سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو چوٿون

صفحو :12

 

باب ٻيو

پيءُ وٽ

سڀ کان اڳ ۾ اليوشا پيءُ ڏانهن ويو، کيس رستي ۾ ياد آيو، ته سندس پيءُ، هڪ ڏينهن اڳ ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنو هو، ته هـُـو ساڻس اِهڙيءَ ريت ملي، جيئن سندس ڀاءُ ايون کيس نه ڏسي.  ”اِيئن ڇو؟“  اليوشا اوچتو عجب ۾ پئجي ويو. جيڪڏهن مون کي منهنجو پيءُ ڪجهه اَڪيلائيءَ ۾ به چوڻ وارو آهي، ته مان اَڻ ڏٺو ڇو وڃان؟“  هن خيال ڪيو، ته ٿي سگهي ٿو، هـُـن ڪالهه جوش ۾، ڪجهه ٻي طرح ڳالهايو هجي. هـُـن کي هي ڏسي خوشي ٿي، جو مارفيا ايجنا ٽيوينيا، اَچي باغ جي دروازي کي کوليو. (هن مان ظاهر هو، ته گريگري بيمار آهي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ بستري تي آهي.) هن کيس سندس سوال جي جواب ۾ ٻـُـڌايو، ته ايون فيودورووچ ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ ٻاهر نڪري ويو آهي.

 ” ۽ منهنجو پيءُ؟“

 ”هـُـو مٿي آهي ۽ ڪافي پـِـي رهيو آهي.“  مارفيا ڪجهه خشڪ ٿي کيس جواب ڏنو.

اليوشا اندر ويو. پوڙهو ميز جي سامهون اَڪيلو ويٺو هو. سندس پيرن ۾ سليپر هئا ۽ سندس بدن تي ننڍڙو اَوور ڪوٽ پهريل هو. هـُـو ڪنهن حساب ڪتاب کي ڏسي، پاڻ کي وندرائي رهيو هو، جيتوڻيڪ هيءُ سڀ ڪجهه بي اختياريءَ سان هو. جيتوڻيڪ هـُـو ننڊ مان سويري اُٿيو هو ۽ پنهنجي چهري کي خوشگوار ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر حقيقت ۾ سندس چهرو ٿڪيل ۽ ڪمزور ٿي نظر آيو. سندس پيشانيءَ تي گذريل رات جيڪي گهرا ۽ نارنگي رنگ جا زخم آيا هئا، اُنهن تي هڪ ڳاڙهي رنگ جي رومال جي پـَـٽي  ٻڌل هئي. رات ۾ سندس نڪ به خطرناڪ طرح سان سـُـڄي ويو هو ۽ ڪن ننڍڙن زخمن جي باعث اُن ۾ داغ ٿي نظر آيا. اُنڪري سندس سڄو چهرو، بغض ۽ ڪاوڙ  سان ڀريل ٿي نظر آيو. پوڙهو، هن کان پوريءَ ريت باخبر هو ۽ جيئن ئي اليوشا اندر آيو، هـُـن ڪيني ڀريل نگاهه سان کيس ڏٺو.

 ”ڪافي ٿڌي ٿي وئي آهي.“  هـُـن گهرائيءَ سان چيو.  ”مان، توکي ڪنهن به شيءِ جي آڇ نه ڪندس. مان اڄ ڪنهن به شيءِ جي گهرائڻ جو حڪم نه ڏنو آهي، پر مڇي جو رَس تيار ڪرڻ لاءِ چيو اٿم. مان اڄ ڪنهن کي به دعوت نه ڏيندس، پر تون ڇو آيو آهين؟“

 ”اِهو ڏسڻ ته تون هاڻي ڪيئن آهين؟“

 ”هائو، اِنهيءَ کانسواءِ، مان توکي اڄ اَچڻ لاءِ چيو به هو. سڀ جي نتيجي، ۾ توکي بيسود اَچڻ جي تڪليف ڏني آهي. مان هيءُ به ڄاتو ٿي، ته تون جلدي هليو ايندين!“

هن ڪجهه به چيو، اُن مان سندس ڪينو ۽ وير ٿي نظر آيو. ساڳي وقت هـُـو اُٿيو ۽ ڏاڍي شوق مان آئيني کي ڏسڻ لڳو. (صبح کان وٺي شايد چاليهه دفعا اُن کي ڏٺو هئائين) هن نـَـڪ کي خاص طرح ڏٺو. هـُـن پنهنجي پيشانيءَ تي ڳاڙهي رومال کي وڌيڪ زور سان ڇـَـڪي ٻڌو ۽ چوڻ لڳو ته،  ”مون کي ڳاڙهو رنگ پسند آهي. ڇاڪاڻ ته سفيد رنگ جي پٽي، ماڻهوءَ کي اسپتال جي يادگيري ٿي ڏياري. چڱيءَ طرح ٻڌاءِ ته خانقاهه جي ڪهڙي حالت آهي ۽ تنهنجي مربي جو ڇا حال آهي؟“

 ”سندس حالت خراب آهي، ٿي سگهي ٿو، ته هـُـوءَ رات ئي مري وڃي.“

پر سندس پيءُ، ڄڻ هيءُ ٻڌو ئي نه. معلوم اِيئن پئي ٿيو، ته کانئس ٿـَـڏي تي سندس سوال وسري ويو آهي.

هـُـن اوچتو چيو،  ”ايون ٻاهر هليو ويو آهي ۽ هـُـو پوري ڪوشش ٿو ڪري، ته مـِـتيا جي مڱينديءَ کي هٿ ڪري. هـُـو انهيءَ ڪري ئي، هتي رهيو پيو آهي.“  سندس چهري مان بدنيتي ظاهر ٿيڻ لڳي ۽ پنهنجو وات چٻو ڪري، اليوشا ڏي نهاريائين.

 ”ڪيئن ڀلا؟ هن اوهان سان اِها ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟“

 ”هائو، گهڻو وقت گذريو، هـُـن مون سان اِها ڳالهه ڪئي هئي. تون اعتبار ڪندين، ٽي هفتا اڳ به هـُـن مون سان ساڳي ڳالهه ڪئي هئي. هـُـو به مون کي ٻين وانگر قتل ڪرڻ لاءِ آيو هجي. سندس اَچڻ جو ڪو مقصد ٿي سگهي ٿو.“

اليوشا بيحد تڪليف مان کيس چيو ته،  ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ۽ اِهي ڳالهيون تون ڇو ٿو ڪرين؟“

 ”هيءُ سچ آهي، ته هـُـو مون کان پيسا نه ٿو گهري، پر اُن هوندي به کيس مون کان ٽـَـڪو به نه ملندو. مان چاهيان ٿو، ته جيتري قدر ٿي سگهي، مان جيئرو رهان. جنهن کي اليڪسي فيودورووچ تون به ڄاڻين ٿو تنهنڪري مون کي پيسي جي ضرورت آهي. جيتري قدر منهنجي ڊگهي حياتي هوندي، مون کي پيسي جي ضرورت پوندي رهندي.“  هـُـو گفتگو کي جاري رکندي، ڪمري جي هڪ طرف کان ٻي طرف تائين گهمندو رهيو. سندس هٿ سڻڀ لڳل اوورڪوٽ جي کيسن ۾ هئا، جو پيلي سوٽي ڪپڙي جو ٺهيل هو. منهنجي هاڻي پنجونجاهه ورهيه عمر آهي پرمان ويهه ورهيه وڌيڪ جيئرو رهڻ گهران ٿو. جيئن مان پوڙهو ٿيندو ويندس، منهنجي صورت ۽ شڪل اُها ته نه رهندي. اِهي رنون پوءِ مون ڏي، پنهنجو پاڻ ڇڪجي ته نه اينديون. اِنهيءَ ڪري منهنجا پيارا پٽ اليڪسي فيودورووچ، مان پنهنجي لاءِ، ڪوڏي ڪوڏي ڪري گڏ ٿو ڪريان. توکي ڄاڻڻ کپي، ته مون کي پڇاڙيءَ تائين گناهن ۾ رهڻو آهي. مان توکي ٻڌايان ٿو، ته گناهه ڏاڍي لذت واري شيءِ آهي. ماڻهو هن کي بڇڙو سمجهن ٿا پر سڀني جو گذارو هن تي ئي آهي. ٻيا هيءُ ڪم رياڪاريءَ سان ڪن ٿا، پر مان اهو کليل ڪريان ٿو. اُن ڪري ٻيا سڀئي گنهگار، مون کي سادو سمجهي حملو ڪري اَچن ٿا. اليڪسي فيودورووچ، مان توکي ٻـُـڌائڻ گهران ٿو، ته تنهنجو بهشت، منهنجي مذاق وٽان آهي. هـُـو ڪنهن شائسته ماڻهوءَ جي جاءِ ٿي نه ٿو سگهي. منهنجو اعتقاد آهي، ته مان سمهي پوندس ۽ وري نه جاڳندس ۽ بس. تون جيڪڏهن چاهين، ته منهنجي روح لاءِ دُعا ڪري سگهين ٿو، جيڪڏهن تون نه ٿو چاهين، ته کڏ ۾ وجهينس. اِهائي منهنجي فلاسافي آهي. جيتوڻيڪ اسان سڀئي شراب پيتل هئاسين، پر ايون ڪالهه چڱو ٿي ڳالهايو. هو واتوڙي ۽ لٻاڙي آهي ۽ وٽس ڪوبه علم ڪونه آهي ..... نه وري ڪا باقاعده تعليم. هـُـو خاموش ويهي، بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي، ماڻهن کي ڏسي کـِـلندو آهي. اِهوئي سبب آهي، جو هو ماڻهن تي قبضو ڪري وٺندو آهي.“

اليوشا، خاموشيءَ سان، کيس ڌيان ڏئي ٻـُـڌندو رَهيو.

 ”هو منهنجي صحبت کان ڇو ٿو ٽهي؟ جيڪڏهن هـُـو ڳالهائي به ٿو، ته پاڻ کي پڏائي ٿو. تنهنجو ايون بدمعاش آهي. جيڪڏهن مان چاهيان، ته گروشينڪا سان هڪ منٽ ۾ شادي ڪري سگهان ٿو. اليڪسي فيودورووچ، جيڪڏهن تو وٽ پيسو آهي، ته تون جنهن شيءِ جي خواهش ڪندين، اُها توکي ملي ويندي. ايون اِنهيءَ کان ئي ته ڊڄي ٿو. هـُـو اُن ڪري مون تي نگاهه ٿو رکي ته جيئن مون کي شادي ڪرڻ کان روڪي. اِهوئي سبب آهي جو هو مـِـتيا تي زور آڻي ٿو ته جيئن گروشينڪا سان شادي ڪري. اِهڙيءَ ريت هـُـو مون کي، گروشينڪا کان پري ڪرڻ گهري ٿو. (هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن مان شادي نه ڪئي ته اُن لاءِ ورثو ڇڏي ويندس.) اُن کانسواءِ، گروشينڪا سان مـِـتيا جي شادي هئڻ سبب، ايون، اُن جي شاهوڪار مڱيندي تي قبضو ڪري سگهندو. اِهوئي سندس منصوبو آهي. سچ ته تنهنجو ڀاءُ ايون وڏو رذيل ۽ عيار قسم جو ماڻهو آهي.“

 ”ڪيترا نه تنگ مزاج آهيو. هيءُ سڀ ڪالهوڪي حالت جي باعث آهي. چڱو آهي، ته اوهان سمهي آرام ڪريو.“  اليوشا کيس چيو.

 ”ها، تون به اِيئن ٿو چوين!؟“  پوڙهي ڄڻ ته اوچتي، هن جي ڳالهه کي سمجهي ورتو. ان مان معلوم اِئين پئي ٿيو، ته ڄڻ کيس اِهو پهريون ڀيرو ڌڪ لڳو آهي. هـُـو چوڻ لڳو ته  ”مون کي ته توتي ڪاوڙ نه آهي، پر جيڪڏهن ايون اِيئن چوي ها، ته مون کي ڪاوڙ لڳي ها. مان توسان ئي  چڱو هلندو آهيان، نه ته تون ڄاڻين ٿو، ته مان ڪيڏي نه خراب طبعيت وارو آهيان.“

 ”خير، اوهان بدطبعيت ته نه آهيو، پر بدگمان ضرور آهيو.“  اليوشا مشڪندي کيس چيو.

 ”ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ. مان اَڄ چاهيو ٿي، ته چور دمتريءَ کي گرفتار ڪرايان، پر مان هاڻي سمجهي نه ٿو سگهان، ته اُن بابت ڪهڙو فيصلو ڪريان؟ بيشڪ هن فيشن واري زماني ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي عزت نالي ماتر وڃي رَهي آهي، پر اُن هوندي به اَڄ، قانون ڪنهن کي به هيءَ اِجازت نه ٿو ڏئي، ته ڪو پنهنجي پوڙهي پيءُ کي وارن کان وٺي گهليندو رَهي ۽ سندس ئي گهر ۾ سندس منهن ۾ لتون هڻندو رَهي ۽ شاهدن جي سامهون کيس خون ڪرڻ جا دڙڪا به ڏئي. جڏهن مان چاهيو، ته کيس برباد ڪري ڇڏيندس. هن ڪالهه جو ڪجهه ڪيو آهي. اُن لاءِ کيس جيل اُماڻائي ڇڏيندس.“

 ”تڏهن، تون هن بابت ڪو به قدم کڻڻ نه ٿو گهرين؟“

 ”ايون، مون کي روڪيو آهي، مون کي ايون جي ته پرواهه ڪانه آهي، پر مون کي ٻي شيءِ روڪيو آهي.“

هـُـو اليوشا جي مٿان نوڙيو ۽ کيس سرگوشيءَ طرح، ڪا راز جي ڳالهه چوڻ لڳو.

 ”جيڪڏهن، مان هن چور کي جيل ۾ موڪليندس، ته هوءَ اِها ڳالهه ٻڌي، اُن ڏانهن ڊوڙي ويندي، پر جڏهن هوءَ ٻـُـڌندي ته هن مون کي ماريو آهي، سوبه هڪ پوڙهي ۽ ڪمزور کي ته ٿي سگهي ٿو، ته هوءَ هن کي ڇڏي ڏي ۽ مون ڏي هلي اَچي - ڇو ته هي سندس عجيب طريقا آهن، سڀ ڪجهه اُبتڙ. سڀ ڪنهن طرح، کيس سڃاڻان! ڇا توکي برانڊيءَ جو چـُـڪو نه کپي؟ ٿوري ڪافي ئي پيءُ. اُن ۾ مان برانڊيءَ جي گلاس جو فقط ٽيون حصو ملايان ٿو. نهايت مزيدار شيءِ اَٿئي منهنجا پٽ!“

 ”نه، اوهان جي مهرباني، اوهان جيڪڏهن اِجازت ڏيو، ته مانيءَ جو ڳڀو کڻان!؟“  اِيئن چئي اليوشا، اُن ٽڪي واري فرينچ مانيءَ جو ڪجهه حصو کنيو ۽ اُن کي پنهنجي قبا جي کيسي ۾ رکيائين. پوءِ پوڙهي جي چهري ۾، پريشانيءَ سان ڏسندي، کيس صلاح ڏنائين ته،  ”اوهان کي به شراب پيئڻ نه گهرجي.“

 ”تون سچ ٿو چوين. هيءُ منهنجي رُڳن کي ٺارڻ جي بجاءِ منجهن جوش ٿو پيدا ڪري، پر فقط هڪڙو گلاس! جنهن کي مان ڪٻٽ مان ڪڍي ٿو وٺان. هـُـو اُٿيو ۽ ڪٻٽ کي کوليائين. گلاس کي ڀـَـري ۽ پي ويو. ڪٻٽ کي وري بند ڪيائين ۽ اُن جي ڪـُـنجي کيسي ۾ رکيائين.“

 ”هيءُ بس آهي. هڪڙو گلاس مون کي نه ماريندو.“

 ”ٺيڪ آهي، هاڻي اوهان خوش طبع نظر ٿا اَچو.“  اليوشا، کيس مشڪندي چيو.

 ”هون! مان توکي برانڊيءَ کانسواءِ به، پيار ڪري سگهان ٿو، پر بدمعاش سان بدمعاش آهيان. ايون شرماشينا ڏانهن نه ويندو. هـُـو جاسوسي ڪرڻ گهري ٿو، ته جڏهن گروشينڪا مون وٽ ايندي، ته آئون کيس ڪيترو ڏيان ٿو. هي سڀئي بدمعاش آهن! مان ايون کي ڪونه سڃاتو هو، مان کيس پوريءَ ريت نه سمجهيو. هيءُ اَلائجي ڪٿان آيو؟ هـُـو روحاني طرح اَسان مان نه آهي. هو سمجهي ٿو، ته مان هن جي لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي ويندس. مان ڪوبه وصيت نامو ڇڏي نه ويندس، اِها توکي به خبر هئڻ گهرجي. مان مـِـتيا کي هڪ جيت وانگر مهٽي ڇڏيندس. مان رات جو ڪيترن ڪارن ٽنڊڻن کي پنهنجي جتيءَ جي هيٺان چيڀاٽي ڇڏيندو آهيان. تون جڏهن اُنهن کي لتاڙيندين، ته هـُـو تنهنجي پيرين ۾ پيا ڦٿڪندا. تنهنجو مـِـتيا به اِئين ئي ڦٿڪندو. مان تنهنجو مـِـتيا! تون ساڻس محبت ڪرين ٿو. هائو، تون هـِـن سان محبت ڪرين ٿو، پر مون کي تنهنجي، هن محبت کان ڪوبه خوف نه آهي، پر جيڪڏهن ايون ساڻس محبت ڪرڻ چاهي، ته مون کي سندس پيار کان خوف کائڻ گهرجي، پر ايون ڪنهن سان به محبت نه ڪندو آهي. ايون اَسان مان آهي ئي نه. ايون جهڙا ماڻهو، اسان جي گروهه مان ٿي نه ٿا سگهن. هيءُ مٽي جي ڪڪر وانگر آهن. جڏهن هوا لڳندي، ته دز رهندي ئي ڪانه. ڪالهه جڏهن مان توکي اَچڻ لاءِ چيو ٿي ته هڪ احمقاڻو خيال اَچي منهنجي مغز ۾ ويٺو هو. مان توکان مـِـتيا جي بابت ڪي ڳالهيون ٻڌڻ ٿي گهريون. ڀلا، جيڪڏهن هاڻي مان کيس هزار يا ٻه هزار روبل ڏيان، ته هـُـو بدبخت پينو، هتان جي پچر ڇڏي، پنجن سالن يا اَڃا به پنجٽيهن سالن لاءِ هليو ويندو ۽ گروشينڪا سان ڪوبه واسطو نه رکندو ۽ هميشھ لاءِ اُن کي ڇڏي ڏيندو؟“

 ”مان، مان، هن کان پڇندس.“   اليوشا هٻڪندي چيو.  ”جيڪڏهن اوهان کيس ٽي هزار روبل ڏيو ته شايد .....“

 ”هيءَ بيوقوفي آهي. هن جي ڪابه ضرورت نه  آهي، ته هاڻي، هن کان تون ڪجهه پڇين؟ ڪابه ضرورت نه آهي. مان پنهنجي راءِ کي بدلايو آهي. هيءُ منهنجو بيوقوفي وارو خيال هو. مان هن کي ڪجهه به نه ڏيندس، ڪوڏي به نه. مون کي پيسو پنهنجي لاءِ کپي.“  پوڙهي ڪاوڙ مان پنهنجي هٿ کي لوڏيندي چيو،  ”مان هن کي ٽنڊڻ وانگر چيڀاٽيندس. تون هن وٽ نه وڃج. توکي ڏسي، هن کي اُميد پيدا ٿيندي. تنهنجي لاءِ به هاڻي، هت ڪجهه نه رهيو آهي. توکي هاڻي هتي وڌيڪ ترسڻ نه گهرجي. ڇا هـُـو ڪيٽرينا ايونونا، پنهنجي مڱيندي سان، جنهن کي هن نهايت چالاڪيءَ سان، مون کان لڪائي رکيو آهي، شادي ڪندو به يا نه؟ مان سمجهان ٿو ته ڪالهه تون هن سان، ملڻ ويو هئين؟“

 ”هـِـن کي ڪابه شيءِ هرکائي نه ٿي سگهي، ته هوءَ هـِـن کي ڇڏي ڏي.“

 ”واقعي! هيءَ ڏسڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته ڪيئن نه هيءُ نوجوان معزز عورتون، بدمعاش ۽ بدنام ماڻهن سان محبت ڪن ٿيون. مان توکي ٻـُـڌايان ٿو ته هيءُ پيليون نوجوان عورتون ڏاڍيون ساديون آهن .... افسوس، جيڪڏهن منهنجي جوانيءَ ۾ اُها صورت هجي ها، ڇاڪاڻ ته مان اَٺاويهن سالن جي عمر ۾ دمتريءَ کان وڌيڪ سهڻو هوس، هن وانگر ڪيترين عورتن کي شڪار ڪريان ها، هيءُ ڪمزور فطرت آهي. هـُـو ڪنهن به صورت ۾ گروشينڪا تي قبضو حاصل ڪري نه سگهندو. هـُـو ڪڏهن به ڪري نه سگهندو، مان کيس مهٽي ڇڏيندس.“

پوين لفظن کي چوندي، هـُـو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ اليوشا کي سختيءَ سان رڙ ڪري چيائين،  ”تون هليو وڃ! تنهنجي لاءِ هتي ڪوبه ڪم نه رهيو آهي.“

اليوشا کيس خدا حافظ چوڻ لاءِ ويو ۽ کيس ڪلهي تي چمي ڏنائين.

 ”هيءُ وري ڇاجي لاءِ؟“  پوڙهي کيس عجب مان چيو.  ”اَسان وري به هڪ ٻئي سان ملنداسون. ڇا اسين وري نه ملنداسين؟“

 ”نه، منهنجو اِهو مطلب نه هو.“

 ”نه، منهنجو به ته ڪو ٻيو مطلب نه هو.“  پوڙهي کيس نهاري چيو، ”ڌيان ڏيئي ٻڌ، جلدي وڃ، سڀاڻي وري اَچج. سڀاڻي تنهنجي لاءِ وڻندڙ مڇيءَ جو رس تيار هوندو. پـَـڪَ سان اَچج. سڀاڻي ٻڌين ٿو نه، سڀاڻي.....!“

جيئن ئي اليوشا هليو ويو، هن اُٿي ڪٻٽ کي کوليو، ٻيو اَڌ گلاس شراب جو چاڙهي ويو.  ”مون کي وڌيڪ پيئڻ نه گهرجي.“  هن کنگهندي، پنهنجو سينو صفا ڪيو ۽ وري ڪٻٽ کي بند ڪري ڪنجي پنهنجي کيسي ۾ رکيائين. اُن کان پوءِ هـُـو پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ويو ۽ ٿڪي پوڻ سبب ليٽي پيو. کيس جلد ئي ننڊ کڻي وئي.

dc

 

 

باب ٽيون

اسڪول جي ڇوڪرن سان ملاقات

جيئن ئي اليوشا، پيءُ جو گهر ڇڏي بيگم هائلڪوف جي گهر ڏانهن ٿي ويو، واٽ تي خيال آيس ته، ”خدا جو شڪر آهي، جو هن مون کان گروشينڪا جي بابت ڪجهه نه پڇيو. جيڪڏهن پڇي ها، ته مون کي گروشينڪا سان ڪالهوڪي ملاقات جو ذڪر ڪرڻو ئي پوي ها. اليوشا ڏاڍي درد سان محسوس ڪيو ته ڪالهه کان ٻنهي مقابلي ڪندڙن پنهنجي ڪوششن کي وري نئين سـَـر جاري رکيو آهي ۽ سندن دليون نهايت سخت ٿي ويون آهن.“  پيءُ وٽ نفرت ۽ ڪاوڙ آهي. هن ڪي رَٿون سوچيون آهن ۽ اُن تي سختيءَ سان عمل ڪندو ۽ دمتري؟ هـُـو ته ڪالهه کان به سخت ٿي ويندو. هن وٽ به نفرت ۽ ڪاوڙ آهي. هن به ضرور ڪي رٿون رٿيون آهن. ڪجهه به ٿي پوي، مون کي اَڄ اُهي معلوم ڪرڻ گهرجن.“

پر اليوشا، گهڻو وقت هنن خيالن ۾ مشغول رَهي نه سگهيو. اُن وقت رستي تي هڪ عجيب واقعو ٿي گذريو. جيتوڻيڪ اُن کي ڪا ايڏي وڏي اهميت ڪانه هئي، پر اُن سندس دل تي وڏو اَثر ڇڏيو. جيئن ئي هـُـو چؤسول کان گذري ميمووسڪيءَ جي گهٽيءَ جي ڪنڊ تي آيو، جا هڪ کڏجي سبب مکيه گهٽيءَ کان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي (اسان جو شهر ڪيترين ئي کڏن جي باعث بدنام آهي.) هن ڏٺو ته اسڪول جي ٻارن جو هڪ ٽولو، جنهن ۾ نـَـوَن کان وٺي ٻارهن ورهن جا ٻار هئا، پل جي مٿان موجود هئا. هـُـو اسڪول کان موٽي گهر وڃي رهيا هئا. اُنهن مان ڪن کي ٿيلها ڪلهن تي هئا، ته ڪن کي چمڙي جون ڦوٽڙيون، ڳچيءَ ۾ پئي لڙڪيون. ڪن کي جئڪيٽ پاتل هيون، ته ڪن کي ننڍڙا اوورڪوٽ. ڪن کي قيمتي بوٽ هئا، جن جا پٽا مـُـرن جي چوڌاري ڦريا پئي، جن کي اَڪثر پيار مان شاهوڪار ماڻهو، خريد ڪري، پنهنجي ننڍن ٻارن کي ڏيندا آهن. سڀئي ٻار ڪنهن ڳالهه تي نهايت شوق مان ڳالهائيندا ٿي آيا. ڄڻ ته ڪا صلاح يا مشورو ٿي رهيو هو. ماسڪو کان پوءِ اليوشا، ڪڏهن به اسڪول جي ٻارن وٽان نه گذريو هو، نه وري کيس اُنهن کي ڏسڻ جو موقعو مليو هو. جيتوڻيڪ کيس ٻارن سان پيار هو، خاص ڪري ٽن سالن يا اُن کان ٿوري وڏي عمر وارن لاءِ، پر هـُـو اسڪول جي ڏهن ۽ ٻارهن سالن وارن ٻارن کي به پسند ڪندو هو. اڄ ايڏو ته هـُـو جذبات جي رَوءَ ۾ هو، جو هـُـن چاهيو ٿي، ته هڪدم وٽن وڃي ڪجهه ڳالهائي. هن سندس جوش ڀريل گلابي چهرن ڏي نهاريو ۽ ڏٺائين، ته سڀني ڇوڪرن کي هٿن ۾ پٿر آهن. کڏ جي هيٺان ٽيهن قدمن جي پنڌ تي، لوڙهي جي ڀرسان هڪ ٻيو ڇوڪرو بيٺو هو، کيس پڻ چمڙي جي ڳوٿري واڳن سان ڳچيءَ ۾ پيل هئي. هـُـو ڏهن ورهين جو ٿـَـي ڏٺو. ڏسڻ جهڙو، سندس اکيون ڪاريون ۽ چمڪندڙ هيون. هـُـو وڏي خيال ۽ انتظار سان اُنهن ڇهن اسڪول جي هم جماعت ڇوڪرن کي نهاري رهيو هو، جن سان گڏ، هو اسڪول کان ٻاهر نڪتو هو، پر اُنهن سان سندس ڪو نزاع هو.

اليوشا، اُنهن ڇوڪرن ڏي ويو ۽ اُنهن مان هڪ سان ڳالهائڻ گهريائين، جو موچارو ٿي ڏٺو. سندس چهرو گلابي، وار گهنڊيدار هئا ۽ کيس هڪ ڪاري جئڪيٽ پهريل هئي.

 ”جڏهن مان اوهان وانگر چمڙي جي ڳوٿري، واڳن سان کڻندو هوس، ته اُن کي پنهنجي کٻي پاسي کان پائيندو هوس. جيئن منهنجو سڄو هٿ آزاد هجي، پر اوهان کي سڄي پاسي کان آهن، جي، چڱا نه ٿا لڳن ۽ اوهان جا هٿ به بند ٿي ويا آهن.“

اليوشا وٽ، هن عملي راءِ ڏيڻ لاءِ، شروع ۾ ئي ڪو فن يا اڳ جي سوچ ڪانه هئي. هيءُ فن فقط وڏيءَ عمر وارن وٽ ٿئي ٿو، جي هڪدم ٻار کي پنهنجي راز داراڻي لاڳاپي ۾ وٺي سگهن ٿا. ڇوڪرن جي هڪ جماعت کي پنهنجي رازداريءَ ۾ وٺڻ لاءِ، اَڃا به وڌيڪ فن جي ضرورت پوي ٿي. اِهڙي ماڻهوءَ کي ڌنڌي واري وانگر اِهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن هـُـو اُنهن سان برابريءَ ۾ هڪجهڙو بيهي سگهي. اليوشا هن حقيقت کي فطري قابليت سان سمجهي ورتو هو.

 ”پر هيءُ کاٻڙو آهي!“  هڪ خوبرو ۽ تندرست يارهن ورهين جي ڇوڪري ڳنڀيرائيءَ سان چيو. ٻيا اليوشا کي عجب مان نهارڻ لڳا.

ايتري ۾ هڪ پٿر زور سان اَچي لڳو، جنهن کي فقط انهيءَ کاٻڙ ٻارئي ڏٺو. اهو پٿر، کڏ تي بيٺل ڇوڪري، اُڇليو هو.

سڀني ڇوڪرن گڏجي، رڙيون ڪري چيو ته،  ”سميوروف، تون به اهو پٿر زور سان موٽائي هڻينس.“  پر کاٻڙي ڇوڪري سميوروف کي چوڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي. هن پاڻ ئي هڪدم بدلو وٺڻ گهريو. کڏ وٽ بيٺل ٻي طرف واري ڇوڪري، جو کيس صاف ٿي نظر آيو، سندس چوڌاري پٿرن جو ڍير رکيل هو. هن ٻيو پٿر به اُتان کڻي اُن ٽولي ڏي اُڇلايو. هن ڀيري اِهو پٿر سنئون سڌو اليوشا کي ڪلهي ۾ اچي لڳو ۽ کيس سور ٿيڻ لڳو.

 ”هن ته تنهنجي صحيح شست ورتي آهي، هن توکي ڌڪ هڻڻ گهريو ٿي. تون ڪرامازوف آهين ڪرامازوف!“  ڇوڪرا کلندا به رهيا ۽ واڪا به ڪندا رهيا.  ”اَچو ته سڀئي گڏجي، کيس پٿر هڻون.“  ڇهه پٿر اُن ڇوڪري ڏي تيزيءَ سان وڌيا، هڪڙو وڃي اُن ڇوڪري جي مٿي ۾ لڳو ۽ هـُـو ڪري پيو. هن هڪدم ٽپو ڏنو ۽ نهايت جوش مان، تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. هاڻي ٻنهي ڌرين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پٿر هڪ ٻئي تي وسائڻ شروع ڪري ڏنا. هن ٽولي مان به ڪيترن جا کيسا پٿرن سان ڀريل هئا.

 ”توهان ڇا ڪري رهيا آهيو، اوهان کي ڪوبه شرم نه ٿو اَچي. هوڏانهن هڪ آهي ۽ اوهان ڇههَ.  ڇا اوهان، هـُـن جو خون ڪندا؟“  اليوشا زوردار آواز ۾ چيو.

هـُـو اڳتي ڊوڙي پيو ۽ اُڏرندڙ پٿرن ۾ وڃي پيو، جيئن اُن اَڪيلي ڇوڪري جو بچاءُ ڪري سگهي. ٽن چئين ڇوڪرن ٿوري وقت لاءِ پٿر اُڇلائڻ بند ڪيا. هڪ ڇوڪري، جنهن کي ڳاڙهي رنگ جي قميص پهريل هئي، ٻاراڻي ڪاوڙ ڀريل آواز ۾ چيو ته،  ”هن ئي ته اڳرائي ڪئي آهي. هو وحشي آهي. هن ئي ته ڪراسوٽڪن کي ڪالهه ڪلاس ۾ قلم گهڙڻ وارو چاقو هنيو هو. هـُـن جو رتَ وهي نڪتو هئو. ڪراسوٽڪن ته چپ ڪري ويو پر هن کي ضرور سزا ملڻ کپي.“

 ”پر آخر هن جهيڙي جو سبب ڇا  آهي، اوهان هن کي چيڙائيندا هوندا.“

 ”اِجهو، هـُـن وري تنهنجي پٺ تي پٿر اُڇلايو آهي. هـُـو توکي سڃاڻي ٿو.“  ٻارن واڪو ڪري چيو،  ”هـُـو هاڻي توڏي پٿر اُڇلائي رَهيو آهي، نه اسان ڏي. اچو ته سڀئي وري هن کي پٿر هڻڻ شروع ڪريون. سميوروف متان گسين!“  هڪ ڀيرو وري پٿر بازي شروع ٿي وئي. اڳي کان به خطرناڪ. کڏ وٽ بيٺل ڇوڪري کي، هڪ پٿر وڃي سيني تي لڳو. هن کان دانهن نڪري وئي ۽ هـُـو رئندو ۽ ڊوڙندو، ميخائيلووسڪايا جي گهٽي ڏي ويو. هنن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.

 ”هو، ڀڳو، هـُـو ڀڳو، بزدل جو پٽ!“

هڪ ڇوڪرو، جو سڀني ۾ وڏو ٿي نظر آيو، ۽ جنهن جون اکيون تيز هيون ۽ جئڪيٽ پيل هوس، چوڻ لڳو ته،  ”توکي خبر نه آهي ڪرامازوف، هيءُ وحشي آهي. هن کي مارڻ ئي چڱو آهي.“

 ”پر هـُـن ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟“  اليوشا پڇيو.  ”ڇا هـُـو گـِـلا خور آهي؟“

ڇوڪرن، هـِـن ڏانهن اِهڙيءَ ريت نهاريو، ڄڻ ته هو ساڻس چرچا ڪري رهيا آهن.

 ”توهان ميخائيلووسڪايا ڏانهن ٿا وڃو؟“  ساڳي ڇوڪري کيس چيو،  ”هن کي وڃي جهليو .... ڏسو، هـُـو وري بيهي رهيو آهي. هـُـو ترسي. اوهان ڏي نهاري رهيو آهي.“

ٻار پاڻ ۾ اِهو دهرائيندا رَهيا،  ”هـُـو توهان ڏي ٿو نهاري، توهان ڏي!“

 ”توهان، هن کان پڇجو، ته هـُـو ڇـُـڙيل وارن جي جهنڊ کي ڇڪڻ پسند ڪري ٿو، ٻـُـڌو ٿا، اِهو هن کان ضرور پڇجو.“

هـُـو سڀئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. اليوشا کين ڏسڻ لڳو ۽ هـُـو اليوشا کي.

هن جي ڀرسان نه وڃجو. هـُـو اوهان کي ايذاءُ پهچائيندو. سميوروف کيس تاڪيد ڪندي چيو.

 ”مان کانئس وارن جي ڇڪڻ بابت ڪجهه نه پڇندس. مان سمجهان ٿو، ته اوهان کيس اِيئن چئي چيڙائيندا آهيو، پر مان هيءُ کانئس ضرور پڇندس، ته اوهان هن کي نفرت سان ڇو ٿا ڏسو؟“

 ”هان ضرور پڇجو.“  سڀئي ڇوڪرا کلڻ لڳا.

اليوشا، پـُـل کي پار ڪيو، لوڙهي جو پاسو ڏئي، ٽڪريءَ کان مٿي چڙهي، سڌو اُن ڇوڪري ڏي هلڻ لڳو.

 ”چڱو آهي، ته تون پاڻ کي سنڀال.“  ڇوڪرن کيس پوئتان سڏ ڪري چيو.  ”هو توکان ڪونه ڊڄندو. هو نهايت  چالاڪيءَ سان، ڪراسوٽڪن وانگر بي خبريءَ ۾ توکي به چاقو هڻي ڪڍندو.“

ڇوڪرو بنا ڪنهن چـُـرڻ پرڻ جي، سندس انتظار ۾ هو. اليوشا جڏهن سندس ويجهو ويو، ته ڏٺائين، ته هـُـو نون سالن جو ئي نظر آيو. قد جو بندرو ۽ جسم جو لاغر ٿي ڏٺو. سندس چهرو ڊگهو هو ۽ اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هئس، جن سان هـُـن، کيس غور سان ٿي ڏٺو. کيس هڪ پراڻو ۽ ڦاٽل ڪوٽ پهريل هو، جو سندس قد کان لـُـنڊو هو. ڪوٽ جون ٻانهون ويڙهيل هئس، جنهن ڪري سندس ٻانهون، نمايان طور اُگهاڙيون ٿي نظر آيون. سندس پتلون تي گوڏي وٽ، هڪ وڏي چتي لڳل هئي. سندس سـَـڄي بوٽ ۾ هڪ وڏو سوراخ ٿي نظر آيو، جنهن جي مٿان خبرداريءَ سان مس هاريل ٿي نظر آئي. سندس ڪوٽ جا ٻئي کيسا پٿرن سان ڀريل ٿي نظر آيا. اليوشا ٻه قدم، اُن کان پري وڃي بيٺو، کيس چتائي ڏسڻ لڳو. ڇوڪري اليوشا جي نگاهن مان سمجهي ورتو، ته هن کي مٿس حملي ڪرڻ جو ڪو به اِرادو ڪونه آهي، اُنڪري کيس تسلي ٿي وئي ۽ پاڻ ڳالهائڻ جي ابتدا ڪيائين:

 ”مان اَڪيلو آهيان ۽ هـُـو ڇهه.مان اَڪيلو، هنن سڀني کي ماريندس.“  اوچتو سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.

 ”مان خيال ڪريان ٿو، ته هڪ پٿر توکي ڏاڍو زوردار لڳو هو.“

پر ڇوڪري رڙ ڪري چيو ته،  ”مان به سميوروف کي مٿي وارو ڌڪ هنيو هو.“

 ”هنن چيو پئي، ته تون مون کي سڃاڻين ٿو. ڇاڪاڻ ته تو ڪنهن مقصد سان مون ڏي پٿر ٿي اُڇلايا.“

اليوشا کيس چيو.

ڇوڪري کيس نااُميدي مان ڏٺو.

پر اليوشا ڳالهائيندو رهيو  ”مان ته توکي ڪونه ٿو سڄاڻان، ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟“

ڇوڪري اوچتو ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو ته،  ”مون وٽان هليا وڃو.“  هـُـن جيتوڻيڪ سمجهيو ٿي، ته هن جو نتيجو ڪو چڱو نه نڪرندو پر هـُـو پنهنجي جاءِ کان چريو پريو ڪونه. سندس اکين ۾ شرارت ٿي چمڪي.

 ”چڱو مان وڃان ٿو،“  اليوشا کيس چيو.  ”مان توکي ڪونه سڃاڻان، اُنڪري توکي نه چيڙائيندس. هنن مون کي ٻڌايو هو، ته هـُـو توکي ڪيئن چيڙائيندا آهن پر مان توکي چيڙائڻ نه ٿو گهران. خدا حافظ.“

ڇوڪري. اليوشا کي غصي مان ٿي ڏٺو ۽ سندس نگاهون اُن جو پيڇو ڪرڻ لڳيون. واڪو ڪري چيائين،  ”ريشمي پتلون وارا راهب،“  اِيئن چئي هـُـو بچاءَ جي لاءِ سنبري بيٺو. هن کي پـَـڪ هئي، ته هاڻي اليوشا مٿس ضرور حملو ڪندو. پر اليوشا ڦـِـريو، هن ڏي نهاريائين ۽ هلڻ لڳو. هـُـو اَڃا ٽي قدم مس ويو هو، ته ڇوڪري پنهنجي کيسي مان وڏي ۾ وڏو پٿر ڪڍيو ۽ سندس پٺي ۾ زور سان هنيو.

 ”ٺهيو، تون ماڻهن تي پٺ کان حملوڪندو آهين.هنن سچ ٿي چيو، ته تون مڪاريءَ سان ڌڪ هڻندو آهي.“  اِيئن چئي اليوشا ڦريو ۽ اڳتي وڌيو. هن ڀيري ڇوڪري نهايت وحشياڻي انداز ۾، سنئون سڌو، اليوشا جي منهن ۾ پٿر اُڇلايو. اليوشا هن ڀيري خبردار هو، اُن ڪري پٿر سندس منهن ۾ ته نه لڳو، پر سندس ٺونٺ ۾ وڃي لڳو.

 ”توکي شرم نه ٿو اَچي، مان توکي ڪهڙو نقصان پهچايو آهي؟“

ڇوڪرو بچاءَ جي لاءِ خاموش بيٺو رهيو. کيس پـَـڪ هئي، ته هاڻي اليوشا ضرور حملو ڪندو، پر جڏهن هن ڏٺو، ته هاڻي به ڪجهه نه ٿيو، تڏهن ننڍڙي وحشي جانور وانگر جوش ۾ ڀرجي ويو. هن پاڻ اليوشا تي حملو ڪري ڏنو. اِنهيءَ کان اڳي جو اليوشا چـُـري، نفرت سان ڀريل ڇوڪري پنهنجي ٻنهي هٿن ۾، هن جي کٻي هٿ کان ورتو ۽ سندس وچين آڱر ۾ چـَـڪُ پاتو. سندس ڏند اُن ۾ گهڙي ويا ۽ ڏهه سيڪنڊ، اُن کي جهلي بيٺو. سور کان اليوشا جي دانهن نڪري وئي ۽ هن زور سان پنهنجي آڱر ڇڏائي، ڇوڪري کيس ڇڏيو ۽ پنهنجي اصلوڪي جاءِ ڏي هٽي آيو. اليوشا جي آڱر ۾ چـَـڪُ سندس هڏي تائين وڃي پهتو هو ۽ ذري گهٽ ننهن بچي ويو هو. اُن مان رت ٽمي رَهيو هئو. اليوشا پنهنجي رومال کي ڪڍيو ۽ اُن کي آڱر جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين. هـُـو برابر هڪ منٽ اُن کي ٻـُـڌندو رهيو. ڇوڪرو سڄو وقت ترسيو بيٺو هو. اليوشا پنهنجي پيار ڀريل اکين کي مٿي کنيو ۽ کيس ڏٺائين.

 ”چڱو ڪئي، پٽ!“  هن چيس،  ”ڏسين ٿو، تو مون کي ڪيڏو نه بي رحمي سان چـَـڪُ پاتو آهي. هيءُ بس آهي، ڪيئن؟ هاڻي مون کي ٻـُـڌاءِ ته مان توکي ڇا ڪيو آهي؟“

ڇوڪري عجب مان کيس، ڇرڪ ڀري ڏٺو.

اليوشا کيس ساڳي دلسوزيءَ سان چيو ته،  ”مان سمجهان ٿو، ته مان توکي ڪو نقصان پهچايو آهي. ڪجهه نه هئڻ جي حالت ۾ تون مون کي، جيڪر هيئن ڇو ايذاءِ پهچائين ها!؟ مون کي ٻڌاءِ ته مان توکي ڇا ڪيو آهي؟ ضرور مان ڪو غلط ڪم ڪيو آهي. ٻـُـڌاءِ، ٻـُـڌاءِ.“

جواب ڏيڻ جي بجاءِ، ڇوڪرو روئڻ لڳو ۽ سـُـڏڪن ۾ پئجي، ڀڄي ويو. اليوشا، هن جي پويان آهستي آهستي ميخائيلووسڪايا جي گهٽيءَ تائين ويو. هو گهٽيءَ ۾ پري تائين ڇوڪري کي ڏسندو رهيو، جو چڱي پنڌ تي زور سان ڊوڙندو ٿي ويو. هـُـو اَڃا به روئندو ٿي ويو. هـُـن پختو اِرادو ڪيو، ته جيئن کيس وقت مليو، هـُـو هن راز تائين پهچندو. هاڻي، ته کيس ڪو وقت ئي نه هو.

 

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org