سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو پنجون

صفحو :19

 

باب پنجون

ديول جي حساب جو عظيم محقق

 ”هن کي به هڪ تمهيد هئڻ کپي - يعني هڪ اَدبي تمهيد.“ ايون کلندو رَهيو. “پر مان اڻ ڄاڻ آهيان، جو اُن کي لکي سگهان. توکي معلوم هئڻ کپي ته منهنجو هي اَثر سورهين صديءَ سان تعلق ٿو رکي. اُن زماني ۾ جيئن تو اسڪول ۾ سکيو هجي، هي رواج هو ته شعر جي ذريعي آسماني طاقتن کي زمين تي آڻي ڏيکارجي. مان ”ڊانٽي“  (1) جي ڳالهه نه ٿو ڪريان. فرانس ۾ ڪلارڪ، توڙي مڙهين ۾ راهب، اِهڙا تمثيل ڏيکاريندا هئا، جن ۾ هـُـو حضرت مريم، سنتن، ملائڪن، حضرت عيسيٰ ۽ خود خدا کي اسٽيج تي آڻيندا هئا. اُِن زماني ۾ هيءُ سڀ ڪجهه سادگي سان ڪيو ويندو هو. ”وڪٽر هيوگو“ (2) جي تصنيف ”نوٽري ڊيم ڊي پئرس“  ڏيکاريو ويو آهي ته لوئي يارهين جي زماني ۾ ”پئرس“ جي  ”هوٽل ڊي وائلي“  ۾، اِهڙا اخلاقي اصلاح ڪرڻ وارا بي دليل تماشا ڏيکاريا ويندا هئا. ُانهن کي ”سنتن ۽ حضرت مريم جي فيصلي جون مـِـٺيون گوريون“ ڪري سڏيندا هئا. اِهڙن تماشن ۾ هـُـو پاڻ اَچي، پنهنجي فيصلي جي شيرينيءَ جو اعلان ڪندي هئي. ساڳيءَ ريت اِهڙا تمثيل خاص ڪري ”توريت” مان وٺي روس ۾ به پيٽراعظم جي زماني تائين ڏيکاريا ويندا هئا. هنن کانسواءِ ڪيترائي تمثيل، گيت ۽ وهمي داستان دنيا ۾ هر هنڌ پکڙيل هئا، جن ۾ سنتن، ملائڪن ۽ آسماني طاقتن جو حصو هو ۽ ضرورت جي وقت هنن حصو ٿي ورتو. اَسان جي مڙهين ۾ راهب، هميشھ اُنهن جي ترجمن، نقل ڪرڻ ۽ اِهڙن نظمن جي ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي رهيا. تاتارين جي دور ۾ اِيئن ٿيندو رهيو. مثال لاءِ اُنهن نظمن مان، هڪ اِهڙو نظم آهي (يوناني مان ورتل آهي) ”دوزخ جي اندر اسان جي عزت ماب بيگم جو سير“. اُن جو تفصيل به ايترو همت وارو آهي، جيترو ڊانٽي جو. عظيم فرشتو ميڪائيل عذاب واري جاءِ ڏانهن سندس رهنمائي ڪري ٿو. هوءَ گنهگارن ۾ سندن سزائن کي ڏسي ٿي. اُتي هوءَ ٻين گنهگارن جي درميان هڪ خاص گنهگارن جي گروهه کي ڏسي ٿي، جي هڪ باهه جي ڍنڍ ۾ پيل آهن. اُنهن مان ڪي ڍنڍ جي تري ۾ غرق هئا، جنهن ڪري هـُـو ٻاهر تري نه ٿي سگهيا. هي  ”خدا فراموش شد“ غير معمولي طاقت ۽ گهرائي جو اظهار ڪندڙ هئا. هيءُ ڏسي اسان جي عزت ماب بيگم کي وڏو صدمو پهچي ٿو ۽ هوءَ روئڻ شروع ڪـَـري ٿي ۽ خدا جي تخت جي سامهون، جهنم جي عذاب وارن لاءِ رحم جي درخواست ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته اُتي هن، سڀني بي جوڙ ڳالهين کي ڏٺو هو. سندس گفتگو اُپائڻهار سان بيحد دلچسپيءَ واري آهي. هوءَ کيس عرض ڪـَـري ٿي ته هـُـو هن عذاب کان دستبردار ٿي وڃي. جڏهن خدا کيس سندس فرزند جي طرف اِشارو ڪري ٿو، جو صليب تي آهي ۽ سندن هٿن ۽ پيرن ۾ ميخون لڳل آهن، تڏهن کيس فرمائي ٿو ته مان ڪهڙي ريت سندس عذاب ڏيندڙن کي معاف ڪريان؟ هـُـو سڀيئي ساڻس گڏجي سجدي ۾ ڪري پون ۽ رحم جي لاءِ درخواست ڪن. آخر هوءَ خدا کان ڪاميابي حاصل ڪري ٿي ته هر ڪنهن سال ”گڊ فرائيڊي“ جي هفتي لاءِ سڀني گنهگارن کي، سزا کان مـُـهلت ڏني ويندي. اُن وقت جهنم مان سڀني گنهگارن جو گڏجي شڪر گذاريءَ جو آواز آيو ته”اي مالڪ تون، هن فيصلي ۾ انصاف وارو آهي“ خير منهنجي نظم جيڪڏهن اُن وقت ۾ لکيو وڃي ها ته اِهڙيئي قسم جو هجي ها. هـُـو منهنجو نظم ۾ به ظاهر ٿئي ٿو، پر هـُـو خاموش آهي. هـُـو ظاهر ٿئي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. پندرهن صديون گذري ويون آهن، جڏهن هـُـن انجام ڪيو هو ته هـُـو موٽي ايندو. پندرهن صديون اڳ هن پيشنگوئي طرح لکيو هو ته ”ٻـُـڌو، مان جلدي ايندس.“ اُن ڏينهن کان وٺي هن گهڙيءَ تائين ڪو به ماڻهو نتيجو نه ٿو ڄاڻي پر فقط هـُـو، ڇاڪاڻ ته هن، زمين تي هيءَ پيشنگوئي ڪئي هئي، پر انسانيت ساڳي عقيدي سان اَڃا تائين سندس انتظار ڪندي رَهي آهي. ها! عظيم اعتقاد سان. ڇاڪاڻ ته پندرهن صديون گذريون، انسان آسماني شهادت کان محروم آهي.

ڪي به نشانيون آسمان کان اڄ نه ٿيون اَچن،

جن مان معلوم ٿي سگهي ته روح کي ڇا چوڻو آهي.

اعتقاد کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به باقي نه آهي، جنهن لاءِ دل ڪجهه چئي سگهي. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اُن زماني ۾ گهڻيئي معجزا هوندا. اُنهيءَ زماني ۾ اِهڙا به ولي هوندا، جي معجزاڻي طريقي مشڪلاتون حل ڪندا هوندا. جيئن سندن سوانح حيات مان معلوم ٿئي ٿو، ڪي اِهڙيون به مقدس شخصيتون هيون، جن سان آسماني ملڪه خود ملاقاتون ٿي ڪيون، پر شيطان سـُـتو نه آهي، اِنهن ڪراما تن وارن ماڻهن جي صداقت ۾ به شڪ ۽ شبها جاڳندا رهيا. ٿورو اڳ جرمني جي اُتر ۾ هڪ خطرناڪ افواهه پکڙيو. “ هڪ عظيم ستارو مشعال جهڙو (اِهو ديول جي راءِ تي آهي) پاڻي پيئڻ جي ذريعن جي مٿان ڪريو ۽ سڄو پاڻي کارو بڻجي ويو. هيءُ راهبن جون اُٿاريل ڳالهيون ۽ سندن انڪار ڪفر بڻجي ويو. پر جن هنن ڳالهين ۾ پنهنجي ويساهه رکيو، اُهي زياده معتقد بڻجي ويا. انسانيت جا ڳوڙها، اڳي وانگر وٽس پيش ٿيا، ماڻهو سندس آمد جو اِنتظار ڪرڻ لڳا. کيس پيار ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي اُميدن کي تر ۽ تازه رکڻ لڳا ۽ اڳي وانگر هن جي لاءِ آرزو ۾ رهيا ۽ سندس لاءِ هر تڪليف کي برداشت ڪرڻ ۽ مـَـرڻ لاءِ تيار ٿي  ويا. ڪيترن زمانن کان انسانيت اشتياق ۽ عقيدي سان دعائون گهرندي رَهي آهي، “ اسان جا مالڪ، اَسان جا خدا، اَسان ڏي جلدي اَچ. کيس پـُـڪاريندي اِيئن زمانا گذريا، سندس لامحدود رحم ۽ ڪرم هوندي به، هـُـو پنهنجي خادمن ڏي لـَـهي نه آيو.

چون ٿا ته گهڻو اڳي، هـُـو هيٺ لهي آيو ۽ مقدس انسانن، شهيدن ۽ راهبن سان مليو هو، جيئن اُنهن جي حياتيءَ جي احوال ۾ لکيل آهي. يوچيف اسان ۾ اُهو ماڻهو آهي، جنهن لفظن ۾ هـِـن حقيقت جي صداقت سمايل آهي:

 ”صليب کي کنيو، غلاماڻي لباس ۾ آسمان جو بادشاهه خسته ۽ ٿڪايل اسان جي مادرِ وطن رشيا کي دعا ڪرڻ آيو ۽ اسان جي سڄي ملڪ ۾ گهمندو رهيو.“

 

 ” اِيئن پڪ سان هو، مان توکي اُن جو يقين ٿو ڏياريان.

ترس، هن ٿوري وقفي لاءِ اِرادو ڪيو ته ظاهر ٿئي. هـُـن عوام، مصيبت زده ۽ عذاب ۾ ورتل انسانن کي، جي يڪسانيت کان دور پيل هئا، پر کيس ٻارن وانگر پيار ٿي ڪيائون، ڏيکاري ڏني. منهنجي ڪهاڻي اسپين سان تعلق رکي ٿي. سيول ۾، مذهبي عدالت جي سزائن واري هيبتناڪ زماني تي، جڏهن هر روز خدا جي شان ۽ شوڪت کي روشن ڪرڻ لاءِ باهيون جلايون وينديون هيون، اُنهن ۾ بدڪار راهبن کي جلايو ويندو هو. بيشڪ اِهڙين حالتن ۾ سندس آمد ٿيڻ کپندي هئي، جيئن سندس واعدو هو، ته هـُـو وقت پوري ٿيڻ تي آسماني شان ۽ شوڪت سان ظاهر ٿيندو. هيءَ آمد ايڏي، ته اوچتو هوندي، جيئن اوڀر کان اولهه تائين کـِـنوڻ جو چمڪاٽ. نه هن پنهنجي ٻارن سان گهڙي کـِـن لاءِ ملاقات ڪئي. اُن جاءِ تي جتي، راهبن جي چوڌاري باهه جا شعلا ٺڪاءَ ڪڍي رهيا هئا. هـُـو پنهنجي لامحدود ٻاجهه سان، هڪ ڀيرو وري به انساني صورت ۾ ماڻهن جي وچ ۾ آيو، جنهن صورت ۾ هـُـو پندرنهن سؤ ورهيه اڳي، ٽي سال ساندهه انسانن جي وچ ۾ گهـُـمندو رهيو. هـُـو هڪ ڏاکڻي شهر جي آتش فروش وٽ آيو، جتي هڪ ڏينهن اڳ ۾، سـَـؤ کن راهب، آتشڪده ۾، اُتان جي وڏي مذهبي عهديدار (ڪارڊنيل) جي حڪم سان زندهه جلايا ويا هئا. هيءُ سڀ ڪجهه ديول جي حساب جي عظيم محقق جي طرفان هو ۽ بادشاهه جي سامهون، جتي ڪيترائي درٻاري، بهادر، نواب ۽ ڪيئي مذهبي پيشوا موجود هئا. دربار ۾ ڪيئي دلڪش عورتون به هيون. اِيئن کڻي چئجي، ته سيول جي سڄي آدمشماري موجود هئي.

هـُـو آهستگيءَ سان آيو ۽ کيس ڪنهن به نه ڏٺو. مون کي هيئن چوندي تعجب ٿو لڳي، ته کيس سڀ ڪنهن سڃاتو. هي ٽڪرا شايد نظم ۾ بهترين هجن. منهنجو مطلب آهي، ته کيس هنن ڇو سڃاتو. ماڻهو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اُن ڏي ڇڪجي ويا. هـُـو سندس چوڌاري گڏ ٿي ويا. هـُـو گروهه درگروهه سندس پويان لڳي پيا. هـُـو سندن وچ ۾ لامحدود رحم سان گڏ مشڪندو ٿي ويو. محبت جو سج سندس دل ۾ چمڪندو ٿي رهيو ۽ سندس روشني ۽ طاقت سندس اکين مان صاف پئي بـَـکيون. روشني ماڻهن تي پئجي رَهي هئي ۽ سندن دليون محبت جي موجودگيءَ کان پئي ٿي چـُـريون. هـُـن پنهنجي دعائن جي هٿن کي ڊگهيريو ۽ کين دعائون پئي ڏنيون. سندس موجودگيءَ جي باعث شفا اَچي وئي. ميڙ ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو موجود هو، جو ننڍپڻ کان اَنڌو هو. هـُـن رڙ ڪري چيو: ”اي مالڪ! مون کي اِهڙي شفا ڏي، جو توکي ڏسي سگهان.“ پوءِ اِيئن ٿيو. اُن جي اکين جي ڇپرن مان ڪجهه ڪـِـري پيو ۽ اَنڌي کيس ڏٺو. ماڻهو روئڻ لڳا ۽ زمين جو ٽڪرو جو سندن پيرن جي هيٺان هو، اُن کي چمڻ لڳا. ٻارن مٿس گـُـل اُڇلايا ۽ سندس سامهون حمد جي نغمي کي ڳاتو. سڀني ورائي ورائي چيو، ته اِهو ئي آهي، اِهو ئي آهي. هيءُ ٻيو ٿي نه ٿو سگهي، پر اُهو ئي آهي. هـُـو سيول جي ديول جي ڏاڪن تي بيهي رهيو. اُن وقت روئندڙ ماتمين هڪ اَڇي ڏوليءَ کي آندو، جنهن ۾ هڪ ستن ورهين جي ٻار جو لاش هو، جا هڪ معزز شهر واسي جي ڌيءَ هئي. مئل ٻار جو لاش گـُـلن سان ڍڪيل هو. ماڻهن جي گوڙ، روئندڙ ماءُ کي رڙيون ڪري چيو ته هي، هن کي زندهه ڪندو. پادري اُن لاش جي ڏوليءَ جي قريب اَچي پهتو. هـُـو منجهيل ۽ غصي ۾ پريشان ٿي ڏٺو. پر مئل ٻار جي ماءُ، پار ڪڍندي سندس پيرن ۾ ڪري پئي. سندس هٿن کي هن جهلي چيو ته،  ”جيڪڏهن تون اُهو آهين ته هن ٻار کي جيئرو ڪر. “ جلوس بيهي رهيو. لاش جي ڏولي سندس پيرن ۾ ڏاڪي تي رکي هئي. هن رحم ڀـَـري نگاهن سان ڏٺو ۽ سندس چپن مان آهستگيءَ سان نڪتو، ته نوخيز نينگر اُٿي، هـُـوءَ اُٿي. ننڍڙي نينگر، اُن لاش جي ڏوليءَ مان اُٿي ويٺي. هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي. سندس اکيون پوريءَ ريت کلي پيون ۽ هـُـو مشڪندي نهارڻ لڳي. سندس هٿن ۾ سفيد گلاب جي شاخ هئي، اُها اُنهن گلن مان هئي، جي مٿس وڌا ويا هئا.

هاڻي واڪا ۽ اُوڇنگارون هيون. ماڻهن ۾ عجيب مونجهارو هو. عين اُن موقعي، وڏو پادري، ديول جي حساب جو عظيم محقق، پاڻ اُتان اَچي گذريو. هـُـو نـَـوي ورهين جو پوڙهو هو. ڊگهو ۽ ڀريل بدن وارو. سندس منهن ۾ گهنج هئا. ۽ ڪوڙيون اکيون، جن ۾ اَڃا به ڪجهه روشني نظر ٿي آئي. کيس اَڄ اُهو شاندار وڏي پادري وارو لباس نه هو، جو ڪالهه هـُـن رومن چرچ جي مخالفن کي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ پهريو هو. هن وقت کيس آڳاٽن راهبن جهڙو لباس پيل هو. سندس پويان ٿوري مفاصلي تي، سندس نائب، غلام ۽ محافظ دستو ٿي آيو. هـُـو ماڻهن جو گوڙ ڏسي اُتي ترسي پيو ۽ اُنهن کي جاچي ڏسڻ لڳو. هـُـن اُتي سڀ ڪجهه ڏٺو. هـُـن هيءُ به ڏٺو، ته لاش جي ڏوليءَ کي هن جي پيرن ۾ رکيو آهي ۽ ڇوڪري اُٿي ويٺي آهي. سندس منهن ڪارو ٿي ويو. هـُـو پنهنجي گهاٽي ڏاڙهيءَ کي ڇنڻ لڳو. سندس اکين ۾ خباثت جي باهه جي روشني پيدا ٿي. هن پنهنجي آڱر جي اِشاري سان پنهنجي محافظ دستي کي حڪم ڏنو، ته کيس گرفتار ڪن. طاقت عجيب شيءِ آهي. ماڻهو اِهڙا ته سندس تابعداريءَ ۾ محڪم ۽ مڃتا ۾ ڊنا ٿي، جو هن ماڻهن جا گوڙ فوريءَ طرح هٽي ويا ۽ محافظ دستي کي جاءِ ڏنائون. اُن موت جهڙي خاموشيءَ ۾ هنن، کيس ورتو ۽ پاڻ سان وَٺي ويا. ماڻهن جو گوڙ اُن وقت جهڪي ويو ۽ واحد ماڻهوءَ جي صورت ۾ سڀني پوڙهي حساب جي عظيم محقق کي سلامي ڏني. محافظ پنهنجي قيدي کي هڪ قريبي اونداهي قبي واري بنديخاني ۾ قيد ڪيو، جو هڪ پراڻي مذهبي سزا ڏيڻ واري محلات جي اندر هو. ڏينهن گذري ويو ۽ اُونداهي رات اَچي وئي. سيول جي گهـُـٽ ۽ حـَـبس واري گرم رات! هوا ۽ ساوڪ ۽ ليمي جي خوشبو هئي. سخت اونداهيءَ ۾، اوچتو قيدخاني جا لوها دروازا کـُـلي پيا ۽ ديول جي حساب جو عظيم محقق پاڻ پنهنجي هٿن ۾ فانوس کڻي آيو. هـُـو اَڪيلو هو. دروازو هن جي پٺيان يڪدم بند ڪيو ويو. هـُـو دروازي وٽ هڪ ٻه منٽ ترسيو ۽ سندس چـَـهري ۾ نهارڻ لڳو. آخر هـُـو، هوريان هوريان وٽس ويو. فانوس کي ميز تي رکي، ساڻس ڳالهائڻ لڳو.

 ”تون اُهو آهين نه، اُهو“، پر کيس ڪو به جواب نه مليو. هن يڪدم ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڀلي جواب نه ڏي ۽ خاموش رَهه. تون سچ پچ چوندين به ڇا؟ مان چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو، ته توکي ڇا چـَـوڻو آهي؟ توکي هيءُ حق به نه ٿو پهچي ته تو، اڳ ۾ جو ڪجهه چيو آهي، اُن ۾ ٻيو ڪجهه گڏي سگهين. تون اَسان کي ڇو، رُڪاوٽون وجهڻ لاءِ آيو آهين؟ ” تـُـون اُن کي ڄاڻين به ٿو، پر توکي هيءَ خبر آهي، ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ مون کي خبر نه آهي، ته تون ڪير آهين؟ هن ڄاڻڻ جي پرواهه به نه اٿم، ته تون اُهو آهين يا اُن جو عڪس، پر سڀاڻي مان توکي سزا ڏيندس. راهبن کان به وڌيڪ سخت! توکي ٿنڀي سان ٻڌي جلايو ويندو. اَڄ جن ماڻهن تنهنجي پيرن کي چميون ڏنيون آهن، سڀاڻي اُهي ماڻهو منهنجي ڪمزور اشاري تي، به تنهنجي جلائڻ لاءِ، ڪاٺين جي ڍڳ مان شعلن کي تيز تر ڪندا. تون هن کي ڄاڻين ٿو؟ تون هن کي ڄاڻندو هوندين. هيءُ سڀ ڪجهه گهري خيال جي روڪ ٽوڪ کان سواءِ چوندو ويو. هـُـن ٿوري وقفي لاءِ به قيديءَ کان اکيون ٻاهر نه ڪڍيون.“

 ”مان ڪجهه به نه سمجهيو ايون. هن جو مطلب ڇا آهي؟ ” اليوشا، جو خاموشيءَ سان کيس ڌيان ڏئي ٻـُـڌي رهيو هو، مشڪندي کيس چيو. "هيءُ ته وحشياڻو جـُـنون آهي، يا اُن پوڙهي جي غلطيءَ جو قسم. هي اَڻ ٿيڻ جهڙو مبالغو آهي.“

ايون، کيس کلندي چيو ته، ”هن جي تون پوئين ڳالهه سمجهه. تون جيڪڏهن جديد ماديت جي عقيدي کان خراب ٿي ويو آهين ۽ ڪنهن جنوني ڪيفيت سان متفق ٿي نه ٿو سگهين ۽ تون هن کي سڃاڻپ جي غلطي ٿو شمار ڪرين، ته اِيئن ئي سمجهه. اِهو سچ آهي، “ هـُـن کلندي چيو. پوڙهو نـَـوي ورهيه جو هو، هـُـو پنهنجي خيال ۾ شايد سودائي بڻجي ويو هو. هـُـو شايد قيدي جي ڏسڻ کان متاثر ٿيو هجي. نـَـوي ورهيه جو پوڙهو، شايد، هذيان ۽ مونجهاري ۾ مبتلا هجي، ڇاڪاڻ ته هـُـن، هڪ ڏينهن اڳ ۾ سـَـؤ راهبن کي مارايو هو. ڪيئن به هجي، پر اسان جي لاءِ هيءَ حقيقت خيال ڪرڻ جي لائق آهي، ته هن کان سڃاڻپ غلط ٿي هئي يا هيءُ سڄو جنوني تعصب هو؟ حقيقت هيءَ هئي ته اُن پوڙهي کي ڳالهائڻ کپندو هو ۽ کيس اُهو وضاحت سان چـَـوڻو هو، جنهن تي هـُـن خاموشيءَ سان نـَـوي ورهيه گذاريا هئا.“

 ”قيدي به خاموش هو ڇا؟ ڇا هن، کيس فقط ڏسڻ ٿي گهريو ۽ ڪجهه به ڪڇڻ نه ٿي گهريو؟“

 ”اِهو ڪنهن به حالت ۾ ناگزير آهي. ” ايون وري به کليو. “ پوڙهي کيس چيو ٿي ته، هـُـن کي ڪو به حق نه آهي ته پراڻيون ڳالهيون، جي هن چيون ٿي، اُنهن ۾ ڪا به درستي ڪري نه ٿو سگهي. منهنجي راءِ  گهٽ ۾ گهٽ، رومن ڪئٿولڪ جي مذهب ۾، اِها ڳالهه شايد ڪو چوي ته نهايت بنيادي آهي. هـُـو چون ٿا ته هـُـن سڀ ڪجهه پوپ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ سڀ ڪجهه اَڃا تائين سندس هٿ ۾ آهي، ۽ هاڻي اُن جي موٽڻ جي دنيا ۾ ڪا به ضرورت ڪا نه آهي. اُن ڪري کيس وقت جي رفتار جي مناسبت سان ڪو به تڪرار ڪرڻ نه گهرجي. اِهو ئي سبب آهي جو حضرت عيسيٰ جا پوئلڳ يعني يسوعي، پنهنجي نوعيت سان لکن ۽ ڳالهائين ٿا. مان پاڻ انهن جي فقهي تصنيفن کي پڙهيو آهي. ڇا هاڻي هـُـن کي اِهو حق پهچي ٿو، ته هـُـو اُنهن اسرارن کي ظاهر ڪري، جي ٻيءَ دنيا جا آهن، جن مان هـُـو آيو آهي. منهنجي پوڙهي، هن کان اِهي سوال پڇيا ۽ پاڻ ئي اُن جا جواب ڏنا. هـُـو کيس چوڻ لڳو ته: ”نه، توکي ڪو به حق نه ٿو پهچي. جو ڪجهه پراڻي زماني ۾ چيو ويو آهي، اُن ۾ تون ڪجهه به وڌائي نه ٿو سگهين ۽ تون انسان کان اُها آزادي نه کـَـسِ، جنهن کي تون، جڏهن ڌرتي تي هئين، چڱو شان ۽ مرتبو ڏنو هو. ڪيئن به هجي، جيڪڏهن تو، ڪا نئين ڳالهه ظاهر ڪئي ته اُها انسان جي آزاديءَ جي عقيدي ۾ وڏي مداخلت ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هن کي، هڪ معجزو ظاهر ڪيو ويندو، هوڏانهن هنن جي عقائد جي آزادي، توکي ٻين سڀني شين کان وڌيڪ پياري هئي، جڏهن پندرنهن سـَـؤ ورهيه اڳي، تون هن دنيا ۾ موجود هئين. تو اَڪثر اِيئن نه ٿي چيو ته ”مان اوهان کي آزاد ڪندس.“ پر هاڻي تو ڏٺو ته اِهي آزاد انسان ڇا آهن. پوڙهي اِهي لفظ درد ڏيندڙ کـِـلَ سان چيا. هائو، اَسان هن لاءِ ڳرو عيوض ڏيندا رهيا آهيون. هـُـن سخت نگاهن سان کيس ڏٺو ۽ ڳالهائيندو رهيو. پر تنهنجي نالي ۾ آخرڪار اَسان پنهنجو ڪم پورو ڪري ورتوسون. ڇاڪان ته پندرهن صديون ساندهه، اَسان توهان جي آزاديءَ سان مقابلو ڪندا رهيا آهيون. پر هاڻي هيءُ ڪم چڱائيءَ جي نالي ۾ ختم ٿي چـُـڪو آهي. ڇا توکي هن ڳالهه تي اعتبار نه ٿو اَچي، ته هيءُ سڀ چڱائيءَ لاءِ ڪيو ويو آهي؟ تون مون کي نماڻائيءَ سان نهاري رهيو آهين پر منهنجي ڪا به ڪاروائي عزت اَفزائيءَ جي لائق ئي نه سمجهي وئي آهي. پر مان توکي ٻـُـڌايان ٿو ته هاڻي انسان، آزادي ڏي، اڳي کان گهڻو مائل آهي پر اُن هوندي به هـُـو پنهنجي آزادي اَسان وٽ کڻي آيو آهي ۽ اوهان جي قدمن ۾ عاجزيءَ سان ڦٽي ڪئي اَٿس. پر اِهي اَسان جا پنهنجا اعمال آهن. ڇا اِهو ئي عمل هو، جنهن کي اوهان اختيار ڪيو هو؟ اِها ئي اوهان جي آزادي هئي؟

 ”مان تنهنجي ڳالهين کي وري به سمجهي نه ٿو سگهان“، اليوشا کيس چيو. ”هي طعني بازي آهي يا مذاق؟“

 ”ٿورو ذرو به اُنهن جو نه، هـُـو اِهڙي عمل لاءِ دعويٰ ٿو رکي ته اِهو اُن جي لاءِ ۽ ديول لاءِ وڏو مرتبو آهي ۽ آخرڪار هنن آزادي تي فتح لڌي آهي ۽ اُهو ڪجهه ڪيو اَٿن، جو انسان ذات کي خوشي ميسر ٿي ويندي، ۽ هاڻي (هـُـو خونريز محاسبي لاءِ ڳالهائي ٿو) پهرئين دفعي لاءِ هيءَ ٿيڻ جهڙي ڳالهه بڻي آهي ته انسان جي خوشنودي تي ڳالهائي سگهي. انسان باغي پيدا ٿيو هو ۽ باغي ڪهڙيءَ ريت خوش رَهي سگهي ٿو. توکي خبردار ڪيو ويو هو، هـُـو هن کي چوڻ لڳو. تو کي تنبيهه ۽ تاڪيد جي ڪا به کوٽ موجود نه هئي، پر افسوس جو تون اُنهن تاڪيدن کي ڪو نه ٻـُـڌو. ڇا تون انهيءَ هڪڙي ئي رستي کي رد ڪرڻ گهرين ٿو، جنهن سان ماڻهو خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو. پر خوشنصيبي سان، جڏهن تون جدا ٿئين ٿو، تون هن ڪم ۾ پنهنجو هـَـٿ نه وجهين. تو اَسان سان انجام ڪيو هو، پنهنجي واعدي سان مقرر ڪيو هو، تو اَسان کي هيءُ حق ڏنو آهي، ته ڪنهن کي ٻـَـڌون يا ڇوڙيون؟ هاڻي تون اَسان کان اِنهيءَ حق جي کسڻ جو خيال به نه ٿو ڪري سگهين، پوءِ تون اسان کي هتي ڇو پريشان ڪرڻ آيو آهين؟

 ”تنبيهه ۽ تاڪيد جي کوٽ کان، تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ ” اليوشا کانئس پڇيو.

 ”ڇو؟ هيءُ ته اُن جو وڏو حصو آهي، جنهن کي جيڪر پوڙهو چوڻ گهرجي.“

 ”داناءُ ۽ مهيب روح خود برباد ۽ محروم حيات روح“  پوڙهو چوندو رهيو عظيم رفع توسان سـچ ڳالهايو ۽ اسان کي ڪتابن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته هـُـن توکي خواهش ڏياري. ڇا اِئين برابر آهي؟ ڇا هن کان وڌيڪ ڪا ٻي صداقت واري شيءِ چئي سگهجي ٿي، جا الهامي طور تي توکي ٽن سوالن ۾ ٻڌائي وئي. اِنهن مان تو ڪهڙن جو انڪار ڪيو هو ۽ ڪتابن ۾ ”خواهشات “ ڇاکي سڏيو وڃي ٿو؟ اَڃا به جيڪڏهن زمين تي ڪا سچ پچ عظيم ڪرامت ٿي سگهي ٿي، ته اُها اُن ڏينهن عمل ۾ آئي هئي، يعني ٽن خواهشن واري ڏينهن تي. اِنهن ٽن سوالن جي حقيقت، خود هڪ ڪرامت هئي. جيڪڏهن اِهو دليل جي طور تي تصور ڪرڻ جائز ٿي سگهي ٿو، ته اُن روح جا هي ٽي سوال ڪتابن ۾ بلڪل مٽجي چـُـڪا آهن ۽ هاڻ اَسان کي وري اُنهن کي قائم ڪرڻ گهرجي، ۽ نئين طرح ڳولڻ گهرجي ته پوءِ اَسان کي سڄي دنيا جي عقلمندن کي يڪجا ڪرڻ گهرجي. حاڪم، مکيه راهب، پڙهيل، فلاسافر ۽ شاعر. هنن جي مٿان هي ڪم رکيو وڃي ته هـُـو اُنهن ٽن سوالن جي ڳولا ڪن. بلڪل اِهڙي ريت، جيئن موقعي آهر هجن. پر اُنهن جو ٽن لفظن ۽ ٽن اصطلاحن ۾ اظهار هجي. هان ٽن انساني اصطلاحن ۾ سڄي انسانيت ۽ دنيا جي مستقبل جي تاريخ سمائجي وڃي. ڇا تون اِيئن وسهين ٿو، ته زمين جي سڄي عقلمندي، گڏجي، اُنهن ٽن سوالن جي برابر گهرائي ۽ طاقت ڳولهي سگهي ها، جو توکي اُن طاقتور ۽ عقلمند روح ويرانيءَ ۾ عطا ڪئي هئي؟ فقط اِنهن سوالن مان پر اُنهن جي حقيقت جي ڪرامت مان، اَسان ڏسون ٿا ته هتي اسان کي انساني ذهن سان گڏ غائب ٿي نه وڃڻو آهي، پر اسان کي لامحدود ۽ غير فاني سان گڏ رهڻو آهي. اِنهن ٽن سوالن ۾ انسان ذات جي سڄي مسلسل تاريخ اَچي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته اُها سموري يڪجا ڪئي وئي هئي ۽ اڳ ۾ ٻڌائي وئي هئي ۽ اُن ۾ اُهي سڀيئي انسانيت جي تاريخ جا سڀئي نه حل ڪيل اختلافي مسئلا موجود آهن. اُن وقت شايد اِهي ايترا واضح نه هئا، ڇاڪاڻ ته مستقبل جي ڪا به خبر نه هئي. پر هاڻي جڏهن پندرنهن صديون گذري چـُـڪيون آهن، اَسان ڏسون ٿا ته اِنهن ٽن سوالن ۾ سڀ ڪا شيءِ ايترو، ته منصفاڻي ۽ غير فاني اڳ ۾ ٻڌائي وئي آهي ۽ اُنهن کي ايترو، ته صداقت سان معمور ڪيو ويو آهي جو هاڻي اُنهن ۾ ڪنهن به ٻي اضافي جي گنجائش ئي نه رَهي آهي.

تون پاڻ انصاف ڪر ته ڪير صحيح آهي - تون يا هـُـو، جنهن توکان اُن وقت سوال ڪيا هئا. پهرئين سوال کي ياد ڪر. اُن جي معنيٰ ٻين لفظن ۾ هئين ٿيندي: تون دنيا ۾ ايندين ۽ خالي هٿن سان. تو وٽ فقط آزادي جو واعدو هوندو. اُن کي ماڻهو پنهنجي سادگي ۽ بي قاعدگيءَ کان سمجهي به نه سگهيا آهن. هـُـو فقط اُن کان خوف کائيندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته انسان ذات ۽ اُن جي سوسائٽي لاءِ، آزادي ۽ نجات کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ وڌيڪ تسلي ڏيندڙ نه آهي. پر توکي هيءُ ڏسڻ گهرجي ته هيءُ پٿر، هن ساڙيندڙ ۽ ويران آوارگيءَ ۾؟ هنن پٿرن کي مانيءَ ۾ بدلاءِ. انسان ذات تنهنجي پويان تابعداري ۽ شڪر گذاريءَ، جي حالت ۾ رڍن جي ڌڻ وانگر ڊوڙي پوندي. جيتوڻيڪ هوءَ هميشھ ڏڪندي رهندي ته متان تون پنهنجي هٿ کي ڪـَـڍي وٺين ۽ کين ماني جو انڪار ڪرين. پر تون ماڻهن کان سندن نجات ۽ آزادي کي نه کسيندين نه وري سندن خواهشن کي روڪيندين. تون ضرور اِهو خيال ڪندين ته هن آزادگي ۽ نجات جو ڪهڙو قدر ۽ قيمت آهي، جڏهن اُن کي ماني جي عيوض خريد ڪري سگهجي ٿو؟ تون جواب ڏي، ته ماڻهو فقط مانيءَ سان ته جهان ۾ زندهه رَهي نه ٿو سگهي، پر تون چڱي ريت ڄاڻين ٿو ته مانيءَ جي واسطي، روح تنهنجي خلاف اُٿي بيهندو، توسان جهڳڙندو ۽ تنهنجي مٿان قابض ٿي ويندو. سڀئي اُن جي پٺيان رڙيون ڪري چوندا ته، ”هن وحشيءَ سان ڪهڙي ڀيٽ؟ هن اسان کي آسمان کان باهه بخشش ڪئي آهي!“ توکي خبر آهي ته زمانا گذرندا ۽ انسانيت پنهنجي عالمن جي چپن مان، اعلان ڪندي، ته هت ڪو به گناهه ڪو نه آهي ۽ اُن جي ڪري ڪو به ڏوهه نه آهي. تڏهن هتي فقط باک آهي؟ ماڻهوءَ کي پيٽ ڀري کاراءِ ۽ ان کان گـُـڻن جي تقاضا ڪر! اِها ئي ڳالهه آهي، جا هـُـو پنهنجي جهنڊي تي لکي، تنهنجي خلاف اُن کي بلند ڪندا. جنهن سان هـُـو تنهنجي مندر کي برباد ڪري ڇڏيندا، جتي تنهنجو مندر بيٺو آهي، اُتي هڪ نئين عمارت کي تعمير ڪندا. ۽ اتي خوفناڪ منارو وري تعمير ڪيو ويندو. اُهو جيتوڻيڪ اڳئين وانگر تڪميل تي پهچي نه سگهندو. تون شايد اُن نئين مناري کي روڪين. ڇاڪاڻ ته تون انسان ذات جي مصيبتن کي هزارن سالن کان رفع دفع ڪندو رهيو آهين. اُنهيءَ اُميد سان ته هـُـو هزارن سالن جي عذابن کان پوءِ مناري سان گڏ اسان ڏي موٽي ايندا. هـو اَسان کي وري زمين دوز مردن جي تهخانن مان ڳولي هٿ ڪندا، ڇاڪاڻ ته اَسان کي هو وري عذاب ڏيندا. هـُـو اسان کي ڳولي، هٿ ڪري ۽ واڪا ڪري چوندا ته، ”اسان کي کارايو. ڇاڪاڻ ته جن اَسان سان آسماني باهه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اُنهن اَسان کي اُها نه پهچائي آهي. اُن ڪري اَسان اُن مناري جي تڪميل ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته جيڪو اَسان کي کارائيندو، اَسان اُن جي ئي ڪم جو پورائو ڪنداسون. اَسان کين تنهنجي نالي ۾ کارائينداسون ۽ ڪوڙ ڪري اِيئن ظاهر ڪنداسون ته اِهو، تنهنجي ئي نالي جي صدقي ۾ آهي. ها ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه. هـُـو اَسان کان سواءِ پاڻ کي کارائي سگهندا. جيستائين هـُـو آزاد رهندا، تيستائين کين ڪا به سائنس کارائي نه سگهندي. آخر ۾ هـُـو پنهنجي آزادي اَسان جي پيرن ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيندا ۽ اَسان کي چوندا ته، ”ڀلي اسان کي پنهنجو غلام بڻايو، پر اَسان کي کارايو.“ هـُـو آخر ۾ پاڻ کي سمجهندا ته آزادي ۽ پيٽ ڀري ماني، سڀ جي لاءِ گڏ ۽ گڏ، تصور ۾ اَچڻ واريون شيون ئي نه آهن. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن به هيءُ ٻه شيون هڪ ٻي سان ڀاڱي ڀائيوار ٿي نه ٿيون سگهن. هـُـو ڪڏهن به اُنهن ۾ ڪا تقسيم نه ڪري سگهندا. هنن کي آخر مڃڻو پوندو، ته هـُـو ڪڏهن به آزاد ٿي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته ضعيف آهن، ڳڻ چور آهن، بي قيمت ۽ باغي آهن. تو ساڻن آسمان جي مانيءَ جو واعدو ڪيو آهي، پر مان وري به دهرايان ٿو ته ضعيفن جي اکين سان زميني ماني جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. بني آدم جي گنهگار ۽ ذليل قوم ذات! جيڪڏهن آسماني ماني واسطي، لکين تنهنجي پٺ وٺن ته پوءِ اُنهن لکن ۽ ڪروڙن حيوانن جو ڇا ٿيندو، جن وٽ ايتري قوت ڪا نه آهي جو آسماني ماني جي لاءِ زميني ماني جو سهارو وٺن؟ يا ته توکي اُنهن ڪروڙن جي سنڀال ڪرڻي پوندي، جي مٿي ۽ مضبوط آهن. پر اُهي لکين ۽ لاتعداد، سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا انسان، جي توسان محبت ڪن ٿا، اِنهن طاقتور ۽ عظيم انسانن جا فقط طفيلي ٿي رهندا؟ نه اسان کي ڪمزورن جي به خبر رکڻ گهرجي. هـُـو جيتوڻيڪ گنهگار ۽ باغي آهن، پر آخر ۾ هـُـو به تابعدار بڻجي ويندا. هـُـو حيرت ۽ عجب مان اسان کي ڏسندا ۽ اَسان کي خدائن وانگر نهاريندا. ڇاڪاڻ ته اسان اُن آزاديءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن کي اُنهن ايڏو خوفائتو سمجهيو آهي. کين آزاد ڇڏڻ نهايت خطرناڪ ٿيندو، هنن تي حڪومت ئي ڪرڻ گهرجي. پر اسان کين ٻڌائينداسون ته اَسان تنهنجا خادم آهيون ۽ تنهنجي نالي ۾ حڪومت ڪنداسون. اسان کين ٺڳينداسون، ڇاڪاڻ ته توکي وري اَچڻ نه ڏينداسون. هيءَ مڪاري اَسان جي لاءِ مصيبت بڻبي، ڇو ته اَسان کي ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو.

هيءَ پهرئين سوال جي تشريح آهي، جا توکي آوارگيءَ ۾ حاصل ٿي هئي ۽ هيءَ ئي تو آزادي جي خاطر رد ڪري ڇڏي آهي. جنهن کي تو هر شيءِ کان برتر ٿي سمجهيو. هن سوال ۾ دنيا جو وڏو راز مخفي آهي. ”مانيءَ “ جي انتخاب سان تون جيڪر ڪائنات کي ۽ انسانيت جي هميشھ رهندڙ آرزو کي راضي ڪري سگهين ٿو، جيئن توکي ڪو تنهنجي بندگيءَ لاءِ حاصل ٿي سگهي ها، پر جيستائين انسان آزاد آهي، هـُـو لاحاصل جهڳڙندو رَهي ٿو. ايترو ته لڳاتار ۽ دکدائڪ، جو کيس ضرورت پوي ٿي ته هـُـو ڪنهن جي عبادت ڪري. پر ماڻهو هميشھ عبادت لاءِ هيءُ جستجو ڪري ٿو ته هو ڪنهن جهڳڙي کان بالاتر هجي. جيئن سڀ ماڻهو اُن بندگي کي هڪدم قبول ڪري وٺن. ڇاڪاڻ ته هيءُ غمزده انسان فقط اِنهيءَ سان واسطيدار نه آهن ته ڪو ڪيئن ٿو عبادت ڪري، پر هـُـو اِهڙي شيءِ کي لهڻ گهرن ٿا ته اُن ۾ سڀني جو اعتقاد هجي، ۽ اُن جي عبادت ڪن. ضروري اِهو آهي سڀئي اُن تي متفق هجن. هي عبادت ڪندڙ برادري جي آرزو، هر هڪ ماڻهوءَ جي انفرادي طرح مکيه پريشاني آهي ۽ سڄي انسانيت جي ابتدائي زماني کان مصيبت آهي. هن يڪسانيت جي عبادت واسطي، هنن هڪٻئي کي تلوار سان پئي ماريو آهي. هنن پنهنجي خدائن کي بڻايو آهي ۽ هڪ ٻئي کي مقابلي جي آڇ پئي ڪئي آهي، ته پنهنجي خدائن کي ڇڏيو ۽ اَچي اسان جن جي عبادت ڪريو. ٻي صورت ۾ اسان اوهان کي ۽ اوهان جي خدائن کي قتل ڪري ڇڏينداسون. اِهڙي ريت دنيا جي پڇاڙيءَ تائين ٿيندو رهندو. توڙي جو خدا زمين کان غائب به ٿي ويندا. هـُـو بتن جي اڳيان ساڳي ريت ڪري پوندا. تون هيءُ ڄاڻين ٿو. تون انساني فطرت جي هن بنيادي راز کي ڄاڻين ٿو پر ڇا تون اُن هڪ معصوم جهنڊي کي رد ڪري ڇڏيندين، جو توکي اُنهيءَ لاءِ آڇيو ويو هو ته سڀئي ماڻهو فقط تنهنجي اڳيان جهڪي وڃن. اِهو آهي زميني مانيءَ جو جهنڊو. پر تو اُن کي آزادي ۽ آسماني ماني جي عيوض ۾ رد ڪري ڇڏيو. هاڻي ٻڌاءِ ته وڌيڪ توکي ڇا ڪرڻو آهي، هاڻ وري به سڀ ڪجهه آزاديءَ جي نالي ۾ ڪرڻ گهرين ٿو! مان توکي ٻڌايان ٿو ته انسان کي هن انتظار کان وڌيڪ ٻيو ڪو به عذاب نه آهي ته هـُـو جيتري قدر جلد ٿي سگهي، هـُـو اُن آزاديءَ جي انعام کي، ڪنهن اِهڙي شيءِ کي ڏيئي ڇڏي، جنهن سان هي بدقسمت حيوان دنيا ۾ پيدا ٿيو آهي. پر فقط اُهو ئي هن کان آزادي وٺي سگهي ٿو، جو پنهنجي ضمير کي گهٽ ڪري سگهي ٿو. مانيءَ ۾ توکي اُهو جهنڊو آڇيو ويو هو، جو ڪڏهن به شڪست کائي نه ٿو سگهي. ماني ڏي ۽ ماڻهو تنهنجي عبادت ڪرڻ شروع ڪندا. ڇاڪاڻ ته مانيءَ کان وڌيڪ ٻي يقيني شيءِ ٿي ئي نه ٿي سگهي. پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي ضمير تي قبضو ڪري وٺي ته هـُـو تنهنجي مانيءَ کي ڇڏي ڏيندو ۽ هـُـو اُن جي پوئتان لڳي پوندو، جنهن اُن جي ضمير کي دام ۾ آڻي وڌو آهي. هن حقيقت ۾ تون صحيح هئين. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جي هستيءَ جو راز فقط هن ۾ نه آهي ته هـُـو فقط جيئرو رَهي پر ڪنهن جي لاءِ جيئرو رَهي. حياتيءَ جي مضبوط ذهني تصور ۽ مقصد کانسواءِ ماڻهو پنهنجي زندگي کي گذارڻ قبول نه ٿو ڪري. هـُـو زمين تي رهڻ جي بجاءِ، پاڻ کي تباهه ڪرڻ بهتر سمجهندو. توڙي کڻي کيس ماني ڪثرت سان ميسر هجي. اِهو سچ آهي. پر ڇا ٿيندو؟ بجاءِ اِنهيءَ جي، جو ماڻهن کان سندس آزادي کسي وڃي، تون اُن کي هميشھ کان به عظيم تر بڻائي ڇڏيندين! توکان شايد اِهو وسري ٿو ته ماڻهن کي صلح ۽ سانت پسند آهي ۽ موت به. فقط کيس هيءُ کپي ٿو ته نيڪي ۽ بديءَ جي علم جي انتخاب ۾ کيس آزادي هجي. انسان جي لاءِ سندس ضمير جي آزادي کان وڌيڪ ٻي بغاوت ٿي نه ٿي سگهي. اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو مصيبتن جو ڪارڻ ٿي نه ٿو سگهي. هاڻ، انهيءَ جي بجاءِ جو انسان جي ضمير کي هميشھ آرام ڏيڻ لاءِ، ڪنهن پختي بنياد تي قائم ڪيو وڃي، پر اُنهن شين کي انتخاب ڪيو آهي، جي غير معمولي، نڪميون ۽ ڳجهارت جهڙيون آهن. تو اُنهن شين کي انتخاب ڪيو، جي توڙ کان انساني طاقت کان مٿي آهن. اِنهن سان تون اِيئن ٿو ڏيکارين،  ته توکي هنن سڀني جي لاءِ ڪا به محبت ڪا نه آهي ۽ تون جي هتي، هنن لاءِ حياتي ڏيڻ آيو آهين. انساني آزادي تي قبضي ڪرڻ بجاءِ، تون اُن کي وسيع ڪري رهيو آهين ۽ انسان ذات جي روحاني بادشاهت کي، هميشھ جي مصيبتن سان ڀري رهيو آهين. توکي انسان جي آزاد محبت جي خواهش آهي، ته هو آزادي سان تنهنجي پـُـٺ وٺي، جيئن تون اُن کي ورغلائي پنهنجو قيدي بڻائين. قديم سخت تر قانون جي بجاءِ، انسان کي هن کان پوءِ آزاد دل سان، پنهنجي لاءِ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا نيڪ آهي ۽ ڇا بد. تنهنجو بت فقط سندس رهنما ٿي سگهندو، پر توکي شايد هي خبر نه آهي ته تنهنجو بت ۽ تنهنجي صداقت رد ڪيا ويندا. هو آخر رڙيون ڪري چوندا ته تو ۾ ڪا به صداقت ڪا نه آهي. ڇاڪاڻ ته اُنهن جي لاءِ، هن کان وڌيڪ عظيم مونجهارو ۽ مصيبت ٻي ٿي نه ٿي سگهي، جنهن کي تو مٿن، تڪليفن ۽ نه جواب ڏيندڙ مسئلن جي صورت ۾ نازل ڪيو آهي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿو اَچي ته تون پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي سلطنت جي بربادي آڻي رهيو آهين. اِنهيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي کي ڏوهه ڏئي نه ٿو سگهجي. اُن هوندي به توکي ڇا آڇيو ويو؟ ٽي طاقتون آهن فقط ٽي طاقتون، جي هنن نامردود باغين جي ضمير کي، فتح ڪري قيدي رکي سگهن ٿيون. هي طاقتون ڪرامت آهن، اسرار آهن ۽ سـَـنـَـد آهن. تون اِنهن ٽنهي کي روڪيو آهي ۽ اُن جو مثال قائم ڪيو آهي. جڏهن دانشمند ۽ مهيب روح، توکي مندر جي بلند ڪـُـنگري تي پهچائي، خطاب ڪيو ته، ”جيڪڏهن تو ڄاڻڻ گهرين ٿو ته تون خدا جو فرزند آهين، ته پاڻ کي هيٺ آڻ. ڇاڪاڻ ته اِهو ئي مقدس ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي. فرشتا توکي سنڀاليندا، ڇو ته متان تون پاڻ کي هيٺ ڪيرائي زخمي نه ڪري وجهين. اِن ڪري توکي ڄاڻڻ کپي، ته خدا جو پٽ آهين يا نه ۽ توکي ثابت ڪرڻو پوندو، ته تنهنجو پنهنجي مالڪ ۾ ڪيڏو نه عظيم عقيدو آهي.“ ڇا پوءِ تون اُن جو انڪار ڪندين ۽ هيٺ لهي نه ايندين. ها توکي بيشڪ پنهنجي مالڪ وانگر فخر ۽ برتري سان اِيئن ڪرڻو پوندو. ڇا هيءُ ڪمزور ۽ باغي انسان خدا به ٿي سگهن ٿا؟ ها تڏهن ته توکي خبر هئڻ گهرجي ته تون هڪ قدم کڻڻ سان ۽ ٿوري چـُـرپـُـر ڪرڻ سان، تون پاڻ کي هيٺ آڻي وجهندين، تون گويا خـُـدا مان پنهنجو ايمان وڃائي ويٺو آهين. توکي اِنهيءَ ئي زمين تي ٽڪرن جي صورت ۾ اُڇلايو ويندو، جنهن کي تون بچائڻ لاءِ آيو آهين ۽ اُهو دانشمند روح جنهن توکي هن خيال تي اُڀاريو آهي، خوشي ملهائيندو. پر مان توکان وري پڇان ٿو ته ڇا تو جهڙا ٻيا به ڪي آهن؟ ٿوري گهڙيءَ لاءِ تون اِهو اعتبار ۾ آڻي سگهين ٿو ته ڇا انسان به اِهڙي حرص ۽ ترغيب جو مقابلو ڪري سگهي ٿو؟ ڇا انسان جي اِها فطرت ٿي سگهي ٿي ته ڪرامتون پهچائيندڙ تڪليفن جي گهڙين ۾ هو فقط قلب جي آزاد فتويٰ کي چهٽي پوي. ها توکي اِهو ڄاڻڻ گهرجي، ته تنهنجا ڪارناما ڪتابن ۾ لکيا ويندا. اِهي پرانهين زماني ۾، زمين جي پڇاڙيءَ تائين پهچايا ويندا. توکي اُميد آهي ته انسان تنهنجي تابعداري ۾، خدا کي چهٽي پوندو ۽ ڪنهن به ڪرامت يا معجزي جي طلب نه ڪندو. پر توکي خبر نه آهي ته جڏهن انسان معجزن ۽ ڪرامتن جو انڪار ڪري ٿو، هـُـو خدا جو به انڪار ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ کي ايتري جستجو ڪٿي آهي، جيترو خدا پـُـراسرار آهي. هوڏانهن جيئن ته ماڻهو ڪرامتن کان سواءِ رَهي نه ٿو سگهي، هـُـو پنهنجي لاءِ، پاڻ نيون ڪرامتون ايجاد ڪندو ۽ پنهنجي جادو ۽ طلسم جي ڪارنامن جي عبادت ڪندو، پوءِ ڇو نه هـُـو هزار مرتبا باغي، بدعتي ۽ بيوفا هجي. هـُـن ڪيتريون ئي دانهون ڪيون ۽ توکي طعنيٰ به ڏنائون، پر تون صليب تان هيٺ لهي نه آئين. هنن توکي رڙيون ڪري چيو ته ”صليب کان هيٺ لهي اَچ ۽ اسان هاڻي يقين ٿا ڪريون ته تون اُهو ئي آهين.“ پر تون هيٺ لهي نه آئين. هاڻي وري تون ٻيهر، ماڻهن کي ڪرامتن ۾ نه ڦاسائيندين. اِها تنهنجي آرزو آهي ته ماڻهن کي اِهڙو عقيدو ڏيندين، جو ڪنهن ڪرامت تي رکيل نه هجي. توکي آزاد محبت جي لاءِ آرزو هئڻ کپي، ته اِها خواهش، جيئن هڪ غلام ڪنهن طاقتور جي سامهون، جنهن کي ڊيڄاريو ويو هجي، بيخودي ۾ گذاري ٿو. اُن ڪري توکي انسان جي لاءِ مٿانهون سوچڻ گهرجي. جيتوڻيڪ غلام آهن ۽ پنهنجي فطرت کان باغي چوڌاري نهاري انصاف ڪر. پندرهن صديون گذري ويون آهن ۽ اُنهن کي ڏس، تو ڪنهن کي کڻي پاڻ تائين پهچايو آهي؟ مان قسم کڻي چوان ٿو ته انسان فطرتاًڪمزور ۽ بزدل آهي. تو اُن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اُن جي لاءِ ايتري عزت ڏيکاريندي به، تو اُن جي لاءِ اِهو ئي ڪيو آهي ته جيئن اڳ ۾ هيو، اُئين ئي آهي. هاڻي اُن جي لاءِ احساس نه رک. ڇاڪاڻ ته تون اُن کان گهڻو ڪجهه وٺڻ جو خواهشمند آهين. تون جنهن اُن کي پاڻ کان وڌيڪ پيار ڪيو آهي پر عزت گهٽ، اُن ڪري توکي اُن جي لاءِ پڇڻ به ٿورو ئي کپندو هو. اِها شايد وڌيڪ محبت بڻجي ها، ڇو ته اُن جو بار ڪجهه هلڪو ٿئي ها. هيءُ ڪمزور ۽ اَڻ گهڙيو آهي. هـُـو جو ڪجهه به آهي، پر هاڻي جتي ڪٿي، اسان جي طاقت جي خلاف بغاوت ڪندو رَهي ٿو، ۽ پنهنجي بغاوت تي بيحد مغرور آهي. اِهو غرور، ڄڻ ته هڪ ٻار ۽ اسڪول جي ڇوڪري جو آهي. ڄڻ ته ڪي ننڍڙا ٻار آهن، جي اسڪول ۾ اُستاد جي خلاف شر ۽ شورش پيدا ڪندا رهن ٿا. پر هيءَ سندن ٻاراڻي خوشي نه رهندي. هوءَ کين ڏاڍي مهانگي پوندي. هـُـو مندرن کي ڊاهي ڇڏيندا ۽ زمين کي رت سان ڀـَـري ڇڏيندا. پر آخر هي بيوقوف ٻار ڏسندس ته جيتوڻيڪ هـُـو باغي آهن پر نامرد باغي آهن ۽ پنهنجي بغاوت کي جاري رکي نه سگهندا. پنهنجي بيوقوفي جي ڳوڙهن ۾ وهنجي، هـُـو آخر هن ڳالهه کي قبول ڪندا ته جنهن کين باغي پيدا ڪيو هو، سو ساڻن گويا مذاق ڪري رهيو هو. هـُـو نااُميدي ۾ ته اِيئن چوندا، پر سندن اظهار اڳتي هلي، هن کان به بدتر ٿيندو. هـُـو ڪفر بڪيندا، جو اُنهن کي اَڃا وڌيڪ ناخوش بڻائيندو. ڇاڪاڻ ته انساني فطرت ڪفر کي گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهندي آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ اُن جو بدلو پاڻ کان ئي وٺندي آهي. هي بي آرامي، مونجهارو ۽ ناخوشي، هنن بدقسمت انسانن جو هاڻي لاڳ آهي، جن جي آزاديءَ لاءِ، تو گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو آهي. تنهنجي عظيم پيغمبر  ”روياءُ صادقه“  ۾ ٻڌايو آهي ته هـُـن اُنهن ماڻهن کي تنهنجي پهرئين جشن ۾ ڏٺو ته اُهي هر هڪ قبيلي مان ٻارنهن هزار هئا. جيڪڏهن هو سچ اَنداز ۾ ايترا هئا ته هـُـو انسان نه هئا پر ديوتائون هئا. وٽن تنهنجو صليب هو. هنن ڪيئي صديون ويران ۽ بک واري آوارگيءَ ۾ ماڪڙ ۽ گاهه تي پئي گذارو ڪيو. يقيناً توکي هنن آزادي جي ٻارن تي فخر ڪرڻ گهرجي. جي آزاد محبت وارا هئا ۽ تنهنجي نالي تي آزاد ۽ خوشگوار قربانيون ڏيندا ٿي رهيا. پر توکي هي ياد رکڻ گهرجي ته اِهي ڪي هزار مس هئا ۽ باقي ٻين جو ڇا ٿيو؟ باقي اِنهن ڪمزورن کي ڪهڙو ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هـُـو برداشت نه ڪري سگهيا، جو مضبوط ۽ طاقتور برداشت ڪري سگهيا. ڪمزور روح کي ڪهڙو ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته اِهو سندن وس کان ٻاهر آهي ته هـُـو اِهڙا خطرناڪ انعام حاصل ڪري سگهن. اِيئن نه آهي ته تون فقط اِنهيءَ لاءِ آيو آهين ته انتخاب ڪرين ۽ بس. جيڪڏهن اِيئن آهي ته اِهو هڪ راز آهي، جنهن کي اَسان سمجهي نه ٿا سگهون. جيڪڏهن اِهو راز آهي ته اسان کي به حق آهي ته ڪنهن راز جو واعظ ڪندا رهون ۽ کين سمجهايون ته اِها سندن دل جي آزاد فتويٰ نه آهي، نه وري حقيقت جي محبت آهي، پر اُهو راز، جنهن جي اَنڌي تقليد ڪرڻي آهي، پوءِ ڇو نه ضمير جي خلاف هجي. سو اَسان اِهڙي ريت ڪندا رهون ٿا. اسان تنهنجي عمل ۾ اصلاح آندي آهي ۽ اُن جو بنياد ڪرامتن تي رکيو آهي، ها راز ۽ سند! ماڻهو خوش آهن ته هو ٻيهر رڍن وانگر هڪليا وڃن ٿا ۽ اُن خطرناڪ انعام جنهن مٿن اِهي مصيبتون آنديون آهن، آخرڪار سندن دلين مان کنيو ويو آهي. ڇا اَسان اِهو صحيح سيکاري رهيا آهيون ڳالهاءِ، ڇا اَسان انسانيت سان پيار نه ٿا ڪريون. ڇا اسان نماڻائي سان پنهنجي ڪمزوري قبول نه ٿا ڪريون. پيار سان سندن بار کي هلڪو نه ٿا ڪريون. سندن ڪمزور فطرت جي باعث، کين گناهه ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏيون؟ پوءِ تون ڇو وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪرڻ لاءِ آيو آهين؟ تون ڇو خاموش ۽ جستجو انداز ۾ مون کي نهاري رهيو آهين؟ ڀلي غصي ٿيءُ. مون کي تنهنجي محبت نه ٿي گهرجي، ڇاڪاڻ ته مان توسان محبت نه ٿو ڪريان. پوءِ ڪهڙي ضرورت پئي آهي، جو توکان مان ڪا شيءِ لڪايان؟ مون کي اِها خبر نه آهي، ته ڪنهن سان ٿو ڳالهايان؟ جو ڪجهه مان توکي چوڻ گهران ٿو، اُهو توکي اڳ ۾ ئي معلوم آهي ۽ اِهو منهنجو ڪم آهي، ته مان توکان پنهنجو راز مخفي رکان. شايد اِها تنهنجي خواهش هجي ته اِهو تون منهنجي چپن مان ٻڌڻ گهرين. تڏهن ته ڌيان ڏيئي ٻـُـڌُ. اَسان توسان سرگرم ڪار نه آهيون پر هن سان. اِهو ئي اَسان جو راز آهي. هي طويل آهي. اَٺ صديون گذريون. اُن وقت کان اَسان هن جو طرف ورتو آهي نه تنهنجو. اَٺ صديون گذريون، اَسان کانئس اُهو ورتو، جنهن کي تو نفرت سان رد ڪري ڇڏيو هو. اُهو پويون انعام، جو هـُـن توکي آڇيو هو ۽ زمين جون سڀئي سلطنتون توکي ڏيکاريون هئائين. اَسان کانئس روم ۽ سيزر (قيصر) جي تلوار ورتي سون ۽ پاڻ کي زمين جو تنها حاڪم مشهور ڪيوسون. پوءِ کڻي اَسان پنهنجي ڪم کي پورو نه ڪري سگهياسون پر اِها ڪنهن جي غلطي آهي؟ هاڻ ڪم جي ابتدا آهي پر شروع ٿي ويو آهي. تڪميل جي لاءِ گهڻو وقت ترسڻو پوندو ۽ زمين کي اَڃا گهڻو ڪجهه سهڻو آهي. پر اسان ڪاميابي حاصل ڪنداسون ۽ سيزر بڻجي وينداسون. پوءِ تون پويون انعام ڇو ٿو رد ڪرين. جيڪر تون اُن طاقتور روح جي پوئين صلاح قبول ڪرين ها. تون اُنهن سڀني ڳالهين جي پورائي ڪرين ها، جي انسان زمين تي چاهي ٿو. يعني ڪو عبادت ڪري ها، ڪو پنهنجي ضمير کي بجا رکي ها ۽ ڪي، بنا ڪنهن اختلاف جي، ماڪوڙي جي ڍڳ وانگر بنا ڪنهن اختلاف جي، ڪائناتي اتفاق لاءِ ڪوشش ڪن ها، ڇاڪاڻ ته اِها ٽيون نمبر ۽ آخري انسان جي آرزو آهي. انسانيت هميشھ سراسري طرح اِيئن چاهيندي آهي ته ڪائناتي طريقن کي ترتيب ڏئي. هتي ڪيتريون قومون پنهنجي عظيم تاريخ سان گذريون آهن پر جيتري قدر هنن ترقي ڪئي، اوتري قدر ناخوش رهيون. ڇاڪاڻ ته هـُـو ٻين جي نسبت تنگ دل هيون. ٻين اِهو ٿي چاهيو ته بين الاقوامي اتفاق قائم ڪيو وڃي. عظيم فاتح تيمور ۽ چنگيز خان، زمين تي طوفان وانگر آيا ۽ انسانن کي تابع بڻائڻ لاءِ وڙهندا رهيا، پر اُهي به ساڳيءَ ريت ڪائناتي اتحاد جا بي ضمير آرزومند نڪتا. جيڪڏهن تون دنيا تي قبضو ڪرين ها ۽ سيزر جو ڀڙڪيدار لباس پهرين ها ته تون ڪائناتي سلطنت جو بنياد رکي، دنيا کي ڪائناتي آرام ڏئين ها. ڇاڪاڻ ته دنيا تي اِهڙي حڪومت ڪير ڪري سگهي ٿو، جنهن کي سندن ضمير به هٿ ۾ هجي ۽ ماني به؟ اسان سيرز جي شمشير ته هٿ ۾ ورتي آهي. اُن کي کڻندي، اسان توکي رد ڪري، اُن جي پٺ ورتي آهي. هاڻي اَڃا به زمانا کپن، جو آزاد خياليءَ جي لاءِ مونجهارو لهي. يعني سندن سائنس ۽ اُن جي آدمخوري گهٽجي وڃي. جيڪڏهن هـِـنن اسان کان سواءِ بابل جو منارو تعمير ڪيو ته يقيناً اُن جي پڇاڙي آدمخوريءَ تي ختم ٿيندي. پر پوءِ هي وحشي جانور اسان ڏي چـُـرڻ شروع ڪندا، اسان جي قدمن کي چٽيندا، مٿن غلاظت جا ڇنڊا اڀرندا ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا. اَسان اُن جانور تي چڙهي ويهنداسون ۽ پيالي کي هٿ ۾ کڻنداسون، جنهن تي لکيل هوندو ”راز“. پر پوءِ صلح، سانت، خوشي ۽ مسرت جو راڄ انسان لاءِ اَچي ويندو. تون پنهنجي انتخاب تي فخر وٺين ٿو، پر تون فقط انتخاب تي خوش آهين، حقيقت ۽ صحيح مسرت ته انسان کي اَسان ڏيون ٿا. هن کان سواءِ، هنن منتخب ٿيل انسانن مان، اُهي طاقتور جي انتخاب ٿي سگهيا آهن، ڪيترو نه تنهنجي لاءِ ترسي ترسي ٿڪجي پيا آهن. هنن پنهنجي روح جي طاقت ۽ گرميءَ لاءِ، اَلائجي، ڪيترين جاين تي پاڻ کي ڦيرايو آهي ۽ اَڃا ڦيرائيندا رهندا. آخر ۾ سندن پڄاڻي هيءَ ٿيندي جو تنهنجي خلاف ئي پنهنجي جهنڊي کي بلند ڪندا. تو پنهنجي هٿن سان جهنڊي کي بلند به ڪيو آهي؟ جيڪڏهن تون اَسان سان گڏجي رهندين ته خوش رهندين، ڪو به باغي نه رهندو ۽ تنهنجي آزادي جي اندر ڪو به وري برباد ٿي نه سگهندو. ها اسان کين ترغيب ڏينداسون ته هـُـو صحيح آزادي تڏهن حاصل ڪري سگهندا، جڏهن هـُـو پنهنجي آزادي صحيح ريت اَسان جي هٿن ۾ ڏيندا. پوءِ اَسان حق تي هجون يا ڪوڙ تي. هـُـو مڃي ويندا ته اَسان حق تي آهيون. ڇاڪاڻ ته هنن کي اُهي خطرا ياد ايندا، جي غلامي ۽ مونجهاري جي صورت ۾، تنهنجي آزاديءَ مٿن آندا آهن. آزادي، آزاد خيالي ۽ سائنس، کين اِهڙي ته پيچ ۽ خم ۾ وٺي ويندي ۽ اِهڙن عجائبات ۽ رازن سان منهن ڏيندي، جو اُن مان ڪي، جي خوفناڪ باغي هوندا، پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيندا ۽ ٻيا ڪمزور باغي هڪ ٻئي کي ناس ڪري ڇڏيندا. باقي جي ڪمزور باغي هوندا، اَسان جي قدمن ۾ اَچي ڪرندا ۽ ليلائي چوندا، ته توهان صحيح هئا، توهان تنها فقط اُن جي راز کي ڄاڻو ٿا. اسان توهان ڏي موٽي آيا آهيون ۽ اسان کي بچايو.

اسان کان ماني وٺندي، هـُـو صاف ڏسندا ته جا ماني اَسان کين ڏني آهي، سا اُنهن جي هٿن جي ئي تيار ٿيل آهي. بنا ڪنهن ڪرامت جي کين اِهڙي ريت مانيءَ جو ملڻ، کين شڪر گذار بڻائيندو ۽ هـُـو سمجهندا ته اَسان ماني کي پٿر ۾ نه ٿا بدلايون، تنهنڪري هـُـو ماني کان وڌيڪ اَسان جي رويي لاءِ شڪر گذار ٿيندا. کين ياد ايندو ته ماضي ۾، اسان جي مدد کان سواءِ، توڙي جو ماني، هـُـو تيار ڪندا هئا، سندن هٿن ۾ پٿر بڻجي ويندي هئي. پر جڏهن ته هـُـو اَسان ڏي موٽي آيا آهن ته پٿر به سندن هٿن ۾ ماني بڻجي ويا آهن. آهستي آهستي هـُـو مڪمل طرح تابعداريءَ جي قيمت سمجهندا! پر جيستائين انسانن هـِـن کي نه سمجهيو آهي، هـُـو ناخوش ٿي رهندا. ٻڌاءِ ته هاڻي سندن بيخبري لاءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو. ڳالهاءِ، ڳالهاءِ. ڪنهن هنن ڌڻن کي بي راهه ڪيو ۽ اڻ ڄاتل رستي تي موڪلي ڏنو؟ پر هيءُ ڌڻ وري اَچي گڏبا ۽ تابعداري جو اظهار ڪندا ۽ اِهو آخري موقعو هوندو. پوءِ اسان کين نماڻن ساهوارن وانگر، جيئن سندن فطرت آهي، خوشي ڏينداسون. آخرڪار اَسان کين ترغيب ڏينداسون ته هـُـو مغرور نه ٿين. ڇاڪاڻ ته تو هنن کي مٿي کنيو آهي ۽ مغرور بڻايو آهي. اَسان کين ڏيکارينداسون ته هـُـو ڪمزور آهن ۽ فقط غمزده ٻار آهن. پر ٻاراڻي خوشي سڀ کان شيرين ٿيندي آهي. هـُـو بزدل ٿي پوندا ۽ اَسان ڏي نيڻ کڻي واجهائيندا ۽ خوف کان اسان کي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا، جيئن چوزا ڪڪڙ جي حالت ۾ ڪندا آهن. هـُـو اَسان کي عجب مان نهاريندا ۽ اَسان جي سامهون خوفزده ٿي رهندا. اسان جي مٿان، اسان جي طاقتور ۽ عقلمند هئڻ سبب فخر وٺندا ته اسان هزارن ۽ لکن شورش پسند ڌڻن کي ڪيئن تابع ڪيو آهي. هـُـو اسان جي غصي جي اڳيان نامردي کان ڏڪندا، سندن دليون خطري سان ڀرجي وينديون ۽ هـُـو رنن ۽ ٻارن وانگر ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا، پر هـُـو هن لاءِ به تيار رهندا ته اسان کان نشاني ملندي ئي، کلڻ شروع ڪري ڏين، خوشيون ڪن ۽ ٻاراڻا گيت ڳائن. هائو اَسان کين ڪم تي لائينداسون، پر سندن واندڪائي جي گهڙين ۾ اسان سندن زندگي کي ٻاراڻي راند بڻائينداسون، جن ۾ ٻاراڻا گيت، ۽ معصوم رقص هوندو. اَسان کين گناهه ڪرڻ جي اِجازت ڏينداسون، ڇاڪاڻ ته هـُـو ڪمزور ۽ بي يار آهن. هـُـو اَسان کي ٻارن وانگر پيار ڪرڻ شروع ڪندا، ڇاڪاڻ ته اَسان کين گناهه ڪرڻ جي اِجازت ڏينداسون. اَسان کين ٻڌائينداسون ته اُهو گناهه جو اسان جي اِجازت سان ڪيو ويندو، اُن جو ڪفارو ڏنو ويندو. اسان کين گناهه جي اِجازت انهيءَ ڪري ڏينداسون جو ساڻن اَسان جي محبت آهي ۽ اِنهن گناهن جي سزا، اسان پنهنجي وٺنداسون، اِهڙي ريت خدا جي سامهون، سندن گناهن جي ذميداري وٺڻ سبب، هـُـو اسان کي پنهنجي لاءِ شفاعت ڪرڻ وارا سمجهندا ۽ پوءِ ڪو به ڳجهه اسان کان لڪيل نه رکندا. اسان کين اِجازت ڏينداسون ته هـُـو پنهنجي زالن ۽ داشته عورتن سان گڏ رهن. پوءِ کين ٻار ٿئي يا نه. اِهو سندن تابعداري ۽ نه تابعداري تي منحصر هوندو. هـُـو اسان وٽ وڏي خوشي ۽ راحت مان پيش پوندا. اُهي اسان وٽ پنهنجي ضمير جي پـُـر درد ڳـُـجهن کي آڻيندا ۽ اَسان کين اِنهن سڀني ڳالهين جا جواب ڏينداسون. هـُـو خوشي مان اَسان جي جوابن تي يقين آڻيندا، ڇو ته اِهي کين وڏي انتظاري ۽ خطرناڪ مصيبت کان بچائي وٺندا، جي هـُـو، هاڻي پنهنجي آزاد راءِ جي باعث برداشت ڪندا رَهن ٿا. هـُـو سڀيئي خوش هوندا، اِهي لکين ساهوارا، سواءِ ٿورن هزارن جي، جي مٿن حڪومت ڪندا. فقط اسان جي اُن راز جي نگهباني ڪريون ٿا، ناخوش هونداسون. لکين ڪروڙين انسان خوش هوندا، فقط ٿورا هزار ناخوش هوندا، جن پنهنجي سـَـر تي نيڪي ۽ بدي جي علم جي ڄاڻڻ جو پـٽَ پاراتو کنيو آهي. اُهي تنهنجو نالو وٺي، آرام ۽ سانت سان جهان مان موڪلائي ويندا ۽ پوءِ قبر جي پريان ٻيو ڪجهه به نه ڏسندس، پر موت! پوءِ به اَسان اُن راز کي سانڍينداسون ۽ سندن خوشي جي لاءِ، کين آسماني انعامن ۽ حيات جاوداني سان پرچائينداسون. جيڪڏهن ٻئي جهان  ۾ ڪا شيءِ هوندي به ته يقيناًهنن جهڙي نه هوندي. هي پيشنگوئي موجود آهي ته تون وري فاتحا ٿي ايندين. تون پنهنجي منتخب ۽ طاقتور گروهه سان ايندين، پر اسان چونداسون ته هنن فقط پاڻ کي بچايو آهي، پر اَسان سڀني کي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اُها فاحشه جا وحشي جانور جي مٿان سوار آهي ۽ ڳجهن کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي ٿي، اُن کي ندامت ۾ وڌو ويندو. يعني ڪمزور وري اُٿي بيهندا ۽ پنهنجي شاهي جوڙي کي لاهي ڇڏيندا ۽ پنهنجي مڪروهه ۽ عريان جسم جي نمائش ڪندا. اُن وقت مان اُٿي بيهندس ۽ توکي ظاهر ڪري ڏيکاريندس ته ڪروڙين اِهڙا خوشنصيب به آهن، جن گناهه ڄاتو ئي نه آهي ۽ اَسان، جن سندن گناهن کي پنهنجي سر ورتو آهي، توکي چونداسون ته، ”جيڪڏهن تون ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهين ۽ همٿ ڪا نه اَٿئي ته اَسان جي بابت غور ڪر. ” توکي هيءَ خبر هئڻ گهرجي، ته توکان مون کي ڪو به خوف نه ٿو ٿئي. توکي هيءَ به خبر هئڻ گهرجي ته مان تو وانگر آوارگيءَ ۾ رُليو آهيان. مان پاڻ وڻن جي پاڙن ۽ پنن ۽ ماڪڙ تي گذران ڪيو آهي. مون کي پاڻ اُها آزادگي انعام ۾ حاصل ٿي آهي، جنهن مان تو انسانن کي نوازيو آهي. مان پاڻ تنهنجي منتخب ٿيل انسانن سان جهڳڙندو رهيو آهيان. اُنهن طاقتور ۽ مضبوط انسانن جي وچ ۾ عدد کي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رَهيو آهيان. مان ماڻهن کي جاڳايو آهي، ۽ ڪنهن به جنون جو مظاهرو نه ڪيو اٿم. مان پوئتي موٽي، اُن رتبي وارن سان شامل ٿيو آهيان، جن تنهنجي عمل جي اصلاح ڪئي آهي. مان معذور کي ڇڏي نماز وارن ڏي ويس، انهيءَ لاءِ ته نماڻن کي راحت حاصل ٿئي. جو ڪجهه مان توکي چوان ٿو، اُهو گذري ويندو ۽ اسان جي سلطنت تيار ٿي ويندي. مان وري دهرايان ٿو ته سڀاڻي تون اُهو نيازمند ڌڻ ڏسندين، جو مون کان حڪم ملڻ تي، هـُـو توکي باهه جي ڍڳ تي آڻي، لوهي شيخن سان جلائيندا. اُها توکي اِنهيءَ جي لاءِ سزا هوندي، جو تو، اسان جي ڪم ۾ اَچي رڪاوٽون وڌيون آهن. سڀاڻي مان توکي باهه ۾ جلائيندس.“

ايون خاموش ٿي ويو. هـُـو، ڳالهائيندي ڳالهائيندي جوشَ ۾ ڀرجي ويو هو، جڏهن هن پنهنجي گفتگو پورا ڪئي ته مـُـشڪڻ لڳو.

اليوشا کيس خاموشيءَ سان ڌيان ڏيئي ٻـُـڌندو رهيو. گفتگوءَ جي آخر ۾ مٿس بيحد اَثر پيو. هـُـن ڪيترائي دفعا وچ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ کي روڪي ٿي ورتائين. هاڻي سندس الفاظ تيزيءَ سان نڪرڻ لڳا.

 ”پر هي سڀ واهيات هو. ” اِيئن چوندي هـُـو ڳاڙهو ٿي ويو. تنهنجو نظم حضرت مسيح جي ساراهه ۾ آهي نه سندس خلاف. جيڪڏهن اُن جو ڪو مطلب ٿي سگهي ٿو ته. پر توتي نجات ۽ آزادي جي بابت يقين ئي ڪير ڪندو؟ ڇا اُن جي سمجهڻ جو اِهو ئي طريقو آهي؟ مذهبي ديول جو اِهو ته مطلب نه آهي.... اِهو روم آهي، پر سڄو روم ته اِيئن نه هوندو. هي سڀ ڪوڙ آهي. هـُـو ڪئٿولڪ بيحد بدنام آهن، ديول جا انتقام وٺندڙ آهن ۽ يسوعي آهن، اِنهيءَ ۾ ڪو عجب نه آهي پر تنهنجي ديول جي حساب جي عظيم محقق جهڙو، ڪو جنوني ڪو نه هوندو. انسانيت جا اُهي ڪهڙا گناهه آهن، جي هـُـو پنهنجي سر تي وٺڻ گهري ٿو؟ اُهي ڪهڙا رازدان آهن، جن پنهنجي مٿان، انسانيت جي خوشي لاءِ سڀ مصيبتون ورتيون آهن؟ اُنهن کي ڪڏهن ڏٺو ويو آهي؟ مان يسوعين کي سڃاڻان ٿو، اُنهن بابت بـُـرو ڳالهايو ويندو آهي پر اُهي اِهڙا بڇڙا نه آهن، جيئن تو سندن بيان ڪيو آهي؟ اُهي اِيئن نه آهن. قطعي اِيئن نه آهن. هـُـو فقط رومي سپاهين وانگر آهن، جي دنيا جي آئنده شهنشاهت لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. اِهو اِنهن جو اصول ٿي سگي ٿو، مگر اها ڪا رازداري نه آهي، نه وري ڪا اِنهيءَ جي بابت ڪا مٿانهين افسردگي موجود آهي. اِهو فقط طاقت جو هوس آهي ۽ غليظ حڪومت جي منور تي جو فائدو. هڪ ڪائناتي غلامي جي اندر پاڻ کي ملڪ جو مالڪ سمجهڻ. فقط اِنهن ڳالهين لاءِ ئي هي ڪوشان آهي. هو شايد خدا ۾ به ايمان نه ٿا رکن. تنهنجو مصيبت زده حسابدان صحيح معنيٰ ۾ جنوني آهي.“

ايون کلندي چيو ته، ”ترس، ترس. ڪيترو نه تون گرم ٿي ويو آهين! تون هن کي جنون سڏين ٿو، ته اِيئن هوندو. بيشڪ اِهو جنون آهي. پر مون کي هيئن چوڻ جي اِجازت ڏي، ته ڇا تون هن کي اِيئن سمجهين ٿو، ته رومن ڪئٿولڪ تحريڪ، گذريل صدين کان ڪجهه به نه آهي، پر طاقت جو هوس ۽ زمين جي قوت جو فائدو؟ اِها ئي راهب پايسي جي سکيا آهي؟“

 ”نه نه، پر اُن جي خلاف راهب پايسي، هڪ ڀيري ڪجهه اِيئن چيو ٿي، جيئن تون.... بيشڪ اِها ايتري ساڳي ڳالهه نه هئي. ” اليوشا جلديءَ ۾ پاڻ کي صحيح ڪيو.

 ”نهايت قيمتي قبوليت، جيتوڻيڪ اُن سان گڏ، هي لفظ به آهن، ته ايتري ساڳي حقيقت نه هئي. مان توکان پڇان ٿو، ته ڇو تنهنجا يسوعي ۽ ديول جو حسابدان، بيهوده مادي فائدي لاءِ، پاڻ ۾ متفق ٿيا آهن؟ ڇو اِنهن جي اندر ڪو به اِهڙو قرباني ڏيندڙ موجود نه آهي، جو ڪنهن وڏي غم جو ايذايل هجي ۽ انسانيت کي پيار ڪري؟ تون اِهو سوچ، ته جيڪڏهن اِنهن ۾ هڪڙو ئي ماڻهو اِهڙو هجي، جو مادي طاقت جي هوس کان عليحده هجي ۽ منهنجي قديم حسابدان وانگر، هن رڻ پٽ جيان سندس پاڙون کاڌل هجن ۽ پنهنجي گوشت ۽ ٻوست کي ايڏو ته سـُـڪايو هج ي، جو پاڻ کي مڪمل ۽ آزاد بڻائي سگهي. جيتوڻيڪ هـُـو سڄي حياتي انسانيت سان پيار ڪندو رَهيو ۽ اوچتو سندس اکيون پٽجي وڃن ٿيون ۽ هـُـو ڏسي ٿو، ته آزادي ۽ تڪميل ته ڪا وڏي اخلاقي جرئت ڪانه آهي. ساڳي وقت اِيئن به ڪو خيال ڪري ته هي ڪروڙين خدا جا پيدا ڪيل ساهوارا، ڪي عبث شيون نه آهن پر هـُـو ڪڏهن به پنهنجي آزاديءَ کي استعمال ڪري نه سگهندا ۽ جي غريب باغي انسان ڪڏهن به ديون ۾ بدلجي نه سگهندا، جو مناري جي تڪميل ڪري سگهن. هنن بدڪن جي لاءِ جن عظيم با اُصول شخصيتن خواب ڏٺو هو، ته هي راحت جا حقدار آهن، سي هي نه آهن. هي سڀ ڪجهه ڏسي به هنن کان هـُـن منهن مٽايو ۽ چالاڪ ماڻهن سان وڃي گڏيو، ڇا سڄو قصو اِئين نه ٿئي ها.“

 ”هو ڪنهن سان وڃي گڏيو ۽ اِهي ڪهڙا چالاڪ ماڻهو هئا؟ ” اليوشا هوش کان نڪري رڙ سان چيو. هنن وٽ ايڏي عظيم چالاڪي، راز ۽ اسرار ڪٿي آهن، ڪجهه نه پر لاديني، اِهوئي سندن سڄو راز آهي. تنهنجي ديول جو حسابدان، خدا جو انڪاري آهي ۽ اِهو ئي سڄو راز آهي!“

 ”ڇا اِيئن آهي! آخرڪار تو اِها قبوليت ڏني. اِهو صحيح آهي ۽ اِهو ئي سچو پچو راز آهي. پر اِهو عذاب نه آهي، سو به اُن ماڻهو لاءِ، جنهن پنهنجي سڄي حياتي رڻ پٽ ۾ وڃائي هجي ۽ اُن هوندي به سندس انسانيت جي صحتمند محبت ۾ ڪو به لوڏو نه آيو هجي؟ هـُـو هن صحيح فيصلي تي پهچي ٿو، ته عظيم ڀوائتن روحن جي مشوري سان، هـُـو ڪنهن بار کڻندڙ جهڙي حياتي ڪمزورن، فسادين ۽ غير مڪمل ساهوارن لاءِ تيار ڪري سگهي ٿو، جي مذاق ۾ پيدا ڪيا ويا هئا. اُن ڪري هـُـو قبول ڪري ٿو، ته هن کي داناءَ روحن، يا بربادي ۽ خوف جي روحن جي صلاح جي پٺ وٺڻ گهرجي. اُن ڪري هـُـو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کي چاهي ٿو ۽ انسانن کي ڄاڻي ٻجهي موت ۽ بربادي ڏي وٺي وڃي ٿو. کين ايڏو ته ٺڳي ٿو، جو سڄي واٽ ۾ هي غريب اَنڌا ساهوارا اِهو سوچي ئي نه ٿا سگهن، ته کين گمراهه ڪيو وڃي ٿو. هـُـو ته پاڻ کي سـُـکيا ٿا سمجهن. اِهو به خيال ڪر ته هيءَ سڄي ٺڳي اُن جي نالي سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي اُصولن ۾ پوڙهو سڄي حياتي وڏي شوق مان يقين رکندو ٿي آيو. ڇا اِها المناڪ حقيقت نه آهي. جيڪڏهن هڪڙو ئي سڄي فوج مان طاقت جي هوس سان ٻاهر نڪري اَچي ۽ ناپاڪ فائدي کي حاصل ڪري گهري ته اُهو هڪ المئي کي بڻائڻ لاءِ ڪافي نه آهي؟ اِنهيءَ وڌيڪ، هڪ اِهڙو ئي ماڻهو، اِهڙن ئي خيالن سان ۽ رومي چرچ جي اعتقادن، پنهنجي فوجن ۽ يسوعين سان اِهڙي فضا پيدا ڪري نه ٿو سگهي. مان توکي صاف ٻڌايان ٿو ته منهنجو يقين آهي ته هر تحريڪ ۾ جي ماڻهو شامل ٿين ٿا، اُنهن ۾ ڪي اِهڙا ماڻهو ضرور آهن. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته خود رومي پوپن جي اندر اِهڙا ماڻهو هجن. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اُن چاچي پوڙهي روح وانگر، جنهن انسانيت کي پنهنجي طريقي سان نٺر ٿي پيار ڪيو ٿي، موجوده پوڙهن جي گروهه ۾ موجود هجن. اهي اتفاقي نه آهن پر پنهنجي قبوليت وارا آهن. هنن گهڻو اڳي، اُن راز جي حفاظت لاءِ پنهنجي جماعت بڻائي هوندي ته، جيئن ڪمزورن ۽ ناخوش انسانن کان لڪائي، اُن وسيلي سان کين خوش ڪيو وڃي. بي شڪ اِيئن آهي ۽ اِيئن ئي ٿي سگهي ٿو. مون کي تعجب ٿو لڳي ته فري ميسن (هڪ مذهبي فرقو) وارن جي تهه ۾ به اِهڙو ئي راز آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ڪئٿولڪ، فري ميسن کي پنهنجو رقيب سمجهي، سندن خيالن جي اتفاق کي ٽڪرا ڪندا رهن ٿا، هوڏانهن هيءُ بلڪل ضروري آهي، ته ڌڻ هڪ ٿيڻ گهرجي ۽ ڌنار هڪ. پر جنهن رستي سان مان پنهنجي خيال جو بچاءُ ڪري رهيو آهيان، پنهنجي ۽ تنهنجي تنقيد لا، هڪ بي صبر مصنف هجان، بس اِهو ڪافي آهي. ”

 ”تون پاڻ فري ميسن آهين!“ اليوشا ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”تون خدا کي نه ٿو مڃين.“ هـُـن نهايت ڏک مان اِهي لفظ چيا. هن کي عجب لڳو ته سندس ڀاءُ کيس طنز مان ڏسي رهيو هو. هن منهن هيٺ ڪري چيو ته ”تنهنجو نظم ڪهڙيءَ ريت پورو ٿئي ٿو يا پوري ٿي وئي؟“

 ”مان جيڪر اُن کي هيئن پورو ڪريان. جڏهن ديول جي حسابدان، ڳالهائڻ پورو ڪيو ته ڪجهه وقت جواب لاءِ قيديءَ کي نهارڻ لڳو. سندس خاموشي اُن جي لاءِ بار بڻجي پئي. هن ڏٺو هو ته قيدي نهايت ڌيان سان اُن کي ٻـُـڌي رَهيو هو ۽ سندس چهري ۾ نهاري رهيو هو، پر هـُـو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، پوڙهو ڪجهه وقت سندس انتظار ڪرڻ لڳو ته ڪجهه چوي، پوءِ کڻي اُهو ڪوڙو يا مٺو هجي. اوچتو هو ماٺ ماٺ ۾ نهايت نرمائيءَ سان پوڙهي وٽ پهتو، ۽ سندس خون کان سواءِ چپن کي چميائين. اِهو ئي سندس جواب هو. پوڙهو ڏڪي ويو. سندس چپ چـُـرڻ لڳا. هن دروازي کي کوليو ۽ کيس چيائين ته وڃ ۽ وري نه اچجانءِ. ڪڏهن به نه اچجانءِ، ڪڏهن به نه. هن کيس اونداهي شهر جي گهٽين جي ور وڪڙن ۾ ڇڏي ڏنو ۽ قيدي هليو ويو.“

 ” ۽ پوڙهو؟“

 ”اُها چمي، سندس اندر ۾ چمڪي، پر پوڙهو پنهنجي خيال کي چهٽيو رهيو.“

 ” ۽ تون به اُن سان گڏ.“  اليوشا غم مان چيو ۽ ايون کلندو رهيو.

 ”اليوشا، ڇو، هيءَ سڀ بيوقوفي جي ڳالهه آهي. هيءَ نظم ڪنهن به مطلب کانسواءِ، هڪ بنا مطب شاگرد جي تصنيف آهي، جو ٻه سٽون به شعر جون لکي نه سگهندو آهي. تون هن کي ايڏو معنيٰ دار ڇو ٿو سمجهين؟ تون يقين سان سمجهه ته مان سڌو يسوعين ڏي ڪو نه ٿو وڃان، جي هن جي عمل ۾ اصلاح آڻيندا رهن ٿا. خدا ڄاڻي ٿو ته منهنجو اُنهن سان ڪو به واسطو نه آهي. مان توکي ٻڌايو آهي ته مان ٽيهن سالن تائين حياتي گذارڻ گهران ٿو. پوءِ اِهو پيالو زمين تي هڻي ڀڃي ڇڏيندس.“

 ”تون ته تر ۽ تازه پنن، قيمتي قبرن، نيري آسمان ۽ عورت کي محبت ڪندو آهين! پوءِ تون ڪيئن رَهي سگهندين ۽ اُنهن کي ڪيئن پيار ڪندين؟ ” اليوشا ڏک مان کيس چيو. ”جڏهن ته تنهنجي دل ۽ دماغ ۾ اِهو دوزخ موجود آهي ته تون ڪيئن گذاري سگهندين؟ نه، تون اِنهيءَ لاءِ ئي وڃي رهيو آهين ته اُنهن سان وڃي گڏجين... جيڪڏهن تو اِيئن نه ڪيو ته پاڻ کي ماري وجهندين ۽ پنهنجي پڇاڙي اِيئن آڻيندين.“

سڀ ڪنهن ڳالهه جي خاتمي آڻڻ لاءِ طاقت کپندي آهي. ” ايون ڦڪي کـِـلَ سان چيو.

 ”ڪهڙي طاقت؟“

 ”ڪرامازوف جي طاقت - ڪرامازوف جي بنيادي طاقت.“

 ”يعني، زنا ۾ مبتلا ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي روح کي غلاظت سان آلودو ڪرڻ، اِيئن نه.“

 ”اِيئن به ٿي سگهي ٿو.... هي فقط ٽيهن سالن تائين هوندو ۽ اُن کان پوءِ مان ترڪ ڪندس.“

 ”پر تون اُن کي، ڪيئن ترڪ ڪندين؟ ته تنهنجي خيالن موجب اِهو ناممڪن آهي.“

 ”وري به ڪرامازوف جي طريقي سان.“

 ”تنهنجو مطلب آهي ته هر ڪا شيءِ قانون سان ٻڌل آهي - اِيئن نه؟“

ايون بدمزاج بڻجي ويو ۽ اوچتو پـِـيلو ٿي ويو.

 ”اڙي تو ڪالهه واري اصطلاح کي هٿ ڪيو آهي، جنهن ميوسوف کي رنج ڏنو هو، جنهن کي دمتري، وسارڻ گهريو ۽ اُن جي تشريح ڪئي. ” هـُـو لرزندي مشڪيو هائو، جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته سڀ ڪا شيءِ قانون سان واسطو رکي ٿي. جنهن وقت کان وٺي تو هيءُ لفظ چيو آهي، مون کي اُن کان انڪار نه آهي ۽ مـِـتيا جي تشريح به ڪا خراب نه آهي.“

اليوشا خاموشيءَ مان کيس ڏٺو.

 ”مان خيال ڪيو هو ته هاڻ وڃڻ کان اڳ ۾ توسان ضرور ملان. ” ايون اوچتو اُميد جي خلاف، جذبات سان چيو. ”پر هاڻي مان ڏسان ٿو ته پيارا سنياسي تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ جاءِ ڪانه آهي. اِها اُصولي ترڪيب ته سڀ ”قانون پٽاندڙ “ آهي، مان اُن کي پاڻ کان جدا ڪري نه ٿو سگهان. ”ڇا تون مون کي اِنهيءَ ڪري جدا ڪري ڇڏيندين. هائو؟“

اليوشا اُٿيو ۽ اُن ڏي ويو ۽ آهستگيءَ سان اُن جي چپن تي چمي ڏنائين.

هي ڏسي ايون بيحد خوش ٿي چيو ته، ”هيءَ ته منهنجي مضمون جي چوري آهي. تو هيءُ منهنجي نظم مان چورايو آهي. اُن هوندي به اوهان جي مهرباني. اليوشا اُٿي، اَسين ٻئي موڪلايون ٿا.“

ٻئي ٻاهر نڪري ويا. پر اُن تفريح گاهه جي دروازي تي ٻئي بيهي رهيا.

ايون پنهنجي فيصلي ڪندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو ته ”ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ اليوشا، جيڪڏهن مان ڪنهن سلسلي ننڍڙي پن جي سچ پچ ڪاڻ ڪڍڻ گهري به، ته مان فقط توکي ياد ڪري، اُن سان محبت ڪندس. منهنجي لاءِ هي ڪافي آهي ته تون هتي ڪاٿي منهنجي لاءِ موجود آهين. اُن جي ڪري، مان پنهنجي حياتيءَ جي هوس کي ڪو نه وڃائيندس. ڇا اِهو تنهنجي لاءِ به ڪافي نه آهي؟ تون هن کي، جيڪڏهن پسند اچيئي ته محبت جو اعلان سمجهه. هاڻي تون ساڄي وڃ ۽ مان کاٻي ويندس. اهو ڪافي آهي. ڇا تون اِهو ڪافي ٻڌين ٿو. منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن مان سڀاڻي نه وڃي سگهيس، (مان خيال ڪريان ٿو ته سڀاڻي ضرور ويندس) ته وري پاڻ ۾ ملنداسون. هن مضمون تي وري هڪ لفظ به وڌيڪ نه ڳالهائج. مان توکي پنهنجي لاءِ ۽ دمتريءَ لاءِ اِهو ئي عرض ڪريان ٿو. ” اوچتو هن غصي ۾ اَچي وڌيڪ چيو ته ”مان توکي خاص طرح چوان ٿو ته مون سان وري نه ڳالهائج. هنن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ ورائي ورائي، ڇا اِيئن نه آهي؟ مان هن جي عيوض ۾ توسان هڪ انجام ڪريان ٿو. ٽيهن سالن جي عمر ۾ مان جڏهن پيالي کي زمين تي هڻندس، مان جتي به هوندس، توسان اچي هڪ دفعو وڌيڪ ڳالهائيندس. توڙي کڻي مان آمريڪا ۾ ڇو نه هجان، پر توکي هن جي بابت يقين هئڻ کپي. مان ڪنهن مطلب سان ايندس ۽ توسان ملاقات ڪرڻ دلچسپي جو باعث ٿيندي. هيءَ حقيقت ڏسڻ منهنجي لاءِ بيحد مزيدار ٿيندي ته تون اُن وقت ڪهڙي حال ۾ آهين. توسان منهنجو اِهو مضبوط واعدو آهي، پوءِ ڀلي اسان هڪٻئي کان ست سال يا ڏهه سال جدا ٿي وڃون. اچ، تون هاڻي پنهنجي مربي ڏي وڃ، جو هاڻي مري رَهيو آهي. جيڪڏهن هـُـو تو کان سواءِ مري ويو ته تون مون تي اِنهيءَ لاءِ ڪاوڙ ڪندين ته مان توکي هت ترسائي ڇڏيو، خدا حافظ، هڪ دفعو وڌيڪ مون کي پيار ڪر. اِجهو هي ساڄو پاسو آهي ۽ هاڻي وڃ.“

ايون اوچتو ڦريو ۽ پوئتي ڏسڻ کانسواءِ هليو ويو. هي ساڳيو وقت هو، جڏهن دمتري کان اليوشا جدا ٿيو هو. سندن اُها علحدگي ٻي قسم جي هـُـئي. پر اُن جي مشابهت ۾ هاڻي، عجيب قسم جو تير، موقعي جي مناسبت سان اليوشا جي دل ۾ لڳي، سور ۽ غم پيدا ڪري رهيو هو. هـُـو ٿورو ترسيو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ڏسندو رَهيو. هن اوچتو ڏٺو ته ايون ڄڻ گهمڻ ۾ لڏندو وڃي ٿو ۽ سندس سڄو ڪلهو، کٻي کان گهڻي هيٺ ٿو ڏسڻ ۾ اَچي. هن کيس ڪڏهن به اڳي اِيئن نه ڏٺو هو.  پر اوچتو هي به ڦريو ۽ ڊوڙندو خانقاهه ڏي ويو. هاڻي اوندهه ٿي چـُـڪي هئي ۽ هـُـو خوفزده ٿي ويو هو. ڪا نئين ڳالهه سندس قلب ۾ پيدا ٿي رَهي هئي، جنهن جو هـُـو اَندازو لڳائي نه ٿي سگهيو. اڳئين شام وانگر هوا وري لڳڻ شروع ٿي هئي، ۽ قديم بلوط جو وڻ، هڪ ٻي سان ڄڻ ته اُن بابت، اُداسائي ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. عين اُن وقت هـُـو سنياسين جي جاءِ  گهڙيو. هـُـو پيٽر سيرافيڪوس جي طرف ڊوڙيو، جو نالو هن پنهنجي مربي لاءِ، ايون کان ٻـُـڌو هو. اليوشا عجب ۾ پئجي ويو.

 ”ايون، غريب ايون، وري الائجي مان هن کي ڪڏهن ڏسندس....؟ هي آهي سنياس. ها ها هي پيٽر سيرافيڪوس آهي. هـُـو مون کي بچائي وٺندو، سنياس کان ۽ هميشھ لاءِ.“

هن پوءِ ڪيترائي دفعا هن ڳالهه تي عجب کاڌو ته هن ايون کان جدا ٿيندي، پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ کي مڪمل طرح وساري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هن اڄوڪي صبح جو پورو اِرادو ڪيو هو ته هن کي ڳولهي لهندو ۽ جيستائين ساڻس نه ملندو، تيستائين خانقاهه ڏي نه موٽندو، پوءِ ڀلي ته رات ٿي وڃي.

 

dc


(1) ڊانٽي - وينس جو مشهور شاعر، ڊوائين ”ڪاميڊي“ جو مصنف.

(2) وڪٽر هيوگو: فرانس جو مشهور ناول نگار ۽ شاعر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org