سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :21

هو منهنجا هندوستان ۾ سنڌي دوست سڳن آهوجا، نارائڻ شيام، موهن ڪلپنا، هري ڪانت، هروسدارنگاڻي، تيرٿ وسنت ۽ حشو ڪيولراماڻي آهن، جيڪي به گذاري ويا آهن ۽ انهن کي ياد ڪري ڀٽائيءَ جو هي بيت ٿو ياد اچي:

ڳچيءَ واريو ٻانهن، ويٺي روئي وڇن سين،

لايان لال لڱن کي، اَئين جي چرو ڪانهن،

آءٌ اوهان جي دانهن، سدا ٻڌان سَنري.

انهيءَ ڊگهي لسٽ ۾ وقفو ضروري آهي. انهيءَ گل جي ياد اچي تازه دم ڪري ٿي، جو اڃان ٽاريءَ تي آهي. هوءَ شاعره هئي.

مان جو بلبل هزار داستان آهيان، انهيءَ سان محبت جي سرگوشي به نه ڪئي اٿم. فقط اسان جون اکيون، هڪٻئي جي اکين ۾ گم رهيون آهن ۽ انهن ۾ پنهنجا جڳ جڳانتر ڳولينديون رهيون آهن.

هڪ ڀيري هوءَ منهنجي سٿر سان پنهنجي سٿر ملائي، مون سان هڪ سئنيما هال ۾ ويٺي هئي. پر مون هن جي ران جي اطلس ۽ ڪمخواب کي ڇُهيو به نه هو. پوءِ جڏهن هوءَ ٻيهر ملي ته منهنجي اکين جا پيغام سمجهي وئي ۽ مان سندس اکين جا پيغام سمجهي ويس.

دک، پيڙا، خوشي ۽ سرخوشي، ڇا ڇا نه سمايل هو اسان جي اکين ۾! نه ڄاڻان اسان ڪهڙي جنم ۾ مليا هئاسين! امرتا پريتم ويجهي هجي ها ته هن کان ڪنهن جوتشيءَ جو ڏس پڇان ها! مون هن جي ڇهاءَ کان سواءِ هن کي ڇُهيو آهي. هن جي ڏيکاريءَ کان سواءِ هن کي ڏٺو آهي ۽ منهنجا ڪن ٻُرندا رهيا آهن، انهن ٻولن سان، جي ڪيئي سال اڳ هن ڪجهه ٻوليا ۽ ڪجهه نه ٻوليا ها. مان هن جو نانءُ وٺڻ نه ٿو چاهيان، ڀل ته هوءَ منهنجي شاعريءَ جي پرولي رهي، جنهن جي ڀڃڻي ڪنهن وٽ ڪانهي، سوا ان ريل گاڏيءَ جي، جنهن ۾ ويهي هوءَ مون سان گڏجي وڃي رهي هئي ۽ منهنجي دل ۾ آيو هو ته هن کي آغوش ۾ ڇڪي وٺان. هاڻ وري ٿو اچان لسٽ تي، جا مون وچ تي ڇڏي هئي.

مون کي موهن ڪلپنا سان به ڏاڍو پيار هو. هڪ ڀيري سال 1963ع ۾ الهاس ننگر ۾، سڳن آهوجا جي گهر ماني کائي، هن جي پڌر ۾ غلم وڇائي، ويهه يا پنجويهه اديب ويٺا هئاسين. مان هڪ ماڻهوءَ جو مشاعرو ٿي رهيو آهيان. ان رات مان وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي، رات جي ڏهين وڳي کان صبح جي پنجين وڳي تائين شعر پڙهي بس ڪئي ته موهن ڪلپنا چيو: ”اياز! تنهني شاعري ٻڌي راڻي پرتاب جي باري ۾ هڪ چوڻي ٿي ياد اچي. هڪ ڀيري راڻو چتور مان ڪجهه ڏينهن ٻاهر ويو. چتور جي قلعي ٻاهران پيءُ پٽ ويٺا ها. اوچتو پيءُ پٽ کي چيو: راڻو موٽي آيو آهي. پٽ حيران ٿي ويو ۽ پيءُ کي چيائين: ”ابا توکي ڪيئن خبر پئي ته راڻو موٽي آيو آهي؟“ پڻس جواب ڏنس: ”تو تلوار جا زوردار ست زپڪا ٻڌا؟ ايترا زور سان ست ڀيرا زپڪا صرف راڻو ئي ڪري سگهندو آهي“. ايتري زوردار روانيءَ سان فقط تون ڏهين وڳي رات کان پنجين وڳي صبح تائين شعر پڙهي سگهندو آهين.“ مون کي پنهنجي شعر تي اهڙو داد ڪنهن نه ڏنو آهي.

هن ڀيري جڏهن موهن ڪلپنا مون تي الهاس ننگر ۾ تقرير ڪندي چيو: شيخ اياز کي پرائيز ملڻ گهرجي ۽  هن مون سان ڪچهري ڪري موڪلايو. تڏهن مون موهن ڪلپنا ۾ پنهنجي موت جي اگيات پريرڻا (علم سابقه) (Pre-cognition of Events)  ڏٺي هئي. هن هوٽل ۾ مون سان ڀاڪر پائي مون کي چيو: ”الوداع! اياز! وري نه ملنداسين!“ مون کي اهو ٻڌي ڏک ٿيو ۽ مون ائين سمجهيو ته شايد هو منهنجي موت جي اڳڪٿي ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هو مون کي پنهنجي دوست گني سامتاڻيءَ جي گهر مليو، جو بمبئي گورنمينٽ ۾ هوم سيڪريٽري آهي. جنهن منهنجي ۽ زرينا جي پنهنجي فلئٽ ۾ ماني ڪئي هئي. اسان ڪافي وقت پيئندا ۽ گفتگو ڪندا رهياسين. مون هُن کي هڪ لطيفو ٻڌايو هو، جو ٻڌي هو ڏاڍو کليو هو. يوگو سلوويا جي ڪنهن وقت وائيس پريزيڊنٽ ملووين جلاس پنهنجي ڪتاب ’اسٽالن سان گفتگو‘ (Cinversation with Stalin) ۾ لکيو آهي ته: ”اسان يوگوسلويا جا عيوضي اسٽالن وٽ وياسين. اسٽالن جي پالٽ بيورو جو دستور اهو هوندو هو ته هو شام جو نوين وڳي کان وٺي صبح جو نوين وڳي تائين واڊڪا پيئندا ها ۽ ماني کائي شام تائين ننڊ ڪندا ها. انهيءَ وچ ۾ هو قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي فيصلا به ڪندا ها. اسٽالن اسان کي به رات جو گهرايو هو. جيتوڻيڪ اسان ايترا بلا نوش ته نه هئاسين، تڏهن به اسان ڪجهه جام پيتا. جڏهن مون کي پيشاب لڳو ۽ مان باٿ روم ۾ ويس ته مون کان اڳ مالوٽوف اتي بيٺو هو. مون کي ڏسي پينٽ جي زپ کوليندي چيائين:

“We load before unloading.” ”اسين ڀرجؤن ٿا خالي ٿيڻ کان اڳ.“

پر ائين ٽهڪڙن کان پوءِ جڏهن هن ڀاڪر پائي موڪلايو، تڏهن به ساڳيا لفظ چيائين: ”چڱو اياز وري نه ملنداسين.“ ٻن ٽن مهينن کان پوءِ مون کي ڪراچيءَ ۾ خبر پئي ته موهن ڪلپنا گذاري ويو. ڪي ڳالهيون واقعي انسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن.

نارائڻ شيام کي ڪنهن بيوقوف ڊاڪٽر سياري ۾ گلوڪوز جي ڊرپ چاڙهي ته هن کي ڪنبڻي وٺي وئي ۽ هو گذاري ويو. ڪونج ماهوار جو ايڊيٽر هري موٽواڻي تڏهن هتي طارق اشرف وٽ ڪراچيءَ ۾ رهيل هو. ان وقت منهنجي طبيعت ڏاڍي خراب هئي. طارق اشرف جڏهن هُن کي اهو ٻڌايو ته هو منهنجي گهر ڀڄندو آيو. مون تيستائين ’سرُ نارائڻ شيام‘ لکي ورتو هو، جو هري موٽواڻيءَ کي ڇاپڻ لاءِ سپرد ڪيم. هن اهو نهايت سهڻي گيٽ اپ سان ڇپرايو. شيام جي باري ۾ مون پنهنجي سموري جذبات جو ڀرپور اظهار ان ڪتاب ۾ ڪيو آهي. مان هتي هڪ ٻي ڳالهه جو ذڪر به ڪرڻ ٿو چاهيان. 1963ع ۾ منهنجو بمبئي ۾ اچڻ جو ٻڌي، شيام ٽرين رستي دهليءَ مان بمبئيءَ مون سان ملڻ آيو هو. اسان جا اڳ ئي سٺا تعلقات هئا. مان هن کي پاڻيءَ جي جهاز تي ڇڏڻ لاءِ منهوڙي ويو هوس، جڏهن هو سنڌ ڇڏي هند وڃي رهيو هو. بمبئي ۾ ڳالهين ڪندي مون هن کي چيو هو ته: ”مان جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تڏهن دهليءَ مان هڪ ڇوڪري مهاتما گانڌيءَ کي اتر پرديش وٺي وئي هئي ۽ اتي هن کيس پنهنجي اڳئين جنم وارو گهر ۽ مڙس ڏيکاريو هيو ۽ مڙس جي چوڻ تي پنهنجي فرش هيٺان لڪايل ڳهن جو دٻلو ڳولي ڏنو هئائين......“ شيام چيو: ”ان ڇوڪريءَ سان ملندين؟ مون سان ساڳي آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندي آهي ۽ اڃان تائين ساڳيون ڳاليهون ڪندي آهي.“

شيام ايڏي سٻاجهي طبيعت وارو ڪم گو شاعر هو، جو جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته مون کي ڀٽائيءَجا هيٺيان ٻه شعر ياد ايندا ها:

ڪَنُ ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ڪڇيائون،

رهي نه رتيءَ جيتري، انهن وٽ آئون،

وڍي وڌائون، هو جو وڻ هئڻ جو.

ڪن ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ٿا ڪُڇن،

پاڙان پوءِ وڍن، هو جو وڻ هئڻ جو.

اهڙو نهٺو شاعر مون اڄ تائين نه ڏٺو آهي، جنهن هئڻ جو وڻ پاڙؤن وڍي ڦٽي ڪيو هجي.

شيام کي ڀارت ۾ سنڌيءَ جو عظيم شاعر سمجهندا آهن. هِتي به هُن لاءِ ڪا گهٽ عزت ناهي. محمد ابراهيم جويي، تنوير عباسيءَ جو شيام تي پورو ڪتاب ڇپرايو آهي.

دراصل برصغير جي روهاڱي، ٻيو سڀ ڪجهه ورهايو، پر شعر ۽ ادب کي ورهائي نه سگهيو آهي. اڳي ته اسان تي وطن دشمنيءَ جي الزام تراشي ٿيندي هئي، پر هاڻي ته امرتا پريتم ۽ ٻيا پنجابي شاعر ۽ اديب هتي پنجاب ۾ ڇپجي رهيا آهن ۽ هتان جا پنجابي شاعر ۽ اديب اوڀر پنجاب ۾ ڇپجي رهيا آهن ۽ اردوءَ ۾ مرزا غالب کان وٺي سردار جعفريءَ تائين هتي ڇپجي رهيا آهن. ادب هر ديوار ڊاهي سگهندو آهي. رڳو ڪشمير جو سياسي مسئلو ڪنهن ريت حل ٿئي ته برصغير ۾ ٻيو ڪوئي تضاد ناهي ۽ وري شڪسته دليون ڳنڍجي سگهن ٿيون. ڪشمير جو حل نهايت ضروري آهي، جو اسان شاعر نه ٿا ڪري سگهون. سياستدان ۽ ملٽريءَ وارا ئي ان جو ڪو جوڳو حل ڪڍي سگهن ٿا. باقي ٻئي هر زخم لاءِ اسان وٽ مرهم آهي. رڳو سڳن آهوجا لاءِ اسان ڪائي مرهم کڻي نه وجهي سگهياسين. توڙي جو هن اهڙو خط رشيد ڀٽيءَ ڏانهن لکيو هو، هن کي خارش (Eczema)  هئي، جا لهي نه ٿي لٿي. جنهن هن کي چيڙاڪ ۽ ڪاوڙيل بڻائي ڇڏيو هو. سندس پيءُ جي سکر ۾ سنڌوءَ سامهون ڪوٺي هوندي هئي، جتي هو خوشحال زندگي گذاريندا هئا. هن ئي مون کي پيئڻ تي هيرايو هو. پر پوءِ الهاس ننگر جي ڪئمپن هن کي مايوس ۽ دلگير ڪري ڇڏيو هو. مون هن جي موت تي هڪ دردناڪ نظم لکيو هو، جيڪو ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ ۾ ڇپيو آهي.

مون سدائين ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته اڳتي (موت کان) ڇا آهي؟ ڇا هن زندگيءَ کان پوءِ ٻي زندگي آهي؟ ڪيئي مفڪر ۽ فلسفي صدين کان ان ڳالهه تي سوچيندا رهيا آهن. آخر اها سوچ جائز به آهي؟ ڇا ٻيو ڪوئي سوال ان کان وڌيڪ اهم آهي؟ زندگيءَ کان وڌيڪ پراسرار ٻي ڪهڙي شيءِ آهي؟ منهنجي شاعريءَ ۾ ان جو جواب اڃان تائين سواليه نشانيءَ تي کٽي ٿو! غالب چيو آهي:

هستي کي مت فريب مين آجائيو اسد

عالم تمام حلقهءِ دام خيال هي.

(اي اسد (غالب جو تخلص) هستيءَ جي فريب ۾ نه آءُ

سڄو عالم خيال جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي.)

حافظ جو به هڪڙو شعر ياد ٿو اچي:

در بزم دؤر يک دو قدح درکش وبِرو

يعني طمع مدار وصال دوام را.

(بزم ۾ هڪ ٻه جام پي رمندو رهه

۽ دائمي وصال جي هٻڇ نه رک.)

ڪي وڏا ماڻهو، جيئن ڊاڪٽر مهڪري هو، جنهن جي گفتار هڪ تيز نشتر وانگر هوندي هئي ۽ ان ڦوڙي کي ڦاڙي ڇڏيندي هئي، جنهن تاريخ جو ويهڻ وهه ڪيو آهي. اهو به 85 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو.

منهنجا ڪلاس فيلو ديوان پرمانند، سترام ۽ ٻيا به چکيا تي رک ٿي ويا، جا گنگا ۾ پنهنجو سفر پورو ڪري وڃي سمنڊ ۾ سمائي.

ڪي ننڍ وڏائيءَ کان مٿي انسان عطا محمد ميمڻ جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو پي. اي هو، پر جڏن سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ٿيو، تڏهن به ڄڻ منهنجو پي. اي هو ۽ مهتاب اڪبر راشدي هن کي ڀائن جيان ڀائيندي هئي.

مرحوم عمرميمڻ سان، جنهن تي نور الهديٰ شاهه جو مضمون پڙهي، منهنجي دل ڀرجي آئي هئي. مان، رباني، ابراهيم جويو، حسن ڀٽو، يوسف ٽالپر جو هن وقت مرڪزي حڪومت ۾ وزير آهي. مرحوم اڪبر قاضي جي هوٽل اوريئنٽ ۾ ڪچهريون ڪندا هئاسين. ها مون کان مخدوم طالب الموليٰ، مولانا گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ عبدالڪريم گدائي جو ذڪر وسري ٿو وڃي، جي يڪتائي روزگار انسان هوندا ها. ٻيا به ڪيئي سکر جا دوست، جج، وڪيل، منشي مڙا هوندا هئا، جن مان ڪِن جو ذڪر مان ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ ڪيو آهي.

تازو منهنجو هڪ جونيئر محمد صديق کرل جنهن محترمه بينظير لاءِ ضياءَ جي حڪومت ۾ سکر مارڪيٽ ٽاور وٽ ڪوڙا کاڌا ها، سو بينظير ڀٽو جي اڳينءَ حڪومت ۾ سکر جو ايڊوڪيٽ جنرل هو. جڏهن بينظير ٻيهر اقتدار ۾ آئي، تڏهن هن کي ۽ منهنجي دوست آغا سيف الدين کي هاءِ ڪورٽ جا جج مقر ڪيائين. منهنجي پڦاٽ جي پٽ ۽ جونيئر حبيب الله کي جو ڪنهن وقت منهنجو هم مشرب ۽ همخوار هو، سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان جو ڊپٽي اٽارني جنرل مقرر ڪيائين. امداد اعواڻ جو مون کي استاد چئي ملندو آهي، ان کي سکر مان سينيٽر ڪري کنيائين. انهن مان محمد صديق کرل اڃان هاءِ ڪورٽ جو جج مس ٿيو ته ڪار جي حادثي ۾ گذاري ويو. منهنجو هڪ ٻيو دوست فيروز الله نانا، جو به هاءِ ڪورٽ جو جج هو. پئرس جي ڪنهن اسپتال ۾، پنهنجي ڪئنسر جو ٻڌي، جيئن ئي اسپتال مان ٻاهر نڪتو، تيئن دل جو دورو پوڻ سان گذاري ويو.

منهنجو هڪ ٻيو فلسفي يار ۽ ڪلاس فيلو ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج، جسٽس علي نواز ٻڍاڻي به ٽي سال اڳ گذاري ويو. سيشن جج جن سان مون وقت گذاريو هو، سي به الائي ڪهڙي دنيا ۾ آهن! انهن مان عزيز الله ميمڻ سان منهنجي گهري دوستي هوندي هئي. عزيز الله ميمڻ، مان، ايس. اي اميد علي قريشيءَ ۽ سپرنٽينڊنٽ جيل اَغلو خان دراني هر هفتي براج ڪالوني سکر ۾ ڊي. ايس. پي غلام اڪبر جي جاءِ تي ويندا هئاسين ۽ ائين کائيندا پيئندا هئاسين ڄڻ هومر جي آڊيسيءَ مان ڪجهه ڪردار هياسين.

غلام اڪبر جي زال ڪرستان ۽ ماءُ ايراني هئي. هُو فارسي چڱي ڄاڻندو هو ۽ بيدل دهلويءَ  جو وڏو مداح هو. بيدل جو ديوان هن جي ميز تي پيو هوندو هو ۽ اهو اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو.

همھ عمر با تو قدح کشيم و نه رفت رنج خمار ما

چـه قــيــامـــتي که نه مي رسي زکنار ما به کنار ما.

(سڄي عمر تو سان پيالو پيتو، پر اسان مان خمار جو رنج نه ويو

ڪهڙي قيامت آهين، جو اسان جي ڀاڪر مان اسان جي ڀاڪر تائين نٿو پهچين.)

عجب است گر هَوَ سَت کشد که به سيرو و سمن در آ،

تو ز غنچه ڪم نه دميدء اي درِ دل ڪشا و چمن در آ،

پئي آهوان رمــيـــده خــو مــپـسند زحـمــتِ جستجو،

به خـيــال حــلــــقهء زلف او گرهي ڪشا وختن در آ.

(اهو ڏسي عجب ٿو اچي ته توکي هوس سرو وسمن ڏانهن ٿو ڇڪي

تون پاڻ به مکڙيءَ کان گهٽ نه آهين، پنهنجي دل جو در کول ۽ چمن ۾ هلي آ،

ڀاڄ جي هيراڪ هرڻين جي پٺيان ڳولا نه ڪر ۽ پريشان نه ٿيءُ،

هن جي زلفن جي گهير جي ڳنڍ کول ۽ ختن[1] ۾ هلي آءُ.)

بيدل دهلويءَ جو غالب ۽ اقبال جي فارسي شاعريءَ تي ڏاڍو اثر هو. هڪ ڀيري غالب جي لاشعور هيٺيون شعر بيدل تان کنيو.

بــوئــي گــل نــالـھء دل دود چــراغ محفل

جو تيري بزم سي نکلا وه پريـشان نکلا

بيدل جو شعر آهي:

بـــــوئــي گــــل نــالـــھء دل دود چــــــــراغ محـفل

هرڪه از بزم تو برخواست پريشان برخواسـت

(گل جي خوشبو، دل جي دانهن محفل جو ڏيـئو،

جيڪي به تنهنجي محفل مان نڪتا، پريشان نڪتا.)

مون پنهنجي پهرين اردو ڪلام جي مجموعي جو نالو ’بوئي گل نالھء دل‘ بيدل دهلويءَ تان ورتو آهي.

اهي منهنجا هم پيالا ۽ هم نوالا دوست، جي مون سان سکر جي اونهاري ۾ هڪ ٻي وڳي تائين غلام اڪبر جي پڌر ۾ ويٺا هوندا هئا، جيستائين هير جا جهلڪا لڳندا ها ۽ غلام اڪبر جي گهر ۾ بيٺل سِرنهن جي وڻ مان چنڊ جا پاڇا هيڏانهن هوڏانهن سري پري پنهنجا چوغا لاهي، ڌرتيءَ کي آغوش ۾ وٺندا ها. اهي سڀ گذاري چڪا آهن ۽ مٽيءَ ماءُ جي گود ۾ آرامي آهن. ياد نه ٿو اچي ته هي شعر ڪنهن جو آهي. پر گهڻو ڪري سنسڪرت جي ڪنهن شاعر جو آهي:

محبت ۽ مزاح جي ٿوري موسم

روشنيءَ جي ۽ زندگيءَ جي دک ‎۽ سک جي،

ان کان پوءِ اوندهه جو شديد خوف

۽ مٽي مٽيءَ ڏانهن وڃي ٿي.

هڪڙو منهنجو جونيئر ڪليم الله هوندو هو. جيڪو ڳڙهي ياسين جو هو. هن جي حاضر جوابي هڻ کڻ جيان هوندي هئي. ڳڙهي ياسين وارا دوست پنهنجي حاضر جوابيءَ کي چاقوءَ وانگر هڪٻئي جي سِراڻ تي تکو ڪندا هئا. مون انگريزي مضمون نگار چيسٽرٽن (Chesterton)  جي هڪ مضمون ۾ پڙهيو هو ته: ”طنز ۽ مزاح جي نوڪ نه رڳو تلوار وانگر پيهي ويندي آهي، پر اها ڏسڻ ۾ به ايندي آهي.“ ائين لڳندو هو ته ڪليم الله سوچي سمجهي چرچو نه ٿو ڪري. الهام وانگر نازل ٿئيس ٿو ۽ هن جي وات مان اهو جڏهن نڪري ٿو، تڏهن اهو ٻڌي پاڻ به کل ۾ ويڙهجي وڃي ٿو.

منهنجو هڪ منشي بلرام هو، جنهن جو ڀاءُ هڪ ڏينهن، هن وٽ پنهنجي شڪاپور واري گهر مان آيو ۽ هن کي چيائين: ”مان سڀاڻي راجسٿان ٿو وڃان، امان جو خيال رکجانءِ.“ بلرام اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويو. هن کانئس سبب پڇيو ته هن وراڻيس: ”ڪالهه مان حويليءَ ۾ کوهه مان ڏول ڀري رهيو هوس ته ڪوئي مهاجرَ، جو به حويليءَ جي گهر ۾ رهندو هو، مون کي چيو ته: ”ڪافر، پاڻيءَ کي پليد نه ڪر، ٻاهران ڀريندو ڪر.“ هن وڌيڪ بلرام کي چيو ته: ”مان هتي ترسندس ته خون ٿي پوندو. مان ڪنهن جي ٽِڻ مِڻ سهڻ وارو نه آهيان. پوءِ اهو مُسلو هجي يا ڪير به هجي.“

مون کي اوچتو ڪوئي شخص ياد آيو. مون ذهن ۾ ٽپو ڏئي مڇيءَ وانگر هن جو نالو ڦاسائي ورتو. هُو شِوَن هو جو شيخ راز جو گهرو دوست هو. راز سرناگتي هاسٽل ۾ ساڻس ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويو هو. هُو هڪ ڏنڊو مشٽنڊو جوان هو. هن به زار کي چيو هو: ”مان هاڻي هتي رهي نه سگهندس ۽ هندوستان وڃان ٿو.“ پوءِ هن وهاڻي هيٺان تيز ڇرو ڪڍي راز کي ڏيکاريندي چيو هو: ”هي ڏسين ٿو راز! هي هندوستان ۾ انهيءَ مسلمان جي پيٽ ۾ هوندو، جو پهرين ڀيري منهنجي منهن پيو.“ شِوَن ڪاٺ جي صندل تي بنا وڇاڻي ستو پيو هو. هن نوڪدار ڇُرو صندل ۾ هنيو ته اهو ڪاٺ ۾ پيهي ويو ۽ پوءِ چڪ ڏئي ان کي ڪڍيائين، ڇرو ڏاڍو چڱي رڪ جو هو ۽ ان ۾ چٻ نه پيو. مان ۽ شيخ راز جڏهن سرناگتيءَ مان ٻاهر نڪتاسين، تڏهن راز مون کي چيو: ”مون کي خبر نه هئي ته شِوَن ۾ مسلمانن لاءِ ايڏي نفرت ۽ تلخي آهي. مان وري هن وٽ نه ويندس.“ راز ان تي نه سوچيو ته شِوَن کي ڳوٺ، گهر گهاٽ، اوڙو پاڙو، ميڙي چونڊي سڀ هتي مجبور ٿي ڇڏڻي ٿي پوي. هن جو ٻيو ردِعمل ڪهڙو ٿيندو!

اهو پهريون موڙ هُيو شيخ راز جي زندگيءَ جو. راز سنڌي سرڪل جو سيڪريٽري هوندو هو، جنهن جو صدر رام پنجواڻي هو. هُو رام پنجواڻيءَ سان گڏ ٻين هندو دوستن مُولي وغيره جي ۽ منهنجي هر مهيني ۾هڪ ڀيرو گهر ۾ دعوت ڪندو هو ۽ سندس زال جي هٿن جي ٺهيل برياني کائي، اسان جا ويشنو هندو دوست چپ چٽيندا ها. هن جي زال مون کان پردو نه ڪندي هئي. هوءَ مرحوم (قريشي نالو ياد نه ٿو اچي.) جي سالي هوندي هئي، جيڪو ڪراچيءَ جو وڏو سرمائيدار هوندو هو.

هڪ ڀيري مون کي مُدي جو تپ ٿي پيو هو، جو يارنهن ڏينهن هليو. شيخ راز جو گهر جناح گارڊن (اڳي گانڌي گارڊن) جي ڀرسان هوندو هو، جتان هو منهنجي لاءِ چوزي جي يخني ۽ ڊبل روٽي کڻي ايندو ۽ منهنجي ڏاڍي خدمت ڪئي هئائين. هُو بنيادي طرح هڪ نيڪ انسان هو، جڏهن کان هن کي اسلامي جوش آيو، تڏهن هن منهنجي خلاف روزاني مهراڻ ۾ اسي قسطن جو مضمون لکيو. جن محمد ابراهيم خليل جي عنقريب ايترين ئي قسطن واري تنقيد ۽ سردار علي شاهه ذاڪر جي ايڊيٽوريلن ۽ رشيد احمد لاشاري جي مضمون منهنجي خلاف باهه ٻاري ڏني. منهنجي شاعري پلال جي کري ۾ چڻنگ وانگر هئي ۽ ان جي شعلي نوائيءَ جي ڪري مون کي ڪافي ڀوڳڻو پيو. ان هوندي به شيخ راز پنهنجي آڪٽراءِ انسپيڪٽر هولا رام جو دوست هوندو هو. هولا رام سڄي ميونسپالٽيءَ کي آڱرين تي نچائيندو هو ۽ آڪٽراءِ مان لکين رپيا ٺاهيا هئائين. هو سنڌوءَ جي ڪناري، بندر روڊ جي مهڙ ۾ هڪ ننڍيءَ جاءِ ۾ زال سوڌو رهندو هو. اوچتو هن جي غير موجودگيءَ ۾ هن جي جاءِ ڪِري پئي ۽ سندس زال ٻوساٽجي مري وئي. هولا رام ڄڻ سک جو ساهه کنيو هو، ڇوته هو هم جنس پرستيءَ جو قائل هوندو هو. هن جو پٽ پنهنجي ماءُ جي سِراڌان تي آيو هو ۽ پيءُ کي ڏاڍو چيو هئائين ته: ”اسان بمبئيءَ ۾ ڪافي دولت ٺاهي آهي، هاڻ هل ته توکي وٺي هلان.“ هولا رام وڃڻ کان انڪار ڪيو هو. جڏهن مون هن کان ان جو ڪارڻ پڇيو هو ته جواب ڏنو هئائين: ”سکر جا ههڙا لسا ناڪي منشي مون کي بمبئيءَ ۾ ڪٿي ملندا؟“ پهرين مارشل لا ۾ هو مون سان گڏ ساڳئي جيل ۾ هو. هولا رام ڪافي اذيت پرست انسان هو. هڪ ڀيري سکر جي سيٺ ڀڳوان داس کي، جو به اسان سان گڏ جيل ۾ هو، آفيم جي ضرورت پئي، ڇو ته آفيم کان سواءِ هن کي ننڊ نه ٿي آئي. هولا رام ٽي ڏينهن ته هن لاءِ ڪجهه نه ڪيو ۽ جڏهن راتين جو ڀڳوان داس چڪر ڏئي، ساڻو ٿي پيو تڏهن هن کي چيائين: ”هن سنتريءَ کي چٺي ڏي، ته تنهنجو پٽ کيس ٻه سؤ رپيا خرچي ڏئي ته هُو تنهنجي لاءِ گتي يا تنهنجي ڪوٺيءَ تان آفيم وٺي ايندو.“ هن کان چٺي وٺي، سنتريءَ کي پنهنجي چٺي لکي ڏئي چيائينس ته فقط هڪ تولو آفيم جو بازار مان وٺي اچي. ٻئي ڏينهن تي سيٺ ڀڳوان داس کي هڪ تولو آفيم جو مليو ته هن جي جان ۾ جان آئي. اهڙيءَ طرح هر هفتي هولا رام سنتريءَ کي سيٺ ڀڳوان داس کان ٻن سوَن رپين جي چٺي وٺي ڏيندو هو ۽ سنتريءَ کي پنهنجا به اٺ ڏهه ڪم لکي ڏيندو هو.

هولا رام تي اينٽي ڪرپشن جو ڪيس هو، جنهن ۾ مان سندس وڪيل هوس. هو مون وٽ اڪثر ايندو رهندو هو. هن جو دوست دلپت راءِ، جو به جيل ۾ هو، جيل کان ٻاهر به هن سان گڏ پيئندو هو ۽ گوشت کان سواءِ ماني نه کائيندو هو. جيل ۾ ته هن کي تيوڻ ۾ ڳائو گوشت ئي ملندو هو، جو هو مجبور ٿي کائيندو هو ۽ سنتريءَ معرفت ٻاهران ڪنتري شراب جو آڌيو گهرائي بستري هيٺان لڪائي رکيو هئائين ۽ روز ان مان اڌ پيگ پيئندو هو. مان ڀانيان ٿو ته دلپت راءِ، هولا رام جي زال هو يا مڙس هو يا ٻئي هو.

مون جڏهن وائيس چانسلر جو ٽرم پورو ڪيو ۽ سکر موٽي آيس ته شيخ راز منهنجي گهر آيو ۽ منهنجي ماني ڪيائين. ان وچ ۾ هن جو مون تي غصو ٿڌو ٿي چڪو هو. مان سندس مانيءَ تي ويس ته چيائين: ”پيا ملنداسين، هاڻي ته توهان واندا آهيو.“ مون وري هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ مرحوم سان ملڻ جو موقعو نه مليو. جيستائين مون کي ڊاڪٽر عارف هڪ اتفاقي ملاقات ۾ ٻڌايو ته هن کي فالج ٿي پيو آهي ۽ کيس ڏاڍو بلڊ پريشر (رت جو مٿاهون داٻ) آهي. مان سندس گهر کانئس پڇڻ لاءِ ويس. هن جي گهر واري اکيون اگهي رهي هئي ۽ هو بيوس سنئون سڌو بستري تي ليٽيو پيو هو. مون کي هن ڏسي صرف ايترو چيو: ”اياز! هيءَ ته سڀ ٺڳي آهي.“

”ڪنهن جي ٺڳي؟“ مون هن کان پڇيو. ايتري ۾ هُو هوش حواس ۾ نه رهيو. هُو رات جو گذاري ويو. مان هن جي جنازي نماز تي ويو هوس. مون دل ۾ چيو: ”راز، تون اسان ڪرائي دار هياسين. مالڪِ مڪان تنهنجو مقاطع اڳ ۾ رد ڪري ڇڏيو، نه ڄاڻان منهنجو ڪڏهن رد ڪري، تيستائين مان هن زندگيءَ جو هڪ پل به وڃائڻ نه ٿو چاهيان.“


[1]     ختن: شهر جا هرڻ مشهور ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com