سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :10

اسان جي گهرن ويجهو يا اسان جي گهرن جي ڪجهه پنڌ تي، نيرولي، پاٽولي، کهنباتي، ٺاٺارا، ڪوري، پيڃارا، ڊکڻ، ڪنڀر، حجام، لوهار، بهشتي، ڪمانگر، اُستا، پساري، وينجهر، سونارا، صراف، چوڙيگر، باغائي، مڃاري، ساڳائي، کٽاڻ وارا، قيمائي، حلوائي، لنگها، دهلاري، دايا، جوڳي، سوچي، قلعي گر، کٽي، ڌوٻي، ڀوڳڙي، تيلي، رانڌا، واڍا، راڳي، شرنايا، مولودي، ويڄ ۽ طبيب رهندا هئا. دراصل مون کي ڀٽائيءَ وارو گهماگهميءَ ۽ تنوع وارو ماحول ميسر ٿيو. اسان جي گهر کان ٻه سؤ قدم پري هڪ ڀوڳڙيءَ جو دڪان هو، جتي هو تئي ۾ وارِي وجهي ڀڳڙا ڀُڃندو هو، جهڙا اسان کي جئوير الهاس ننگر ۾ کارايا ها ۽ ڇاڪاڻ جو اهي زرينا کي ڏاڍا وڻيا ها ته کيس هڪ ڪلو ڀڳڙا تحفي طور ڏئي ويو هو، جي کيس پنجاهه رپئي مليا ها. زرينا ڀڳڙا چاهه سان کائيندي آهي، سو مان کيس ڪلفٽن جي گهر هيٺان ريڙهيءَ واري کان سورهين رپئي سير ڀڳڙا وٺي ڏيندو آهيان. جن ۾ ٽي حصا ته رڙا هوندا آهن جي اسان ڦٽي ڪندا آهيون. شڪاپور ۾ ڀڳڙن ۽ ترن، چانورن جون لايون به ڀوڳڙين وٽ ملنديون هيون، جي اسان وري تڏهن کاڌيون، جڏهن پوني ۾ زرينا ريٽا شاهاڻيءَ جي سس کان طبيعت پڇڻ هلي، جنهن جي ٽنگ حادثي ۾ ڀڃي پئي هئي ۽ اڃان سڌي نه ٿي هئي. ريٽا شاهاڻيءَ جي سس (نالو وسري ٿو وڃي.) ريٽا جي مڙس وشنو شاهاڻيءَ جي سڳي ماءُ هئي، پر هن جو الڳ گهر هو، جتي نوڪرياڻي هن جي ٽهل ٽڪور ڪندي هئي. هوءَ ويل چيئر ۾ ويٺي هئي ۽ زرينا سان بيحد پيار سان ملي هئي. هن زرينا کي چيو: ”جڏهن کان تنهنجي اچڻ جي خبر پئي آهي، تڏهن کان مان تنهنجو انتظار ڪندي رهي آهيان.“ ۽ پوءِ نوڪرياڻيءَ کي چيائين: ”مهمانن لاءِ ڪجهه مٺائي کڻي اچ.“

مٺائيءَ ۾ تل شڪڙي (ڀڳڙن جي لائي) دندان گيري حلوو ۽ پستن جي مٺائي هئي. تل شڪڙي سچي گيهه جي هئي ۽ اسان کي شڪاپور جي ياد اچي وئي. زرينا ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”ڪراچيءَ ۾ گريس جي ٺهيل مٺائي ٿي ملي. هڪ ديوان جو شڪاپور لکيدر تي دوڪان هو، جيڪو پوءِ ڪراچيءَ ۾ مٺائي ٺاهي وڪڻندو هو، ان کي به ڪنهن شاهينگ گولي هڻي ماري وڌو هو.“

مون هن کي چيو: ”تاريخ اسان جي مخصوص ڪلچر سان گڏ اسان جو ماضي به اسان کان کسي ورتو آهي“ علامه اقبال ته چئي سگهندو هو:

”دوڙ پيچهي کي طرف اي گردش ايام تو.“

(اي ايام جي گردش، پٺتي ڊوڙ.)

اسان ته جڏهن ساروڻين (Nostalgia)  وقت اها ڳالهه سوچي ته گردن زدني سمجهيا وياسون. ريٽا شاهاڻيءَ وٽ پوني ۾ رهائش جو ذڪر مون ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي.

هڪ ڳالهه ان ۾ مون نه لکي هئي ته شهاڻي فئمليءَ جو دوست عطر سنگتياڻي وڏو مالدار شخص هو. هن پوني کان سٺ ميل پري، سرڪار لاءِ هڪ پاڻيءَ جو ڊئم ستر ڪروڙ رپين ۾ ٺهرايو هو. ان ڊئم جي ڀرسان هن هڪ ڪالوني ٺهرائي هئي. جنهن ۾ هن جا مزدور، ڪارندا ۽ انجنيئر رهندا هئا. اتي کُلي هوا، نيرو آسمان، چوڌاري پهاڙيءَ تي سرسبز زمين ڏسي منهنجو زندگيءَ جو ٿڪ لهي ويو هو. هن ڊائيننگ هال ۾ اسان لاءِ ڪافي سوادي لنچ ڪئي هئي. مان ڀانيان ٿو ته پوني ڏانهن موٽندي، هن مون کي شيواجيءَ جو قلعو ڏيکاريو هو، جو پهاڙيءَ تي ٺهيل هو. شيواجيءَ جو مجسمو بمبئيءَ جي شاهراهه تي کتل آهي. ان وقت سج لهي رهيو هو ۽ ان تي ڪِرڻا ائين ٿي لڳا ڄڻ شيواجيءَ جا واگهه ــ نک افضل خان جي پٺيءَ ۾ کپي ويا ها، جنهن مان خون ڌارون ڪري نڪري رهيو هو. مون خشونت سنگهه ۽ روميلا ٺپر جا ۽ ٻيا ڪيئي انڊيا جي تاريخ تي ڪتاب پڙهيا آهن، پر ڇا اسان وٽ ڪو اهڙو مؤرخ ٿيندو جو انهيءَ خونچڪان تاريخ جي ديانتداريءَ سان عڪاسي ڪري.

وشنو شهاڻيءَ کي پوني ۾ ڪتاب گهر آهي. هن مون کي (The Future Experiences of Nostredames) ناسٽرڊيمس جا مستقبل جي باري ۾ محسوسات، جا ٻه جلد ڏنا ها، جن ۾ 15هين صديءَ ۾ مستقبل جي باري ۾ هن جون ڪيل ساريءَ دنيا جي باري ۾ پيشنگوئيون هيون. مون ڪراچي مان هن جي زندگيءَ تي ويگابانڊ پرافٽ (Vegabond Prophet) نالي ناول به خريد ڪري پڙهيو هو. ناسٽرڊيمس جي آخري پيشنگوئي هئي ته هيءَ دنيا ويهينءَ صديءَ جي آخر ۾ ختم ٿيندي. ڪيئن چئجي؟ پر حالتون ته اهڙيون ٿيون نظر اچن، چون ٿا ته هن جون ٻيون پيشنگوئيون ته صحيح نڪتيون آهن. گذريل مختصر عرصي ۾ نيوڪلائي سائنس، جيتري ترقي ڪئي آهي، اوتري ترقي ڪنهن به وقت سائنس نه ڪئي هئي.

ڪٿي شڪاپور ڪٿي پونو! ٻنهي کي تُل ــ شڪڙيءَ جي ياد ملايو، جا هندو ڀوڳڙي ٺاهيندا هئا. اسان مٿي ذڪر ڪيل ڀوڳڙيءَ وٽان مڪئيءَ جي داڻن جا ڦلا، مرملا، آڀون ۽ ستون به هڪ ٻن آنڪين ۾ پاند ڀري وٺندا هئاسين. هو مڪئيءَ کي گرم تئي تي ڦولاريندا ها ۽ انهن جي ياد ڪيئي سال پوءِ منهنجي هڪ گيت ۾ اُڀري آئي هئي.

جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو

۽ آڳ اُلا ٿي نڪري ٿو

جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جيئن ڪڙهن

سو ديس مسافر منهنجو ڙي ــ

شانتي نالي هڪ ڇوڪري جا ڪنهن ڀوڳڙيءَ جي ڌيءُ هئي، نيو ايرا اسڪول ۾ مون سان گڏ پهرئين کان چوٿين انگريزيءَ ۾ پڙهندي هئي. سندس پيءُ ڪٽر ڪانگريسي هوندو هو. هڪ ڀيري رسيس دوران، جڏهن ٻيا ڇوڪرا ماني يا ٻيون شيون کائڻ لاءِ ڪلاس کان ٻاهر هليا ويا، تڏهن هوءَ مون سان بئنچ تي اڪيلي گڏجي ويٺي هئي. هن نهايت معصوميت سان مون کان پڇيو: ”مبو (منهنجو ڄم جو نالو مبارڪ آهي ۽ پيار مان مون کي مُبو ڪوٺيندا ها) توکي ڄاڻ آهي ته ڇوڪرو ڇوڪري شادي ڇو ڪندا آهن؟“ مون به نهايت معصوميت سان جواب ڏنو ته: ”نه، توکي خبر آهي؟“ هن چيو: ”هائو.“ ۽ پوءِ هوءَ منهنجي ويجهو وڌي آئي ۽ سس پسس ڪري، ڪجهه اسرار ۽ رمزون سمجهائيندي رهي، جيستائين اسڪول جو گهنٽڊ وڳو ۽ هوءَ سُري ويٺي ۽ ڇوڪرا ڪلاس روم ۾ هڪٻئي پٺيان داخل ٿيا.

شڪاپور ڪجهه ٻين محنت مزدوري ڪندڙن جي باري ۾ مون زريا کان ڳالهيون پڇيون، تڏهن ڄڻ علي بابا چيو: ’کل جا سم سم.‘ زرينا وڌيڪ ياد ڏياريو ته اسان جي ڀرسان ڪنڀر رهندا هئا، جي آويءَ ۾ دلا، گهگُهيون، مٽ، ڪؤنرا، پاٽيون، دکيون، چلمون، حقا، ڦل، مشعلان (جنهن کي عوام الناس مشالان چوندا آهن) ڏيئا، ڪونڊا، جمنيون، پاٽڙا، دانگيون، چلهيون، ڪُپڙا، ڍڪڻ، ڍڪڻيون، کمرا، ڀنڊارا، پٽهلا وغيره پچائيندا هئا. مون جيڪي ڏٺو هو اهو حافظ ۽ خيام به نه ڏٺو هو. جن صرف ڪوزي ۽ صراحيءَ جو شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ مون ٿورا شعر فارسيءَ ۾ ڏنا آهن، ڇو ته اڄڪلهه نوجوان فارسي پڙهي نه ٿا سگهن ۽ نه پريس ڪمپازيٽر ان کي صحيح طور ڇاپي ٿا سگهن. مون جڏهن اها ڳالهه پنهنجي دوست محمد ابراهيم جوئي سان ڪئي هئي، تڏهن هن چيو هو ته: ”تنهنجي نثر ۾ قندِ فارسيءَ جي ملاوت حيرت انگيز آهي، ان ڪري ضرور ڪئي وڃي.“ هونءَ ته مون ڪنڀارڪيءَ ڪار جي باري ۾ فقط ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت پئي ڏيڻ چاهيو:

”نهائينءَ کان نينهن، سک منهن جا سپرين،

سڙي ســـارو ڏيـنـهـــن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“

ڀٽائي به ڀٽائي آهي، پر حافظ ۽ خيام به حافظ ۽ خيام آهن. ڀٽائيءَ وانگر مون به ڪنڀر جو سارو ڪاروبار ڏٺو هو. مان ته هنن جي دڪان تي، مٿي ذڪر ڪيل شيون به تفصيل سان ڏسندو رهيو هوس. هاڻ حافظ جو هڪ شعر ۽ خيام جي هڪ رباعي ذائقي مٽائڻ لاءِ لکان ٿو. جيتوڻيڪ اهي حسب حال آهن.

در اين زمانھ رفيقي که خالي از خلل است.

صراحــــــي و مئه ناب وسفينهء غزل است.

ترجمو: (هن زماني ۾ اهو رفيق جنهن ۾ خلل نه آهي،

صراحي، مئي ناب (خالص شراب) ۽ غزل جو ٻيڙو آهي.)

صراحي ۽ مئي ناب ته پاڻ ڇڏي ڏني آهي ۽ غالب وانگر ’روز ابر ۽ شب ماهتاب‘ ۾ به نصيب نه آهي. پر غزل جو سفينو (ٻيڙو) اڃان روان دوان آهي. اهو حافظ جو شعر موجوده دؤر ۾ وڌيڪ بامعنيٰ ٿو لڳي.صبح جو اخبار پڙهڻ کان دل ڪيٻائي ٿي. دهشتگردن جي هٿان بي درديءَ سان خون، دهشتگردن جا خون باهيون، بسون، موٽرون ڪنهن آتش نمرود ۾ جلندا نظر اچن ٿا. ٻار، ٻڍا، زالون، گولين جو کاڄ ٿي رهيا آهن. چوڌاري موت مينهن وانگر وسي رهيو آهي. ڌوئو، خون سان رستا ڌوئو، جيئن ٽاڪ منجهند جو ڌرتي شفق رنگ ٿي وڃي! پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ڪنهن ڄاتو هو ته هيئن رت جون پچڪاريون هنيون وينديون. انسان جي خون سان هولي کيڏي ويندي ۽ مملڪت خداد پاڪستان کي خدا اتي پهچائيندو، جتي اها آتش و آهن وقت نظر اچي رهي آهي ۽ تاريخ ۾ هڪ وڏي سواليه نشانيءَ وانگر اڀري اچي ٿي. هي هڪ ٻئي کي ناس ڇوٿا ڪن؟ امام بارگاهون ۽ مسجدون به خون ريزيءَ کان آجيون نه آهن! ڪهڙي گناهه جي اسان کي سزا ملي رهي آهي؟ نه رڳو اسان وٽ پر پوريءَ دنيا ۾ انسان جو رت رائيگان وڃي رهيو آهي.

اين چه شوري ست که دؤر قمر مي بينم

همه آفاق پراز فتنه و شر مي بينم.

(حافظ)

ترجمو: (هي ڪهڙو شور آهي جو ننڊ مان چنڊ جي ڦيري ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ پوري آفاق ۾ مون کي فتنو ۽ شرِ نظر اچي رهيو آهي.)

ڇا ناسٽرڊيمس جي پيشن گوئي سچي ٿي رهي آهي. ڇا قيامت ويجهي آهي ۽ هيءَ ڌرتي تڏي وانگر ويڙهبي؟ دل چوي ٿي ته شاهي باغ ويجهو هجي ۽ ان جي ڇٻرتي ليٽي لهندڙ سج کي ڏسان، هي قلم پري اڇلائي ڇڏيان، ڪجهه نه ڪيان، ڪجهه به نه سوچيان، جيستائين ڌرتي اوندهه ۾ ٻڏي وڃي.

ڪنڀر جي ڳالهه نڪتي ته خيام جي هڪ رباعي يا آئي:

اين کوزه چون من عاشق زاري بوده است

در بند سر زلف نگاري بوده است

اين دسته که درگردن اسود بيني

دستي ست که در گردنِِ ياري بوده است.

(خيام)

ترجمو: (هي ڪوزو جو مون وانگر عاشق زار رهيو آهي.

محبوب جي زلف ۾ گرفتار رهيو آهي

هن جي ڪاري ڳچيءَ ۾ جيڪو هٿيو ڏسين ٿو

اهو ساڳيو هٿيو آهي جو ڪنهن وقت يار جي ڳچيءَ ۾ پيل رهيو آهي.)

ظاهر آهي، عاشق هجي يا معشوق، فنا ٻنهي جو مقدر آهي ۽ هر خاڪي انسان خاڪ سان ملي وڃڻو آهي. جنهن مان ڪوزه گر (ڪنڀر) ڪوزا ٺاهي ٿو.

مون ڪنڀارڪي ڪار کي غور سان ڏٺو آهي. هو مٽيءَ کي اول ڪٽيندا هئا ۽ ان مان گند گاهه ڪڍي ، ڳوهي پنوڙا ٺاهيندا هئا، جن جو مقدار انهيءَ ٿانءَ جيترو هوندو هو. جيڪو هنن کي جوڙڻو هوندو هو. پوءِ چڪيءَ جي مٿين پڙ تي اهو چاڻو رکندا هئا ۽ هيٺئين پڙ کي پيرن سان ڦيرائي، پنوڙي کي هٿن سان گهربل شڪل ڏيندا هئا ۽ ان کي ٺپڻي هڻي، اندر هٿ وجهي ٺپڻيءَ سان وڌائيندا هئا ۽ وري وڃي اس تي رکندا هئا ۽ جڏهن اهي سڪي ويندا هئا ته انهن کي الڳ الڳ رنگ ڏيندا هئا ۽ چٽسالي ڪندا هئا ۽ پوءِ آوي يا نهائينءَ جي تياريءَ ۾ لڳي وينداهئا. ٻڪرين جي پاهه ڪٿان ڪٿان ڪٺي ڪري، اچي آويءَ ڀرسان ڍير ڪندا هئا. آويءَ اندر پاهه پٿاري ڪچن ٿانون کي ترتيب ڏئي وري انهن مٿان پاهه پٿاريندا هئا ۽ ٻارڻ جو تهه ڏئي، آويءَ مٿان مٽيءَ جو تهه ورائي، باهه ڏيندا ها. آويءَ هيٺان ننڍڙي سرنگهه هوندي هئي، جنهن ۾ باهه ٻاريندا ها. جي ٿوري پاهه ۽ ٻارڻ وڌيڪ هوندو هو ته دِلو يا ٿانوَ ڪاراٽجي ويندا ها ۽ اهو ٿانءُ ڀيلو ٿي پوندو هو ۽ وڄائڻ ۾ ڍانڍو لڳندو هو ۽ جيڪڏهن باهه پوري نه هوندي هئي ته ٿانءَ ڪچا رهجي ويندا ها. ڪنڀر رات جاڳي آويءَ جي نظرداري ڪندا ها ۽ جاچي ڏسندا ها ته ڪٿي باهه گهٽ لڳي آهي، ڪٿي وڌيڪ ۽ ان کي گهربل باهه اندر وڌل ڪاٺين سان گهٽ وڌ ڪري سگهندا ها.

ائين ٿو لڳي زندگيءَ مان رومان نڪري ويو آهي، اڄڪلهه مشين ماڻهوءَ جي جاءِ ورتي آهي. ڪارون به روبوٽ تي تيار ڪري رهيا آهن. صنعتي انقلاب انسانن لاءِ رحمت نه، پر زحمت ٿي آيو آهي. نه گهرجن مون کي اهي پلاسٽڪ جا ٿانوَ! پري ڪريو اهي جنات جيڏيون مشينون ۽ مون کي اڳيون دؤر موٽائي ڏيو. مون کي پنهنجي معصوميت موٽائي ڏيو. نه گهرجي مون کي اوهان جي ترقي پسندي! آمريڪي مفڪر ٿارو ۽ مهاتما گانڌي ڪيڏو نه صحيح ها! گانڌيءَ جو چرخو زندگيءَ کي ڪيڏي نه معنيٰ ڏيندو هو. ٽالسٽاءِ جي هارين سان قربت ۾ ڪيتري نه انسانيت هوندي هئي؟ هي مشيني د‍‍‍ؤر شاعريءَ جو قاتل آهي. آمريڪا جي وليم ڪارلوس وليم کان وٺي روس جي ووزني سينسڪيءَ تائين هر نظم ڄڻ هڪ مشين آهي. جنهن ۾ هر سٽ ڄڻ ڪنهن ڪَل پرزي وانگر لڳي رهي آهي.

مون کي منهنجي ساڳي شڪاپور موٽائي ڏيو، جتي ٺاٺارا ڪُٽِ جا ٿانءَ، ٽامي جا وٽا، تسريون، پاٽيون، ديڳڙا، ٿالهيون، چرمچيون، بدنا، لوٽا، چؤنريون، ديڳيون، ٿالهه، تيون، ڪفگير، ڪيوٽيون ۽ دٻلا ٺاهيندا ها. اهڙا ڪُٽِ جا ٿانءَ مون هندوستان جي ناسڪ جي برتن بازار ۾ ڏٺا ها. اهڙيءَ طرح مون ٻين ڌنڌي وارن کي غور سان ڏٺو هو. منهنجي دوست نعيم صديقيءَ جو گهر لوهرن جي پاڙي ڀرسان هو، جتي منهنجو روز وڃڻ ٿيندو هو. لوهرن جي پاڙي ۾ ڌنوڻيون ڌڪبيون هيون. ڪٽ ڪڙهندي هئي. لوهه سنداڻ تي رکي، وڏاڻ سان ڪٽي رڪ بڻايو ويندو هو. ڀرسان ڪاٺ مڏي هوندي هئي، جتي ڪاٺ جا بنڊ ڪاراين سان چيري، تختا ٺاهيا ويندا ها ۽ ڪاٺ جي ٻوري ۾ اداس خوشبوءِ هوندي هئي ۽ ان کي ساري مون کي هڪ جين شاعر جو نظم ٿو ياد اچي، جو مون پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي پهرين حصي ۾ ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح پاٽولي پٽ جو ڌاڳو ڪتيندا ها ته مان انهن کان سندن ڌنڌي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪندو هوس. مون هڪ نظم ۾ پاٽوليءَ جي هٿن سان سپنن کي تشبيهه ڏني هئي.

”تنهنجا سپنا اهڙا، جهڙا پاٽوليءَ جا هٿ.“

اسان جي پاڙي ۾ نانگائي ۽ جوڳي به ايندا ها. انهن کي گيڙوءَ رتا چولا، هيٺان ٻڌل چوٽا، ڪنن ۾ عاج جا والا هوندا ها، انهن کي عاج يا لوهه جا چوڙا، ڳچيءَ ۾ عقيق يا ڪاراڻ مائل عقيق جي مالها، جڻيو، پيرن ۾ لوهي ڪڙيون ۽ چاکڙيون هونديون هيون. مرلين ۽ پنڊين جو تفصيل مان طوالت جي ڪري نه ٿو لکان. قربان وڃان سنڌي سڀيتا تان!

مان جيڪڏهن سنڌ ۽ شڪاپور جي ساري سڀيتا تي لکان ته ٻه سؤ صفحا ته لکي وڃان ۽ ڪتاب ڪي قدر وڏو ٿي ويندو. پيار علي الانا جڏهن شهيد ڀٽو جي حڪومت جي دؤر ۾ سنڌ جو وزير تعليم هو، تڏهن مان هن جي گهر چاءِ تي ويو هوس. اتي هن مون کي شڪاپور جي ڪنهن سراءِ مان نڪتل ڪاٺ جو دروازو ڏيکاريو هو، جو هن ڏهين هزارين رپين ۾ ورتو هو ۽ ان جي مرمت ڪرائي هئائين. ان تي ڏهاڪو هندو سنتن، ڪبير، نانڪ وغيره جون نهايت خوبصورت تصويرون اُڪريل هيون. مون اهڙي اُڪر جو ڪم بمبئي، دهلي ۽ راجسٿان جي ميوزم ۾ ڪٿي نه ڏٺو. هاڻي سنڌ جي هنرن ۽ ڪاريگري کي ڇڏي مان اچان ٿو زرينا تي. جي هوءَ منهنجي زال نه هجي هاا، ته مان اها شاعري نه ڪري سگهان ها، جا مون هن وقت تائين ڪئي آهي. هن منهنجي ڪري ڪيئي ڏک ۽ ڏولاوا سٺا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي نڙي گهٽجي وئي آهي ۽ هوءَ روئي به نه سگهي آهي. ان هر اڻ ڇلڪيل ڳوڙهي ۾ هڪ اٿاهه سمنڊ سمايل آهي، جو ڌرتيءَ جيترا رومال به سڪائي نه ٿا سگهن، جيڪو منهنجي هر سٽ جي تخليق لاءِ فرصت جو باعث آهي. هن بيماريءَ جي بستري تي ڪيتريون راتيون جاڳي منهنجي خدمت ڪئي آهي. پيريءَ ۾ مون کي ڇهه ڀيرا هارٽ اٽئڪ ٿي آهي ۽ هن ڪارڊيو وئسڪيولر انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ ۾ ۽ مڊايسٽ اسپتال ۾ منهنجي ڀرپور خدمت ڪئي آهي ۽ موت جون واڇون چيري، مون کي سندس وات مان ڪڍي ورتو اٿائين. انهن واقعن جو مان پوءِ ذڪر تڏهن ڪندس، جڏهن مان اُهي پندرنهن سورنهن واقعا لکندس، جڏهن قدرت مون کي تِرتان موت کان بچايو هو. پر اول جوانيءَ جو ذڪر ڪيان.

منهنجي ماءُ کي جڏهن ڪئنسر ٿي پيو هو، تڏهن مان هن کي ميو اسپتال لاهور ۾ علاج لاءِ کڻائي ويو هوس ۽ اتي منهنجي هڪ پنجابي دوست مونس ۽ هن جي سؤٽين امان جي بيحد خدمت ڪئي هئي ۽ هوءَ صحتياب ٿي آئي هئي. ڊاڪٽر مون کي چيو هو ته هن کي زندگيءَ جا پنج سال وڌيڪ مليا آهن. بشرطيڪ هن کي ٻي ڪا بيماري نه ٿئي يا کيس اها ڳالهه نه ٻڌائي وڃي ته ڪئنسر ڇا آهي؟ هوءَ سکر ۾ مون سان گڏ رهندي هئي ۽ ست سال جيئري رهي. هن کي ڪئنسر وري اٿلي پئي ۽ مقامي ڊاڪٽرن جو اهو مشورو هو ته هوءَ هاڻ لاعلاج آهي ۽ هن کي سفر جي زحمت نه ڏني وڃي. هوءَ منهنجي گهر ۾ گذاري وئي. خدا کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. هن کي شڪاپور ۾ ڏوليءَ ۾ کڻي، منهنجي پيءُ جي قبر ڀرسان آبائي قبرستان ۾ دفنايو ويو. مون هن جي ڳوري ڪاٺ مان ٺهيل ڏوليءَ کي ڪافي وقت لاءِ ڪنڌو ڏنو هو. ايتري قدر جو منهنجي ڦڻيءَ جو هڏو ذري گهٽ ٽٽي پيو هو. مان جڏهن قبرستان مان پاڙي ۾ موٽيو هوس، تڏهن مون کي سخت بخار هو ۽ يڪدم ڪار ۾ چڙهي علاج لاءِ سکر ويو هوس. ٽئين ڏينهن جڏهن بخار مليريا جي گورين سان نه لٿو ته منهنجي دوسٽ ڊاڪٽر احسان رايو ڏنو ته مون کي مُدي جو بخار آهي، ممڪن آهي ته يارهين ڏينهن لهي وڃي. مون کي سخت پرهيز ڪرائي وئي ۽ مون کي روز رڳو چوزي جي يخني ڏني ويندي هئي، ان ڪري مان ڳري ڪنڊا ٿي ويو هوس ۽ جڏهن يارهين ڏينهن کان پوءِ مدي جي بخار (Typhoid)  مان اٿيس ته مان کٽ تي ٽنگون لڙڪائي به ويهي نه سگهندو هوس. انهيءَ عرصي ۾ زرينا ڏينهن رات جاڳي منهنجي نرس وانگر خدمت ڪئي هئي ۽ هن کي ان ڳالهه جو خوف نه ٿيو هو ته خود هن جي طبيعت ناساز نه ٿي وڃي. هوءَ هڪ بيحد صابر ماءُ جي ڌيءَ هئي ۽ هن کي ننڍي هوندي کان اها تربيت هئي ته چپن تي اُف به نه آڻي.

اها ته ڳالهه مان ڳالهه نڪتي ۽ مان اڳتي نڪري آيس. اسان جي گهر جي ڀرسان دمينتي ديويءَ جو اسڪول هو. شايد ان جو نالو ميران اسڪول هو ۽ هيڊ ماستر شايد سرڳواسي جهامنداس هوندو هو، جو پوءِ سنڌيءَ جو برک اديب  ٿيو. اتي زرينا جون هندو ساهيڙيون وديا، ڀاڳي، ساوتري، رُڪي، سرلا، ڪوشليا وغيره پڙهنديون هيون. اسڪول ۾ اڪثريت هندو ڇوڪرين جي هئي. مان ان اسڪول جي ٻاهران بيهي ميران ٻائيءَ جا گيت ٻڌندو هوس ۽ هيٺيون گيت بار بار ٻڌي مون کي ياد ٿي ويو هو:

پگ پگ گهنگهرو بانڌي، ميران ناچي ري

ساس ڪهي ميران ڪُل ناسي

ميران ڪهي مئن ڀڳون داسي

ميرا درد نه جاني ڪوءِ.

ترجمو: (وک وک تي گهنگهرو ٻڌي ميران نچي ٿي،

سَسُ چوي ٿي ته ميران ڪُل کي ٻوڙيو آهي،

ميران چوي ٿي ته مان ڀڳوان جي داسي آهيان.،

منهنجو درد ڪوبه نه ٿو ڄاڻي.)

زرينا اتي ست درجا سنڌي پڙهي هئي ۽ فائينل امتحان ۾ پاس ٿي هئي. ورهاڱي کان پوءِ هڪ وڏو طوفان آيو. نه صرف جهونا بڙ پاڙؤن پٽجي اونڌا ٿي ڪِريا، پر نرم نازڪ وليون به اکڙجي ويون. ماڻهو ائين طوفان ۾ اڏامي ويا جيئن سڪل پن اڏامي ويندا آهن. هوا جا گهوگهاٽ ٿي رهيا هئا ۽ پکي آکيرا ڇڏي اڏامي ويا ها. رڳو چمڙا غارن ۾ اونڌا لڙڪيا پيا هئا.

وچ ۾ قطع ڪلامي ٿي وئي. مان ميران جي گيت ”ميرا درد نه جاني ڪوءِ“ جي ڳالهه ڪري رهيو هوس. جڏهن مان ڪاليج ۾ آيس ته منهنجي هندي ـــ اردو گيت ۾ دلچسپي وڌي وئي. مون کي ميراجيءَ جا گيت ڏاڍا وڻيا. هن جي وديا پتيءَ ۽ چندي داس جا ترجما ان وقت اردو رسالي ’ادبي دنيا‘ ۾ ڇپبا ها، جي پوءِ هن جي ڪتاب ’ديس ديس ڪي نظمين‘ ۾ ڇپيا. اردو ۾ گيت جو پيارو سرجڻهار تنوير نقوي، منهنجي دوست رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو گهرو دوست هو. تنوير جڏهن لاهور ۾ عشق ۾ شڪست کاڌي هئي، جنهن جو سجاد ظهير پنهنجي مشهور ڪتاب ’روشنائي‘ ۾ به اشارتاً ذڪر ڪيو آهي، تڏهن هن ماتليءَ ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ وٽ اچي پناهه ورتي هئي. رئيس ساري رات محفل ۾ شراب پيئندو هو ۽ تنوير نقويءَ جا گيت ڳائيندو هو ۽ دف تي ايتري زور سان ٿاڦ هڻندو هو، جو آسمان ۾ ستارا ڇرڪي ويندا ها ۽ پکي وڻن تي جاڳي پوندا ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com