سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-30

 

صفحو : 36

 

باب ٽيهون

ڪتبا

اين خط جاده که بحرا نوشته اند

ياران رفته، يا قلم پانو شسته اند

ايندڙ صفحن ۾ مير معصوم ۽ سندس فرزند مير بزرگ جا ڪتبا درج ڪيا وڃن ٿا، ڪتبا اڃا گهڻائي هوندا، ليڪن ڪي برباد ٿي ويا ۽ ڪي اڃا دستياب نه ٿيا آهن. جيڪي ملي سگهيا آهن. هتي تن کي تاريخي ترتيب سان يڪجا ڪيو ويو آهي.

ڪتبا تاريخن جي لکڻين ۽ واقعن جي ڪڙين ملائڻ لاءِ غير معمولي اهميت رکن ٿا. مير معصوم جي زندگيءَ جي ڪيترن گوشن تي سندس ڪتبا روشني وجهن ٿا. ۽ ڪيترا اهم واقعا انهن جي ذريعي حل ٿي وڃن ٿا. سندس سفر ۽ سفر جي رندن- راهن جو پتو به سندس انهن ڪتبن مان پوي ٿو. مير صاحب آخري مرتبو آگري مان ڪڏهن هليو. انهيءَ جو ڪو به ڪتابن ۾ اطلاع ڪو نه هو. سندس قبر تي تاريخي ڪتبي هوندي به ڪن مورخن کي ياد ڪو نه ٿي آيو ته مير 1014هه ۾ ڪو فوت ٿيو هوندو! تنهنڪري هنن جو خيال هو ته 1019هه ۾ مير وفات ڪئي مير جي مدهاڪر واري ڪتبي مان نه فقط آگري مان هلڻ جو سال بلڪه مهينو به معلوم ٿئي ٿو. انهيءَ جي بناءَ تي بکر اچڻ ۽ رهڻ جو وقت متعين ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح مير بزرگ جي 1015هه واري ڪتبي مان نه فقط مير بزرگ جي پنهنجي قنڌار وڃڻ جو زمانو ظاهر ٿئي ٿو. بلڪه انهيءَ ۾ مير بزرگ پنهنجي والد لاءِ ”مرحوم“ جو لفظ لکي، وفات واري معاملي کي واضع ڪري ڇڏيو آهي.

آسير جي فتح جون تاريخون ايران وڃڻ جو رستو ۽ زمانو پڻ ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو. ايران جي ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ سفر ۾ مير صاحب پنهنجو خمسو پورو ڪيو ۽ مسجد عليءَ (اصفهان) واري ڪتبي تي پهريون دفعو خمسي جو مثنوين جا نالا ۽ بيت ڏنا ويا ۽ لکيو ويو ته خمسو انهيءَ سفر جي دوران مڪمل ٿيو.

مير صاحب جي شغرن جو گهڻو ذخيرو ڪتبن ۾ محفوظ پاڻ کي ملي ٿو. قبرستان تان انهن وڏو تعداد مهيا ٿيو آهي ۽ ڪيترا نوان شعر ٻين ڪتبن جي ذريعي مليا آهن.

آسير ويندي، آگري کان برهانپور تائين بادشاه سٺ منزلون ڪيون ۽ 48 ڏينهن پنڌ ۾ لڳا.(1) ظاهر آهي ته هر منزل تي مير ڪتبا هنيا هوندا. ليڪن اسان تائين چند ڪتبا پهچي سگهيا آهن جيڪي پنهنجيءَ جاءِ تي تاريخي تعين لاءِ اهميت جا حامل آهن.

مير صاحب جي خط جي سڀني تعريف ڪئي آهي. ليڪن ڪتبن مان انهيءَ جي تصديق ڪا نه ٿي ٿئي. مير صاهب جو نستعليق خط صاف ۽ روان ضرور هو. ليڪن هن ڪتبه نويسيءَ خواهه خط جو شاندار نمونو ڪو نه قائم ڪيو فني لحاظ سان پڻ ڪتبه نويسيءَ جي سنڌي روايت کي مد نظر نه رکيو ويو آهي – حالانڪه مير جي پنهنجي دؤر ۾ سنڌ اندر ترخانن جا ڪتب خط خواهه فن ادب جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ هئا، جن کي مير جهڙي خفتيءَ  ضرور ڏنو هوندو.

انهيءَ  مان ظاهر آهي ته مير صاحب جي مد نظر فن يا خط نه هو بلڪه ڪتبن جي ذريعي هن پنهنجن تاريخي يادگيريون ڇڏڻ ٿي چاهيون، جن ۾ هو يقيناً ڪامياب ٿيو آهي.

ڀانئجي ٿو ۽ ڪتابن نه لکيو آهي ته مير پاڻ سان سنگتراش کنيو وتندو هو. مناسب جاءِ تي پٿر تي پاڻ لکندو هو ۽ ڪاريگر ان کي ٽڪي ڪتبو تيار ڪندا هئا. مير بزرگ به ساڳيو والد وارو طريقو اختيار ڪيو هو.

ايندڙ صفحن ۾ ٻنهي سيدن جا 54 ڪبا ڏنا ويا آهن. ڪيترن جون تصويرون به ڏنيون وڃن ٿيون. يادگار عمارتن جي سلسلي ۾ به ڪيترا ڪتبا اچي ويا آهن. ايران ۽ افغانستان جا ڪيترا ڪتبا ملي نه سگهيا ۽ خود هندستان جا ڪيئي ڪتبا منتشر آهن. آئينده جي اميد تي في الحال هٿ آيل ڪتبن تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي.

*      *      *

ڪتبو-1

سنه 1007هه

 

چهل زينو قنڌار

مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ قنڌار جي عجائبات جو ذڪر ڪندي، چهل زينه جي عمارت لاءِ لکيو آهي:

”ٻي عمارت هڪ ڪوٺيءَ وانگر، فردوس مڪاني بابر بادشاهه جي حڪم تي، ”سرپوزه“ ٽڪر تي ٽڪريءَ کي ٽڪي ٺاهي ويئي آهي، جيڪا تمام مٿانهينءَ تي آهي ۽ 80 ماڻهن نون سالن جي مدت ۾ تيار ڪئي آهي. حقيقت ۾ نهايت عمدي ۽ فرحت بخش  جاءِ آهي. ار غنداب جي وهڪري جي ڪناري تي آهي. انهيءَ ملڪ جا اڪثر باغ پوکون انهيءَ پاڻيءَ تي يسراب ٿين ٿيون ۽ بهار جي موسم ۾ ماڻهن جو عام لنگهه پڻ اتان ٿئي ٿو. مٿانهون هجڻ سبب ماڻهن کي چڙهن ڏکيو ٿيو ٿي ۽ دهشت سبب ماڻهن لاءِ پهچڻ نا ممڪن هو. اتي حضرت فردوس مڪاني بابر بادشاهه، مرزا عسڪري، مرزا ڪامران مرزا هندال جي نالي تي- جيڪي انهيءَ ڪم جا نگران هئا- ڪتبو لڳل آهي، ۽ حضرت جنت آشياني همايون بادشاهه اتي ڪو نه آيا هئا، تنهنڪري انهن جو نالو (انهيءَ ڪتبي ۾) ڪو نه آهي ۽ سندن زير نگين ملڪن مان فقط قنڌار اڪريل هو.

ڪاتب جڏهن اتي پهتو ۽ ڏٺم ته جنت آشياني ۽ حضرت خليفه الـٰهي جا نالا ۽ قبضي ۾ آيل ملڪ- جيڪي ڪابل ۽ قنڌار کان هزار پيرا وڏا آهن- لکيل نه هئا، ته دل ۾ خيال ٿيو ته اهي نالا، شهر ۾ ملڪ هتي لکڻ کپن، انهيءَ ڪري خوش نويش ۽ سنگراش بکر کان گهرايم، جن نالا لکيا ۽ حضرت جنت آشياني ۽ حضرت شهنشاهه ۽ سندن ملڪن جا- جيڪي بنگال کان وٺي بندر لاهريءَ تائين ۽ ڪابل ۽ عزنيءَ کان دکن تائين پکڙيل آهن- نالا درج ڪيا ويا. تقريباً چئن سالن تائين (1004هه-1007هه) انهن ماڻهن ڪم ڪيو ۽ پورو ڪيائون. سچ پچ ته ڏسڻ وٽان ڪم ٿيو آهي ۽ ماڻهو انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ ايندا ويندا رهن ٿا(1).

انهيءَ ڪتبي ۽ انهيءَ عمارت جو ذڪر- جنهن کي ”چهل زينه(1) “ سڏيو ٿو وڃي ۽ مٿي پهچڻ لاءِ انهيءَ ٽڪريءَ تي چاليهه ڏاڪا ٺاهيا ويا آهن- پهريون دفعو 1248هه(1832ع) ۾ منشي موهن لال(2) ڪيو، ۽ ڪتبي کي نقل ڪيو، جنهن بعد ڪتبو ”مفتاح التواريخ(3)“ (تصنيف 1848ع) ۾ آيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ فرانسي مستشرق James Darmesteter رسالي Journal Asiatique جي 1890ع واري پرچي ۾ انهيءَ تي مفصل مقالو لکيو ۽ ڪتبو نقل ڪيو. جنهن بعد اهو نقل ٿيندو رهيو(4). هتي ڪتبي جو نقل Darmesteter جي پڙهڻيءَ تان ڏجي ٿو جيڪا زياده مستند آهي:

”در تاريخ سيزد شهر شوال نهصد و بيست و هشت عاليحضرت گردون بسطت مملک پناه، معدلت شعار، مکرمت آثار، نوين بزرگ کامگار، اعتضاد سلاطين گردون اقتدار، ملادَ قياصره گيتي مدار، شهسوار مضمار عدل و احسان، اعدل اکاسره زمين و زمان.

المنظور بانظار..... ته الله، ابوالغازي طهير الدين محمد بابر پادشاهه خلد الله ملکه و سلطانه فتح قندهار نمود و در همين سال امر عالي به بناي اين رواق جهان نماي، که سر رفعتش بمجا ذات ايوان اوان رسيده شرف نفاذ يافت و اتمام الزا با هتمام فرزند هما يونش محمد کامران بهادر که شرفات کاخ عدالتش ازين نه طاق در گذشته و بر حسب اشارت عليه بي توقف مهند سان صاحب هنر و استادان ماهر دانشور درساعتي خجسته و طالع فرخنده اساس آنرا طرح انداختند و عمله و تيشه کاران چابڪ دست که هر يک سر آمد کشوري ويگانه مملکتي بودند، دقاق خداقت و مهارت در احداث آن بظهور رسانيدند. و از ميامن التفات شاهزاده فيروز بخت که ضمير منير ش مطرح الانواز الـٰهي است، در نهصد وسي وسه اين عمارت سپهر فرساري با تمام رسيد و چو... شا... مشاراليه ايالت مملکت قنڌهار را به برادر ارجمند سعادت يار مرحمت آثار معدلت شعار محمد عسکري بهادر طول عمره و افاض علي العالمين بره و احسانه تفويض فرموده، و دار ايام ايالت اين شاهزاده عاليشان در نهصدوسي....   ...   ...   ...

منقوش مرات ضمير ارباب دانش ميگر داند که مملکت قندهار در قبضهء تصرف اباي بندگان حضرت شاهنشاهه جم جاه فلک بارگاه خلافت پناه ظل الله جلال الدين محمد اکبر پادشاه غازي خلد ملکه بود و در حيني که رايات کشور ستاني جنت آشياني محمد همايون پادشاه غازي طيب الله ثراه جعل الجنته مثواه، بميامن توفيقات رباني و تائدات سبحاني تسخير دهلي نمود، ديار قندهار از تصرف اين دودمان بيرون رفت، و چون اقبال و دولت شاهنشاهي اکثر اقاليم ربع مسکون راکه، طول آن ازحدود سرانديپ و اديسه و بند گورا کات و کورو بنگاله تا تته و بندر لاهري و هرمز که مسافت آن قريب دو ساله راه ميشود، و عرض آن از کابل و کشمير تا سرحد دکن و برار، که قريب يک نيم ساله راه باشد، مسخر گردانيد، در سنه هزار ودو مملکت قندهار در حيطه تصرف غلامان درگاه خلايق پناه در آمد. و مخفي نماند که مابين حدود مذکوره ولايت و شهر ها و قلعه ها بسيار و تعداد دشوار بود، بايراد بعضي اختصار نموده شد و تفصيل آن اين است اديسه جکنات ستگاتو، چتگاتو، بردوان سليمان آباد، پيرنيه، سنار گام، کوراکات، شيرپور، ميرچه، پرنييه تاج پور، کور تانده، اک محل، منگير بهار، ترهت حاجي پور، ره تال، سهسرام، چوسا، غازي پور، چنار، بنارس، جونپور، کر (ناتک)، مانک پور، کالپي، کيلنجر، اتاوه، قنوج، لکنود اود، بهرايج، سنبل، امروه، بداوون، کول جلالي، شمس آباد، آگره، گواليار، چنديري، رايسين، سارنگ پور، اجين، مالو مندو، هنديه برار، اسيرو برهانپور، تطربار، صورت، بروج، بروده، محمد آباد، کنبايت، جو ناکر، توانڪر جام، کچ کنکار، احمد آباد، ايدر پتن، نهرواله، جالور، سروهي، ميرته، جودپور، جيسلمير، ناکور، نار نول، اجمير رن تپور، لنبلمير، چتور، بيانه، فتحپور، متره، دهلي پاني پت، ماهم، حصار فيروزه، تانيسر، سرهند، تجاره، سلطان پور، جلندر، لاهور کلانور، نڪر ڪوت، ره تاس، اتک جمو، جلال آباد، بهيره غزنين، شورپتن شيخ فريد، ملتان، دوداي اچهه  بکر سهوان، عمر کوت تته.

اميد که عنقريب اکثر اکناف عالم از تائيد بخت و اقبال حضرت ظل اللٰهي و شاهزاده هاي کامگار گردون اقتدار عالم مدار شاهه سليم شاهمراد و دانيال شاهه وخسرو شاه پرويز شاه مسخر اولياي دولت بيزوال گردد- آمين  يا رب العالمين! تمت في سھ هزار و هفت.

پر شيده نماناد در زماني که کابلي اعليحضرت خاقاني حکومت قندهار را به نواب نامدار شاهه بيگ خان کابلي مفوض فرموده بودند، بنده درگاه محمد معصوم بن سيد صفايي ابا، وبن سيد شير قلندر بن سيد حسين زنجير پاي ابن باباً حسن ابدال جداً، و النامي تخلصاً و البکري مسکنا در سلک امراء نامدار بکومک قندهار آمده روزي باين سر منزل عالي رسيد، چون از ممالک محروسه غير قندهار در اينجا مرقوم نديد بنا بران پارهء از شهرها در اين رواق ثبت نمود بدعايي حضرات اختصار کرد. لمحرره من کتاب حسن و ناز:

نشان مظهر حق شاهه اکبر

تعاليٰ شانه الله و اکبر

درين خمخانه تا مهر است ساقي

بدوران جام عمرش باد ساقي

وله من کتاب مثنوي راي و صورت؛

ذاتش با مهر همنشين باد

نامش بجهان ابد قرين باد (1).

چهل زيني ۽ ڪتبي جي ڪن حصن جو تصويرون ڏنيو وڃن ٿيون. انهيءَ ڪتبي مان هڪ علمي مسئلي تي به روشني پوي ٿي. يعني 1007هه تائين مير مٿي بيان ڪيل ٻه مثنويون پوريون ڪيو هيون. ظاهر آهي ته ٻيون مثنويون تيار هجن ها ته دستور مطابق انهن جا اشعار به ضرور انهيءَ موقعي تي ڪتبن ۾ داخل ٿين ها.

*****

ڪتبو-2

سنه؟

 

انڌيري محل ادگير

هيءَ ڪتبو نا مڪمل آهي. انهيءَ جو هڪ حصو بيدر موڪليو ويو. باقي حصو انڌيري محل اود گير جي اولهائين ديوار ۾ لڳل آهي. انهيءَ جا شعر مير معصوم جا آهن. جيڪي ڪن ٻين ڪتبن تي به آيا آهن.

(1) توان کردن تمام عمر را مصروف آب و گل

که شايد يکدمي صاحبدلي در وي کند منزل

(2) ساختم اين خانه را تا دوستي منزل کند

ورنه عاقل عمر خود کي صرف آب و گل کند(1)

*      *      *

ڪتبو-3

سنه 1007هه

 

بيانه--- بازار مسجد

بيانه جي بازار واري مسجد، خواجه حسن جي ٺهرايل آهي. انهيءَ جي تاريخ مير معصوم هيٺينءَريت ڪڍي ڪتبي تي هنئي:

مسجد..... ساخت خواجه حسن

کز جهان کرد سانکش امراض

نامي از بهر سال تاريخش

گفت؛ آبد مسجد فياض

1007هه سال تاريخ بناء جو نڪري ٿو(2).

*      *      *

ڪتبو-4

سنه 1008هه

اروڙ

هيٺيون ڪتبو اروڙ جي ڦٽل شهر جي ڀر ۾ هڪ کٻڙ جي ٻوٽي جي پاڙ ۾ پيل آهي، جيڪو معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي اصل جاءِ تان نڪري اچي پيو آهي.

انهيءَ ڪتبي جو پهريون دفعو مذڪور ايسٽوڪ ڪيو آهي. مصنف جو خيال آهي ته اهو پٿر درياهه جي پراڻي وهڪري جي نشان لاءِ هنيو ويو هو(1). ليڪن ڪتبي جي عبارت مان انهيءَ خيال جي تائيد ڪانه ٿي ٿئي. ڀانئجي ٿو ته هي ڪتبو دهلي ۽ آگري ڏانهن ويندر رستي جي ڪنهن يادگار تي- جيڪا انهيءَ ايراضيءَ ۾ هئي- مير صاحب جي ”فرموده“ تي هنيو ويو هو. عبارت آهي.

”(1) برادر قدم چو ره نور دان

        در باديه پاي نه چو مردان“

(2) بفر موده سيادت پناه امير محمد معصوم مرقوم شد سن 1008هه مون پاڻ اها پٿر 1957ع ۾ ڏٺو ۽ ان جي تصوير ڪڍيم، جيڪا هتي شامل آهي. حامد علي مرحوم انهيءَ جي تصوير 1969ع ۾ شايع ڪئي.

*      *      *

ڪتبو-5-21

1014هه-1008هه

فقيرن جو تڪيو- جيسلمير

جيسلمير مير صاحب جي اچ وڃ واري رستي تي هو، ازان سواءِ اتان جي راجا سان به سندس تعلقات هئا. هڪ دفعي راجا رانول جي استدعا تي مير صاحب ڏهه ڏينهن اتي رهي پيو. هن اتهن يادگار عمارت به ٺهرائي. هن هيٺ اسان متعدد ڪتبا ڏيون ٿا. جيڪي انهيءَ مسجد تي لڳل آهن. جنهن عمارت کي عرف عام ۾ ”فقيرون کا تکيه“ يعني فقيرن جو آستانو سڏيو وڃي ٿو. مير بزرگ جا ڪتبا به آهن. اهي سڀئي مختلف سالن جا آهن. جنهن مان ظاهر آهي ته آمدرفت جي سلسلي ۾ جيسلمير مرڪزي مقام هو.


(1)  اڪبر  45 سال جلوس ۾ آگري کان ڪوچ ڪيو ۽ 11 فيبروردين 45 جو برهانپور پهتو. 12 اردي بهشت 46 جو بادشاهه برهانپور مان واپس ٿيو ۽ 3 مراداد جو آگري پهچي، 20 تاريخ فتح پور ۾ داخل ٿيو، (اقبال نامه 473: 477.) آگري کان برهانپور 228 اڪبري ڪوه هئا. اڪبري ڪوه 5 هزار گزن جو هو. انگريزي ميل هڪ هزار هڪ سوء سٺ گز  ٿئي ٿو. انهيءَ حساب سان اهو فاصلو 8 سوء ميلن جو ٿيو.

(1)  ... عمارت پيش طاق که بفرمودهء فردوس مکاني بابر بادشاه در کوهي که موسوم به ”سرپوزه“ است، از سنگ بريده اند، و آن طاقيست در غايت ارتفاع و در مدت نه سال هشتاد نفرسنگتراش هر روز آن جا کاکرده باتمام رسانيده اند. الحق جاي نفيس و فرح افزاست، وچون مشرف بر آب ارغنداب است و اکثر باغات و مزروعات آن ديار بر آنست، در آيام بهار محل عبور اکثر مردم ميشود، اما از بس بلندي، بر آمدن بر آنجا بسيار دشوار است، بعضي از دهشت نمي توانند آنجا رسيد.

و در آنجا کتابهء بنام حضرت فردوس مکاني بابر بادشاه و مرزا کامران و مرزا عسکري و مرزا هندال که صاحب اهتمام بوده اند نوشته اند. و چون حضرت جنت آشياني همايون بادشاه آنجا تشريف نداشته اند، اسم سامي ايشان دران کتابه مذکور نيست، و از ممالک محروسهء ايشان همين قندهار مرقوم نموده بودند. کاتب چون آنجا رسيد، ديدهء که نام جنت آشياني و نام حضرت خليفه الاهي و ممالک وروسهء حضرت که هزار هزار برابر قندهار و کابل در تصرف غلامان اين درگاه است نبود. بخاطر رسيد که اسم ساميء ايشان شهرها و ممالک محروسهء در آنجا درج بايد نمود.

بنا بران، خوش نويس و سگتراشان را از بکهر طلبيده، کتبه در آنجا نوشت، و نام حضرت جنت آشياني و حضرت شهنشاهي و اکثر شهرهاي ممالک محروسد ايشان، از اقصاي حدود بنگاله تا بندر لاهري و از کابل و غزنين تا دکن، هم را داخل ساخته. قريب چهار سال آنجا کارکرده باتمام رسانيد. الحق مجموعه شده است که خلائق بتماشا ميروند.

(معصومي، 31  - 132).

(1)  چهل زينه تي قاموس جغرافياي افغانستان ڏسڻ گهرجي، 2: 89.

(2)  Travels in the Panjab and Afghanistan By Mohan lal landon 1846ع.

(3)  مفتاح، ص. 155 156.

(4)  غالباً آخري طرح رساله تاريخ حيدرآباد دکن ۾ حڪيم شمس الله قادري ”مير محمد معصوم نالي“ مقاله ۾ ص 43 تي ڇپيو آهي. جنوري 1929ع.

(1)  ڪتبي ۾ علامتي نشان اسان ڏٺا آهن. جرنل ايشاتيک جي صفحي 195 کان 230 تائين مضمون آهن: مضمون جو عنوان آهي:

La Grande Inscription De Qandahar Par M. James Darmesteter Fevrier Mars 1890ع

(1)   E. I. M.ص. 26 سال 30-1929ع خواجه محمد احمد، Inscrption From Udgir, Bidar Distt.

(2) Cunningham’s Reports VI-XX, P.16.

(1)  Allore and Rohri T.B.R.A.S. Vol I, April 1843 (ص. 209) Antiquities of Sind, H. Cousens, P 78 ۽ ڏسو.

انهيءَ پٿر جو حوالو: حيات معصوم، الوحيد آزاد نمبر، ستاره سنڌ بهار نمبر، تاريخ معصوميءَ جي ترجمي ۾ مقدمي اندر ۽ مولانا شفيع جي مضمون ۽ اورينٽل ڪاليج ميگزن آگسٽ 1927ع ص 89 ۾ آيو آهي. آخري مضمون حامد عليءَ ڊان ڪراچيءَ ۾ (1969ع آگسٽ) لکيو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org