سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :22

مٿي ذڪر ڪيل محمد ابراهيم خليل، رشيد احمد لاشاري ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به هن جي ٽولي ۾ هئا، اهي سڀ گذاري چڪا آهن. مون هنن کي معاف ڪيو آهي. شل خدا کين جنت ۾ جاءِ ڏئي.

هُو منهنجو دوست ظهور نظر آهي، جو هڪ ڀيري منهنجي آفيس ۾ هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي ساڻ وٺي آيو ۽ چيائين: ”وڪيل صاحب! مان توکي هن جي طلاق لاءِ وڪيل ٿو ڪريان. في ٻڌاءِ!“

مون کيس چتائي ڏٺو ۽ چيو: ”ظهور آهين؟“

هن ٽهڪ ڏنو ته منهنجي آفيس جون ڀتيون لڏي ويون. پوءِ ٻڌايائين ته، ”ڊاڪٽرياڻي منهنجي دوست جي زال آهي، جيڪو جوڳ پچائي رهيو آهي ۽ هن جي زال (ڊاڪٽرياڻيءَ ڏانهن اشارو ڪندي) مون سان عشق پچائي رهي آهي ۽ مان سندس سرڪاري گهر ۾ رهيو پيو آهيان.“

مون هن کي چيو: ”ڇا هيءَ تنهنجي دوست جي زال آهي؟“

”ان ڪري هن سان پيار لاءِ ٻه سبب آهن. هڪ ته ڏاڍي خوبصورت آهي. ٻيو منهنجي پياري دوست جي زال آهي.“ هن پوءِ ملتانيءَ ۾ ڪيئي نظم ٻڌائي چيو ته: ”تو صحيح چيو هو ته اسان لاءِ اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ جک مارڻ جي برابر آهي. اسان پنهنجي شاعريءَ کي منطقي نتيجي تي فقط مادري زبان ۾ پهچائي ٿا سگهون.“

منهنجو ٻئي ڏينهن تي علي الصبح جو بچل شاهه مياڻيءَ ۾ نيرو پيئڻ جو پروگرام هو ۽ کجين جي باغ ۾ وڃڻا هئاسين. مون هن کي به صلاح ڪئي ته هن يڪدم هائوڪار ڪئي. ٻئي ڏينهن جڏهن اسان باغ ۾ پهتاسون ته اسر ويل تاڙيءَ جو پهريون ڏول کجيءَ مان لاهي مون کي ڏنائون. مون ڏول ظهور نظر ڏانهن وڌايو. هن اڌ ڏول ڳيت ڏئي ڏوگهيو ۽ پوءِ مون ڏانهن وڌايائين. مان باقي پي نه سگهيس ته رشيد ڀٽيءَ پيئڻ لاءِ گهريو ته ظهور نظر هن کي منع ڪئي ۽ هن کي چيائين ته: ”هي ڏول اسان لاءِ علامت آهي، تون ٻئي ڏول مان پي ٿو سگهين.“

مان باقي بچيل تاڙي به پي ويس. اتي مون کي ظهور پاسيرو ڪري چيو ته: ”اها ڊاڪٽرياڻي تاڙيءَ جي هڪ ڏول وانگر آهي، جا منهنجي وڃڻ کان پوءِ تنهنجي اُڃ اجهائڻ چاهي ٿي.“ تاڙيءَ جو اثر هن جي خمار مان ظاهر هو.

مون هن کي جواب ڏنو: ”اسان وٽ چوندا آهن ته انڌن ملتان لڌو هو. پرهاڻي ته ملتان انڌي کي ٿو ڳولي. نه پيارا! مون کي اکيون آهن. مان ڪنهن دوست جي محبوبا لاءِ ڪوڙڪي نه اڏيندو آهيان.“

”ڪوڙڪيءَ جو سوال ناهي.“ هن چيو. ”اها بلبل ته خود تنهنجي پڃري ۾ وڃڻ لاءِ آتي آهي. اياز! ڪي عورتون مردن وانگر تلون مزاج هونديون آهن. انهن کي نئين مرد جي ائين ڇڪ ٿيندي آهي، جيئن اسان کي نئين عورت جي ڇڪ ٿيندي آهي.“

ڪجهه ڏينهن پوءِ مون رشيد کي بار روم ۾ ڪنهن ڳالهه تي چيو: ”ڀٽي وري اهي ئي لاٽون، اهي ئي چگهه.“ هن وڏو ٽهڪ ڏئي چيو: ”نه، استاد، لاٽون اهي ئي آهن، چگهه ڦرندا ٿا وتن.“ رشيد ڀٽي مزاح جي ڪيفيت ۾ شائستگيءَ جون حدون ٽپي ويندو هو. جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي باوجود هن جي گفتگو ۾ ادبي چاشني ضرور هوندي هئي.

ستار پيرزادو جو هي ڪتاب مون وٽ نقل ڪندو آهي، تنهن مون کان رشيد ڀٽيءَ جو مٿيون لطيفو ٻڌي چيو: ”سائين! ڪن جي طبيعت ان ڳالهه جي ابتڙ ٿيندي آهي. ڪنهن ٻروچ پنهنجي پيءُ کي چيو: ”مون کي شادي ڪراءِ، پر ٻه زالون هڪ ئي وقت.“ سندس پيءُ وراڻيس: ”هڪ وقت ۾ هڪڙيءَ سان شادي ڪر ۽ ڪجهه ڏينهن رکي پوءِ ٻيءَ سان شادي ڪجانءِ.“ پٽ پيءُ جي چوڻ کي رد نه ڏنو ۽ هڪ سان شادي ڪيائين. واعدي مطابق ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پيءُ هن کي چيو ته: ”هاڻي ٻي شادي ڪري ٿو سگهين.“ پٽس جواب ڏنو ته: ”جي چڱي بها ملئي ته هيءَ به وڪڻي ڇڏ!“

مون اهو لطيفو ٻڌي ٽهڪ ڏنو ۽ موت جو غبار ڪجهه وقت لاءِ هٽي ويو. ٽهڪ وڄ وانگر ڪڪر ڪارونڀار هٽائي ڇڏيندو آهي.

ظهور نظر ملتان ۾ گذاري ويو. هن جو ملتانيءَ ۾ مجموع ڪلام اڃان شايع نه ٿيو آهي. هن مون کي ٻڌايو هو ته هن چولستان جي خانه بدوش عورت سان شادي ڪئي هئي. اها ڳالهه هن جي رومانوي طبيعت سان ٺهڪي پئي! ظهور نهايت پيارو دوست هو ۽ مون سان ته سنڌي محاوري واريون ڳنڍيون هونديون هيس. جي هو زياده جيئرو رهي ها ته ملتان جو ڏاڍو چڱو شاعر ٿئي ها، پر موت وڏو ڳنڍ ڪَپ آهي ۽ هن جي ڪاروائي وقت ڪنهن کي پتو نه پوندو آهي.

رشيد ڀٽيءَ جي رت ۾ ڪجهه سال پوءِ شگر (Sugar)  جي ايتري کوٽ ٿي وئي جو هو علاج لاءِ ايمبولينس ۾ پاڻ کڻائي جيستائين ڪراچيءَ پهتو، تيستائين گذاري ويو. ان کان اڳ هن منهنجي ڪتاب ’خط، انٽرويو ۽ تقريرون‘ تي راتيون جاڳي هڪ ڊگهو مهاڳ لکيو هو. جنهن کي ڪنهن حد تائين منهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو حصو سمجهڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ان  ۾ رشيد ڀٽيءَ جي آتم ڪٿا زياده آهي. هڪ بيت ٿو ياد اچي، جنهن لاءِ محقق چون ٿا ته ڀٽائيءَ جو نه آهي، ڇو ته ان ۾ اتر جو لهجو آهي، بهرصورت بيت حسب حال آهي:

اڀر چنڊ اسور جا، نکٽ نوراني

پهر رحمتي رات جو، اَٿي اوجاڳا ني

تو جيڏا تو سرتا، تو وٽان ويا نِي،

فاني ڙي فاني، جنهن دنيا سان دوستي.

ان بيت ۾ ’ني‘ لفظ ٺيٺ شڪاپوريءَ ٻوليءَ جو آهي.

مشهور فلسفي شوپنهار چيو آهي: ”هر ڏينهن ننڍي زندگي آهي. ننڊ مان بيداري هڪ نئون جنم آهي. هر نئون صبح هڪ نئين جواني آهي ۽ هر آرام  جي ننڊ ننڍو موت آهي.“ افسوس اُنهيءَ تي جو جوانيءَ ۾ گذاري وڃي.

سکر جا ڪيترائي وڪيل ۽ جج مري ويا آهن. شفيع محمد آخوند ڪشمير جو جڊيشنل ڪمشنر ٿي گذاري ويو. مان هن سان پويون ڀيرو تڏهن مليو هوس، جڏهن هو ميرپورخاص جو سيشن جج هو ۽ مان هن وٽ خون جي ڪيس ۾ بچاءَ جو وڪيل ٿي ويو هوس. مون سان گڏ منهنجو ڪلاس فيلو، مرحوم مير محمد ميمڻ به ڪيس ۾ بچاءَ جو وڪيل هو. رات مون نوابشاهه ۾ مير محمد وٽ گذاري هئي. پر هن مون کي ڪنهن رحمت الله صاحب وٽ رهايو هو، جو سندس دوست هو ۽ پاڻ کي نواب شاهه جو راشدي سڏائيندو هو. هن ناشتو سَهيل پلي ۽ ان جي آنين ۽ مرغيءَ جي بيدن سان ڪرايو هو. گفتگوءَ دوران منهنجي پراڻي ڪلاس فيلو جلباڻيءَ جو هن لاءِ ڪراچيءَ کان فون آيو. جلباڻي ان وقت مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر هو. هن جو فون رکي رحمت الله مون کان پڇيو: ”اوهان ڪڏهن ٿا وزير ٿيو؟“ مون جواب ڏنو: ”مون جهڙا ماڻهو قيد جي سلاخن لاءِ هوندا آهن، اسيمبليءَ جي ڪرسين لاءِ نه هوندا آهن.“

مون کي ان وقت هي بيت ياد آيو:

”بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوهه ۾،

مٿــــــي تن ترار، سدا ساميئڙن جي.“

رحمت الله، پير پاڳاري جو مريد هو. هن کي اهو جواب نه وڻيو. هن يڪدم چيو ته: ”جي اوهان کي سلاخون ئي وڻن ٿيون ته گهر ۾ هڪڙو لاڪ اپ ڇو نه ٿا ٺهرائي ڇڏيو. ڪجهه وقت اوهان ان ۾ گذاريندا ڪريو.“

شفيع محمد آخوند ۽ مير محمد ميمڻ ۽ جلباڻي گذاري ويا آهن. ٽئي منهنجا دوست هئا. رحمت الله جي باري ۾ مون کي ڪائي خبر ناهي. هن سان ٻهير ملاقات نه ٿي آهي. هن جي صلاح صحيح هئي. اڄ منهنجي فلئٽ جي ٻاهرين در ۾ تحفظ لاءِ سلاخون آهن ۽ منهنجي فلئٽ لاڪ اپ وانگر لڳي ٿي.

سکر ۾ ڪيترائي سيشن جج آيا ۽ ويا. انهن جي ڄاڻ فقط تعزيرات پاڪستان، ضابطهء فوجداري، قانونِ شهادت ۽ ڪجهه لا (Law)  رپورٽرن جو مطالعو هو ۽ مان انهن جي ياد تي وقت جو زيان ڪرڻ نه ٿو چاهيان.

ها، حيدر شاهه منهنجو ڪلاس فيلو هو ۽ هن جو مذاهب جو تقابلي مطالعو گهرو هو ۽ هن جا زندگي ۽ جنسيات تي نظريا ڪافي دلچسپ ها ۽ قلندر بخش عمراڻي به دلچسپ جج هو، جنهن کي سنڌ جي کنڊرات ۽ پراڻن فونو گرامن ۽ رڪارڊن ۾ دلچسپي آهي. مون هن کي هڪ پراڻو فونو گرام ۽ پراڻا سنڌي رڪارڊ ڏنا ها. هن وقت هو سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري آهي. ڪجهه وقت اڳ عبدالحميد ابڙي سان گڏجي منهنجي گهر آيو هو. اها کنڊرات ۽ پراڻن فونو گرامن ۽ ريڪارڊن سان محبت ڪهڙي نفسيات جي نشاني آهي؟ ڇا هُو هر شيءِ جي زوال پذيريءَ جو مون کان به وڌيڪ شعور رکي ٿو؟ يا کنڊر ڪنهن ازلي موسيقي سان گونجن ٿا.

عبدالحميد ابڙي کي شاهه لطيف جي شاعريءَ سان عشق آهي. هن مون کي ڀٽائيءَ جي ٻين شعرن سان گڏ هڪ عجيب شعر ٻڌايو:

تـــــــــو دريا هم چڙيا، چُونچ ڀر مين ني پيا،

تم سي قطره ڪم نه هوا، ايڪ غريب جيا.

ابڙي صاحب ٻڌايو هو ته اهو بيت، ڀٽائيءَ جي رسالي جي ’سُر سريراڳ هندي‘ ۾ آهي. مان ڀانيان ٿو ته اهو بيت ڀٽائيءَ جو نه آهي. ابڙو صاحب، ’ايڪ غريب جيا‘ اهڙي مٺڙي آواز ۾ چئي رهيو هو، ڄڻ ڪوئي پرندو درياهه مان پاڻي پي ٻولي رهيو هجي.

عبدالحميد ابڙو 30 جنوري 1996ع تي پاڻ سان گڏ هڪ شاهه لطيف جو راڳائي ساڻ وٺي، ملائڻ آيو هو. اُن فقير راڳائيءَ جو نالو فقير گل محمد خاصخيلي هو. هو ڀٽ شاهه تي ڳائيندڙ ن فقيرن جي ستن ٽولن مان هڪ ٽولي جو سربراهه آهي. سندس ٽولو اڱاري رات ڳائيندو آهي. هن کان مون ڀٽائيءَ جي راڳ بابت ڪجهه معلومات ورتي ۽ کانئس ڀٽائيءَ جو راڳ به سُر سان ڳارايو. هن ٻڌايو ته: ”هڪ فقير اڳواڻي ڪندو آهي. ڪجهه فقير ان اڳواڻ جي کاٻي ۽ ڪجهه ساڄي پاسي ويهندا آهن. اهي کاٻڙيا ۽ ساڄڙيا راڳائي سڏبا آهن. اڳواڻي ڪندڙ فقير ڀٽائيءَ جي علامت طور ڄاتو ويندو آهي. اڳواڻ پهرين تند وڄائيندو ۽ پوءِ بيت ڏيندو آهي. بيت پورو ڪري پوءِ هونگارو ڏيندو آهي. هونگارو ختم ٿيڻ کان اڳ ساڄي پاسي وارو سڏ وجهندو. اڳواڻ پوءِ بيت جي پهرين مصرع ڏسيندو. ان کي ڏسڻ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح اڳواڻ بيت جو هر مصرع ڏسيندو ۽ ساڄڙيو اها ڳائيندو. اهڙيءَ طرح هڪ بيت پورو ٿيڻ کان پوءِ ساڄڙيو هونگارو ڏيندو ته ٻيو ساڄڙيو سڏ وجهندو ۽ اڳواڻ بيت ڏسيندو ويندو. اهڙيءَ طرح داستان هلندو رهندو، جڏهن آخري کاٻڙيو هونگارو ڏيندو. تڏهن اڳواڻ وائي کڻندو. جنهن ۾ سڀئي راڳائي گڏجي ڳائيندا. هڪڙا راڳائي سنهي آواز ۾ ڳائيندا ۽ ٻيا ٿلهي آواز ۾ ڳائيندا، جنهن کي گرام چئبو آهي. جيڪي راڳائي سنهي آواز ۾ ڳائيندا آهن، تن کي سڏڙيا ۽ جيڪي ٿلهي آواز ۾ ڳائيندا آهن، انهن کي گرامڙيا سڏيندا آهن.

وايون چئن اندازن ۾ ڳائبيون آهن. هڪڙيون ڏيڍيون، ٻيون دوتاريون، ٽيون ڇيڙون ۽ چوٿيون ذڪر جون وائيون، ڏيڍين ۽ ٻٽين وائين ڳائڻ ۾ دنبوري تي، سرن جي وضاحت لاءِ ڌڪ به مختلف لڳائيندا آهن. ڇيڙ ۾ سڀ گڏجي ڳائيندا آهن. ڇيڙ ڳائڻ مهل اڳواڻ جو زور ٻول چوڻ تي هوندو آهي. جڏهن ته پاسڙيا مختلف سُرن جي بيهڪ وٽ هن سان گڏبا آهن.

ذڪر واريءَ وائيءَ ۾ ذڪر جا ٻه ٻول به پڙهبا آهن. اهي ’الله‘ لفظ کي گرام ۾ آلاپيندا رهندا آهن ۽ اڳواڻ وائيءَ جا ٻول پڙهندو رهندو آهي.

راڳائي فقير هميشه ڀٽائيءَ جي روضي جي دروازي ڏانهن منهن ڪري ويهي ڳائيندا آهن، جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڀٽائي اسان سان ڳالهائي ٿو. سُر سهڻيءَ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ، اڳواڻ دعا گهرندو. ٻيهر صبح جي ٻانگ ۽ نماز جي وچ تي مارئي ڳائڻ کان پوءِ ٻي دعا گهرندا آهن.“

سکر جا ڪيئي وڪيل ساڳي ماني ساڳ سان هوندا هئا، پر ڪن کي قانون جي ڄاڻ کان سواءِ پنهنجي انفراديت ڪا نه هئي. حسن حميدي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، شمس الدين شاهه ۽ فتح الله عثمانيءَ جو ذڪر مون اڳ ئي ڪيو آهي. اڪثر وڪيل انهن ججن جي چمچاگيري ڪندا ها، جن جا طباخ اڳ ئي خالي هوندا ها. هتي مان صرف شمس الدين شاهه جو ذڪر دهرايان ٿو. هن ۾ بياموز تا پير شوي واري ڪيفيت هئي. هن جي طنز ۽ مزاح به دل ڪش هو. مون کان ول ڊيورانٽ جي تهذيب تي ڏهن جلدن مان، اسلامي تهذيب جو هڪ پورو جلد ۽ راڌا ڪرشن جا هندوستاني فلسفي تي ڪتاب ورتا هئائين. جي مون هن جي وفات کان پوءِ هن جي پونيئرن کان نه گهريا ها. هو راڌا ڪرشن جو وڏو مداح هو. پر ساڳئي وقت جنرل ضياءَ جي مجلس شوريٰ جو ميمبر به هو. هڪ ڀيري مون هن کان پڇيو: ”شاهه صاحب! اها مجلس شوريٰ آهي يا مجلس عاشوريٰ؟“ هن ٽهڪ ڏئي چيو: ”ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“

طنز ومزاح جو حِس سکر جي وڪيل مرحوم ممتاز ڀٽيءَ کي به هوندو هو. هڪ ڀيري سکر جي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر غلام قادر قيس، سب جج حامد ميمڻ جي دعوت ڪئي هئي. ممتاز ڀٽيءَ کان سواءِ ٻيا سڀ بيئر پي رهيا ها. ڪجهه وقت کان پوءِ مان باٿ روم ۾ پيشاب ڪرڻ ويس. مون کان ڪجهه دير کان پوءِ ٻيو ڪوئي به ويو. ممتاز مون کان ڪن ۾ پڇيو: ”اياز! اوهان تي بيئر پي پيشاب ڪرڻ وڃو ٿا. مون ته فقط پاڻي پيتو آهي. مان به وڃي سگهان ٿو؟“

غلام قادر قيس سکر جي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر سان به منهنجون ڪافي رنگين شامون گذريون هيون. هو مون کان پنهنجا نظم درست ڪرائيندو هو،  پر پوءِ به چوندو هو: ’هر فن ۾ هون مين طاق، مجهي کيا نهين آتا.‘

مون جڏهن نئين ڪار ورتي هئي، تڏهن سکر ۾ وڪيلن مان فقط غلام قادر پراڻي،  کي گٺل پيٺل ڪار هئي، جا ڌڪي تي هلندي هئي. جڏهن اها هلندي هئي ته پاڙي جا ڇوڪرا نعرا هڻندا هئا، ”قادر قلندر مست،“ هڪ رات زوردار بارش پئجي رهي هئي ۽ وڄ ٽڙڪاٽ ٿي ڪيا. مان قيس جي گهر ويٺو هوس ۽ هن سان وسڪي پي رهيو هوس ته اوچتو هن کي پنهنجو گهر نجد جي صحرا وانگي لڳو ۽ ڪائي ليليٰ کيس ياد آئي. هن پڇيو ته ”تنهنجي ڪار هيٺ بيٺي آهي؟“ مون جواب ڏنو ته، ”ها“. اهو ٻڌي هن چيو ته ”هل ته هلون.“ اسان بئراج جي ليفٽ بئنڪ ڏئي روهڙيءَ ۾ آياسي، ڪار جو اسڪرين بارش ۾ اونداهو ٿي ويو هو ۽ وائيپر ائين هلي رهيا هئاجيئن ڪنهن ڪروبيءَ جا پر جنبش ۾ هجن. سنڌو گجگاٽ ڪري منهنجي روح سان طبلي جي ٿاڦ رکي رهي هئي. روهڙيءَ ۾ ڪريما جي گهر ڀرسان ڪار جو ڦيٿو ترڪِي ويو ۽ ناليءَ ۾ لهي ويو. نتيجو اهو ٿيو جو ڪار جو هڪ ڦيٿو ناليءَ هيٺ ۽ هڪ مٿي ٿي ويو. الاجي ڇو اُن وقت قيس فارسيءَ جو هڪ شعر پڙهيو:

از هــيبت شــــاهِ جهــــان لــــــــرزد زمين وآسمان

انگلشتِ حيرت در دهان نيمي درون نيمي برون.

قيس جي عمر ان وقت پنجاهه کان مٿي هئي. هو جيئن ڪنهن ڪريما جي گهر ۾ گهڙيو، تيئن کٽ تي کيس ننڊ اچي وئي. ان رات جي تجربي منهنجي ڪافي زندگيءَ کي پريشان ڪيو ۽ بار بار منهنجي زندگيءَ ۾ ائين آئي جيئن ڪاريهر ٻر مان نڪري ايندو آهي.

اهي سڀئي جج ۽ وڪيل اُتي پهچي ويا آهن، جتان ڪوئي نه موٽيو آهي. ڪهڙي ڪُن ۾ ڦيراٽيون ٿا کائن، ڪيئن چئجي؟ شرف الدين ادا کي به مزاح جو حِس هو. هُو ثناءُ الله قريشي وڪيل سان ڪڪڙ ويڙهائيندو هو ۽ بار روم ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان موضوع تي گفتگو ڪندا ها. شرف الدين ادا جو سگريٽ ڏاڍا پيئندو هو، اُهو اي. پي. پي. غوث بخش وانگر گلي جي ڪئنسر ۾ گذاري ويو. تنهن کي ايتري ڀرپور طنز هئي جو جڏهن منهنجي جونيئر صادق ڀٽيءَ (هن وقت ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد آهي) کان، مون کي هن جي موت جي خبر پئي، تڏهن يگانه چنگيزيءَ جو هيٺيون شعر بي اختيار ياد آيو:

گنــاههِ زنـــــدهه دل کهـــئــي يــا دل آزاري

کسي په هنس لئي اتنا که پهر هنسا نه گيا

ترجمو: (ان کي زندهه دليءَ جو گناهه چئو يا دل آزاري چئو،

ڪنهن تي ايترو کلياسين جو وري کلي نه سگهياسين.)

ثناءُ الله وڪيل ڪڪڙن جي ويڙهه ڏسڻ لاءِ پنهنجي ٻنيءَ تي منهنجي دعوت ڪئي هئي ۽ ڳوٺ جا چڱا مڙس به گهرايا هئائين، جن سان ڪافي رهاڻ ٿي هئي. جڏهن ڪڪڙ وڙهي رتوڇاڻ ٿيا ته مون ثناءُ الله کي چيو: ”هن ويڙهه کي ڏسڻ جو ته فقط هيمنگ وي کي حق آهي.“

”ڪنهن کي؟“ ثناءُ الله پڇيو.

مون وضاحت نه ڪئي ڇو ته ڄاتم ٿي ته ثناءُ الله، هيمنگ وي جو نالو به نه ٻڌو هوندو. ڪجهه وقت اڳ ثناءُ الله کي ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ گولي هڻي ماري وڌو ۽ هن جي ٻنيءَ تي ڪُڪڙن جي ويڙهه هميشه لاءِ بند ٿي وئي. مون ۾ اي. ڪي. بروهيءَ وانگر ڳرائي (High Brow Attitude)  نه هوندي هئي ۽ وڪالت مون کي عوامي ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. ها، شڪاپور  جو وڪيل واجد علي شيخ نهايت دلچسپ انسان هو. وڪالت به ڪندو هو ۽ سندرو ٻڌي سائينءَ جي اوتاري ۾ ملاکڙي ۾ ملهه به وڙهندو هو. جيئن مون اڳي چيو آهي ته هن علي ڳڙهه مان بي. اي، ايل. ايل. بي ڪئي هئي ۽ مون کي اردو ادب تي ڪافي ڪتاب ڏنا هئائين. هڪ ڀيري هو مسجد منزل گاهه تحريڪ جي ابتدا شڪاپور مان شروع ڪري رهيو هو ۽ جماڻي هال ۾ پنهنجي زوردار تقرير علامه اقبال جي هيٺين شعر سان ڀرپور ڪئي هيائين:

بي خطر کود پڙا آتــــش نـــــــمرود مين عشق

عــقــل هــي مــحــــــو تماشائي لب بام ابهي.

(عشق نمرود جي آتش ۾ بنا خطري ٽپي پيو،

عقل اڃان تائين ڪٽهڙي کان تماشو ڏسي رهيو آهي.)

ڪيئي سال پوءِ اسان جيڪب آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، گڏ موٽي رهيا هئاسين ته مون هن کي انهيءَ تقرير جو اهو آخري شعر ياد ڏياري پڇيو ته: ”سائين! آتش نمرود، گلزار ابراهيمي ٿي يا نه؟“

هن چيو: ”بابا سچ پڇين ته....“

مان وڌيڪ لکي نه ٿو سگهان، ڇو ته اهو جواب واهولي وانگر تاريخ تي مٿي وارو ڌڪ هيو. اهڙو ڌڪ جو ميڪسيڪو ۾ ٽراٽسڪيءَ کي اسٽالن جي ايجنٽ به نه هنيو هو. اهو جواب منهنجي شاعريءَ جي صداقت جي بهترين تصديق آهي. جيڪڏهن موقعو مليو ته اهو سارو جواب لکندس.

ڪيترائي ٻيا وڪيل وڙا، منشي مڙا ڪُت خلق ها. سواءِ شڪاپور جي محمد سچل وڪيل جي، جنهن جي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي. هُو ڪافي ذهين هو ۽ تازو لنڊن مان باءِ باس ڪرائي آيو هو ۽ مون سان هاءِ ڪورٽ ۾ مليو هو. هن چيو ته: ”هاڻي وڪالت گهٽ ڪري ڇڏي اٿم ۽ رحمان علي نقويءَ وانگر نه ٿو مرڻ چاهيان ته فائيل ڪڇ ۾ هجن ۽ مان هاءِ ڪورٽ جي ورانڊي ۾ ڦهڪو ڏئي ڪِران. موت ڪو اطلاع ڏئي يا وزٽنگ ڪارڊ موڪلي ته نه ايندو آهي. پوءِ هن حافظ جي هڪ سٽ ٻڌائي:

”اين دفتر بي معنيٰ غرق مئي ناب اولا.“

(هي بي معنيٰ دفتر خالص شراب ۾ غرق هجي ته بهتر ٿيندو.)

اها سِٽ منهنجي دل ۾ تير وانگر کپي وئي. مان مسٽر جسٽس تنزيل الرحمان وٽ اپيل هلائي رهيو هوس. ٽيئن ڏينهن تي مون اها ختم ڪئي ته بيمار ٿي پيس ۽ وڪالت کي خيرآباد چيم. ’اين دفتر بي معنيٰ.....‘ واري سٽ پڙهي آفيس ڇڏيم، جا نيٺ منهنجو پٽ انيس وڪڻي آيو. باقي منهنجي پراڻي سکر ۾ لکها رپين جي جاءِ ويران پئي آهي، جنهن ڏانهن مون اڃان تائين ڌيان نه ڌنو آهي، ڇو ته ان جي چوڌاري غليظ ترين دهشتگرد رهن ٿا، جن کي مان وقت ناوقت ڪم به ايندو رهيو هوس. هو طوطي چشم آهن ۽ هن وقت درندگيءَ جي ايتري چڪر ۾ آهن جو مرڪزي وزير خورشيد شاهه جي مامي ڊاڪٽر اعواڻ کي منهنجي گهر کان ڏهه قدم پري گولي هڻي ماريو هئائون. اهي سڀ چڱا ماڻهو هوندا هئا. انهن تي سوچي مون کي هڪ فلم ياد ايندي آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته شهر ۾ اهڙي هوا گهلي جو سڀ ڪُتا ڇتا ٿي پيا ۽ پنهنجن مالڪن کي به کائڻ لڳا. ڏسجي ان ديوانگيءَ جو اهڙو دؤر ڪيستائين ٿو هلي. في الحال ته مان ڪنهن کي به سکر موڪلڻ نه ٿو چاهيان. جيڪي لٺ ڏسي لرزي ويندا ها، شل نه انهن جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف اچي! هو ڇا جو بدلو وٺي رهيا آهن، ڪهڙو ڪيتو ڏيندا، ان جو فيصلو اڃان تاريخ کي ڪرڻو آهي. سواءِ حسن حميديءَ ۽ فتح الله عثمانيءَ جي، هو جيڪڏهن آئينو ڏسن ها ته اهو به ٽڙڪي پوي ها.

شڪاپور ۾ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ شيخن ۾ منهنجو هڪ ڪلاس فيلو مهتاب به هو، جنهن کي اسان بِجو سڏيندا هئاسين. هو ڄڻ ته هڪ سرئيلسٽ (Surrealist)  شاعر هو.

هڪ ڀيري ڪنهن شخص کي اکين ۾ ڦلا پئجي ويا ها. هن کي ڏسي چيائينس ته: ”اکيون ته ائين اٿئي ڄڻ حوض ۾ کانگهارا پيا آهن!“ ٻئي ڀيري اسان جي هڪ مائٽ جو سي. آءِ. ڊي جو ڪانسٽيبل هو، چيائين: ”ڪن اٿي يا شوالي ۾ ڏيئا ٿا ٻرن!“ ٽيئن ڀيري هڪ شخص نم جي ٿڙ سان ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ته هن کي چيائين: ”ويٺو ته ائين آهين ڄڻ مڪان ۾ ٻهارو رکيو آهي!“

باقي ٻيا کائيندا پيئندا ۽ مرندا ها ۽ مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندا ها. هنن جي ٽيجهي تي اسان پلاؤ جي ديگ رڌيندا هئاسين. هرڪو پنهنجي حصو ٿال ۾ کڻي ويندو هو. عيد جي ڏينهن هنن جي قبرن تي ويندا هئاسين. قل پڙهي قبرن تي پٽهي وجهندا هئاسون. جنهن جي کڙڪي تي منڪر نڪير جي حساب ڪتاب ۾ خلل پوندو هو.

جان ڪينيڊيءَ هڪ ڀيري چيو هو ته: ”موت خوش قسمتيءَ کان وانجهي آهي. ڌرتي هر شيءِ موٽائي ٿي وٺي، جيڪا اُن ڏني آهي.“ اها ڳالهه ڪينيڊي  ڀائرن، اندرا گانڌي، راجيو گانڌي، مجيب الرحمان، لياقت علي ۽ شهيد ڀٽي جي باري ۾ به ايتري صحيح آهي، جيتري انهن انسانن جي باري ۾ جي چچ ها جن جا لباس ليڙون ليڙون هوندا ها ۽ جن جي چڳن ۾ چيڙهه هوندو هو. موت مٽيءَ ۾ ليٽائي ڪنهن جا مينڊا نه ڌوئندو آهي. هر شيءِ ڪنهن ڪُن ۾ ڦيراٽيون کائي ٻڏي ويندي آهي.

فراق گور کپوريءَ جو شعر آهي:

اب ياد رفتگان کي بهي همت نهين رهي

يارون ني کتني دُور بسائي هين بستيـان

(هاڻي ته گذري ويلن جي ياد جي همت نه رهي آهي

يارن وستيون ڪيڏو درو وسايون آهن!)

مان اهي شب گرد هٽائي، ياسمين کي مٿي تي هٿ ٿو رکان، جا مڙس سان گڏ عمري تي وئي هئي ۽ پنهنجن ڌيئرن بُشن ۽ ڪنول سان گڏجي اسان سان ملڻ آئي آهي. هُن ماءُ کي آب زم زم سان ڀريل ٿرماس ۽ رمضان لاءِ مديني مان آندل تسبيح، مصلو ۽ کارڪون ڏنيون. زرينا جا هڪ مذهبي عورت آهي، اهي وٺي ايترو خوش ٿي ڄڻ ته کيس قارون جو خزانو ملي ويو هجي. هوءَ ڌيءُ کان جدي، مڪي ۽ مديني جون ڳالهيون ٻڌي رهي آهي، جي کٽي نه ٿي کٽيون. انيس جو هن وقت جدي ۾ پي. آءِ. اي جو مئنيجر آهي، سندن ڏاڍو خيال رکيو هو. هُو پوءِ دبئي مان ٿيندا پاڪستان پهتا هئا.

زرينا، انيس کي اڳ ئي چئي ڇڏيو آهي ته ٻئي سال هن کي حج ڪرائي.

نٽشي چيو آهي ته: ”مغرب ۾ ٻه منشيات آهن. الڪوهل ۽ عيسائيت.“ هو نيٺ ديوانگيءَ ۾ مري ويو. مون سوچيو آهي ته جي منهنجي ۽ خدا جي وچ ۾ جيڪڏهن بقول علامه اقبال ’دين ملا في سبيل الله فساد‘ نه اچي ها ته منهنجي ساري عمر يقين ڪامل ۾ گذري ها. ملان عمامو آهي، عصا آهي ۽ اعصاب شڪني آهي. مون کي هر ملان کي ڏسي خوف ٿيو آهي ته جا شمع منهنجي هٿ ۾ آهي هڪ ڦوڪ ڏئي وسائي نه ڇڏي، نه ته مون زرينا جي بيماري ۽ صحتيابي ڏسي محسوس ڪيو آهي ته خدا جو نانءُ بهترين طبيب آهي ۽ اهو ڪنهن نيم خوانده ماڻهوءَ جي منهن تي به اچي ٿو ته هو ابي سينا ۽ ابن عربي کان وڌيڪ ڏاهو آهي. ڀٽائي چواڻي:

”تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن.“

مون کي موت جا حيرت انگريز واقعا لکڻ رهجي ويا آهن. مان ۽ زرينا، واديء ڪاغان ڏسڻ ٿي وياسون ته منهنجي دوست حسن ڀٽي (ڀانيان ٿو ته هو هن وقت مرڪزي حڪومت ۾ ڪو سيڪريٽري آهي.) پبلڪ هاءِ اسڪول ائبٽ آباد جي چيئرمين ڪرنل رحمان کي فون ڪري چيو هو ته هو ائبٽ آباد ۾ اسڪول جي ريسٽ هائوس ۾ اسان جي رهائش جو انتظام ڪري. مان ان سار سفر متعلق پوءِ لکندس. هتي في الحال اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڪرنل رحمان جي جنرل ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب سان مائٽي هئي ۽ ايئر مارشل اصغر خان، تحريڪ استقلال جي سربراهه سان دوستي هئي. هن اسان جي منجهند جي ماني ريسٽ هائوس ۾ ڪرائي. جتي مانيءَ تي اسان سان هڪ پنجابي جوڙو به موجود هو، جي به اسان وانگر مهمان ها ۽ ڪچي ادرڪ رڙڪي رهيا هئا. جڏهن اسان ماني پئي کاڌي تڏهن ڪرنل رحمان مون کي ۽ منهنجي زال کي پنهنجي گهر چاءِ جي دعوت ڏني. اسان شام جو هن جي گاڏيءَ ۾ هن جي جاءِ تي وياسين، جتان سڄي ائبٽ آباد نظر اچي رهي هئي ۽ ديوار جا وڻ ائين ٿي لڳا ڄڻ آسمان ڌرتيءَ تي تنبو لڳايا هجن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com