سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :17

پوءِ هن ٻڌايو ته 16 صديءَ عيسويءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي خاص تجارتي پروانو ڏنو ويو هو، پر آهستي آهستي ڪمپني ديس تي قبضو ڄمائيندي وئي هئي. 1639ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ مدراس فتح ڪيو ۽ 1668ع ۾ ممبئي حاصل ڪيائين، جو هڪ ننڍو ڳوٺ هو. جيستائين 17 صدي پوري ٿي، انگريز سؤرت کان ممبئي تائين ۽ مدراس کان ڪلڪتي تائين قبضو ڪري ويا هئا. فرينچ قوم جي قبضي ۾ فقط پانڊيچري رهي هئي ۽ پورچو گيزن جي قبضي ۾ گوڊامن ۽ ڊيو. 1676ع ۾ پهريون ڌڪ ڪمپنيءَ کي بنگال ۾ هنيو ويو، جتي نواب سراج الدوله ڪجهه انگريز مرد ۽ زالون جيل ۾ وجهي ڇڏيا. پوري تفصيل تي انگريز ۽ هندوستاني تاريخدان متضاد رايا ڏين ٿا. 1646ع ۾ انگريز جن ۾ 123 مرد ۽ عورتون هيون، رُکهه ۽ ٻوساٽ ۾ مري ويون. انگريزن ان ڪاري ٻلکڙي جو پورو پورو فائدو ورتو.

رابرٽ ڪلائيو ڪجهه سَوَن سپاهين سان گڏجي، نواب سراج الدوله کي پلاسيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏني. ان کان پوءِ بهانا ڳولي ڪلائيو بهار ۽ اوڙيسا هٿ ڪئي. ان ڪري انعام طور هن کي ٻه ڀيرا گورنري ملي. مغلن کي پئسا ڏئي، کانئن انهن تي هن قبضي جي اجازت ورتي، جا کيس ستن سالن تائين ڏني وئي. جڏهن 1921ع ۾ اهي ست سال ختم ٿيا، تڏهن ڪمپنيءَ انهن صوبن تي پنهنجي سلطنت قائم ڪري ڇڏي. هندوستان ڦري لٽي ڪلائيو گهر موٽي ويو. هن تي سندس ضمير ايتري ملامت ڪئي، جو هن خودڪشي ڪئي. ان وچ ۾ انگريزن مدارس جي چوڌاري پنهنجي حڪومت مضبوط ڪئي. هنن مرهٽن سان معاهدو ڪيو هو، جو ختم ڪيو ويو ۽ 1782ع ۾ هنن کي وعده خلافيءَ جي سزا ڏني وئي. 1767ع، 1780. 94ـ1790ع ۾ حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان انگريزن کي ٽوٽا چٻايا ها. مون ٽيپو سلطان جو پنهنجي نظمن ۾ ذڪر ڪيو آهي. تازو مون ٽيپو سلطان جي تلوار (The Sword of Tipu)  انگريزيءَ ۾ هڪ عاليشان ناول پڙهيو، اهو تحفي طور منهنجي دوست لڇمڻ ڀاٽيا مون کي جئپور ۾ ڏنو هو. اهو ناول ڀڳوان گدواڻيءَ لکيو آهي، جو 1923ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو ۽ چوئٿرام گدواڻيءَ جو ڀائيٽو آهي، جيڪو انڊين نئشنل ڪانگريس آف سنڌ جو صدر هو ۽ جي. ايم. سيد جو دوست هو ۽ جنهن سان ۽ جي. ايم. سيد جي منظور نظر ڄيٺي سپاهي ملاڻي سان منهنجي ملاقات پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي ڪراچيءَ واري فلئٽ ۾ ٿي هئي. تڏهن مان بي. اي جو شاگرد هوس. ان ڪتاب تي ڪافي محنت ۽ ريسرچ ٿيل آهي. ان ۾ لکيل آهي ته جڏهن لارڊ ويلسليءَ ميسور تي گهيرو ڪيو، تڏهن ٽيپو سلطان نئپولين بونا پارٽ کي مدد لاءِ خط لکيو هو. نئپولين خط جو جواب لکيو، جيڪو ناول جي صفحي 313 تي ڏنل آهي. نئپولين اهو جواب مڪي جي امير ذريعي موڪليو، جيڪو جدي ۾ پڪڙجي پيو هو. ٽيپو، فرينچ انقلاب ۽ نئپولين جو مداح هو. پوءِ انگريزن مرهٽن جي ٻڌيءَ کي ڊاٺو ۽ هڪ هندو راجا کي ميسور جي تخت تي ويهاريو. مون جنگ آزاديءَ جي عظم هيرو نانا صاحب تي منوهر مال گونڪر جو ناول ”شيطاني طوفان“ (The Devil’s  Wind) به پڙهيو آهي.

برما 1814ع کان ڪجهه سال پوءِ فتح ڪئي وئي. افغانن جو 1842ع تائين زور ٽٽو، پر هنن کان حڪومت کسي نه وئي.

1839ع کان 1842ع تائين سنڌ کي فتح ڪيو ويو، جيڪي به محب وطن ان جنگ ۾ ماريا ويا، انهن مان هوشو شيديءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به قبر جو نشان نه مليو آهي. آخر ۾ 1849ع ۾ سکن کي شڪست ڏني وئي ۽ انهن کان اڌ سلطنت کسي وئي. ڦتي چند پوءِ 1857ع تي بلوي جي باري ۾ ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته اهو انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ پهرين جنگ هئي، جيڪا ناڪامياب ٿي هئي. انگريز ڪهڙي به جک مارين، پر اها جنگ آزاديءَ لاءِ هئي. اهڙيءَ جنگ ۾ ليکا چوکا نه ٿيندا آهن ته ڪير ڏوهي ۽ ڪير بيڏوهي ماريا ويا. باهه اهو نه ڄاڻندي آهي ته ڪهڙو ڪانو سُڪو آهي ۽ ڪهڙو ڪانو آلو آهي! ڪاليءَ جي تلوار کي رت جي پياس آهي. رت، رت آهي، پوءِ بي گناهه جو هجي يا گنگهار جو. ڦتي چند 1857 کان وٺي 1931ع تائين اسان جي تاريخ ۾ ڇا ٿيو آهي، اسان کي ٻڌائي چوندو هو ته اها خوني جنگ ايندي، جنهن ۾ رت جا درياهه وهندا ۽ جن ۾ انگريزن جا ايترا لاش هوندا جو انهن کي کائڻ لاءِ مانگر مڇ به نه ملندا. هن کي اها خبر نه هئي ته انگريز ته ڦرلٽ جو مال کڻي وڃي لنڊن وسائيندا، نهرو جنهن ڪرپس مشن پلان نه پئي قبوليو، ليڊي مائونٽ بيٽن جي عشق ۾ ورهاڱو قبول ڪندو ۽ هندو مسلمان ۽ سک هڪ ٻئي کي ڪپي ماريندا ۽ ايترو رت وهندو جو هيءَ ڌرتي گهٽ ۾ گهٽ ويهينءَ صديءَ جي خاتمي تائين ڌوئي نه سگهندي.

کيئل داس فاني، جيئن مون اڳ چيو هو، منهنجي شاعري درست ڪندو هو ۽ مون کي بحر وزن به سيکاريندو هو، جو مون ڪجهه مهينن ۾ سکي ورتو.

سائين هاسانند مون کي ٽئين درجي ۾ انگريزيءَ ۾ پڙهائيندو هو ۽ هن ئي مون کي انگريزي ادب سان روشناس ڪرايو هو. ان وقت مون کي شيلي جي نظم جو هڪ بند هر هر ياد ايندو هو، جيڪو هاسانند مون کي لکايو هو:

The desire of the moth for the star

Of the night for the morrow

The devotion to some thing afar

From the sphere of our sorrow.  

ترجمو: (پرواني جي ستاري لاءِ تمنا

رات جي ڏينهن لاءِ

ڪنهن ڏورانهين شيءِ لاءِ پنهنجي عقيدت

پنهنجي غم جي دائري مان.)

مان شيلي کان ته گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهيان- پر اهو شعر منهنجي روح ۾ واسو ڪري ويو آهي. مصحفيءَ جو هڪ شعر ياد اچي رهيو آهي:

”چلي چلي بهي جا جرس غنچھ کي صدا په نسيم

کهين تو قافلھء نو بهار ڻهري گا.“

ترجمو: (اي هوا! ان سنک جي آواز تي هلندي رهه

ڪٿي ته نئين بسنت جا پانڌيئڙا ترسندا.)

هاڻي وري نيو ايرا اسڪول ڏانهن. اسان جا ٻه ماستر ڌني چند بودارام ڀوڄراج، پريم چند گانڌي هوندا.

ڪَبوءَ نالي هڪ ڇوڪري هوندي هئي، جنهن جو گهر سائينءَ جي اوتاري ۽ لکي در جي وچ تي هو. هن کي اڇا ڪبوترائي ڳل هوندا هئا. مان جڏهن به هن جي گهر وٽان لنگهندو هوس ته هوءَ ۽ هن جي وڏي ڀيڻ وائک لاءِ ڏاڪڻ مٿان ٺهيل چبوتري تي، ڪرسيون وجهي ويٺيون هونديون هيون. سن ستيتاليهه جي شروعات ۾ پاڪستان ٺهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته مون کي ۽ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ماستر ڀوڄراج چيو:  ”هيڊ ماستر مينگهراج جي گهر وڃو ۽ اندر وڃي سڌو هن جي ڪمري ۾ هليا وڃو.“ هن جي گهر جو ٻاهريون دروازو کليل هو ۽ پهرين ماڙ تي سندس زال ماني پچائي رهي هئي ۽ سيخن واري ڪٽهڙي مان نظر اچي رهي هئي. انهيءَ جا ساري عمر ڦلڪا ويليندي، وار اڇا ٿي ويا ها، ڄڻ انهن تي ڪنهن اڻ ڳوٿل اٽو هاريو هو. اسان سڌو اندر ڪمري ۾ هليا وياسين، جيڪو هال وانگر هو. ڏٺوسين ته ڪبوءَ جي وڏي ڀيڻ، جا ڀرپور جوانيءَ تي رسي چڪي هئي ۽ جنهن جو اڃان ڪنهن سڱ نه ورتو هو. مينگهراج جي ڪڇ ۾ پئي هئي ۽ مينگهراج هن مان سيتا ڦل پٽيندو، ٽوڪرو ڀريندو ٿي ويو. اسان کي ڏسي ٻئي ڇرڪي ويا ۽ جيئن پٿر لڳڻ سان ڪبوتر ۽ ڪبوتريءَ جي ڳٽ ڳٽ بند ٿي ويندي آهي ۽ هو ڇڄهري تان پٽ تي لهي ايندا آهن، هو ٻئي چپ ٿي ويا. مون کي وڌيڪ ڌڌڪو آيو ۽ پنهنجي ماستر ڀوڄراج تي ڪاوڙ آئي.

مان مينگهراج وٽ ويندو هوس ۽ شانتيءَ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ هئي. هڪ ڀيري هوءَ اسٽيشن تان موٽي آئي ته زار زار روئي رهي هئي ۽ چيائين ته: ”بابا، هاڻي اسان هتي نه رهي سگهنداسون. مان ساهيڙيءَ کي ٽرين تي ڇڏڻ وئي هئس، جو هوءَ ۽ هن جو ڪٽنب مدراس پئي لڏي ويا. جڏهن ٽرين هلي ته مان پليٽ فارم تي اڪيلي رهجي ويس. اتي ٻن مسلمان غنڊن اچي مون ۾ هٿ وڌا ۽ مون رڙيون ڪري پاڻ ڇڏايو. پر اها ڳالهه 1947ع کان پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن مان ايل. ايل. بي پاس ڪري چڪو هوس ۽ ابراهيم جويو جي سفارش تي، هڪ ڊپٽي سيڪريٽريءَ مون کي سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڏني هئي. مان موڪل تي شڪاپور ۾ آيو هوس. تڏهن مان مينگهراج جي گهر ويو هوس ۽ منهنجي موجودگيءَ ۾ هن جي ڌيءَ مٿين شڪايت ڪئي هئي.

ان تي مينگهراج چيو هو: ”پٽ هن کي ڪراچيءَ وٺي وڃ ۽ اتي پاڻ جهڙي ڪا نوڪري وٺي ڏينس. مان چاهيان ٿو ته پنهنجي پُٽ آنند کي به ڪنهن مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايان ۽ پاڻ به مسلمان ٿي وڃان.“

تيستائين مان پڪو انقلابي ٿي چڪو هوس. مون کي هن تي رحم اچي ويو ۽ خاموش ٿي ويس. ٻئي ڏينهن مان ڪراچيءَ واپس موٽي آيس. جڏهن وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شڪاپور آيس ته خبر پئي ته مينگهراج، آنند ۽ شانتيءَ سميت هندوستان جي ڪنهن شهر ڏانهن هليا ويا ها. مون ڏٺو ته ڏاڍو زور سان طوفان ٿو لڳي ۽ ساوا ۽ ڪڪا پن اڏامن ٿا. ڪجهه ٻوٽا جهڪي وڃي ڌرتيءَ سان لڳا آهن ۽ اڌ مان ٽٽي پيا آهن، پر اها ڪجهه وقت پوءِ جي ڳالهه آهي.

مان پنجين درجي ۾ پهريون نمبر پاس ٿيو هوس ۽ نيو ايرا اسڪول ڇڏي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪاپور ۾ ڇهين درجي ۾ شامل ٿيو هوس. نيو ايرا اسڪول پوري برصغير ۾ ورلي ٿيو هوندو. مان جڏهن چوٿين درجي ۾ هوس، تڏهن اسان ڪنهن هندو سيٺ جي باغ ۾، جيڪو سنڌ واهه ڏانهن ويندڙ رستي تي هوندو هو، ماڪ (Mock)  پارليامينٽ ڪندا هئاسين. جنهن ۾ رام ڄيٺملاڻي پرائيم منسٽر ٿيندو هو ۽ هري يا ڀڳوان آپوزيشن جا ليڊر ٿيندا ها. (انهن جي ذات وسري وئي آهي) ۽ ٻيا ڪئبنيٽ جا ميمبر ٿيندا ها. رام اڻويهين ورهين ۾ ڪراچيءَ مان ايل. ايل. ايم ڪئي هئي ۽ اي. ڪي بروهيءَ جو جونيئر هوندو هو. مون پاڻ اي. ڪي بروهيءَ جي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ واري آفيس ۾، هن جي ميز جي شيشي هيٺان رام جو فوٽو رکيل ڏٺو هو. جڏهن مان 1963ع ۾  ممبئي  ويو هوس ته هن کي تاج محل هوٽل ۾ چار ڪمرا هوندا ها، جن مان ٻن ۾ هو پاڻ رهندو هو ۽ ٻن ۾ آفيس ڪندو هو. هن مون کي مانيءَ تي به گهرايو هو، پر ان ڏينهن منهنجي دهليءَ لاءِ رزرويشن ٿيل هئي، جنهن ڪري هن جي دعوت تي وڃي نه سگهيو هوس. ان کان پوءِ آل انڊيا بار ڪائونسل جو پريزيڊنٽ ٿيو هو. ڪجهه وقت پوءِ وزيراعظم اندرا گانڌيءَ سان تڪرار ٿيڻ ڪري آمريڪا هليو ويو هو. هن ڀارت جي پريزيڊنٽ لاءِ به گياني ذيل سنگهه خلاف چونڊ وڙهي هئي.

جڏهن 27 سالن کان پوءِ مان هندوستان ۾ ’شاهه سچل سامي‘ سيمينار تي ويو هوس، تڏهن هو پرائيم منسٽر وي. پي. سنگهه جي پارٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ هو ۽ ڪيسن جي سلسلي ۾ دهليءَ ويل هو. وقت چهرا به مٽائي ٿو ڇڏي. نه ڄاڻان ته هو، هن وقت منهنجي صورت به سڃاڻي سگهندو يا نه ۽ نه ئي مون کان هن جي صورت سڃاتي ويندي! اصغر گونڊويءَ جو هڪ شعر آهي، جيڪو ننڍي هوندي کان مون کي پسند آهي:

جو نقش هي هستي کا دهوکا نظر آتا هي،

پردي په مصور هي تنها نظر آتا هي،

لو شمع حقيقت کي اپني هي جگھ پر هي،

فانوس کي گردش مين کيا کيا نظر آتا هي.

ترجمو: (جو به هستيءَ جو نقش آهي، نظر جو ڌوڪو لڳي رهيو آهي، پردي تي مصور ئي هيکلو نظر اچي ٿو.)

ڏسو حقيقت جي شمع پنهنجي ئي جاءِ تي آهي.

فانوس جي گردش ۾ ڇا ڇا نه نظر اچي ٿو.)

وري ٻه سال پُٺ تي. ٻئي درجي انگريزيءَ ۾، مان، هوند راج داس ۽ بهاري ڇاٻڙيا، جيڪي گڏ ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين، گڏجي هڪڙو رسالو ’سدرشن‘ جي نالي سان ڪڍيو هو. هوند راج داس، جو افسانه نويس هو، تنهن کي رسالي جي ايڊيٽرشپ جو شوق هو. ان ڪتاب ۾ منهنجو پهريون نظم شايع ٿيو هو. اهو خليل مورياڻيءَ جي ڪتاب ’شڪاپور‘ ۾ ٻيهر ڏنو اٿائون. هوند راج داس، ايسرداس جو پٽ هوندو هو ۽ ذات جو چگهه هو. هن جي اباڻي جاءِ سائينءَ جي اوتاري کان ٻن چئن قدمن تي هوندي هئي. هو ڪنهن هيڊ ماستر جي ڌيءَ ديا وٽ مون کي وٺي هلندو هو جا مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. هو اوچتو شڪاپور مان ڪراچيءَ هليو ويو ۽ اتان روزاني ”سنسار سماچار“ ۾ ’کڙکٻيتي‘ جي نالي سان مزاحيه ڪالم لکندو هو. هن جو پٽ مون سان ممبئيءَ ۾ سيمينار تي مليو هو ۽ هن تي لکيل ڪتاب ’گپ شپ‘ ڏنو هئائين. هوند راج کي مزاح جو چڱو حِس هوندو هو. بهاري ڇاٻڙيا 1947ع ۾ ’زندگي‘ ۾ منهنجا ڪجهه نظم ڇپيا ها. هو اڳئين ڀيري بمبئيءَ ۾ مون سان ملڻ لاءِ هوٽل ۾ آيو هو. هو دنيا جي ارب پتي هندوجا جو سؤٽ يا ڀائيٽو هو. مون ڏٺو ته هو ٽٽي چڪو آهي. هو فيڊر باٽل مان ٻار وانگر کير پي رهيو هو. هن زار زار روئندي مون کي چيو ته: ”مون کي تنهنجو اهو شعر ياد ٿو اچي، جو مون ’زندگي‘ جي پوئين پرچي ۾ ڇپيو هو.“

”ڪهڙو شعر؟“

”نه وِســـام، وسام، وسام نه تون

اي لنوَ جي لاٽ، وسام نه تون.“

”اسان ته هندوستان ۾ اچي رلي ويا آهيون. تو ته اسان جي پريس ۽ لکيدر جي ونگ وٽ چؤماز جاءِ ڏٺي هئي؟ هتي منهنجي چاچي هندوجا جهڙا ماڻهو ارب پتي ٿي ويا ۽ اسان عام شرنار ٿي رلي وياسين.“ هن چيو. مون کي لفظ نه هئا جو هن کي دلجاءِ ڏيان.

سمنڊ جون ڇوليون مون کي ڪيترو پري ٿيون ڌڪي وڃن ۽ ورائي پير ٻوڙ پاڻيءَ تي ٿيون ڦٽو ڪن!

13 ورهين جي عمر ۾ زرينا به اسان جي پاڙي جي ٻين ڇوڪرين وانگر پردو ڪندي هئي ۽ گهر کان ٻاهر نه نڪرندي هئي.

مون هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي، ڏاڍا عشق ڪيا. جن پوءِ منهنجي شاعري ڪيتري وقت تائين اتساهي. عشق شاعريءَ جي وڻ لاءِ کاڌ وانگر ٿيندو آهي. هاڻي مون کي شاعريءَ تي ايترو عبور هيو، جو ڪنهن جي مدد جي ضرورت نه هئي. مان علامه اقبال جا اردوءَ ۾ ڪتاب ’بانگ درا‘، ’بال جبريل‘، ’ضرب ڪليم‘ ۽ سندس فارسيءَ جا ڪتاب ’پيام مشرق‘، ’ارمغان حجاز‘، ’اسرار خودي‘، ’رموز بي خودي‘، ’پس چه بايد ڪرد اي اقوام مشرق‘ ۽ ’جاويد نامه‘ پڙهي چڪو هوس. زرينا جي مامي واجد عليءَ مون کي هن جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب Reconstruction of Religious Thought in Islam به ڏنو هو.

مون جوش مليح آباديءَ جو ’شعله وشبنم‘ به پڙهيو هو، جو تن ڏينهن ۾ مون کي شيخ واجد عليءَ آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪانفرنس تان موٽندي، دهليءَ مان آڻي ڏنو هو. تن ڏينهن ۾ مون داغ دهلويءَ جو ديوان، ديوان ذوق، ديوانِ غالب، ديوان ظفر وغيره اردوءَ جا ڪلاسڪ پڙهيا ها. منهنجن مائٽن وٽ اردو رسالا، عالمگير، نيرنگ خيال، دين ودنيا، ادبي دنيا، ساقي وغيره ايندا ها، جن ۾ ان وقت جي چوٽيءَ جا اردو شاعر لکندا ها. گڏوگڏ مون سنڌيءَ ۾ ديوانِ سانگي، ديوانِ فاضل، ديوانِ قاسم، ديوانِ خاڪي ۽ ديوانِ واصف وغيره به پڙهيا ها ۽ ائين لڳندو هو ته اهي اردو شاعريءَ جا نقال ها. جمعيت الشعراءَ سنڌ جي ماهوار رسالي ’اديبِ سنڌ‘ ۾ مشاعرن ۾ پڙهيل ڪلام جو انتخاب پڙهي، مون کي قيءِ ايندي هئي. ان ۾ مصرع طرح سان گڏ قافيو ۽ رديف به ڏيندا ها. مثلاً جوابِ خالص، ڪباب خالص، شراب خالص، جلاب خالص ۽ سڄو وقت ان تي ضايع ڪندا ها ته هن شعر ۾ بندش آهي يا نه.

مون کي ’بيوس‘ جي هيٺئين شعر جهڙا شعر وڻندا ها:

”ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون به رهه مان ڀي رهان،

آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري، تون به رهه مان ڀي رهان.“

لطف الله جوڳيءَ جي باري ۾ ته مان اڳ ئي، ”جڳ مڙيوئي سپنو“ ۾ لکي چڪو آهيان، ان ڪري هن تي وڌيڪ نه ٿو لکان. هڪ ڀيري غلام حسين جهلڻ جي هاٿيدر واري پريس ۾ ويٺا هئاسين ته هو مجتهد ۽ مجدد ۾ فرق سمجهائي رهيو هو. ”مار تون ته....“ مون دل ۾ سوچيو. جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته لعل محمد احمر مون کي هن سان ملائڻ لاءِ وٺي هليو هو ۽ هن ’اسرار خودي‘ جي طرز تي فارسيءَ ۾ پنهنجي مثنوي مون کي ڪلاڪ کن پڙهي ٻڌائي هئي ته علامه اقبال تان ئي ارواح کڄي ويو هو.

مون زيب لاڙڪاڻوي ۽ صنعت شڪاپوري جا فارسي ديوان به پڙهيا ها، اهي ڄڻ مشهور فارسي شعراءَ تان قافيه، رديف وٺي لکيا ويا ها. مشهور ايراني شاعر شهريار کان ڪنهن هندوستان ۾ پڇيو هو ته: ”تنهنجو غالب جي فارسي شاعريءَ جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟“ جواب ڏنو هئائين: ”بوءِ دال مي آيد.“ (دال جي بوءِ ٿي اچي.) اهو جواب غالب جي باري ۾ ته غلط ٿي ٿو سگهي، پر زيب لاڙڪاڻوي ۽ صنعت شڪاپوريءَ جي باري ۾ صحيح آهي.

اهو ڪاليج جو دؤر هو. مان وري پٺ تي اوڀارو ٿو تران. ڇهين درجي ۾ مَنوءَ ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ جي سِر سِر منهنجي بوٽ جي ڄاڻو سڃاڻو ٿي وئي هئي. ان تي مون کي والٽ وٽمئن جون ڪجهه سٽون ياد اچن ٿيون.

”ڪامريڊو! هي ڪتاب نه آهي،

هن کي جيڪو ڇُهي ٿو، انسان کي ڇُهي ٿو.“

والٽ وِٽمئن جي دخل در معقولات کي پاسي رکي، مان پنهنجي دوست عبدالقادر مطلباڻيءَ کي ياد ڪيان ٿو، جيڪو مون سان گڏ پڙهندو هو. مَنوءَ جي گهر وٽان لنگهندي، منهنجو پنڌ هاٿي در اندران، ساميءَ جي پاڙي جي ٻئي پاسي، عبدالقادر جي گهر تي کٽندو هو. سامي انهيءَ خيالات جو تسلسل هو، جي هندوستان ۾ ڀڳتي تحريڪ سان شروع ٿيا هئا. هندوستان ۾ بجرياني سُڌ ۽ ناٿ پنٿي، مذهبي رسمن ريتن کان بيزار ٿي چڪا ها. هُو تيرٿ ياترا، اشنان، بت پرستي، مندرن جي ياترا کي فضول سمجهندا ها. ان تحريڪ ويشنو ڌرم جي بڻايل ساري تاڃي پيٽي کي ڌاڳا ڌاڳا ڪري ڇڏيو هو. ويدانيت جو اثر عام ٿي ويو هو. گيتا، اپنشدن ۽ ٻين ڌرمي پستڪن تي ٽيڪا ٽپڻيون لکيون ويون هيون. پر عوام جن جي سمجهه ۾  اِهي نه ٿي آيون، دانشور طبقي کان دور ٿي چڪا هئا.

فٽر جيرالڊ جي لفظن ۾ :

”هڪ دروازو هو، جنهن جي پٺيان مان ڏسي نه ٿي سگهيس.“

ڀڳتي تحريڪ ۾ مخالف قوتن کي للڪارڻ جي همت نه هئي. هندو ان وقت مسلمانن جي يلغارن جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهيا. ڀڳتي تحريڪ جيتوڻيڪ انهن کي پنهنجي حالتن کي برداشت ڪرڻ جي طاقت ڏني، پر غور سان ڏسبو ته اها روحاني فرار ۽ گريز جي تحريڪ هئي.

ڀڳتيءَ جو فلسفو رامانند سان سنبت 1073ع ۾ شروع ٿئي ٿو. رامانند جي مشهور چيلي رامانج وري ويشنو تحريڪ کي اُڀاريو ۽ پوءِ ڪرشن ڀڳتي ۽ رام ڀڳتيءَ جون تحريڪون شروع ٿيون. ڀڳتي تحريڪ جو مقصد عوام ۾ روحانيت ۽ مذهب جي باري ۾ عقيدت کي اتساهڻو هو، ڇوته اها عقيدت عوام جي اندر ۾ لڪل هئي. ڀڳي تحريڪ جا ٻه حصا هئا. هڪ اهو جو نرگن ۽ نرآڪار ۾ ويساهه ڪندو هو ۽ ان کي نرگن واد چيو ويو، جنهن تي اسلامي تعليم جو اثر هو. ڪبير ڀڳت ۽ ملڪ محمد جائسيءَ جي شاعريءَ ۾ انهيءَ سوچ جون جهلڪيون آهن. نرگن ڀڳتيءَ جي پس منظر ۾ ويدانيت، تصوف ۽ اسلام جي خدا جو تصور آهي. رامانند جي ويشنو خيالن ۾ جي اصطلاح ۽ علامتون آهن، اهي تانترڪ يوگين سان ملن ٿيون.

ٻيو حصو انهن جو هو جي مورتي پوڄا ۾ ويساهه ڪندا هئا ۽ انهن جي تحريڪ کي رام ڀڳتي چيو ويو هو. مهاراشٽرا، بينگال ۽ ڪشمير ۾ ڀڳتي تحريڪ عام ٿي. ڪرشن ڀڳتي۽ ۾ خاص ڪري چيتنيه جو نالو بنگال ۾ مشهور ٿيو ۽ هن جي ڪيرتن ۾ ڪرشن سان بي پناهه عقيدت هئي. مون ڪافي سال اڳ هن تي فرانسيسي اديب رومين رولان جو ڪتاب پڙهيو هو. رامانج اتر هندستان ۾ رام ڀڳتيءَ ۽ ڪرشن ڀڳتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. شنڪر آچاريه دنيا کي مايا ڪوٺيو هو، جنهن جو اثر ساميءَ تي به گهڻو پيو هو. پر رامانند به دنيا کي مايا ڪوٺيو ۽ ان جي پٺيان سچ کي ايشور چيو. هو ان خيال جو هو ته ڀڳتيءَ وسيلي ماڻهوءَ جي اُنتي (نجات) تائين رسائي ٿي سگهي ٿي. ساميءَ جي د‍ؤر ۾ ڀڳتي تحريڪ سنڌ تائين پهچي چڪي هئي. ساميءَ چيو هو ته: ”ڪيٽي ۽ ڪنچر ۾، پسي هڪ ڌڻي.“ هنديءَ ۾ ڪيٽي ڪِئليءَ کي ۽ ڪنچر هاٿيءَ کي چوندا آهن. شنڪر آچاريه، ايشور کي مختلف صورتن ۾ ڏسڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ هُو بت پرستيءَ جي خلاف هو. جيتوڻيڪ رامانند جي تعليم هندو ڌرم جي پراڻين ريتن رسمن تي ٻڌل آهي، پر ان به ذات پات جي مخالفت ڪئي آهي.

پربلڀ آچاريه چيو هو ته :”رام ۽ ڪرشن، ايشور جو اصل روپ آهن.“ شنڪر آچاريه چيو ته :”ايشور جي اصل روپ کي ڪائي شڪل ناهي.“

پربلڀ آچاريه جي پرچار جي اثر هيٺ ڪيئي ديوداسيون به هن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويون. اها ڪافي فاصل هيون. انهن مان هڪ ديوداسي اندل هڪ هنڌ لکيو آهي:”هاڻي مان پوري جوڀن تي آهيان، پر ڪرشن جيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پتي نه ٿي مڃيان.“

اهائي روايت اسان کي ميران ٻائيءَ ۾ ملي ٿي.

عيسائيت ۾ به سينٽ ٽيريسيا ۽ ٻيون راهبائون هيون، جي مسيح سان ساڳيءَ طرح عشق ڪنديون هيون. ان کان پوءِ نرگن واد تحريڪ ڪبير شروع ڪئي. سردار جعفريءَ جو چوڻ آهي ته ڪبير مسلمان هو ۽ ذات جو جولاهو (ڪوري) هو. ڪبير خدا جي وحدت جو قائل هو. سردار جعفريءَ وڌيڪ لکيو آهي: ”روميءَ دولت کي هڪ ڪُلاهه سان تشبيهه ڏني، جنهن ۾ گنجو پنهنجو مٿو لڪائيندو آهي.“ اڳتي هن لکيو آهي:”ڪبير چيو آهي ته: مايا سورنهن سينگار ڪري، پنهنجي مست اکين جي لال تلوار سامهون آڻي ٿي. هوءَ شاعر کي پنهنجو ڀتار (ڀوتار) ڪوٺي مخاطب ٿئي ٿي ته ڪبير طنز سان چوي ٿو:”اسان جي ذات جولاها آهي ۽ نانءُ ڪبير آهي. تو اسان کان ڪڏهن پڇيو ناهي. تون اتي وڃ جتي تخت وڇايل آهي، باغ ٽڙيل آهن، اناج جون ٻوريون ڀريل آهن. ريشم جي کوٽ نه آهي ۽ اگر بتيون چندن جون آهن، تون اسان وٽ ڇا ڪندينءَ؟“

”مايا مها ٺڳي آهي، ڪٺور شڪاري آهي... ڪپڙن لاهي ڇڏڻ سان يا پنهنجا پنج ئي حواس قتل ڪرڻ سان يا پهاڙن ۾ ويهڻ سان ۽ جهنگ ۾ ڀٽڪڻ سان ڀڳوان نه ٿو ملي، ڀڳوان ته ان تي ريجهي ٿو، جنهن جي دل ۾ ديا آهي، ڌرم آهي ۽ جو پاپ کان پاسو ڪري ٿو، جو جڳ ۾ رهي، جڳ کان اداس آهي ۽ سردار جعفريءَ جي اردو ٻوليءَ ۾: ”جو هر ذي حيات ڪو اپني طرح جانتا هي، اسي کو حُي اور قيوم ملتا هي.“

نرگن واد اسلام جي ڪيڏو ويجهو اچي چڪو هو، اهو ڪبير جي دوهن مان صاف ظاهر آهي. ”ڪبير، منصور وانگر ’انا الحق‘ ته نه ٿو چوي، پر ’انا الحق‘ جو پورو جذبو هن ۾ موجود آهي.“ هو چوي ٿو:

’نرگن ڪي آگي سَرگن ناچي، باجي سُونهنگ تورا.‘

يعني، ”ذات جي سامهون صفات نچي رهي آهي ۽ انا الحق جو ساز وڄي رهيو آهي.“

ساميءَ به مايا لاءِ، ’مايا ڏائڻ ڏندري‘ يا ’مايا ڌوتي‘ چيو آهي ۽ وحدت جو اپديش ڏنو آهي. ان ڪري هو شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کان پوءِ سنڌ جي ادبي ٽه ــ مورتي ۾ کُپي اچي ٿو.

ساميءَ جي گهر وٽان ٿي، مان پنهنجي دوست غلام قادر جي گهر وڃان ٿو، جنهن لاءِ زيبو گهر جو تاڪ کولي واجهائي رهي آهي. زيبو هڪ زيتوني رنگ واري پرڻيل ڇوڪري آهي، جا پنهنجي مڙس سان ناراض آهي. هن جو مڙس ڪم تي ويندو آهي ته عبدالقادر ساڻس ملاقات ڪري ايندو آهي. هن جو قد وچولو ۽ ڳلن تي ڪنڍڙا ڪاڪل آهن. هٿن پيرن کي ميندي ۽ چپن تي مساڳ لڳل اٿس. هوءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڪري، سڏ ٿي ڪري، ’قادر‘ ته ڄڻ بنسريءَ مان آواز اچي ٿو. مون کي ايندو ڏسي هوءَ در جو  تاڪ ٻوٽي ڇڏي ٿي. مان قادر کي گهران سڏي چوان ٿو ته، ”زيبو سڏئي ٿي.“

”تو زيبو چڱيءَ طرح ڏٺي. هن کي بمبئيءَ جي ڪيلي جهڙو بدن ۽ ناگپور جي نارنگيءَ جهڙا مٺا چپ آهن. تون هن کان چمي وٺندين؟“

مان لڄي ٿي هن کي چوان ٿو ته: ”مون هن وقت تائين ڪنهن کان چمي نه ورتي آهي.“

”تون بالغ ٿيو آهين!“

”بالغ ڇا آهي؟“

هن ٽهڪ ڏئي چيو: ”پاڻ ئي اوچتو پتو پوندئي.“ ڇهين مهيني کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي پڪل ليارن جي ڇڳي تي لت اچي وئي آهي.

مون زيبوءَ جهڙيون ٽي چار ڇوڪريون ڏٺيون آهن. ساڳيو وچولو قد، اهڙو بدن جنهن منهنجا هٿ ريشمي ڪري ڇڏيا ها. کٽيءَ جي کنڀ تي ڪپڙي وانگر منهنجي لونءَ لونءَ کڙي ٿي وئي هئي. هڪ هاٿي در جي پريان سنڌ جي پهرين جديد شاعره، ٻي مستري عبدالله جي پاڙي ۾، ٽين هڪ حجمياڻيءَ جي نُنهن، جا اسان جي پاڙي ۾ رهندي هئي ۽ چوٿين منهنجي هڪ مرحوم دوست جي سنڱ ۾ هئي ۽ جا ضرورت سبب جسم فروشي ڪري رهي هئي. ڇا اهي سڀ ئي هڪ ئي ڪالب ۾ ٺاهيون ويون هيون؟ ڇا اهي سڀ هڪ پيءُ جون ڌيئرون هيون؟ مون کي ان تي آرٿر ڪوئسلر جي ڪتاب ’ڪار تخليق‘ (The Act of Creation)  مان هڪ لطيفو ٿو ياد اچي: تفريح ڪندي روس جي زار جي هڪ شخص تي نظر پئي، جو هوبهو هن جهڙو ٿي لڳو. هن ان شخص کان پڇيو: ”تنهنجي ماءُ اسان جي محل سرا ۾ ڪم ڪندي هئي؟“ ”نه.“ هن وراڻيو: ”منهنجو پيءُ ڪم ڪندو هو.“ شايد اهي چارئي عورتون، ڪهن حملي آور مغل جي جينيات جو چئن عورتن سان جماع جو نتيجو هيون ۽ پيڙهي به پيڙهي ساڳي صورت ۾ وري وري ٿي پيدا ٿيون.

مٿيون آرٿر ڪوئسلر جو لطيفو پڙهي، مون کي ڏاڍا ٽهڪ آيا ها. ائين ته مان ورلي ٽهڪ ڏيندو آهيان، پر ڪالهه عبدالستار پيرزادو منهنجو ڪتاب ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ نقل ڪري رهيو هو ته، پرک رسالي جو ايڊيٽر نثار منصور ۽ جناب عبدالحميد ابڙو اچي نڪتا. (عبدالحميد ابڙو نه صرف سيشن جج آهي، پر منهنجو ۽ اي. ڪي. بروهيءَ جو مداح به آهي. هو وسيع مطالعي وارو شخص آهي.) ڳالهين ڪندي نثار منصور چيو ته: ”سائين مون ٻه سنڌي ڪتاب جيڪي اوهان کان ورتا ها، فوٽو اسٽيٽ ڪرائي رکيا آهن. هاڻ ستيش روهڙا جو ڪوئي ڪتاب هجيوَ ته ڏيوم.“ مون هن کي چيو: ”پهرين اڳيان ڪتاب موٽاءِ.“ ان تي عبدالحميد ابڙي هڪ لطيفو حڪيم رازيءَ جو ٻڌايو: ”هڪ شخص حڪيم رازيءَ وٽ آيو ۽ پڇيائينس ته: ”اوهان وٽ ماکي آهي؟“

هن هڪدم وراڻيو: ”هائو، چاليهه سال پراڻي.“

ان شخص چيس ته: ”مون کي ڏهه ڦڙا ماکي گهرجي، اوهان ڏيوم.“

ان تي حڪيم رازيءَ وراڻيس: جي مان ڏهه ڏهه قطرا ماکي جا هر سواليءَ کي ڏيان ها ته هيءَ ماکي چاليهه سال پراڻي ڪيئن هجي ها!“

اسان سڀني کي بيساخته کل اچي وئي، جا بدمزگيءَ جي هر امڪان کي ريٽي وئي. ائين ته ڪيئي لطيفا منهنجي زندگيءَ ۾ آيا آهن، جي موقعي ۽ مهل تي ڏيندس، پر عبدالحميد ابڙي چيو ته: ”ائين جي اياز صاحب ڪتاب ڏيندو اچي ها ته ايترا ڪتاب ڪيئن ڪٺا ٿين ها!“

هاڻي رات جا ٻارنهن وڳا آهن. ڪوشش سان به ننڊ نه ٿي اچي.

اي خدا! تو مون کي سونهن لاءِ ايتري ڪمزوري ڇو ڏني آهي؟ ڇا سونهن شاعريءَ جي سؤٽ آهي؟ شاعريءَ کي دنيا ماٽيلي سؤٽ جيان ڇو ٿي لڳي. منهنجي دل به هڪ وڊيو ڪئسٽ وانگر آهي، جنهن ۾ ڪيئي پيارا چهرا ۽ سندن گفتگو محفوظ آهي. مان ننڊ مان اٿي، اول پنهنجي ذهن جو وڊيو ڪئسٽ هلائيندو آهيان ته مٺي ننڊ ٻيهر اچي ويندي آهي. الائجي ڇو مون تي اها ساڳي ڪيفيت ڇو طاري ٿيندي آهي، جڏهن مان رجنيش جا ڪبير ۽ ميران تي وڊيو ڪئسٽ هلائيندو آهيان. 1963ع ۾ هندوستان ۾ هڪ مهينو رهيو هوس ۽ ٻه ڪلاڪ روز ننڊ ڪئي هئم. راج، گيتا ۽ رشيد ڀٽي دهليءَ ۾ هڪ سئنيما ۾ ديوداس فلم ڏسي رهيا هئاسين. جيئن ريل هليو، مون کي گهري ننڊ اچي وئي ۽ جڏهن فلم پوري ٿي تڏهن مون کي ننڊ مان جاڳايائون. هونءَ هن وقت تائين مون ننڊ کي پري رکيو آهي ۽ ساري زندگي ائين ننڊ ڪئي آهي، جيئن روس تي ڪاهه وقت نئپولين گهڙيءَ لاءِ اک لائي وٺندو هو. پر هاڻ ته مون کان ننڊ به رُسي وئي آهي ۽ مون کان ڀڄي ٿي وڃي، جيستائين ننڊ جون ٻه گوريون نه ٿو کاوان تيستائين ننڊ ئي نه ٿي اچي.

سونهن لاءِ ڪمزوريءَ جي ڳالهه ڪندي مون کي وليم ورڊسورٿ جي نظم مان هڪ بند ياد ٿو اچي.

A prim rose by a river’s brim

Was one and six lines to him

And nothing more

 (هڪ بسنتي گلَ نديءَ جي ڪنٺي تي

هڪ سِٽ ۽ ڇهه سِٽون هيون هن لاءِ

۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه نه هو.)

مون زندگيءَ ۾ ائين محسوس نه ڪيو آهي. عورت بسنتي گلاب وانگر آهي، پر ان جي خوشبو شاعريءَ ۾ رچي بسي وڃي ٿي.

ڪيئي سال ٿيا ته منهنجا ٻه دوست ۽ انهن مان هڪ جي زال معصوم شاهه جي مناري جي ڏاڪڻ تان چڙهي رهيا هئاسون. منهنجا دوست ته اڳ ۾ چڙهي ويا، پر مان ساهي پٽڻ جو بهانو ڪري وچ تي بيهي رهيس. منهنجي دوست جي زال کي ڪجهه شڪ پيو ۽ هوءَ مون کان ٽي ڏاڪا هيٺ بيهي رهي. ان کان پوءِ هڪ چُمي اڃان تائين معصوم شاهه جي مناري جي پهرين ڏاڪي کان پوئين ڏاڪي تائين چڙهندي ۽ لهندي رهي آهي ۽ اهي چپ تلاش ڪندي آهي، جي ملڻ چاهيندي به نه ملي سگهيا ۽ هڪٻئي کان دور هليا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com