سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو پنجون

صفحو :16

 حصو پنجون

انڪار

 

۽

 

اقرار

 

باب پهريون

مڱڻو

بيگم هائلڪوف وري به پهرئين هئي، جا اليوشا سان ملي. هوءَ ويڳاڻي هئي. ڪا ضروري ڳالهه ٿي گذري هئي. ڪيٽرينا ايونونا جي جنون جي پڄاڻي، بيهوشي سان ٿي هئي. اُن کان پوءِ کيس خطرناڪ ڪمزوري پيدا ٿي چـُـڪي هئي. سندس اکيون ڦري ويون هيون ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ مبتلا هئي. کيس بخار چڙهي ويو هو. ڊاڪٽر هرزينسٽيوب ڏي ماڻهو موڪليو ويو هو، سندس پڦين کي گهرايو ويو هو، جي اُتي موجود هيون پر هرزينسٽيوب اَڃا نه آيو هو. سڀئي سندس ڪوٺيءَ ۾ انتظار ۾ هيون. هوءَ بيهوش هئي ۽ معلوم پئي ٿيو، ته بخار سندس دماغ تي چڙهي ويو آهي.

بيگم هائلڪوف سڀ کان وڌيڪ انتظار ۾ هئي. ” هيءُ خطرناڪ آهي، هيءُ خطرناڪ آهي.“  هن هر جملي جي پويان اِهي لفظ ٿي چيا. اليوشا ڏاڍي درد مان سندس گفتگوءَ کي ٿي ٻـُـڌو. هن پنهنجي حقيقت کي ٻڌائڻ شروع ٿي ڪيو، جو هوءَ سندس پهرين ئي لفظن ۾ ٽپي پئي. وٽس وقت ئي ڪو نه هو، جو سندس ڳالهه ڏي ڌيان ڏئي. هن کيس عرض ڪيو، ته هـُـو لـَـزي وٽ وڃي ويهي ۽ سندس اَچڻ جو انتظار ڪري.

”لزي“ جو لفظ کي هـُـن نهايت آهستي ۽ سندس ڪـَـن وٽ چيو. ”لزي ته هاڻي هاڻي مون کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اليڪسي فيودورووچ. هن مون کي متاثر ڪيو آهي ۽ مان کيس سڀ ڪجهه بخشي ڇڏيو آهي. مون کي هيءُ ڏسي حيرت ٿي، ته جيئن ئي تون هليو وئين، هوءَ جا توتي مزاحيه اَنداز ۾ ڪالهه ۽ اڄ کلي رهي هئي، بيحد پشيمان بڻجي وئي. جيتوڻيڪ هوءَ توتي کـِـلي نه ٿـَـي، پر سندس اِهو سڄو مذاق هو. مان ڏٺو ته هوءَ اُن تي سخت شرمندي هئي. هوءَ روئڻ لاءِ تيار ٿي ڏٺي. مان سچ پچ حيرت ۾ پئجي ويس. هوءَ مون تي به کلندي آهي، پر هوءَ ڪڏهن به اُن تي پيشمان نه ٿي آهي. ڇو ته اهو سندس مذاق هوندو آهي. هوءَ ته مون تي هر منٽ ۾ کلندي آهي. پر هن دفعي مستقل مزاج ٿي نظر آئي. هوءَ تنهنجي راءِ کي وڏي عزت ٿي ڏئي. جيڪڏهن تنهنجي دل کانئس ڏکي آهي يا توکي هن جي لاءِ ڪا شڪايت آهي، ته اُن کي پاڻ وٽ جاءِ نه ڏي. ڇاڪاڻ ته هوءَ سمجهو ننڍو ٻار آهي - جيڪڏهن تون اعتبار ڪري سگهين، ته هن مون کي هاڻي ٻڌايو آهي، ته تون سندس ننڍپڻ جو دوست آهين. سندس ننڍپڻ جو وڏي ۾ وڏو رفيق....!  تون هن تي خيال ڪر. ”وڏي ۾ وڏو ۽  ” ها  منهنجي بابت هن جو ڪهڙو خيال آهي؟ کيس منهنجي لاءِ وڏا جذبا ۽ يادگيريون آهن. ننڍپڻ جي زماني ۾، اسان جي باغ ۾ انناس جو هڪڙو وڻ هو. اُهو اَڃا تائين به آهي. اُن ڪري هن بابت زمان ماضيءَ ۾ ڳالهائڻ نه گهرجي. انناس جا وڻ ماڻهو نه آهن. اِهي جلدي تبديل نه ٿيندا آهن. هڪ ڏينهن هن مون کي چيو ته، ”اَمان مون کي ياد ٿو اَچي ته مان هن وڻ کي خواب ۾ ڏٺو هو.“ هن اُن بابت اِهڙيون ته اصليت واريون ڳالهيون ٻڌايون، جن کي مان دهرائي نه ٿي سگهان. ڪجهه مون کان وسري به ويو آهي. چڱو خداحافظ! مان ايتري ته پريشان آهيان، جو سمجهان ٿي ته منهنجي دل ويهجي ويندي. او، اليڪسي فيودورووچ، منهنجي مٿان اِهڙو اَثر سڄي حياتيءَ ۾ ٻه ڀيرا ٿيو آهي. لزي ڏي وڃ اُن کي پنهنجي هميشھ جي دستور موجب راحت پهچاءِ. ” هن دروازي وٽ وڃي ۽ اُن کي چيو ته، ”تون جنهن جي بي عزتي ڪندي آهين، اُن اليڪسي فيودورووچ کي تو وٽ وٺي آئي آهيان. مان توکي يقين ٿي ڏياريان، ته هـُـو توتي ڪاوڙيل نه آهي. پر اُن جي خلاف، هـُـو حيران ضرور آهي، ته تون اِيئن ڇو سمجهي ويٺي آهين.“

 ”اما تنهنجي مهرباني! اليڪسي فيودورووچ اندر اَچ.“

اليوشا اندر ويو. لـِـزي جي مٿان خود فراموشي ٿي نظر آئي ۽ سندس چهري جو رنگ هڪدم گلابي بڻجي ويو. کيس ڪجهه شرمساريءَ جو احساس به هو. اِهڙيءَ حالت ۾ جيئن اَڪثر ماڻهو ڪندا آهن، هن هڪدم ٻين شين تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. ڄڻ ته اِهي شيون اُن وقت سندس دلچسپيءَ جو باعث هيون.

 ”اليڪسي فيودورووچ، منهنجي ماءُ بلڪل هاڻي ٻڌايو هو، ته تون ٻه سـَـؤ روبل اُن غريب آفيسر ڏي کڻي ويو آهين... اُن کان پوءِ مون کي هن خوفناڪ ڪهاڻي به ٻڌائي ته ڪيئن اُن کي بي عزتو ڪيو ويو هو.... توکي هيءَ به خبر آهي، ته منهنجي ماءُ، هر ڳالهه کي ڪٽي ڇڏيندي آهي ۽ هـُـو هڪ شيءِ کان ٻي شيءِ ڏي هلي ويندي آهي. مان جڏهن اِها ڳالهه ٻـُـڌي ته ڏاڍو ڏک ٿيو. خير تو، هن کي رقم پهچائي ڏني ۽ ٻـُـڌاءِ ته هـُـو غريب هاڻي ڪهڙي حالت ۾ آهي؟“

 ”حقيقت هيءَ آهي، ته مان اِها رقم، هـُـن کي ڏئي نه سگهيس. اِها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. ” اليوشا کيس جواب ڏنو. اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته هـُـو به ڄڻ پاڻ اُن تي ڪو به خيال نه ٿو ڪري سگهي. پر کيس پنهنجي ناڪاميابي تي بيحد افسوس آهي. لـِـزي پوريءَ طرح ڏٺو ته اليوشا هن موضوع تي ڳالهائڻ نه ٿو گهري پر ڪـِـن ٻين ڳالهين تي ڳالهائڻ گهري ٿو.

اليوشا ميز جي سامهون ويهي رَهيو ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪيائين. پر هن پهرين ئي لفظن ۾ پنهنجي ناراضگيءَ کي ظاهر ڪيو ۽ لزيءَ جي سڄي ڌيان کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتائين. هن اُن مضبوط اَثر کان جو تازو مٿس پيو هو، نهايت گهرو ٿي ڳالهايو ۽ پنهنجي ڪهاڻيءَ کي چڱيءَ ريت ۽ تفصيل سان ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. گذريل زماني ۾ هــُـو ماسڪو ۾ لزيءَ وٽ وڃڻ جو عادي هو ۽ جو ڪجهه به گذرندو هو، اُن جي ڳالهه کيس اَچي ٻڌائيندو هو، جو ڪجهه پڙهندو هو يا ننڍپڻ جون کيس ٻيون ڳالهيون ياد اينديون هيون، اُهي به کيس ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو ڏينهن ڪنهن خواب ۾ ٿي گذاريائين ۽ اُنهن مفصل داستانن کي، جي طبعيت کي پسند اَچن ۽ کل خوشي آڻين، هڪ ٻئي سان پئي ٿي اوريائون. اِنهن ڳالهين کي جن کي قريباً ٻه سال گذري ويا هئا، وري اُنهن کي تازي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون. لـِـزيءَ تي سندس ڪهاڻي جو وڏو اَثر پيو. اليوشا، ائلشيا جي حقيقت کي پيار واري جذبي سان ٿي بيان ڪيو. جڏهن هـُـن کيس ٻڌايو ته ڪهڙي ريت اُن بدقسمت انسان نوٽن کي مروڙي ۽ ڦٽو ڪيو، تڏهن لـِـزي پاڻ کي روڪي نه سگهي. هوءَ پنهنجي هٿن کي مهٽڻ لڳي ۽ روئڻ لڳي.

 ”ها، تڏهن تو هن کي پيسا نه ڏنا؟ تو هن کي ڊوڙندي ڇڏي ڏنو؟ پيارا توکي سندس پويان ڊوڙڻ کپندو هو!“

 ”نه لزي، اِهو چڱو ڪيم، جو اُن جي پوئتان نه ڊوڙيس. ” اليوشا اِيئن چوندي ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو ۽ ڪنهن خيال کان ڪمري جي اندر، هڪ طرف کان ٻي طرف تائين گهمڻ لڳو.

 ”ڪيئن ڀلا؟ اِهو ڪيئن چڱو هو؟ وٽن ته کاڌو به نه هوندو ۽ سندن حالت نااُميديءَ جهڙي هوندي؟“

 ”نه، نااُميدي جهڙي نه چـَـؤ. اِهي ٻه سـَـؤ روبل اَڃا به اُنهن جا آهن. هـُـو سڀاڻي اهي پيسا قبول ڪندو. مون کي يقين آهي ته هـُـو سڀاڻي وٺندو. ” اليوشا ڳالهائيندي، ڪنهن خيال ۾، هيٺ مٿي قدم ٿي کنيو. ”لزي “ چوندي، هـُـو اوچتو وڃي سندس ڀرسان بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”مون کان هڪ غلطي ٿي آهي، پر اُن هوندي به اُها فائدي واري آهي.“

 ”اُها ڪهڙي غلطي آهي ۽ ڪيئن فائدي واري آهي؟“

 ”مان توکي ٻڌايان ٿو. هـُـو ڪمزور ۽ ڊڄڻي طبعيت جو ماڻهو آهي. هن گهڻو سـَـٺو آهي، ٻي صورت ۾ تمام چڱو ماڻهو آهي. مون کي تعجب ٿو ٿئي، ته اُن هيءُ اوچتو قدم ڇو کنيو، مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته پوئين گهڙيءَ به هيءُ ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو، ته هـُـو ڪو، نوٽن کي اِهڙيءَ ريت مروڙيندو. هاڻي مان خيال ڪريان ٿو، ته هـُـن کي اِيئن ڪرڻ لاءِ سبب هو... ٻيءَ حالت ۾ اِيئن ڪرڻ سندس درجي کي نٿو سونهي.. شروع ۾ هـُـو بيحد پريشان هو ۽ منهنجي سامهون هــُـو رقم کي ڏسي بيحد خوش ٿي ٿيو ۽ اُن خوشيءَ کي هـُـو مون کان لڪائي به نه سگهيو. پر هـُـو ڪنهن حد تائين ايترو خوش به نظر نه ٿي آيو. جيئن ٻيا ماڻهو پيسن وٺڻ وقت پنهنجي مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي بيان ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن، جيڪڏهن هيءُ به اِيئن ڪري ها ته هـُـو پيسا وٺي وجهي ها. پر هـُـن پوري سچائيءَ سان پنهنجي جذبات کي پڏايو هو ۽ نهايت خوش هو، جنهن مان سندس نفس ڪـُـشي ۽ رياضت ٿي نظر آئي. ها لزي، هـُـو نيڪ ۽ سچو ماڻهو آهي. اهي شيون ئي اسان جي ڪم لاءِ خراب آهن. سڄو وقت هـُـو ڳالهائيندو رهيو. سندس آواز ايڏو ته ڪمزور ۽ سست جهيڻو هو ۽ هن ايترو ته تڪڙو ٿي ڳالهايو ۽ ايترو کليو ٿي، ڄڻ اِيئن معلوم پئي ٿيو ته هـُـو روئي ٿو. هائو، مان يقين سان چوان ٿو ته هـُـو رُنو ٿي. هـُـو ايترو ته خوش هو ۽ پنهنجي نياڻين ۽ شهر جي مقامي حالتن تي ڳالهائيندو ٿي رهيو... هـُـو جڏهن پنهنجي دل جا سڀئي راز ٻـُـڌائي چـُـڪو، تڏهن کيس پنهنجي دل جي گهراين جي انڪشاف تي شرمندگي ٿي. اُن ڪري هن مون کي هڪدم نفرت سان ڏسڻ شروع ڪري ڏنو. هو حساس ۽ مفلس ماڻهن مان آهي. کيس گهڻي شرمندگي، هن تي ٿي هوندي، ته هن پنهنجي حقيقت جلد کولي ڏني ۽ مون کي دوست ڪري ورتو. شروع ۾ هـُـو مون تي ڪاوڙيو ۽ منهنجي بي عزتي ٿي ڪرڻ گهريائين پر جيئن ئي هن رقم کي ڏٺو، مون کي ڀاڪر پائڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ پنهنجي هٿن سان مون کي ڇهڻ لڳو. اِهي ئي ڳالهيون هيون، جن، کيس، سندس بي عزتيءَ جو احساس ڏياريو هوندو ۽ اِها ئي مون کان غلطي ٿي، جا نهايت اهم هئي. مان اوچتو کيس هيئن به چيو ته هـُـو جيڪڏهن، ڪنهن ٻي شهر ۾ وڃڻ گهري ٿو ۽ وٽس پيسو ڪو نه آهي، ته اَسان کيس مهيا ڪري ڏينداسون. مان پاڻ به کيس، جيترو هـُـو چاهي ٿو، پنهنجي پيسن مان ڏئي سگهندس. هن ڳالهه مٿس هڪدم اَثر ڪيو. هـُـن خيال ڪيو هوندو، ته ڇا مون کي هن جو محتاج ٿيڻ کپي. لزي، هيءُ خطرناڪ حد تائين ڏکيو آهي، جو جنهن ماڻهوءَ کي ايذايو ويو هجي، اُن کي ٻيا ماڻهو ڏيکارين، ته هـُـو سندس خير خواهه آهن... مان اِيئن ٻڌو به آهي. مربي زوسيما مون کي اِيئن ٻـُـڌايو آهي. مون کي خبر نه آهي ته مان اُن جي ڪيئن وضاحت ڪريان، پر اَڪثر مان اِيئن ڏٺو آهي ۽ مان به اِيئن ئي خيال ٿو ڪريان. سڀ کان وڌيڪ خراب ڳالهه اِها هئي ته هـُـن پڇاڙي جي گهڙيءَ تائين به هيءُ نه ٿي ڄاتو، ته هـُـو ڪو نوٽن کي مروڙي ۽ ڦٽو ڪندو. کيس آئنده پيش اچڻ وارن معاملن جو احساس پيدا ٿيو. مون کي اُن جي پـَـڪَ آهي، اِهو ئي سبب هو، جنهن کيس نٺر بڻائي ڇڏيو. ها! اِهو ئي آئنده پيش اَچڻ واري معاملي جو احساس. جيتوڻيڪ ڏاڍو خوفائتو آهي پر چڱو ٿيو. تحقيق مان اِيئن سمجهان ٿو، هن کان وڌيڪ ٻيو بهتر ٿي نه سگهي ٿا.“

 ”ڇو، ڇو، هن کان وڌيڪ ڇو ٻيو بهتر ٿي نه سگهي ها. ” لـِـزي رڙ ڪري چيو ۽ عجب مان اليوشا ڏي نهاريو.

 ”ڇاڪاڻ ته هـُـو جيڪڏهن پيسا کڻي وڃي ها ته گهر ۾ پهچڻ کان ڪلاڪ پوءِ پنهنجي ذِلت ۽ خواريءَ تي روئي ها ۽ اِها ئي ڳالهه ٿئي ها. اِيئن به ٿي پئي سگهيو، ته هـُـو صبح جو سوير مون وٽ اَچي ها ۽ نوٽن کي مروڙي، اِيئن ڦٽو ڪري ها، جيئن هاڻي ڪيو اَٿائين. پر هاڻي هـُـو پوري فخر سان گهر ويو آهي ۽ ڏاڍو خوش هوندو. جيتوڻيڪ هـُـو اِهو به خيال ڪندو هوندو ته اِيئن ڪرڻ سان هن خود کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سڀاڻي کيس اِنهن نوٽن کي ڏيڻ نهايت آسان لڳندو. ڇاڪاڻ ته هن اڳئي پنهنجي عزت جو انتقام ورتو آهي، نوٽن کي ڦٽو ڪيو آهي ۽ پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي... هن کي ڪهڙي خبر ته هـُـن جو ڪجهه به ڪيو آهي، اُن هوندي به مان وٽس اِهي وري صبح سان کڻي ويندس ۽ کيس پيسي جي سخت ضرورت آهي. ڀانئيان هـُـو هاڻي پنهنجي روش تي فخر ڪندو هوندو، پر سڀاڻي هـُـو خيال ڪندو ته هن ڪهڙي نه امداد پنهنجي هٿن مان وڃائي آهي. اَڃا به هـُـو رات جو گهڻو سوچيندو ۽ اُن جا خواب لهندو. سڀاڻي صبح سان ئي هـُـو مون کان معافي وٺڻ لاءِ ڀـَـڄندو ايندو. اُن وقت مان کيس ملڻ سان چوندس، تون واقعي وڏي شان وارو ماڻهو آهين، جنهن کي تون ڏيکاري چڪو آهين پر هاڻي هيءُ پيسا وٺ ۽ اسان کي معاف ڪر. ” اُن کان پوءِ، هـُـو پيسا وٺندو.“

اليوشا، جنهن وقت هي پويان لفظ چيا، ته هـُـو بيحد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو. ”۽ پوءِ هـُـو پيسا وٺندو!“  اِنهن لفظن تي لزي تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ڏنيون.

 ”ها!، هي سچ آهي! مان هاڻي پوري ريت توکي سمجهان ٿي، اَڙي اليوشا، توکي هنن ڳالهين جي ڪهڙي ريت واقفيت ٿي؟ نوجوان هوندي به تون ڄاڻين ٿو ته دل ۾ ڇا آهي؟... مان ته ڪڏهن به اِهو خيال نه ڪري سگهان ها.“

اليوشا جوش ۾ چوندو ويو ته، ”هاڻي عظيم شيءِ اِها آهي ته هـُـن تي اِهو اَثر وڌو وڃي، ته پيسن وٺندي به، هـُـو اسان جي درجي جو ماڻهو آهي، نه فقط هـُـو اَسان جي درجي جو آهي پر اُن کان به مٿي آهي.“

 ”اليڪسي فيودورووچ، هـُـو اسان کان مٿاهون آهي، هيءَ نهايت دلڪش آهي. ها، ڳالهاءِ، ڳالهاءِ.“

 ”تنهنجو مطلب آهي ته هن فقري جهڙو ته ”هـُـو وڏي مرتبي وارو“، ٻيو فقرو ٿي نه ٿو سگهي، اِنهيءَ ۾ ڪو به حرج نه آهي، ڇاڪاڻ ته .....“

 ”نه، نه هـِـن ۾ ڪو به حرج نه آهي. پيارا اليوشا مون کي معاف ڪر.... توکي معلوم آهي ته مان تنهنجي مشڪل سان اڄ تائين عزت ٿي ڪئي. يعني مان تنهنجي عزت مساوي درجي تائين ٿي ڪئي، پر هاڻي مان تنهنجي عزت مٿانهين درجي تائين ڪنديس. منهنجي مذاق تي ناراض نه ٿيندو ڪر پيارا! ” هـُـوءَ سخت جذباتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وئي.  ”مان پريشان ۽ ننڍيءَ وَهيءَ جي آهيان پر تون! ڌيان ڏيئي ٻڌ اليڪسي فيودورووچ، هيءَ سڄي اسان جي جاچ پڙتال نه آهي - منهنجو مطلب آهي ته تنهنجي جاچ پڙتال... چڱو اِيئن آهي ته مان چوان، اَسان جي جاچ پڙتال، اِيئن نه آهي ته اَسان اُن غريب ماڻهوءَ جي روح جي جاچ پڙتال ڪندي، اِهڙي ريت ساڻس نفرت جو اظهار ٿا ڪريون؟ ڄڻ اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته هيءُ سڀ ڪجهه مٿان ٿي رهيو آهي؟ خاص ڪري هن حالت ۾ جڏهن اسان اهو ارادو ڪريون ٿا ته پـَـڪَ سان پيسا وٺندو.“

 ”نه لزي، هيءَ نفرت نه آهي.“  اليوشا هيءُ جواب، هـُـن کي اِهڙي ريت ڏنو، ڄڻ ته هـُـو، هن سوال لاءِ آماده هو. مان رستي تي اِهو خيال ڪندو ٿي آيس. اُها نفرت ڪيئن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسان سڀ هڪجهڙا آهيون ۽ چڱا به نه. جيڪڏهن اَسان چڱا هجون ها، ته اُن وانگر اِنهيءَ ئي مقام تي هجون ها... لـِـزي مون کي ته تنهنجي لاءِ ڪا به خبر نه آهي، پر مان خيال ڪريان ٿو، ته منهنجو روح، ڪيترن ئي طريقن ۾ خسيس آهي، پر سندس روح اِيئن نه آهي پر اُن جي ابتڙ نيڪ جذبن سان ڀريل آهي... نه لـِـزي مون کي هن لاءِ ڪا به نفرت نه آهي. لزي توکي خبر آهي، ته هڪ ڀيري منهنجي مربي مون کي چيو هو ته ڪن ماڻهن جي خبرداري پنهنجي ٻارن وانگر ڪرڻ کپي ۽ ڪن جي اِهڙي ريت سنڀال ڪرڻ گهرجي، جيئن اسپتال ۾ مريضن جي.“

 ”اڙي اليڪسي فيودورووچ، اسان کي ماڻهن جي اِهڙيءَ ريت سنڀال ڪرڻ گهرجي،  ڄڻ ته هـُـو مريض آهن.“

 ”هائو لزي، مان تيار آهيان. جيتوڻيڪ منهنجي دل، اُن لاءِ اڳ ۾ تيار نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان ڏاڍو بي صبر هوندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن شين کي ڏسي ئي نه سگهندو آهيان. پر توسان اِيئن نه هوندو؟“

 ”اليڪسي فيودورووچ، مان هن تي ڪو به اعتبار نه ٿي ڪريان. مان ڪيتري نه خوش آهيان.“

 ”لزي، تون جو ڪجهه چوين ٿي، مان اُن کي ٻـُـڌي ڪيترو نه خوش ٿيان ٿو.“

اليڪسي فيودورووچ تون، حيرت جي حد تائين چڱو آهين، پر ڪڏهن ڪڏهن تو ۾ تڪلف آهي... پر اُن هوندي به تو ۾ تڪلف جو ذرو به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. دروازي ڏي وڃ ۽ اُن کي آهستي کولي ڏس ته منهنجي ماءُ، اسان جون ڳالهيون ته نه ٿي ٻـُـڌي. ” لزي اهو سڀ ڪجهه پريشانيءَ ۽ تڪڙ سان رازداريءَ واري لهجي ۾ چيو.

اليوشا ويو ۽ دروازو کولي ڏٺائين ۽ کيس اَچي ٻڌايائين ته اُتي ڪو به ڪونه آهي. ”اليڪسي فيودورووچ هيڏي اَچ.“  لزي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ وڌ کان وڌ سرخ ٿيندي وئي. ”مون کي پنهنجو هٿ ڏي - هيءُ صحيح آهي. مون کي پنهنجي عظيم قبوليت ڏيڻي آهي. مان توڏي ڪالهه مذاق مان نه لکيو هو، پر اِها انتظاري هئي.“  هــُـن پنهنجي اکين کي هٿن سان چيڀاٽي ڇڏيو. هيءُ ظاهر هو ته هوءَ پنهنجي قبوليت کان بيحد شرمندي هئي.

اوچتو هن پنهنجي هٿن کي ڇڏي ڏنو ۽ هن جي هٿن کي ڇڪيو ۽ بي اختياريءَ مان اُن کي ٽي ڀيرا چميائين.

”اڙي لـِـزي، ڪهڙي نه عجيب ڳالهه.“ اليوشا خوشيءَ مان چيو. ”توکي خبر هجي ته مون کي هن جو پورو پورو يقين هو ته تون انتظار ۾ هئين“

 ”پـَـڪ؟ قسم سان! ” هـُـن هن جي هٿ کي پاسيرو ڪيو پر اَڃا سندس قابو ۾ هو. جذبات جي گرميءَ کان سندس رنگ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ خوشيءَ مان کلندي چيائين، ”مان هن جي هٿ کي چمي ڏني ۽ هن چيو ته ڪهڙي نه چڱي ڳالهه آهي“.

مگر لزيءَ جو هي گفتو اڻپورو هو، پر اليوشا ۾ به وڏو جوش هو.

هـُـن سرخ ٿيندي چيو ”مان هميشه اِيئن چاهڻ گهران ٿو، ته توکي سدائين خوش رکان، لـِـزي، پر مون کي اِها ڄاڻ نه آهي ته اِيئن ڪيئن ڪري سگهجي ٿو.“

 ”پيارا اليوشا تون سرد ۽ کـُـنڊو آهين. تو، مون کي پنهنجي زال ڪري چونڊيو آهي ۽ اُن تي مطمئن آهين. توکي اها به پـَـڪ آهي ته مان بيقراريءَ ۾ هيس. ان تي ڇا ڳالهائجي!؟ هيءَ گستاخي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟“

 ”ڇو، اِهو غلط احساس هو ته مان اُن کي پـَـڪ سمجهان؟ ” اليوشا اوچتو کلندي چيو.

 ”اڙي اليوشا، واقعي اهو خوشي ڏيندڙ حد تائين صحيح هو. ” لزي، هن ڏانهن مرڪندي ۽ خوشيءَ مان نهاريندي رڙ ڪري چيو.

اليوشا، اَڃا تائين سندس هٿ کي جهليو بيٺو هو. اوچتو هـُـو هيٺ جهڪيو ۽ هـِـن جي چپن کي چــُـمي ڏنائين.

 ”اَڙي، ڇا ٿو ڪرين؟“  لـِـزي رڙ ڪري چيو. اليوشا بيحد شرمندو ٿي ويو.

 ”اڙِي، مون کي معاف ڪر، مون کي اِيئن نه ڪرڻ کپندو هو... مان سخت بيوقوف آهيان.... تو چيو ته مان ٿڌو آهيان، اِن ڪري ئي، مان اِيئن ڪيو آهي... پر مان ڏسان ٿو ته اِها بيوقوفيءَ واري حرڪت هئي.“

لزي کلي ۽ هن پنهنجي هٿن ۾ منهن کي لڪائي ڇڏيو. ”هن لباس ۾؟“

اوچتو خاموش ٿي وئي ۽ ڳنڀير ٿي وئي ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ سخت لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”اليوشا، ڪجهه وقت لاءِ اسان کي چمڻ ڇڏي ڏيڻ گهرجي. اسان اُن لاءِ اَڃا تيار نه آهيون ۽ اسان کي هن لاءِ گهڻو وقت ترسڻ گهرجي. ” هن جملي کي پورو ڪيو ۽ وري چوڻ لڳي، ”مون کي اهو ٻڌاءِ ته تون ايڏو ڇو هوشيار آهين، ذهين ۽ دوربين آهين. اِنهن ڳالهين هوندي به تو هڪ بيوقوف ڇوڪريءَ جو انتخاب ڪيو آهي، جا تنهنجو جوڙ ٿي نه ٿي سگهي؟ اليوشا، مان ٿورو به تنهنجي لائق نه آهيان.“

 ”تون اِيئن ڀـَـلي سمجهه لـِـزي، مان ٿورن ڏينهن ۾ خانقاهه ڇڏي ڏيڻ وارو آهيان. جيڪڏهن مون کي دنيا ۾ رهڻو آهي، ته مون کي شادي ڪرڻ کپي. مان اهو ڄاڻان ٿو. هن (مربي) به مون کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو آهي. ڪنهن ٻيءَ سان شادي ڪريان، اُنهيءَ کان چڱو ٿيندو، ته توسان ڪريان. تو کان سواءِ، مون کي ٻيو ڪير پسند ڪندو؟ مان هن تي گهڻو خيال ڪيو آهي. پهريون ته تون مون کي ننڍپڻ کان وٺي سڃاڻين ۽ تو ۾ ايتريون ته خاصيتون آهن، جي مون ۾ نه آهن. تون مون کان وڌيڪ نرم طبعيت آهين. سڀ کان وڌيڪ، تون مون کان وڌيڪ معصوم آهين. مان اڳ ۾ گهڻين شين سان ميل ميلاپ ۾ اَچي چـُـڪو آهيان... اڙي، تون هنن کي نه ٿي ڄاڻين. پر مان ته ڪرامازوف به آهيان. اِنهيءَ ۾ ڪجهه به نه آهي، جو تون مون تي کلين ٿي ۽ مون تي مذاق ٿي اُڏائين. تنهنجي اِيئن ڪرڻ تي مان بيحد خوش ٿيان ٿو. تون کلندي رهه. تون هڪ ننڍڙي ٻار وانگر کلين ٿي. تون پاڻ کي هڪ شهيد وانگر سمجهين ٿي.“

 ”هڪ شهيد وانگر؟ اِهو ڪيئن؟ ” گهڙي کن اڳي، تو جو سوال ڪيو هو، اُن کي ياد ڪر. ڇا اَسين اُن غريب ماڻهوءَ جي روح کي ڪپيندي، نفرت جو اظهار نه پئي ڪيوسين. هي سڄو سوال، هڪ تڪليف جي برداشت ڪندڙ جو هو... مان اُن جو، جيئن ڏسين ٿي، بيان پوري ريت ڪري نه ٿو سگهان. پر جيڪڏهن ڪو به هن سوال تي غور ڪرڻ وارو ٿي سگهي ٿو، ته هيءُ اُهو ٿي سگهي ٿو، جو پاڻ تڪليف کي برادشت ڪندڙ هجي. تون پنهنجي پريشانيءَ واري ڪرسي تي ويهندي، اِنهن ڳالهين بابت گهڻو ئي سوچيو هوندو؟“

 ”اليوشا، مون کي پنهنجو هٿ ڏي، تون هن کي ڇو ٿو پـَـري ڪرين. ” لزي پنهنجي جهيڻي ۽ ڪمزور آواز ۾ خوشيءَ مان چيو. ”ٻڌ، اليوشا! تون جڏهن خانقاهه مان ٻاهر نڪري ايندين، ته ڪهڙي قسم جو لباس پهريندين؟ توکي ڪهڙي قسم جو سوٽ هوندو؟ کل نه؟ ڪاوڙ نه ڪـَــر. اِهو منهنجي لاءِ بيحد ضروري آهي.“

 ”مان پنهنجي لباس لاءِ ڪو به خيال نه ڪيو آهي. لزي، پر مان اُهو ئي پهريندس، جو توکي پسند ايندو.“

 ”مان چاهيان ٿي، ته توکي گهري نيري رنگ جي بخمل جو ڪوٽ هجي، سفيد رنگ جي صدري هجي ۽ ڀوري رنگ جي فيلٽ هئٽ. هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته مان جو ڪجهه توکي لکيو آهي. اُن مان اِهو مطلب نه ٿو نڪري، ته مون کي تنهنجي لاءِ ڪيڏي نه تانگهه آهي.“

 ”نه مان، اِيئن ته خيال نه ٿو ڪريان.“

 ”اڙي، ڪيڏو نه نااصلاح پذير ۽ غلط ڪار آهين.“

مان ڏسان ٿو ۽ ڄاڻان ٿو ته تون منهنجي ڪيڏي نه خاطر خواهي ٿي ڪرين. پر مان ظاهر ۾ اِيئن ٿي ڏيکاريو، ته توکي منهنجي لاءِ ڪا به پرواهه ڪانه آهي.“

 ”اِها ته وڌيڪ خراب ڳالهه آهي. خراب پر سڀ کان بهتر! اليوشا مون کي توسان بي پناهه محبت آهي. جيئن تون اَڄ صبح جو آئين، مان پنهنجي قسمت آزمائي ڪرڻ گهري. مان فيصلو ڪيو، ته توکان خط لاءِ پڇنديس، جيڪڏهن تو اُن کي آندو هوندو ۽ مون کي موٽائي ڏنو ( ” اِها ئي اُميد مون تو ۾ ٿي رکي) ته مان سمجهنديس ته تون مون کي پيار نه ٿو ڪرين. توکي ڪو به احساس ڪونه آهي ۽ بيوقوف ڇوڪرو آهين ۽ ڪنهن به ڪم جو نه. پوءِ منهنجي بربادي هئي. پر تون خط گهر ڇڏي آئين، جنهنڪري مون کي بيحد خوشي حاصل ٿي. تون اُن کي ڪنهن مطلب لاءِ ڇڏي آيو هوندين، توکي خبر هئي ته مان اِهو توکان واپس گهرنديس ۽ تون اُن کي موٽائڻ نه ٿي گهريو. اِيئن آهي نه؟“

 ”اڙي لـِـزي اِيئن نه آهي. خط ته مون سان هاڻي به ساڻ آهي. اِهو صبح کان وٺي منهنجي کيسي ۾ آهي. اِجهو هيءُ آهي.“

اليوشا کلندي، کيسي مان خط ڪڍيو ۽ پـَـري کان اُن کي ڏيکاريائين.

 ”پر مان توکي هيءُ موٽائي ڏيڻ نه ٿو گهران. تون هتان ڏسي سگهين ٿو.“

 ”ڇو؟ تڏهن تو ڪوڙ ڳالهايو؟ تون ته هڪ راهب آهين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين!

جيڪڏهن تون هيءُ پسند ڪرين ٿي ته مان ڪوڙ ڳالهايو آهي. ” اليوشا کلي ويٺو. “ مان ڪوڙ اِنهيءَ ڪري ڳالهايو، جو مون کي خط موٽائي ڏيڻ جي نيت ڪا نه هئي. اِهو منهنجي لاءِ قيمتي آهي. ” هـُـن اوچتو چئي ڏنو. اُن وقت کيس عجيب جذبات هئا ۽ سندس منهن جو رنگ وري ڳاڙهو ٿي ويو. ” اِهو مون وٽ هميشه رهندو ۽ مان ڪنهن کي به نه ڏيندس.“

لزي هن ڏانهن خوشيءَ مان نهاريو. ”اليوشا! ”هن وري ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”دروازي ڏي نهار. منهنجي ماءُ ٻڌي ته نه ٿي؟“

 ”ٺيڪ آهه لـِـزي، مان ڏسان ٿو، پر اِهو چڱو نه ٿيندو ته نه ڏسان؟ مان تنهنجي ماءُ ۾ اِهڙي حقير شيءِ جي بدگماني ڇو رکان؟“

 ”ڪهڙي حقير شيءِ؟ اِها نه ته، هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي جاسوسي ڪري رهي آهي. اِهو، هن جو حق آهي نه ناپسندي جهڙي حرڪت.“ لزي جوش مان چيو. اليڪسي فيودورووچ، توکي يقين رکڻ گهرجي ته مان جڏهن ماءُ بڻبيس ۽ مون کي مون جهڙي ڌيءَ ٿي پوي، مان ته جيڪر اُن جي ضرور جاسوسي ڪريان.“

 ”سچ پچ لزي، پر اِهو صحيح ته نه آهي؟“

 ”او خدايا، هن سان ناپسندي جو ڪهڙو واسطو! جيڪڏهن هـُـو ڪي دنياداري جون ڳالهيون بيهي ٻـُـڌي ته اِها واقعي ناپسندي جهڙي ڳالهه آهي. پر جڏهن ته هن جي پنهنجي ڇوڪري، ڪنهن نوجوان سان گڏ هجي... ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ اليوشا، ته جيئن ئي اسان جي شادي ٿيندي ته مان توتي جاسوسي شروع ڪري ڏينديس. مان توکي اهو به ٻڌائڻ گهران ٿي، ته مان ته تنهنجا خط کولي پڙهنديس. جنهن جي لاءِ توکي تيار رهڻ کپي.“

 ”هائو، بيشڪ، جيڪڏهن اِيئن آهي ته ” اليوشا چيو، “ فقط اِها ڳالهه آهي ته اِهو صحيح نه آهي.“

 ”آهه ڪيڏي نه بغض ڀري ڳالهه پيارا اليوشا! اسان کي پهرئين ڏينهن تي وڙهڻ نه گهرجي. چڱو آهي ته مان توکي سچي ڳالهه ٻـُـڌايان. بيشڪ اِها غلط ڳالهه آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي جاسوسي ڪجي. بيشڪ مان غلط آهيان. پر تون هڪڙو ماڻهو آهين، جنهن جي مان جاسوسي ڪندي رهنديس“.

 ”ڀلي ڪر، پر تون ڪجهه به نه ڏسندينءَ. ” اليوشا کلي ويٺو.

 ”اليوشا ته پوءِ منهنجي هر راءِ کي مقدم رکندين؟ اِهو به اسان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي.“

 ”لزي، مون کي اِيئن ڪندي بيحد خوشي ٿيندي. پر نهايت ضروري ڳالهين ۾ نه. جيڪڏهن تون، مون سان اتفاق نه به ڪرين، مان اهم ڳالهين ۾ به پنهنجو فرض پورو ڪندو رهندس.“

 ”اِهو صحيح آهي. مان توکي ٻـُـڌايان ٿي ته نه فقط اهم مسئلا پر معمولي شيون به تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏينديس. مان تنهنجي سامهون قسم ٿي کڻان ته سڄي حياتي مان تنهنجي رضامندي کي چاهينديس.“ لزي جوش مان چيو. ”اِهو سڀ ڪجهه مان نهايت خوشيءَ مان ڪنديس. وڌيڪ اِهو به مان قسم ٿي کڻان ته ڪڏهن به تنهنجي جاسوسي نه ڪنديس. هڪ ڀيرو به نه. مان تنهنجو هڪ به خط نه پڙهنديس. ڇاڪاڻ ته تون صحيح آهين ۽ مان نه آهيان. جيتوڻيڪ مون کي ڏاڍي خواهش ٿيندي ته جاسوسي ڪريان پر جيئن ته تون اُن کي بي عزتي سمجهندين، مان اِيئن ڪڏهن به نه ڪنديس. تون منهنجو هاڻي ضمير آهي... اليڪسي فيودورووچ ڌيان ڏيئي ٻڌ. تون ايترو ڇو غمگين ٿو نظر اَچين، ڪالهه ۽ اَڄ؟ مون کي خبر آهي ته توکي ڏاڍي تڪليف ۽ انتظار آهي. پر مان ڏسان ٿي ته اِنهن کان سواءِ،ڪو توکي خاص ڏک به آهي. شايد ڪو ڳجهو درد آهي.“

Text Box: 273

 

 ”هائو لزي، منهنجو هڪ راز به آهي. ” اليوشا کيس درد ڀري آواز ۾ جواب ڏنو.  ”مان ڏسان ٿو، ته تون مون سان محبت ٿي ڪرين ۽ اُن جي قبوليت به ڏني اَٿئي.“

 

 ”ڪهڙو ڏک! ڇا آهي؟ تون مون کي ٻڌائي سگهندين؟ لزي ڊڄندڙ آواز ۾ چيو.

اليوشا، قبوليت ڏيندي چيو ته ”لزي، مان توکي اِها حقيقت پوءِ ٻڌائيندس. تون هاڻي شايد نه سمجهي سگهين ۽ شايد مان به سمجهائي نه سگهان.“

 ”مان ڄاڻان ٿي ته تنهنجا ڀائر ۽ تنهنجو پيءُ به توکي گهڻو پريشان ڪن ٿا؟“

اليوشا خيال ڪندي ڀڻڪيو، ”هائو، منهنجا ڀائر به“.

 ”مان تنهنجي ڀاءُ ايون کي ناپسند ڪندي آهيان. ” اوچتو لزيءَ چيو.

هـُـن، لزيءَ جي راءِ کي تعجب سان ٻـُـڌو، پر ڪو به جواب نه ڏنائين.

هـُـو چوڻ لڳو ته منهنجا ڀائر پاڻ کي برباد ڪري رهيا آهن ۽ منهنجو پيءُ به. افسوس اِهو آهي، ته هـُـو پاڻ سان گڏ ٻين کي به تباهه ڪري رهيا آهن. هي قديم ڪرامازوف جو اَثر آهي. مون کي اڳئين ڏينهن تي راهب پايسي ٻڌايو هو ته اها هڪ خطرناڪ ۽ خانه خراب زميني قوت آهي. ڇا خدائي  طاقت، هن وقت تي ڪو اَثر وجهي سگهي ٿي؟ مان ته اِهو به نه ٿو ڄاڻان. مان ته فقط اهو ٿو ڄاڻان ته مان ڪرامازوف آهيان... مان هڪ راهب آهيان ۽ راهب! لزي مان راهب آهيان؟ تو هاڻي ٻڌايو هو ته مان آهيان.“

 ”هائو، مان اهو چيو ٿي.“

” ۽ مان شايد خدا ۾ به اعتبار نه ٿو رکان!“

 ”تون سچ پچ خدا ۾ اعتبار نه ٿو رکين؟ حقيقت ڇا آهي؟ لزيءَ نهايت آهستگيءَ سان کيس پيار مان چيو. پر اليوشا کيس ڪو به جواب نه ڏنو. ڪو راز ٿي نظر آيو. پويان لفظ جي هن خود چيا هئا. کيس به سمجهه ۾ نه ٿي آيا. پر اِيئن نظر ٿي آيو ته هـُـو کيس دلي عذاب ڏيئي رهيا هئا.

 ”منهنجي عزيز، هاڻي سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي ته بهترين اِنسان دنيا کان موڪلائي رهيو آهي! لزي تون جيڪر ڄاڻي سگهين ته منهنجو روح ساڻس ڪيڏو نه وابسته آهي! اُن کان پوءِ مان اَڪيلو رَهجي ويندس... لـِـزي مان توڏي ايندس.... مستقبل ۾ گڏجي رهنداسون.“

 ”هائو، گڏجي، گڏجي! هن کان پوءِ اسان هميشه گڏ هونداسون. پنهنجي سڄي حياتي! ٻـُـڌ، مون کي پيار ڪر، مان توکي اُن جي اِجازت ٿي ڏيان.“

”اَچ ۽ پوءِ وڃ.... سچ توسان گڏ هوندو!“ هـُـن مٿانئس صليب جي نشاني ٺاهيندي چيو ته، ”جلدي هـُـن ڏي موٽي وڃ، جيستائين هـُـو جيئرو آهي. مان ڏسان ٿي ته توکي زور سان روڪي رکيو اٿم. مان اَڄ هن جي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ دعائون گهرندي رهنديس، ته اَسين خوش گذاريون! ڇا اَسين خوش رهنداسون؟“

 ”مون کي يقين آهي لزي، ته خوش رهنداسون.“

اليوشا خيال ڪيو ته چڱو اِيئن ٿيندو، ته هـُـو بيگم هائلڪوف ڏي نه وڃي ۽ کيس خدا حافظ چوڻ کانسواءِ گهر مان نڪري وڃي. پر جيئن ئي هن دروازو کوليو، بيگم هائڪلوف کي پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين. اليوشا پهرئين ئي لفظ مان سمجهي ورتو ته هـُـو ڪنهن مطلب ۽ مقصد جي گفتگو لاءِ اُن جي انتظار ۾ هئي.

 ”اليڪسي فيودورووچ، هيءَ نهايت خطرناڪ آهي. هيءَ منجهائيندڙ ۽ ٻاراڻي بيوقوفي آهي. مان توکي يقين سان چوان ٿي ته اِهو خواب نه لـَـهه... هي بيوقوفيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. صاف بيوقوفي! ” هـُـن، هي لفظ کيس اِهڙي ريت چيا، ڄڻ ته مٿس حملو ڪرڻ ٿي گهريائين.

اليوشا کيس چيو ته، ”فقط هن کي نه ٻڌاءِ، هوءَ پريشان ٿي ويندي، جو هـُـن لاءِ بيحد نقصانڪار آهي.“

 ”هڪ سمجهه ڀـَـري نوجوان جي سمجهه ڀـَـري صلاح! مون کي اِيئن سمجهڻ گهرجي، ته تو هن سان جا قبوليت ڏني آهي، سا سندس پريشان حالت کي ڏسي رعايت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته چاهيو ٿي، ته سندس خلاف وڃي کيس جوش ۾ نه آڻين.“

 ”نه، نه اِيئن نه آهي، مان جو ڪجهه به چيو آهي، سو ڳنڀير ٿي چيو اٿم. ” اليوشا نهايت مضبوطيءَ سان اُن جو اعلان ڪيو.

 ”هن حقيقت بابت يقيني طور تي اظهار ڪرڻ، اڻ ٿيڻي آهي ۽ اُن تي خيال ئي نه ٿو ڪري سگهجي. مان پهريائين اِيئن ڪنديس ته تون منهنجي گهر ۾ ئي نه اَچين. مان پوءِ اُن کي ڪنهن ٻي پاسي وٺي وينديس، توکي اُن جو يقين هئڻ گهرجي.“

اليوشا کيس چيو ”پر اِيئن  ڇو؟ اِهي سڀ ڳالهيون گهڻيون پري آهن. اسان سال ڏيڍ ترسي سگهون ٿا.“

 ”اڙي اليڪسي فيودورووچ، اِن ۾ بيشڪ سچ آهي. ڏيڍ سال ايترو گهڻو آهي، جو اُن ۾ توکي هزارين ڀيرا وڙهڻو ۽ جدا ٿيڻو پوندو. پر مان ايتري ته بدقسمت آهيان، جو هيءَ جيتوڻيڪ بيوقوفي آهي پر منهنجي لاءِ ڪاري ضرب آهي. مان پاڻ کي ”ظرافت جي غم“ واري ڊرامي جو فاموسوف ٿي سمجهان. مان توکي چاٽڪي ۽ هـُـن کي صوفيا ٿي سمجهان. مان توسان ڊوڙي اَچي ڏاڪڻ تي مـِـلي آهيان. ڊرامي ۾ به ته اِها خطرناڪ سين، ڏاڪڻ کان شروع ٿئي ٿي. مان سڀ ڪجهه ٻڌو آهي. پر لـَـنوائي وئي آهيان. پر اِها سندس خطرناڪ رات ۽ اُن جي جنون جي ڪهاڻي آهي. هن جو مطلب آهي، ته ڌيئرن سان ته عشق آهي پر اِهو مائرن لاءِ موت آهي. مان ته هڪدم قبر ۾ پهچي وينديس. پر هن کان وڌيڪ ڳنڀير اَڃا ٻيو مسئلو آهي. اُهو ڪهڙو خط آهي، جو هن توڏي لکيو آهي. مهرباني ڪري اُهو مون کي ڏيکار؟“

 ”نه، اُن جي ڪا به ضرورت نه آهي، مون کي ٻڌاءِ ته ڪيٽرينا ايونونا، هاڻي ڪيئن آهي، اِهو مون کي معلوم ڪرڻو آهي؟“

 ”هوءَ اَڃا بيهوشيءَ جي حالت ۾ آهي. هن کي اَڃا هوش ڪو نه آيو آهي. سندس پڦيون هتي آهن. پر هـُـو ٿڌي ساهه کڻڻ ۽ هوائي قلعن بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نه ٿيون سگهن. هرزينسٽيوب آيو پر هـُـو ايڏو ته پريشان ٿي ويو، جو مان منجهي پيس ته وري هن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي. مان ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي هن جي علاج واسطي گهرائڻ لاءِ ٿي سوچيم. کيس منهنجي گاڏيءَ ۾ وجهي، گهر ڇڏي آيا آهن. پر سڀ کان وڌيڪ ڳالهه آهي، تون ۽ هـُـو خط. اِهو به صحيح آهي ته ڏيڍ سال ۾ ڪجهه به ظهور ۾ نه ايندو. اُن پاڪ نالي جي صدقي ۽ پنهنجي مرندڙ مربي جي نالي جي صدقي، اليڪسي فيودورووچ مون کي اِهو خط ڏيکار. مان، هن جي ماءُ آهيان. جيڪڏهن تون اِهو پسند ڪرين ته پنهنجي هٿ ۾ جهل، مان پري کان ئي پڙهي ڏسنديس.“

 ”جيڪڏهن، هوءَ اِهو منظور به ڪري، مان توکي اِهو خط نه ڏيکاريندس. مان سڀاڻي ايندس. جيڪڏهن تون چاهين ته مان توسان اِنهيءَ ڳالهه بابت ڳالهائيندس، پر هاڻي خدا حافظ!“

اليوشا، ڏاڪڻ تان ڊوڙندو لهي، گهٽيءَ ۾ هليو ويو.

 

 

dc

 

باب ٻيو

سميرڊيا ڪوف ۽ ستار

هن ڪو به وقت وڃائڻ نه ٿي گهريو. اُن وقت به جڏهن هو لـِـزيءَ کان موڪلائي رهيو هو، هن کي دل ۾ خيال ٿي آيو، ته اِهڙو ڪو جادو هٿ ڪجي، جنهن جي وسيلي کيس سندس ڀاءُ دمتري هٿ اَچي. هـُـو کانئس هرو ڀرو نٽائي رهيو هو. ڏاڍي دير ٿي وئي هئي. تقريباً لڳا هئا. اليوشا جو روح - سميٽجي، خانقاهه جي طرف وڃي لڳو هو ۽ هـُـو مرندڙ درويش جي فڪر ۾ هو. پر دمتريءَ جي ملاقات جي ضرورت سڀني ڳالهين تي پردو وجهي ڇڏيو هو. ساعت به ساعت، سندس ذهن ۾ ڪنهن حادثي جو خيال مضبوط ٿيندو ٿي ويو. اُهو ڪهڙو حادثو هوندو ۽ هـُـو اُن وقت ڀاءُ کي ڇا چوندو، هـُـو آخري ڪلام ۾ ڪجهه به چئي نه ٿي سگهيو.

 ”توڙي جو منهنجو خير خواه، منهنجي غير موجودگيءَ ۾ مري به وڃي، مان پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾، هن خيال کان پاڻ کي ملامت نه ڪندس ته گهر ڏي تڪڙي پهچڻ بجاءِ، مان ڪنهن جي زندگي بچائي ورتي آهي. جيئن منهنجو اِرادو آهي ۽ مان اِيئن ڪري سگهيس، ته اِها ڄڻ اُن عظيم رتبي جي پيروي ٿيندي.“

سندس رٿ هئي، ته هـُـو پنهنجي ڀاءُ دمتري کي بي خبريءَ ۾ پڪڙي. سندس اِرادو هو، ته جيئن هـُـن اڳئين ڏينهن تي ڪيو هو، لوڙهي کان چڙهي، باغ ۾ داخل ٿي سرد خاني ۾ ويهي رَهي. جيڪڏهن دمتري اُتي نه هوندو ته اليوشا سوچيو ته هو نه فوما سان ملندو نه گهر جي مالڪياڻي سان. پر هـُـو سرد خاني ۾ لڪي پوندو ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته هـُـو شام تائين اُتي رهندو. جيئن اڳ ۾ ٿي گذريو هو، دمتريءَ کي جيڪڏهن گروشينڪا جي اَچڻ جو انتظار هوندو. ته هـُـو اُن سرد خاني ۾ ضرور ايندو. اليوشا پنهنجي هن رٿ جي تفصيل تي ڪو گهڻو ڌيان نه ڏنو، پر فيصلو ڪيائين ته اِيئن ڪبو، پوءِ کڻي خانقاهه ڏي نه به وڃڻو پوي.

بنا ڪنهن رڪاوٽ جي، هـُـو سڀ ڪجهه ڪري چـُـڪو. هـُـو ڪالهوڪي جاءِ کان، لوڙهي کان ٽپي، هـُـو بنا ڪنهن جي ڏسڻ جي، وڃي سرد خاني ۾ پهتو. هـُـن نه ٿي چاهيو ته کيس ڪو ڏسي. هـُـن اِهو به نه ٿي چاهيو ته فوما يا گهر جي مالڪياڻي کي ڪا سندس موجودگيءَ جي خبر هجي. ڇو ته هـُـن ڄاتو ٿي ته هو وفادار هئڻ جي حالت ۾، سندس هدايتن تي عمل ڪنديون. ممڪن آهي ته کيس باغ ۾ داخل ٿيڻ کان منع ڪن يا دمتريءَ کي واقف ڪن ته سندس جاسوسي ۽ ڳولا ڪئي وڃي ٿي.

سردخاني ۾ ڪو به ڪو نه هو. اليوشا ويهي انتظار ڪرڻ لڳو. هـُـن، اُن جاءِ کي چتائي ڏٺو ۽ اِها کيس اڳي کان وڌيڪ قديم نظر آئي. جيتوڻيڪ ڏينهن ڪالهه وانگر دلڪش هو، پر اُن هوندي به هيءَ جاءِ کيس اُداس اُداس ٿي لڳي. ميز تي هڪ دائري جو نشان ٿي نظر آيو، جو ڪالهوڪي گلاس جو هو. جنهن مان برانڊيءَ جو ٿورو چـُـڪو، ڇلڪجي هيٺ ڪريو هو. هڪ بيوقوفيءَ وارو ۽ بي بنياد خيال سندس دل تي تري آيو، جو اَڪثر واندڪائي ۽ سخت انتظار ۾ پيدا ٿيندو آهي. هو ٿوريءَ دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو، ته هـُـو ڇو هروڀرو اڳي وانگر، ساڳي جاءِ تي اَچي ويٺو آهي. ڇو نه ڪنهن ٻي جاءِ تي وڃي ويهي. آخرڪار هن کي شديد غم جو احساس پيدا ٿيو. اِهو غم جو احساس کيس ناموافق حالت جي باعث پيدا ٿيو هو. هـُـو اُتي پاءُ ڪلاڪ کان وڌيڪ ترسي نه سگهيو. اوچتو هن ستار جو ڪٿان هلڪو آواز ٻڌو. ڪي ماڻهو اُتي اڳ ۾ ئي ويٺا هئا، يا تازو ٻوٽن ۾ کانئس ويهه قدم پري اَچي ويٺا هئا. اليوشا کي اوچتو خيال آيو ته هـُـو ڪالهه جيئن سرد خاني کان ٻاهر ٿي آيو ته کيس لوڙهي جي ڀرسان، کٻي پاسي وارن ٻوٽن ۾ هڪ پراڻي، سائي ۽ هيٺاهين باغ جي ويهڻ واري جاءِ نظر آئي هئي. اِهي ماڻهو اِتي ئي ويٺا هئا پر اُهي ڪير هئا؟

اوچتو هڪ ماڻهو هڪ شيرين گيت کي ستار جي آواز سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو:

هڪ لازوال قوت سان،

مان پنهنجي محبوب سان وابسته آهيان،

خدايا مون تي رحم ڪر،

مون تي ۽ هـُـن تي!

مون تي ۽ هـُـن تي!

مون تي ۽ هـُـن تي!

اُن وقت آواز ختم ٿي ويو ۽ ساڻ ئي هڪ زنانو ۽ نفيس آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جي اندر ڪجهه حجاب به معلوم پئي ٿيو.

 ”فيودورپاولووچ، تون اسان وٽ تمام ٿورو ڇو ٿو اَچين ۽ تو اَسان کي پنهنجي نظرن کان ڇو ڪيرائي ڇڏيو آهي؟“

 ”ڪڏهن به نه! ” هڪ مرادڻو آواز نرميءَ سان آيو، جنهن مان وقار نظر ٿي آيو. هي صاف ٿي ڏٺو، ته مرد جو مقام مٿاهون هو، ۽ عورت کيس ترغيب ڏيندي ٿي رَهي. اليوشا خيال ڪرڻ لڳو ته، “ ماڻهو کي سميرڊياڪوف وانگر ٿيڻ کپي. هن جي آواز مان اِيئن معلوم ٿئي ٿو ته اِها عورت هن ئي گهر جي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ گهر جي مالڪياڻيءَ جي ڌيءَ هجي. ماسڪو کان تازي آئي هجي. شايد اِها اُها عورت هجي، جيڪا پڇ وارو لباس پهري ٿي ۽ مارفا کان آب گوشت وٺڻ لاءِ وڃي ٿي.

 ”مون کي اُهي سڀئي شعر گهڻا پسند ايندا آهن، جن ۾ ڪي لفظ وري وري ٿا اَچن.

 ”تون پيانو ڇو نه ٿو ٻـُـڌائين.“

مرد وري ڳائڻ شروع ڪيو:

 ”مان بادشاهيءَ جي خزاني جي ڇو پرواهه ڪريان،

جيڪڏهن منهنجي دوست جي صحت پوري آهي.

خدايا اَسان تي رحم ڪر،

هـُـن تي ۽ مون تي!

هـُـن تي ۽ مون تي!

هـُـن تي ۽ مون تي!“

 ”اڳئين ڀيري کان هيءُ وڌيڪ بهتر هو. ” عورت کيس چيو ته “ جڏهن تو ڳاتو هو، ”ته جيڪڏهن منهنجي دوست جي صحت عمدي هجي“. اُن مان وڌيڪ مزو ٿي آيو. مان سمجهان ٿي ته اَڄ توکان اِهو وسري ويو آهي.

سميرڊياڪوف کيس جواب ڏنو،  ”شعر هميشه منجهائيندڙ ٿيندو آهي.“

 ”نه نه، شاعري مون کي بيحد پسند آهي.“

 ”جيتري قدر شاعريءَ جو سوال آهي، اِها احمقپائي آهي. تون پنهنجي بابت خيال ڪر، ڪو به وزن ۽ قافيي سان ڪو نه ڳالهائيندو آهي. جيڪڏهن اسان سڀئي وزن ۽ قافيي سان ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيون، توڙي سرڪار اُن لاءِ قاعدو به ڇو نه جوڙي، پر اسان اِهڙي نموني گهٽ ڳالهائي سگهنداسون. ڪيئن آهي نه اِيئن؟ ماريا ڪنڊراتيوينا، شاعري ڪا چڱي شيءِ نه آهي.“

 ”ڪيترو نه تون عقلمند آهين! ڪيترو نه هر هڪ ڳالهه ۾ گـَـهـِـرو ٿو وڃين. ” عورت جي آواز مان وڌيڪ کان وڌيڪ محبت جهلڪندي ٿي ڏٺي.

 ”مان هن کان اَڃا وڌيڪ اظهار ڪري ٿي سگهيس. مان هن کان ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪري سگهان ها، جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ قسمت منهنجو ساٿ ڏئي ها. مان اُن ماڻهوءَ کي جيڪر مقابلي ۾ گولي هڻي ماري ڇڏيان، جي هـُـو مون کي پنهنجي اَصلي خاندان جي نالي سان سڏڻ جي ڪوشش ڪري. ڇاڪاڻ ته مان هڪ غليظ ۽ پينو عورت جي پيدائش آهيان، ۽ پيءُ جي ڪا به خبر نه آهي.“

ماسڪرم مون کي حقير سڏيندا هئا، ڇو ته کين اِها خبر هتان ملي چـُـڪي هئي. گريگري وسيسلووچ جا مان ٿورا ٿو مڃان. هن مون کي، منهنجي پيدائش جي خلاف بغاوت ڪرڻ تي تنبيهه ٿي ڪئي. پر مان جيڪر اِهو منظور ڪريان ها، ته هـُـو مون کي ڄمڻ وقت ماري ڇڏين ها، جيئن مان هن دنيا ۾ اَچي ئي نه سگهان ها. بازار ۾، خواه تنهنجي ماءُ جي زباني مون ٻڌو آهي، ته منهنجي ماءُ جا وار سندس مٿي تي تڏي وانگر هوندا هئا ۽ هـُـن ڪڏهن به ڦڻي نه ڏني هئي. هوءَ قد ۾ پنجن فوٽن کان به ننڍي هئي ۽ ٿوري ٻاتي به هئي. پر هـُـن کي ٻاتو ڇو چيو وڃي، جڏهن هـُـو ڳالهائيندي ٿورو هئي. جيئن ٻيا ڪن ٿا؟ هوءَ پنهنجي گفتگوءَ کي اَثر وارو بڻائيندي هوندي، جيئن ٻيون رواجي ڳوٺاڻي عورتون ڪـَـن ٿيون. ڇا هڪ روسي هاري کي اسان جذبي ۾ هڪ تعليم يافته جي ڀيٽ ۾ آڻي سگهون ٿا؟ هن کي سندس اَڻ ڄاڻائي جي سبب، اسان چئون ٿا، ته وٽس ڪو به جذبو موجود نه آهي. مان پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي، هن کي ٻاتي ٻڌندو ٿو اَچان ۽ بيحد غصو ٿو اچي. ماريا ڪنڊراتيوينا مان سڄي روس کي نفرت جي نظر سان ٿو ڏسان.“

Text Box: 277

 

 ”جيڪڏهن تون فوج جو سپاهي هجين ها يا شرافت وارو آفيسر، ته تون جيڪر اِيئن نه ڳالهائين ها، پر اُن جي بجاءِ تون تلوار کي ڪڍي، سڄي روس جو بچاءُ ڪرين ها.“

 

 ”ماريا ڪنڊراتيوينا، مان شريف آفيسر ٿيڻ نه ٿو چاهيان ۽ اَڃا وڌيڪ مان چاهيان ٿو ته سڀني سپاهين کي موقوف ڪري ڇڏيان.“

 ”پر جيڪڏهن ڪو دشمن اَچي ته اَسان جو ڪير بچاءُ ڪندو؟“

 ”بچاءَ جي ڪا به ضرورت ڪا نه آهي. سن 1802ع ۾ روس تي نيپولين جو وڏو حملو ٿيو. پهريون فرينچ شهنشاهه، موجوده بادشاهه جو پيءُ. چڱو ٿئي ها، هـُـو جيڪر اَسان کي فتح ڪن ها. هڪ متمدن قوم، هڪ بيوقوف قوم کي فتح ڪري، پاڻ سان ملائي ڇڏي ها. اُن جي ڪري اڄ اَسان جو ٻيو مرتبو هجي ها.“

 ”ڇا هـُـو پنهنجي ملڪ ۾، اسان کان وڌيڪ بهتر آهن؟ مان ته جيڪر پنهنجي ملڪ جي هڪ نوجوان کي، ٽن انگريز نوجوانن جي عيوض ۾ به نه ڏيان. ” ماريا ڪنڊراتيونيا نهايت نرمائيءَ سان کيس جواب ڏنو، پر سندس نگاهه مان ملامت جو اظهار صاف ٿي نظر آيو.

 ”اِهو سڀ ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو خيال آهي.“

 ”مون کي اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته تون ڄڻ اجنبي آهين. هڪ مهربان اَجنبي! مان توکي هيءُ ته چوان ٿي پر شرم ٿو اَچي.“

 ”جيڪڏهن تون ٿورو خيال ڪري، هيءُ ڄاڻڻ گهرين ته اُتان جا ۽ هتان جا ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ته هڪجهڙا آهن، هنن کي به لباس آهي. پر اسان ۽ اُنهن جي وچ ۾ تفاوت هيءُ آهي ته اُتان جي بدمعاشن کي به چمڪندڙ بوٽ آهن. پر اسان جي ماڻهن کي غلاظت ۾ ليٽڻ لاءِ به ڪا خالص مٽي نه آهي. روس جي ماڻهن کي گوشمالي کپي. جيئن فيودورپالووچ ڪالهه چيو ٿي، اُهو سڀ سچ آهي. جيتوڻيڪ هو ۽ سندس سڀ ٻار پاڳل آهن.“

 ”تو ته اِيئن چيو هو ته توکي ايون فيودورووچ جي لاءِ بيحد عزت آهي.“

هائو، پر اُن به ته مون لاءِ اِيئن چيو آهي ته مان هڪ بدبودار نوڪر آهيان. هـُـو سمجهي ٿو ته مان ضابطي کان ٻاهر آهيان. پر هـُـو غلط آهي. مون کي جيڪڏهن پيسو هجي ها ته مان هتان ڪڏهن جو هليو وڃان ها. دمتري فيودورووچ پنهنجي سمجهه ۽ رفتار کان، پنهنجي طبعيت ۽ مفلسيءَ کان گهڻو بدنام آهي. هن کي هي به سليقو نه آهي ته ڪهڙو به ڪم ڪيئن ڪجي، پر اُن هوندي به سندس عزت ڪئي ٿي وڃي. جيتوڻيڪ مان آب گوشت بڻائڻ وارو ڇو نه هجان، پر مان پنهنجي محنت سان ماسڪو جي پيٽروڪا واري حصي ۾، ڪيفي ۽ هوٽل کولي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هڪ خاص قسم جو بورچي آهيان. ماسڪو ۾ اجنبين کان سواءِ ڪو به خاص قسم جو بورچي ڪو نه آهي. دمتري فيودورووچ هڪ پينو آهي، پر هوءُ ملڪ جي ڪنهن وڏي نواب جي پٽ کي مقابلي لاءِ دعوت ڏيندو، ته هيءُ ساڻس وڙهڻ کان نه گـُـسندو. آخر هـُـو مون کان ڪهڙي ڳالهه ۾ چڱو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هـُـو مون کان وڌيڪ بيوقوف آهي. سندس پيسي ڏانهن نهار، هـُـن ڪيئن نه اُن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.“

ماريا ڪنڊراتيونيا اوچتو چئي ڏنو ته ” اِهو مقابلو به ڏاڍو مزيدار ٿيندو.“

 ”اِهو ڪيئن؟“

 ”اِهو، خطرناڪ ۽ بهادراڻو ڪارنامو بڻجي وڃي ٿو. جڏهن به نوجوان آفيسر پنهنجي هٿن ۾ پستول کڻي، ڪنهن عورت جي لاءِ هڪ ٻئي تي حملو ڪن ٿا. هڪ دلڪش تصوير! جيڪڏهن ڇوڪرين کي اُن منظر جي ڏسڻ جي اجازت هجي ها، ته مان جيڪر سڀ ڪجهه ڏئي به اُن کي ڏسان ها!“

اِهو ٺيڪ آهي، جڏهن تون ڪنهن تي گولي هلائين. پر جڏهن ڪو تنهنجي سيني کي نشانو بنائي، تڏهن توکي پنهنجو قدم احمقاڻو نظر ايندو. ماريا ڪنڊرا تيوينا، تون جيڪر اُتان ضرور ڀڄي وڃين؟“

 ”تنهنجو اِهو مطلب ته نه آهي ته تون ڀڄي ويندين؟“

پر سميرڊياڪوف، هن کي ڪو به جواب نه ڏنو، ٿوري وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ ستار جي ٽڻ ٽڻ جو آواز آيو ۽ هن وري گيت ڳائڻ شروع ڪيو:

 ”تون ڪجهه به چوين،

مان هليو ويندس،

حياتي خوشنما ۽ خوشي واري بڻجي ويندي،

ڪنهن شهر ۾ ۽ پري،

مان ڪو به ڏک نه ڪندس،

مان، ڪڏهن به ڏک نه ڪندس،

نه وري مون کي خيال آهي ته ڏک ڪندس.“

اُن وقت ڪجهه اُميد جي خلاف ٿي گذريو. اليوشا اوچتو آواز ڏنو ۽ هـُـو ٻئي خاموش ٿي ويا. اليوشا اُٿيو ۽ هنن ڏي هليو. هن سميرڊياڪوف کي چڱي لباس ۾ ڏٺو ۽ سندس بوٽ چمڪي رهيو هو. کيس پائوڊر لڳل هو ۽ وارن کي گهـُـنڊي دار بڻايو هئائين. ستار باغ جي بينچ تي رکي هئي. سندس ساٿياڻي، گهر جي مالڪياڻيءَ جي ڌيءُ هئي. کيس هلڪي نيري رنگ جو لباس هو ۽ اُن جو دامن ٻه وال ڊگهو هو. هـُـوءَ نوجوان هئي ۽ ڏسڻ ۾ بـُـري نه هئي. سندس چهرو حد کان وڌيڪ گول هو ۽ مٿس هلڪي ڀوري رنگ جا داغ هئا.

اليوشا کان جيتري قدر ٿي سگهيو، هن آرام سان کانئن پڇيو ته، ”ڇا دمتري منهنجو ڀاءُ جلدي موٽڻ وارو آهي؟“

سميرڊياڪوف آهستگيءَ سان اُٿيو. ماريا ڪنڊراتيوينا پڻ اُٿي بيٺي.

 ”مون کي دمتري فيودورووچ بابت ڪا به خبر نه آهي. اِيئن ته نه آهي ته مان اُن جو نگهبان آهيان. ” سميرڊياڪوف، کيس آهستگيءَ ۽ رازداراڻي نموني ۾ جواب ڏنو.

 ”پر مان ته فقط اِهو ئي پڇيو، ته اوهان کي اُن جي ڪا خبر آهي. ” اليوشا کين سمجهائيندي چيو.

 ”مون کي اُن جي بابت ڪا به خبر نه آهي ۽ نه وري اُن جي ضرورت آهي.“

 ”پر منهنجي ڀاءُ مون کي ٻـُـڌايو هو، ته اسان جي گهر ۾ جو به وَهي ۽ واپري ٿو، تون اُن کي ٻـُـڌائيندو آهين. تنهنجو هن سان واعدو آهي، ته جڏهن اَگرافينا اليگزينڊروينا اَچي ته هن کي اُن جي خبر ڏئين.“

سميرڊياڪوف پنهنجي سرد نگاهه سان کيس ڏٺو ۽ کيس چيائين ته ”تون هتي ڪهڙيءَ ريت آيو آهين، جڏهن ٿورو وقت اڳ ۾ اسان توکي مقفل ڪري ڇڏيو آهي.“

 ”مان پٺ واري گهٽيءَ مان لوڙهي کي ٽپي آيو آهيان ۽ سڌو سردخاني ۾ پهتو آهيان. مون کي اُميد آهي ته اوهان مون کي معاف ڪندا. ” هن ماريا ڪنڊرا تيوينا ڏي منهن ڪري چيو ته ”مون کي پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ جي ڏاڍي خواهش هئي.“

مارياڪنڊراتيوينا، اليوشا جي معافي کان راضي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته ”اسان تنهنجو اِهڙي ريت اَچڻ بي موقع نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ ته دمتري فيودورووچ، پاڻ به اَڪثر اِنهيءَ رستي سان سردخاني ۾ ايندو آهي. هـُـو شايد سرد خاني ۾ ويٺو هجي، پر اَسان کي اُن جي ڪا به خبر نه آهي.“

 ”مان اُن جي لهڻ لاءِ ڏاڍو پريشان آهيان. گهٽ ۾ گهٽ مون کي اِهو ئي معلوم ٿئي ته هـُـو هاڻي ڪٿي آهي؟ مون تي اعتبار ڪيو، مون کي هن جي ئي ضروري ڪم لاءِ ساڻس ملڻو آهي.“

 ”هـُـو اسان کي پنهنجي بابت ڪا به ڳالهه نه ٻڌائيندو آهي. ” ماريا ڪنڊراتيوينا جواب ڏنو.

سميرڊياڪوف، وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ”مان هتي هميشه هڪ دوست جي حيثيت ۾ ايندو آهيان پر دمتري فيودورووچ، مون کي بيحد بي رحميءَ سان دَٻائيندو رهندو آهي ۽ عجيب بي جوڙ سوال پچندو رهندو آهي. خصوصيت سان منهنجي مالڪ لاءِ سوال هوندا آهن يا چوندو آهي ته ڪهڙي خبر آهي؟ گهر ۾ ڇا وَهي واپري ٿو؟ ڪير اَچي ٿو ۽ ڪير وڃي ٿو؟ جيڪڏهن مان کيس وڌيڪ ٻڌائي نه سگهندو آهيان، ته مون کي مارڻ جا دڙڪا ڏيندو آهي. ٻه ڀيرا ته اِهڙا دڙڪا ڏيئي چـُـڪو آهي.“

اليوشا کيس عجب مان چيو ته ”موت جا دڙڪا ڏيندو آهي؟“

 ”تون اڳ ۾ ئي ڄاڻين ٿو، ته هـُـو پنهجي طبعيت جي باعث اِيئن نه ڪندو هوندو. ڪالهوڪي اتفاق مان تو اَندازو لڳايو هوندو. هـُـن مون کي چيو آهي ته جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊرووچ کي مون گهر ۾ اَچڻ ڏنو ۽ هـُـن رات اُتي گذاري ته مان پهريون ماڻهو هوندس جو اُن لاءِ سزا ڀوڳيندس. مون کي هن کان بيحد خوف ٿو ٿئي. مان چاهيان ٿو، ته پوليس کي اِها خبر ڪري ڇڏيان. خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته هـُـو اَلائي ڇا ڪري وجهي!“

ماريا ڪنڊراتيوينا کيس چيو ته ”ڪالهه هـُـن جناب، هن کي چيو پئي ته مان توکي اُکريءَ ۾ وجهي ڪٽيندس.“

 ”هـُـو، هن کي اُکريءَ ۾ وجهي ڪـُـٽي ڇڏيندو! هن مذاق ۾ چيو هوندو. مان جيڪڏهن اُن سان مليس ته اِها ڳالهه به کيس چوندس. ” اليوشا همدرديءَ جي لهجي ۾ کيس جواب ڏنو.

سميرڊياڪوف ٿوري وقت جي سوچڻ کان پوءِ چيو ته ”ٺيڪ آهي، مان اوهان کي فقط هي ڳالهه ٻــُـڌائي سگهان ٿو، ته مان هتان جو هڪ پراڻو دوست ۽ پاڙيسري آهيان ۽ هيءُ بـُـرو لڳندو آهي، ته مان هيڏي نه اَچان. پر ٻي ڳالهه به آهي. اُها هيءَ آهي ته مون کي اڄ صبح جو ايون فيودورووچ تنهنجي ڀاءُ جي رهڻ واري جاءِ ليڪ اسٽريٽ ڏانهن موڪليو هو. مون وٽ ڪو به خط نه هو پر پيغام موت هو، ساڻس مارڪيٽ واري هوٽل ۾ گڏ ماني کائي، مان ويس پر دمتري فيودور پاولوچ اُتي موجود نه هو. جيتوڻيڪ اُن وقت اَٺَ لڳا هئا. گهر جي مالڪياڻي ٻـُـڌايو، ته هـُـو هتي هيو، پر هاڻي اَلائجي ڪاڏي نڪري ويو آهي. جيئن مان سمجهيو، هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪو ٺهراءُ آهي. شايد هـُـو هاڻي ايون فيودور پاولوچ سان گڏ هوٽل ۾ هجي. ڇاڪاڻ ته ايون فيودورووچ رات جي ماني تي گهر ۾ نه هو ۽ فيودور پاولوچ، ڪلاڪ کن ٿيو، اَڪيلي ماني کاڌي هئي ۽ سمهي پيو هو. مان اوهان کي خاص طرح سان عرض ڪندس ته منهنجي بابت ساڻس ڪو به گفتگو نه ڪندا، جو ڪجهه مان اوهان کي ٻڌايو آهي، کيس نه ٻڌائيندا. هـُـو اَجايو مون کي ماري وجهندو.“

اليوشا جلديءَ مان اماڻيو ته ”مون پنهنجي ڀاءُ ايون، دمتري کي دعوت ڏئي هوٽل ۾ گهرايو آهي.“

 ”برابر“.

 ”مارڪيٽ وٽ ميٽرو پولس هوٽل ۾؟“

 ”هائو اِنهيءَ ۾ ئي.“

 ”اها عجيب ڳالهه آهي.“  اليوشا جوش مان رڙ ڪري چيو. ”سميرڊياڪوف تنهنجي مهرباني. هيءُ نهايت ضروري آهي ۽ مون کي اوڏاهين هڪدم وڃڻ گهرجي.“

سميرڊياڪوف سندس پٺيان واڪو ڪري چيو ته، ”مون سان ٺڳي نه ڪجانءِ!“

 ”نه، نه مان اِيئن ڏيکاريندس ته اُتي ڄڻ اتفاقي پهچي ويو آهيان. توکي اُن جو انتظار نه ڪرڻ کپي.“

ماريا ڪنڊراتيوينا کيس سڏ ڪري چيو ته ”هڪ منٽ لاءِ ترس، مان دروازو تنهنجي لاءِ کوليان ٿي.“

 ”نه، هيءُ ويجهو رستو آهي، مان وري به لوڙهي کان ئي ٽپي ويندس“ 

اليوشا جو ڪجهه ٻـُـڌو هو، اُن کيس ڪشمڪش ۾ وجهي ڇڏيو. هـُـو هوٽل ڏي ڊوڙي پيو. هـُـن لاءِ ناممڪن هو ته هـُـو راهب جي لباس ۾ هڪ شرابخاني ۾ پهچي. پر اهو ٿي پئي سگهيو، ته هـُـو ڀائرن جي لاءِ دروازي تي ترسي پڇي، کين هيٺ لاهي ۽ ملاقات ڪري. پر جيئن ئي هـُـو شرابخاني وٽ پهتو، هڪ دَري کـُـلي پئي ۽ سندس ڀاءُ ايون کيس ڏسي ورتو ۽ کيس سڏ ڪيو:

 ”اليوشا، تون مون ڏي مٿي نه ٿو اَچين ڇا؟ مٿي اچڻ لاءِ مان تنهنجو بيحد شڪر گذار ٿيندس.“

 ”مان ته جيڪر اَچان، پر مون کي خبر نه آهي ته هن لباس ۾ مٿي اَچي به سگهان ٿو يا نه؟“

 ”پر مان ته جدا ڪوٺيءَ ۾ آهيان. تون ڏاڪڻ ۾ اَچ، ته مان توکي هيٺ لهي وٺڻ لاءِ اَچان ٿو.“

هڪ منٽ پوءِ، اليوشا پنهنجي ڀاءُ جي پاسي ۾ ويٺو هو ۽ اُن سان گڏ کائي رهيو هو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org