل ڪيو، آءٌ اھو يقين سان چوان ٿي ته الله سائين مالڪ  اسان جي ھر مرحلي ۾ اعلى مدد ڪئي. ان جي شڪر گذاري لاءِ جيڪر اسان سرسجدي مان نه کڻون ته اسان جي لاءِ جائز آھي. الحمدلله الحمدلله آخر ڪار اھا روشني پنھنجي اميءَ جي پياري ڊاڪٽر ٿي. ھاڻي الحمدلله ھن وقت لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آھي. الحمدلله الحمدلله اڻ ڳڻيا احسان ان مالڪ  جا آھن جنھن ھي سڀ منزلون به آسان ڪيون ۽ ان درجي تي پھچايو. ڪو وقت ھو جو  اسان اسپتالن ۾ ڊاڪٽر صالح صاحب جو نالو وٺي ويندا ھئاسون. مٿس به خدا جي رحمت ھجي، اسان جي ڏاڍي مدد ڪيائين. الله سائين وٽ ته اجر جي ڪمي آھي ئي ڪانه. اھو سائين کيس ان جو اجر ڏيندو . مگر اڄ  الله سائين اسان جون اھي سڀ ڪميون پوريون ڪري ڇڏيون آھن. شڪر الحمدلله. الله سائين جا ٿورا ۽ ڀلايون ڀال. پوءِ ته اسان جي ننڍڙي مٺڙي پياري خالده ڊاڪٽر ٿي شڪر الحمدلله.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org