سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-29

 

صفحو : 30

 

باب اوڻٽيهون

شعر

جهڙيءَ ريت گذريل صفحن ۾ بيان ٿي چڪو آهي، مير جو ڪلام، جيڪو بقول تقي ڪاشي غزلن جي ٻن ديوانن، هڪ رباعين جي ديوان ۽ پنجن مثنوين تي مشتمل هو. سوگم ٿي چڪو آهي. ٽالپرن جي ڪتبخاني ۾ هڪ نسخي جي هجڻ جو مذڪور اچي چڪو آهي. سو پڻ زماني جي لاهن چاڙهن جتي سنڌ جي انهيءَ شاهي خاندان  کي ختم ڪري ڇڏيو. اتهن سندن جمع ڪيل اهو علمي ذخيرو به تهه و بالا ٿي، منتشر ٿي ويو- اهڙيءَ طرح جيئن خزان جي موسم ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جا پن ڇڻي ٽڙي پکڙي ۾ آخر ۾ ختم ٿي وڃن. بهر صورت في الحال دنيا جي ڪنهن به ڪتبخاني ۾ مير معصوم نامي بکريءَ جي ڪنهن به ديوان، ڪنهن به مثنويءَ جو ڏس پتو ڪو نه ٿو ملي. جڪو ديوان پراڻي سکر ۾ خاندان وٽ موجود آهي. جنهن جو نقل پير علي محمد راشديءَ 1932ع ۾ ڪيو هو، سو مير مرحوم جو نه آهي، بلڪه ڪنهن استاد مقطع ۾ يا ته اصل شاعر جو تخلص ڪڍي ناميءَ جو تخلص آڻي جعلسازي ڪئي آهي، يا ڪنهن ٻئي ساڳي تخلص واري معمولي شاعر جو آهي، جنهن کي خاندان ۾، مير جو سمجهي، محفوظ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ديوان ۾ حمد، نعت، منقبت آهن ابتدا ٿئي ٿي:

بسم الله الرحمٰن الرحيم

کرد خداوند ز حمد وسپاس

اول اثار جديد قديم

بنده خود را بخودي حق شناس

اختتام هن شعر تي آهي:

سزاي بنده که مظلوم نفس و شيطانم

عطيهء بدهي خاصه از براي حسين(1)

انهيءَ ديوان تان ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ڪجهه شعر مير معصوم جا سمجهي ”تاريخ سنڌ“ جي ديباچي ۾ درج ڪيا آهن. مثلاً: هن قصيدي جا شعر:

اول دفتر بنام ايزد دانا

صانع پروردگار وحي توانا...

اهو سعديءَ جو قصيدو آهي، جيڪو سندس ديوان ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح ٻيو قصيدو ڊاڪٽر مرحوم نقل ڪيو آهي:

عمباد خزان وزيد فرو ريخت نوبهار

عمر عزيز رفت و نکرديم هيچ کار...

منهنجي دوست احمد گلچين معانيءَ جو خيال آهي ته اهو اميدي تهرانيءَ جو معلوم ٿو ٿئي. قصيدي ۾ ”باغ اميد“ جو نالو آيو آهي، جيڪو اميديءَ ٺهرايو هو ۽ انهيءَ منجهه پاڻ ماريو ويو هو. ”باغ اميد“ جو نالو جنهن انداز ۾ آيو آهي، انهيءَ مان اهو خيال ڪرڻ ته اميديءَ جو قصيدو آهي، منهنجي خيال ۾ صحيح نه آهي، ليڪن بهرحال قصيدو ڪنهن جو به هجي پر مير معصوم جو نه آهي. ساڳيءَ ريت هيءُ قصيدو:

روزي که زير خاک تن ما نهان شود

و آنها که کرده ايم يکايک عيان شود

انهيءَ قصيدي جا (53) بيت شيخ سعديءَ جي ديوان ۾ الحاقي شعرن جي تحت درج آهن، جن کي ذڪاء الملڪ فروغيءَ پنهنجي تصحيح شده نسخي مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

مير جو ڪلام هن وقت اهوئي دستياب آهي، جيڪو گورستان ۾ ڪتبن تي يا ٻين يادگار پٿرن جي تختن تي اڪريل آهي يا مختلف تذڪرن ۾ بطور انتخاب درج ٿيل ملي ٿو. ۽ انهيءَ جو اندازو ايترو ٿورو آهي، جو انهيءَ جي آڌار تي مير جي شاعريءَ متعلق ڪوبه صحيح اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. تنهنڪري مجبورن انهيءَ راءِ تي تڪيو ڪرڻو پوي ٿو، جيڪا تذڪره نويسن ڏني آهي ۽ گذريل صفحن ۾ درج ٿي چڪي آهي. اسان جي پنهنجي شخصي راءِ اها آهي ته مير جو هڪ ئي مخصوص رنگ هو، جيڪو هن رباعين ۾ ظاهر ڪيو آهي ۽ غزل کان زياده هو ربائيءَ جو استاد بلڪ انهيءَ صنف جو بادشاهه هو.

سڀني معاصر تذڪره نويسن مير جي شاعراڻي ڪمال ۽ انهيءَ فن ۾ سندس صلاحيت جي تعريف ڪئي آهي . تقي اوحدي، جنهن سان مير صاحب اصفهان ۾ مليو ، تنهن لکيو آهي ته واقعي کيس شاعريءَ ۾ عظيم قوت ۽ قدرت حاصل هئي(1). اهڙيءَ طرح تقي ڪاشي يا سندس ذاتي دوستن ملان  بدايوني وغيره سڀ انهيءَ سلسلي ۾ يڪ زبان آهن. سواءِ ٻن تذڪرن جي، يعني ”مجمع النفائس“ (1164هه) ۽ ”گل رعنا“ (1182هه) جي، جن هڪٻئي جي نقل ۾ لکيو آهي ته مير جي ڪلام ۾ رطب ويابس گهڻو آهي(2). ليڪن اها راءِ مجمع النفائس جي مصنف تقي اوحديءَ ڏانهن منسوب ڪندي نقل ڪئي آهي. سندس پنهنجي نه آهي، هڪ شاعر جو ڪلام سو فيصد درجي اول جو هجي، سو ظاهر آهي ته ممڪن نه آهي، تنهنڪري انهيءَ ڪليه کان مير معصوم به مستثنيٰ ڪونه هوندو.

هن هيٺ اسان ترتيب زمانيءَ جي لحاظ سان مير جا دستياب ٿيل شعر نقل ڪريون ٿا، جيئن ڪلام جي تصنيف جو پتو پئجي سگهي ۽ مير جي تاثرات جي ارتقا جي پروڙ به ڪري سگهون.

گذريل صفحن ۾ مير جو هڪ قصيدو ملان بدايونيءَ جي احوال ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو 999 هه کان اڳ جو يعني گجرات واري زماني جو (992-998 هه) ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح قبرستان جي سلسلي ۾ جيڪي اشعار ۽ رباعيون آيل آهن، سي 1002هه کان اڳ جون آهن. اهي سال چوڪنڊيءَ ٺهڻ جو آهي. ڪتابن ۾ سڀ کان پهريون انتخاب آهي. طبقات اڪبريءَ جو، جنهن جي تاليف جو زمانو 1002هه آهي. طبقات ۾ ٽي شعر اهڙا آهن، جن مان هڪ مطبوعه نسخي ۾ ڪونه آيو آهي. جنهن کي مطربي سمرقنديءَ طبقات وارن ٻين بيتن سان گڏ نقل ڪيو آهي. اهي ٽي بيت هي آهن:

باز دل وصل جو، مصلحت جان گذاشت

آرزي درد کرد، خواهش درمان گذاشت

نيم نگاهش بناز، دين و دل از من ربود

نيم نگاه د گر، در گرو جان گذاشت(1)

نامي از اندوه هجر، سوي عدم رخت بست

واي که جان رابهم، دست و گريبان گذاشت(2)

انهيءَ کان پوءِ ساڳئي ئي دؤر ۽ زماني جو انتخاب ملان بدايونيءَ جو آهي، جنهن پنهنجي تاريخ 1004 هه جو پوري ڪئي.

ابيات

چون گريهء من ديد، نهان کرد تبسم

پيداست که اين گريهء من، بي اثري نيست (3)

در عشق نشه ايست، که عشاق خسته را

ذوقي ست در فراق که، اندر وصال نيست(1)

داده پيغام بقاصد مه من خنده کنان

ظاهر است از سخن او اثر خنده هنوز(2)

چه خوش است آن که از خود روم و تو حال پرسي

بتو شرح حال گويم بزبان بيزباني(3)

 

رباعيات

يک حصهء عمر من بناداني رفت

يک حصهء ازان چنان که ميداني رفت

 

يک حصه به بيهوده به بيکار گذشت

يک حصهء بافسوس و پشيماني رفت(4)

 

از درد تو صد گونه دل من ريش است

در هجر توام قيامتي درپيش است

دم در کشم و نفس به بيرون نکشم

کز دل تالب هزار دوزخ بيش است

 

تنها باخود در انجمن بايد بود

باخويش هميشه در سخن بايد بود

هم بلبل و هم گل چمن بايد بود

ديوانهء بکار خويش بايد بود (1)

 

عشقت نه متاع هر خريدار بود

اورا دو جهان بهادي يکتار بود

گل نيست که در کوچهء و بازار بود

يا مشک که در دکان عطار بود (2)

 

جوياي جمالش ار چه بسيار بود

هر ديده نه لايق رخ يا ربود

هر کفر نه اندر خور زنار بود

هر سر نه سزاوار سرِدار بود

 

در بحر دلم قلزم خون مي جوشد

صد دوزخ در دم بد رون مي جوشد

در وضعِ زمانه آتش خواهم زد

زينگونه که در درون جنون مي جوشد

----

هر لحظه دلم خيال تو ساز کند

زان سوکه توئي هزار انداز کند

ترسم جانا که مرغ جان از قفسم

يکبار ز شوق وصل پرواز کند(1)

----

هر سال که گل ببوستان مي آيد

شادي و نشاط در جهان مي آيد

هر صفحهء گل ز بيوفائيء حرفي

سهل است که بلبل بفغان مي آيد(2)

----

اي آن که بر ان رخت نظر مي بايد

چشم تو وراي چشم سر مي بايد

خواهي که ز عشق هاش غافل نشوي

در چشم دلت، چشم دگر مي بايد

----

در ديده ز اندوه خبر مي بايد

در ناله ز درد اثر مي بايد

در سينه بجاي دل شو ر مي بايد

در ديده بجاي خون جگر مي بايد

----

در عشق بتان مشق جنون بايد کرد

جان را بفراق رهنمون بايد کرد

چون شيشه تمام پر ز خون بايد شد

وانگه ز ره ديده برون بايد کرد(1)

----

امروز صبا بوي وفائي دارد

گويا خبري ز آشنائي دارد

ديوانه دل مرا بجوش آورده است

آشفتگي مگر ز جائي دارد

----

در مذهب ما بجمله يکسان مي باش

در دايرهء کفر بايمان مي باش

اين است طريق عشق جانانهء ما

زنار بگردن و مسلمان مي باش(2)

----

گلزار جمال عارض دلدارم

چون جلوه دهد بخاطر افگارم

دريا دريا، جهان جهان، خون ريزم

بستان بستان، چمن چمن گلبارم (3)

----

روزي که بفرياد غمش بر خيزم

دار دامن هجر دست دل آويزم

زان گريه که باخون جگر آميزم

خون دو هزار دل بدامن ريزم

----

گه نالم و گه ز ناله خاموش کنم

باشد که زجاي سخنت گوش کنم

فارغ ز خيال تو نيم يک نفسي

ترسم که دگر نفس فراموش کنم(1)

----

هر اشک که از ديه برانگيخته ام

با زهر غمش، نخست آميخته ام

ترسم که بحشر دوزخي بر خيزد

اين گريه کي در فراق او ريخته ام

----

از آلايش روزگار اندر گلهء

عيب دگران مکن، تو هم زان گلهء

پرهيز ز آلودگيءَ دامن خويش

نامي! دوسه روزي که درين مزبلهء (2)

----

اي آنکه تو بار بسته بر راحلهء

در خواب شده غافل ازين مرحلهء

بيدار شو ! و پاي طلب در ره نه

رفتند همه، تو نيز ازين قافلهء

----

فرياد راحيل از همه کس مي شنوي

آوازد را، ز پيش و پس مي شنوي

کرده همه شبگير بسر منزل دور

توخفته بره بانگ جرس مي شنوي(1)

----

دلدار مجو تا همه دل خون نه شوي

وز وي نه شوي تا تو د گر گون نه شوي

شوريده و شيدائيء و مجنون نه شوي

تا از روشِ زمانه بيرون نه شوي (2)

----

تا کي؟ دل از اين و آن، پر از کينه کني !

تا چند به زر سينه چو گنجينه کني؟

کار اين نه بود که تيره سازي دل را

آن کار بود که دل چو آئينه کني!(3)

----

بدايونيءَ کان پوءِ، 1012هه ۾ ڪيل انتخاب تقي ڪاشيءَ جو آهي، جيڪو هن ملاقات جي دوران پنهنجي تذڪره ”خلاصته الاشعار“ ۾ درج ڪيو آهي. جنهن ۾ يقيناً مير جي پنهنجي پسند به شامل هوندي. گهڻي ۾ گهڻو انتخاب (563 شعر) انهيءَ تذڪري ۾ آيو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

غزليات (1)

بانگ غفران چو زند رحمت او، عصيان را

 تکيه بر کفر بود از کرمش، ايمان را

ريش درد دلم، ايدوست! بمرهم مخراش

ورنه از آتش دل داغ کنم درمان را

----

هجرا را، بود بهر خاتمه اِي، روز و صال

هست در عهد تو قانون دگر هجران را

 صد ره از گنبد فيروزه نهم پا برتر

همچو آه خود اگر چست کنم دامان را

----

 

عفو تو، بسته است لب عذر خواه را

بر رو نهاد داغ شفاعت گناه را

از بس بجستجوي تو پيک نظر دويد

ديدم هزار آبله در پا ، نگاه را

----

 

از بس که ناز و عشوه فشاند، گه خرام

آرايش بهار دهد، جلوه گاه را

----

 

بي گل رويش، ز برق آه آتشبار ما

سايهء گل، شعله گردد بر سر دستار ما

تا فگنده سايه بر ما از کرم آن آفتاب

رشک دارد آفتاب از سايهء ديوار ما

----

 

در بزم دو ختم نگهي، بر نگاه غير

بر بستم از نگه سر راه نگاه را

----

 

تا دور کردي از گل عارض، نقاب را

کردي شکسته رنگ گل آفتاب را

شهري، به نيم جنبش مزگان، کند خراب

يکسو نهاده جنبش روز حساب را

نامي چو بر صحيفهء گردون رقم کشد

سوزد صرير او ورق آفتاب را

----

 

از مهر و ماه پنبه نهد آسمان بگوش

گر سر کشد بجانب گردون فغان ما

آيد هزار همچو سمندر بگشت باغ

بلبل اگر بناله شود همزبان ما

مرغان باغ، زان سوي افلاک، جا کنند

گر مرغ ناله، مي پرد ز آشيان ما

----

 

بهر طريق که خواهي، لباس غمزه بپوش

که من شناخته ام آشتي و جنگ ترا

تو ننگ و نام، بعالم فروختي نامي!

کنون چه قدر بود پيش يار، ننگ ترا

----

 

بنما رخ و زلف عنبرين را

تاراج نماي عقل و دين را

هر جا که تو پا نهي، من از شوق

بوسم همه عمر، آن زمين را

گر سجده برم به آن کف پا

خورشيد نسب کنم جبين را

----

 

غمزهء کافر، دلت درهم شکست

عاقبت، بام در اسلام را

----

 

گريه ز بس گره شده، بسته بناله راه را

چند بدل فرو برم بي تو سنان آه را

تا نکند بظارهء، ماه رخ تو، چشم کس

پردهء حسن تو کنم از همه سو نگاه را

----

 

دورو گرنيست تيغ عشق را پس از چه روباشد

زيک روزخم بر يعقوب وزيک روزليخا را

----

 

رخصت يک عشوه ده، آن مزهء تيز را

نايب صدفتنه کن، غمزهء خونريز را

نيمشبان کز غمت، ناله ز دل برکشم

وقت مبدل شود، مرغ سحر خيز را

----

 

از کس نشود حاصل ما مرهم دردي

هر چند بدريوزه فرستيم فغان را

 

----

از حرف طلب بسته زبان ادب ما

هرگز نرود نام تمنا بلب ما

گرگز بتمنا لب خواهش نکشاييم

عشق تو بريدست زبان طلب ما

----

 

از ناله مکن تيز خراش جگر ما

صد دوزخ سو زنده بود از شرر ما

بر آتش بي تابيءَ ما، چند زني طعن

خشکست لب ناله، ببين چشم تر ما

ما بيخبريم و خبر از خويش نداريم

از بيخبري پرس، چو پرسي خبر ما

فردست که نامي صفت از ما اثري نيست

هر چند که در خاک بجوئي اثر ما

----

از خنده مزن اينهمه راه گلهء ما از شکوه گرانبار مکن قافلهء ما

از چشم زدن پيش، بمقصود رسيد است

 هر کس که گرفتست پيءَ راحلهء ما

----

گر بتيغ غمزه، مرغ دل طپد، عيبش مکن

رسم باشد، صيد را هنگام بسمل اضطراب

----

بلبل اندر وصل امشب سري نالهاي زار داشت

شاهد گل گوئيا امشب سري با خار داشت

----

حسنست که او جلوه گر از پردهء ناز ست

عشقست که با حسن ازل محرم راز ست(1)

قانون خروشم همه بيرون ز جنون ست

اين زمزمه امشب نه باندازهء ناز ست

امشب، بتمناي مه روي تو، تا صبح

چشم، چو در خانهءَ ويران شده، بازست (2)

آن حسن که، جولانگه او، عرصهء نازست

مستغن ز آرايش و فارغ ز نيازست

----


(1)  ديوان 10 ذيعقده 1351هه (مارچ، 1932ع) جو سکر ۾ نقل ٿيو.

(1)  عرفات تقي اوحدي: ”الحق اورا قوت و قدرت عظيم درشاعري بود“ رساله تاريخ حيدرآباد دکن ص. 34 جنوري 1929ع.

(2)  نفائس: ”اگرچه ويابس در کلامش فراوان است“ گل رعنا جي عبارت به ساڳي آهي نفائس جي عبارت مان ظاهر آهي ته اها راءِ تقي اوحديءَ جي آهي، جيئن ته لکي ٿو: درينجا تقي گويد که...

(1)  هيءُ بيت مطربي ڇاپي نسخي کان علاوه ڏنو  آهي.

(2)  طبقات ۽ تذڪره الشعراء مطربي ص. 15.

(3)  بدايونيءَ کان علاوه هي شعر طبقات گلِ رعنا مخزن الغرائب، شمع انجمن تاريخ مظفري (خطي انجمن) ۾ آهي.

(1)  گل رعنا، مخزن الغرائب.

(2)  گل رعنا، مخزن الغرائب، انيس العاشقين، نشتر عشق.

(3)  طبقات، ماثرالامرا، مقالات الشعرا، گل رعنا، نشتر عشق، مخزن الغرائب. هيستائين سڀ بيت بدايونيءَ ۾ آيل آهن. (3: 366.)

(4)  مخزن الغرائب.

(1)  گل رعنا، مخزن الغرائب.

(2)  گل رعنا.

(1)  مخزن الغرائب.

(2)  مخزن الغرائب.

(1)  تقي ڪاشي، مخزن الغرائب، نگارستان سخن. گل رعنا.

(2)  گل رعنا، مخزن الغرائب.

(3)  تقي ڪاشي.

(1)  مخزن الغرائب.

(2)  تقي ڪاشي، مخزن الغرائب.

(1)  مخزن الغرائب. هيءَ رباعي عادل شاهه فاروقيءَ  جي مقبري تي مبر جي هنيل ڪتبي ۾ به آهي

(2)  مخزن الغرائب.

(3)  مخزن الغرائب. هيستائين آيل ڪلام بدايونيءَ ۾ نقل ٿيل آهي. (3: 370-375.)

(1)  جيڪي بيت يا رباعيون هن کان اڳين ڪتابن ۾ آيون يا درج ٿي چڪيون آهن. اهي مٿي آنديون ويون آهي.

(1)  مخزن الغرائب.

(2)  مخزن الغرائب، نشتر عشق، روز روشن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org