سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-30

 

صفحو : 39

حرره محمد معصوم بکري بن سيد صفائي المتخلص بنامي(2).

هن ڪتبي مان ظاهر آهي ته مير معصوم کي اڪبر اسير کان آگري پهچي، پوءِ آگري مان ايران ڏانهن اماڻيو، انهيءَ مسجد تي ٻيو 1014 هه جو ڪتبو آهي، جيڪو تاريخي لحاظ سان نهايت اهم آهي ۽ اڳتي اچي رهيو آهي.

*      *      *

ڪتبو- 40

سنه 1010 هه

بيانه خواجه باولي

بيانا شهر ۾ جنوب کان خواجه باولي وٽ هڪ گنبذ آهي، جنهن جي ٿنڀ تي هي ڪتبو آهي:

بتاريخ سنه 1010 حضرت شاهنشاه خلافت پناه اکبر بادشاه بعد از دکن و خانديس ازين جا عبور فرمودند.

العبد محمد معصوم نامي البکري(1)

*      *      *

ڪتبو- 41

سنه 1010 هه

جيپور ميوزم

هي ڪتبو نرانه ڪلان جي تلاءَ تي 1014هه واري ڪتبي سان گڏ لڳل هو، جيڪو پوءِ جيپور ميوزم ۾ منتقل ڪيو ويو:

طاعته الله ...

جام از مي عيش گلخکام افتاده

(بنگرز) حريفان مي و جام (افتاده)

مستانه بخواب هر کدام افتاده

قائله محمد معصوم

سنه 1010(2)

*      *      *

ڪتبو- 42

سنه 1010 هه

خانقاه حميد الدين ناگور

مير معصوم جو هيٺيون ڪتبو شيخ حميدالدين ناگوري ءَ جي خانقاه جي دروازي تي سڄي هٿ تي لڳل آهي. جنهن ۾ ايران جي تقرريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي:

دوجهان در نظر ديده وران مختصر ست

        هر که برست ازوچشم طمع ديده ور ست

تاتو بد عهد ره مهر و وفا بربستي

        نامي دلشده را روي بديوار و در ست

بعد از فتح دکن حضرت اعلا  بنده را بحجابت عراق رخصت فرمودند

العبد محمد معصوم بکري سنه 1010(1).

*      *      *

ڪتبو- 43

سنه 1010 هه

کٽو

هيءُ ڪتبو ڊاڪٽر عبدالله چغتائي ڇپيو آهي. ڪتبو شيخ احمد کٽو (متوفي 849هه) جي خانقاه تي لڳل آهي:

1- گويند بود فاتحه را فايحهء

        زان فاتحه بخش نکهت رايحهء

2- بر روح گذشتگان فرست اخلاصي

        محتاج دعائيم بخوان فاتحهء

3- بندگان حضرت... محمد معصوم بکري را بحجابت عراق مرخص نمودند 1010هه(2).

*      *      *

ڪتبو- 44

سنه 1011 هه

شاهه جو ڳوٺ نئو ديرو

نؤديري جي ڀرسان شاهه جو ڳوٺ، هڪ ننڍو ڳوٺ ساداتن جو آهي، اتي جي جامع مسجد ۾ مير معصوم جي ڪتبي ۾ هڪ وڏو پٿر پيل آهي، جيڪو اڌ کان ڀڳل آهي، چيو وڃي ٿو ته اهو ڪنهن کوهه تي پيل هو. جتان کڻي آڻي اتي رکيو ويو. 1956ع ۾ راقم انهيءَ پٿر تان هيٺينءَ طرح اتارو ڪيو:

ڪتبي جي ڪناري تي

(1) ... و آخرت و گشتي او تقوي و مردمان همه مسافر

(2) ... پي که بعد از تو چون خواهد بود... که پس از مرگ ديگران چونست

هيءُ عبارت پٿر جي سيني تي آهي:

(3) نامي ابن سيد صفائي ترمذي... 1011 هه

(4) بسرم چو باد و باران ذره

(5) دهد ز خاکساران ذره

(6) ره ذره ام که نايم بشمار

(7) ره ذره هزاران ذره

(8) وقع هذه العمارت في

(9) عشر وا لف و هزار و يازده.

پوري اڌ کان پٿر ڀڳل آهي.

*      *      *

ڪتبو- 45

سنه 1012 هه

مقبرو احمد ڄام زنده پير

تائباد کان مشهد واري رستي تي ”تربت جام“ نالي ڳوٺ آهي، جتي مشهور  صوفي بزرگ احمد ڄام زنده پيل دفن ٿيل آهن. قنڌار پاڪستان کان ايران (مشهد) پهچڻ جو رستو هيو. همايون جڏهن ڀڳو ته انهيءَ رستي کان ويو ۽ اتي زيارت لاءِ ترسيو. مير معصوم به ايران ويندي هرات کان تائباد ۽ اتان تربت جام مان ٿيندو. ايران ۾ داخل ٿيو، مير تربت ڪٽهڙي تي حمد جام زنده پيل جي تاريخ وفات شعر ۾ تصنيف ڪري، اڪيري، جيڪا هيٺينءَ ريت آهي. راقم الحروف ٻه دفعا انهيءَ ڪتبي کي ڏسڻ لاءِ ويو، هڪ دفع ومشهد کان تربت جام(1). ٻيو دفعو مشهد کان تائباد ويندي واٽ تي انهيءَ مقبري تي دعا گهري.

اولهائين ٻاهين ڪٽهڙي جي مٿئين سري تي ڪتبو اڪريل آهي:

(1)     مرشد نامي شيخ گرامي

        سال وفاتش گر تو بجوي

احمد جامي عمم بره

احمد جامي قدس سره

 (2) 536

 (3)حرره محمد معصوم

 (4) بکري نامي

(5) 1012.

تاريخ نهايت قابليت سان ڪڍي ويئي آهي .

*      *      *

ڪتبو- 46

سنه 1013 هه

اصفهان مسجد علي

مسجد علي اصفهان ۾ سلجوقين جي ڏينهن جي آهي. داخلي دروازي جي سامهون خانقاه هارون ولايت آهي. انهيءَ گنبذ جي پٺ ۾ ڪنهن زماني ۾ مهمان سراءِ هئي، جا هاڻي ڊهي ويئي آهي. مسجد جي مشرقي ڪنڊ ۾ نهايت خوبصورت منارو آهي. انهيءَ مسجد جي ايوان تي ديوار ۾ مير معصوم ڪتبو هنيو . ڪتبي جي ماپ 95x16 سينٽي ميٽر آهي.

(1) ني به تمناي تو از خود تهي

ناله ز سو داي تو در فربهي

(از معدن الافکار)

(2) بحر ز گرداب شده کاسه گر

تا نمي از جود تو يابد مگر

 (3) مهر که عالم همه محتاج اوست

خال جمال شب معراج اوست

        (معراج)

(4) نالهء من شعلهء دوزخ ضمير

دانه اشکم شر ر دير مير

(حسب حال)

(5) چر خيست اگرچه تيز رفتار

بر جاست همان چو گا و عصار

(توحيد)

(6) ميگردد و گر دنش به بندست

از مهر ومهش دو چشم بندست

(7) حمدش چو قلم شروع کرده

صد سجده بيک رکوع کرده

(8) تاز تو سايه بر کنار شده

آفتاب از تو سايه دار شده

(حسن و ناز)

(9) حديث لعل آن بر چشمهء نوش

شده پيرايهء لب چون در گوش

(10) بزير سايه سر و ار ستادي

بان سوي دگر سايه فتادي

(اکبر نامه)

(11) بگل چينيء آن گلستان شدم

سراپا صبا وار دامان شدم

(در جنگ)

(12) سرو دست ببريده افتاده پست

چو گر زي که يابد ز دسته شکست

هيءَ عبارت پٿر جي پاسن تي لکيل آهي:

(13)در حين که از هند بر سالت نزد شاه عالپناه فلک بارگاه شاه عباس آمده بود از ايران در سنه 1013 هه مرخص شده

(14) باينجا رسيد اين چند بيت از خمسه، که در راه باتمام رسيده بود، ثبت نمود. قايله و راقمه محمد معصوم الحسيني النامي(1).

*      *      *

ڪتبو- 47

سنه 1013 هه

گوشت بلوچستان ايران

ايران بلوچستان ۾ خاش ۽ سراوان جي وچ تي هڪ ڳوٺ گوشت نالي آهي. مير معصوم پنهنجي ايران واري سفر ۾ اتان لنگهندي پٿر هنيو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي، ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ هڪ تبرڪ جي حيثيت رکي ٿو. پٿر جي ماپ 55x30 سينٽي ميٽر آهي. پٿر تي قربانيءَ جا ٻڪرا ڪهي چاڙهيندا آهن، خيراتون ڪندا آهن ۽ باسون باسيندا آهن. ڳوٺ سرسبز ۽ شاداب آهي.

(1) شه دين و دنيا علي ولي

(2) وصي وفي جانشين نبي

(3) قد مهاس بر بازوي شد سوار

(4) کزو بازوي شرع شد استوار

(5) قايله نواب امير محمد معصوم

(6) الحسيني النامي تخلصاً والبکري مسکناً

پٿر جي مٿئين ڪناري تي:

(7) در وقتي که از هند برسالت ايران آمده بود

(8) اينجا رسيد 1013هه هزار و سيزده(1)

*      *      *

ڪتبو- 48

سنه 1013هه

ڪو هڪ – بلوچستان، ايران

سراوان (بلوچستان، ايران) کان 110 ڪلو ميٽر مشرق طرف پاڪستان سرحد جي ويجهو ڪوهڪ نالي ڳوٺڙو آهي، جتي پڻ مير معصوم جو ڪتبو ڪاري پٿر تي اڪريل آهي، جنهن کي ماڻهو پوڄيندا آهن، عبارت آهي:

ساقي از اين باده که دارم بجام

فيض رسان سو بسوي خاص و عام

قايله نواب مير محمد معصوم الحسيني البکري

در وقتي که از هندستان برسالت ايران آمده بود

اينجا رسيد سنه 1013 هه(1).

*      *      *

ڪتبو- 49

سنه 1013 هه

خانقاهه حميد الدين ناگوري

هيٺيون ڪتبو 1013هه جو آهي، جيڪو مير بزرگ هنيو آهي، جڏهن مير معصوم ايران کان واپس ٿي، آگري وڃي رهيو هو. سندس خمسه ايران جي سفر ۾ مڪمل ٿيو هو. ايران جي اصفهان وار ي ڪتبي ۾ انهيءَ جو ذڪر آهي. (مسجد عليءَ جو ڪتبو).

(1) در حين مراجعت از ايران از ملازمت نواب امير محمد معصوم نامي

(2) باينجا رسيد و اين چند بيت از خمسه ايشان که درينولا باتمام رسانيده

(3) بودند تحرير نمود در سنه 1013 هه

(4) از معدن الافکار:

بحرز گرداب شده کاسه کر

تانمي از جود تو يابد مگر

(5) از کتاب حسن ناز:

حديث لعل آن سرچشمه نوش

شده پيرايهء لب چون در گوش

(6) از کتاب اکبرنامه:

بگل چينيء آن گلستان شدم

سراپا صبا وار دامان شدم

(7) از کتاب ر اي صورت:

حسنست درم خريدهء او

خوبيء گل آفريدهء او

(8) از کتاب خمسه متحيره:

هست بر نامت ابتدائي همه

بتو آغاز و انتهائي همه(1)

ناگور مير معصوم جي لنگهه تي هو. ڪتبن جي تاريخن مان مختلف واقعن ۽ مير جي آمدو رفت جي سالن جو تعين ٿئي ٿو.

*      *      *

ڪتبو- 50

سنه 1013 هه

کٽو خانقاه بابا اسحاق مغربي

هيٺيون ڪتبو خانقاه بابا اسحاق مغربيءَ تي لڳل آهي. مير بزرگ پنهنجي والد سان ايران کان واپس ٿيڻ بعد انهيءَ خانقاه تي مليو ۽ هيءَ ڪتبو انهيءَ ملاقات جو يادگار آهي:

(1) بتاريخ 1013 هه هزار و سيزده در وقت مراجعت از

(2) ايران در ملازمت نواب سيادت پناه امير محمد معصوم

(3) نامي بزيارت اينجا رسيد و اين بيت تحرير نمود

(4) بيدار دلان خفته پيکر

افتاده بزير خاک، بنگر(1).

اها خانقاه ناگور کان 35 ميل مشرق طرف آهي ۽ ڪتبو خانقاه جي شمالي ديوار تي آهي (روايت ڊاڪٽر چغتائي).

*      *      *

ڪتبو- 51

1010/1014هه

دهلي دروازو آگرو

هيٺيون ڪتبو جهانگير جي تخت نشينيءَ سان تعلق رکي ٿو. Mr. Keene لکي ٿو ته هن هيءُ ڪتبو دهلي دروازي جي سڄي هٿ واري ڪمري ۾ پيل ڏٺو.

ڪي اکر ڀڳل هئا. مسٽر Balochmann 1875 ۾ تيار ڪيل Transactions of the Archaeological Society of Agra تان پڙهي نقل ڪيو.

حضرت شاهنشاه جو جاه خلافت پناه ظل الله جلال الدين محمد اکبر پادشاهه در سنه 1008هه توجهه (تخسير دکن) فرمود  و در سنه 1010هه نزول اجلال فرمود . . . چون بگلزار آگره جاي گرفت.

اهو حصو دکن جي مهم سان تعلق رکي ٿو، ۽ هي اشعار جهانگير جي تخت نشينيءَ سان متعلق آهن:

شاه جهان گرفت جاي بتخت شرف

تخت ز رفعت نهاد بر زبر چرخ پا

دست دعا بر کشاد پير فلک از نشاط

گفت که بادا مدام حکم تو فرمان روا

خواست که نامي کند سال جلوسش رقم

بود دران دم لبش پر ز ثناء و دعا

ميل دو چشم حسود يک الفش کرد و گفت

باد جهان پادشاه، شاه جهانگير ما

قايله و راقمه محمد معصوم البکري اصلاً.(1)

*      *      *

ڪتبو- 52

سنه 1014 هه

مڌڪر باغ سلطان سليمه

ساڳيءَ مسجد ۾، جنهن تي 1010 هه جو مير ڪتبو هنيو، انهيءَ تي هيٺيون ڪتبو 1014 هه ۾ هنيو اٿائين، جيڪو هن لحاظ سان نهايت اهم آهي ته مير انهيءَ ڪتبي جي مطابق 1014 هه جي رمضان ۾ جهانگير کان رخصت ٿي، بکر روانو ٿيو،جتي پهچڻ بعد فوراً فوت ٿيو. سندس روانگيءَ جو وقت هن ڪتبي مان تعين ٿئي ٿو.

* من معدن الافکار

بختي عمرست چنان راهوار

کش نتوان باز کشيدن مهار

نامي ازين ره دلت آگاه به

ساز بانداز ازين راه به

قايله و کاتبه محمد معصوم النامي البکر تحرير في الشهر رمضان سنه 1014هه(1).

*      *      *

ڪتبو- 53

سنه 1014هه


(2)  آثار اڪبري، يعني تاريخ فتح پور سيکري محمد سعيد مارهروي سنه 1915ع ۾ رساله تاريخ.

(1)  Extract from Report of J. H. Marshal of Archeological Buildings, 1907ع, P. 7 بيانه جي تاريخ متعلق. Cunningham’s Survery Reports, Vol: VI and XX.

(2)  Some unpublished Inscriptions from the Jaipur State by G. Yazdani, E.I.M. 24-1923ع, P 21اهو بيت جيسلمير جي مسجد تي به آهي، ڏسو جيسلمير جا ڪتبا. 

(1)  Some Inscriptions from Jodhpur State, Rajputana, by Dr. M. A. Changhtai, E.I.M. 50-1949ع, P. 41.

۽ انتخاب نادره ۽ رساله تاريخ دکن.

(2)  کٽو از عبدالله چغتائي، مطبوعه رساله اردو، جنوري 1968ع. ص. 165، احمد کٽوءَ لاءِ پڙهو:  Muslims Monuments of Ahmadabad Through their Inscriptions, by Abdullah haghtai, 1942.

(1)  پهريون دفعو 13- سيپٽمبر 1966ع جو ويس، ٻيو دفعو 1976ع ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. مولوي محمد حسن آزاد ايران جي سفر نامي ۾ انهيءَ تاريخ جو ذڪر ڪيو آهي.

(1)  هيءَ ڪتبو راقم الحروف 3-4 مرتبا ڏٺو آهي. هن تي مضمون روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ 22- اپريل 1974ع جو شايع ٿيو. انهيءَ کان پوءَ اهو مضمون ”پوندهادي ايران و پاکستان “ ڪتاب ۾ به ڇپيو- عنوان ”اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري.“

(1)  مقاله داکتر علي اکبر جعفري ”سنگ نوشته هاي مير معصوم بکري“، رساله هنر و مردم. سال 15، شماره 169-170، ص، 17.

(1)  مجلهء يادگار سال ، پنجم 8 9 ص.  98-99، جغرافياي بلوچستان نوشته شيخ محمود افضل الملڪ کرماني.

مقاله ڊاڪٽر علي اڪبري جعفري، ”سنگ نوشته هاي مير معصوم بکري“. هنرو مردم سال 15 ش 169-170 ص 24.

 (1) Some Inscriptions from Jodhpur State, Rajputana, by M. A. Chaghtai, E.I.M 50-1949ع P. 42.

(1)  مقالو- کٽو عبدالله چغتائي، مطبوعه، رساله اردو، جنوري 1968ع. ص. 165.

(1) Proceeings of the A. S. of Bangal, 1874ع, Persian Inscriptions of Agra, Sikandra and Narnaul, by H. Blochmann.

محمد لطيف آگره، ص. 75.

(1)  آثار اکبري، محمد مارهروي، و رساله تاريخ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org