سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ٽيون

صفحو :9

 

باب ڏهون

ٻئي گڏ

اليوشا، پيءُ جي گهر مان، ٿڪيل ۽ روحاني ڪوفت سان ٻاهر نڪتو، هـُـو اَچڻ واري وقت کان گهڻو غمناڪ ٿي لڳو. هـُـو نه فقط دل شڪسته هو، پر سندس خيال به ڇڙوڇڙ هئا. اُن ڏينهن جو حادثو گذريو هو ۽ جو ايذاءُ ڏيندڙ جهڳڙو هو، اُن جي منتشر واقعن کي گڏ ڪرڻ کان کيس خوف پئي ٿيو ۽ اُن ڏٺل تجربي بابت هـُـو ڪنهن به فيصلي تي اَچي نه ٿي سگهيو. هن نااُميديءَ جي حدن کان گذرندي، اُهو محسوس پئي ڪيو، جو هن کان اڳ ڪڏهن نه ڪيو هئائين. جبل وانگر، سڀني ڳالهين تي استوار هوندي به هـُـن هڪ موتمار ۽ حل نه ٿيندڙ مسئلي کي پنهنجي سامهون ڏٺو. اُن خطرناڪ عورت جي هوندي سندس پيءُ ۽ سندس ڀاءُ دمتريءَ جي وچ ۾ ڳالهيون اَلائجي ڪيئن نبرنديون؟ هاڻي هـُـو، اِن ڳالهه جو شاهد هو ۽ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڏٺو هو. اُن هوندي به، هن پنهنجي ڀاءَ دمتري کي بدنصيب ٿي ڏٺو. مڪمل طرح بدنصيب، جنهن جي لاءِ تڪليفون انتظار ۾ ٿي ڏٺيون. هيءُ به ظاهر هو ته ٻيا ماڻهو هن ڳالهه سان واسطيدار ٿي ڏٺا، جن بابت اليوشا ڪڏهن سوچيو به نه هو. ايون اُن ڏانهن پنهنجي قدم کي وڌايو هو، جنهن جي اليوشا کي گهڻي وقت کان آرزو هئي، پر هيءُ سڀ ڪجهه، ڪنهن مطلب لاءِ هو، جنهن کان هيءُ ڊنو ٿي. اُن کانسواءِ هيءُ زالون......؟ مون کي هيءُ چوندي عجب ٿو لڳي، ته اُن ڏينهن، صبح جو، هـُـو جڏهن ڪيٽرينا ڏي ٿي ويو، ته نهايت منجهيل هو. هاڻي کيس ڪوبه مونجهارو نه هو. اُن جي برعڪس، کيس ملڻ لاءِ جلدي هئي ته جيئن ساڻس ملي ۽ ڪجهه هدايتون حاصل ڪري، پر هاڻي کيس اُهو پيغام پهچائڻ، اڳي کان به ڏکيو ٿي لڳو. ٽن هزارن جي معاملي بابت انڪاري فيصلو  ڪيو ويو هو. دمتري پاڻ کي ڏيوالو ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي آخري اُميد به وڃائي ويٺو هو. اِهڙيءَ حالت ۾ خوف هو، ته هـُـو ڪنهن گهرائيءَ ۾ غرق نه ٿي وڃي! هـِـن کانسواءِ هـُـن کيس چيو هو، ته سندس پيءُ جي گهر ۾، جو واقعو ٿي گذريو هو، سو سڄوئي ڪيٽرينا ايونونا کي ٻڌائي.

ست ٿيڻ تي هئا، اونداهي وڌندي ٿي وئي، جو اليوشا، ڪيٽرينا ايونونا جي وسيع ۽ راحت واري گهر ۾ گهڙيو، جو ’هاءِ اسٽريٽ‘ ۾ هو. اليوشا کي خبر هئي ته هيءَ ٻن ماسين سان گڏ ٿي رَهي. اُنهن مان هڪ سندس ماٽيجي ڀيڻ، اگنيا ۽ ايونونا هيون، جيڪي گهڻيون پڙهيل نه هيون. هوءَ جڏهن اسڪول جي بورڊنگ مان موٽي آئي هئي، ته انهن مان هڪ سندس نظر داري ڪندي هئي ۽ سندس ٻي ماسي، ماسڪو جي هڪ عزت واري عورت هئي، جيتوڻيڪ سندس ساڳيو شان ۽ شوڪت نه رهيو. مشهور هيءُ هو، ته هي ٻيئي ڪيٽرينا جي مرضيءَ جي تابع هونديون هيون ۽ فقط سندس حفاظت لاءِ ٿي رهيون. ڪيٽرينا ايونونا، فقط جنرل جي بيواهه ڪاڻانڊي هئي، جنهن ساڻس نيڪي ڪئي هئي. هوءَ اُن وقت ماسڪو ۾ بيمار هئي ۽ ڪيٽرينا هر هفتي ٻه ڀيرا، جو ڪجهه به وهيو واپريو ٿي، کيس خطن ۾ لکي موڪليندي هئي.

اليوشا جنهن وقت هال ۾ گهڙيو، ته خدمتگار ڇوڪري اُتي موجود هئي، جنهن دروازي کي سندس نالو وٺي کوليو. اُن مان  ظاهر پئي ٿيو، ته کين سندس آمد جي اڳ ۾ ئي خبر هئي. ٿي سگهيو ٿي، ته هنن کيس دريءَ مان ايندو ڏٺو هجي. اُن وقت اليوشا ڏاڪڻ تي زناني لباس جي سرسراهٽ ۽ زناني قدمن جا آواز ٻـُـڌا.ٻه يا ٽي زالون ڪوٺيءَ مان ڄڻ ته نڪري پيون هيون!

اليوشا هيءُ جوش ۽ خروش ڏسي، منجهي پيو ته شايد سندس آمد جي ڪري هيءُ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. کيس نشستگاهه ۾ جلدي گهرايو ويو. هيءَ ڪوٺي ڪافي ڪشادي هئي، جنهن کي نهايت سليقي سان سينگاريو ويو هو، جيتوڻيڪ هيءَ زيب ۽ زينت شهرين جهڙي نه هئي، منجهس ڪيترائي سونا، ننڍڙا ڪوچ، ڪرسيون، ننڍيون ۽ وڏيون ميزون پيل هيون. ديوارن تي تصويرون لڳل هيون. ميزن تي گلدان ۽ شمعدان موجود هئا. ان کانسواءِ، هڪ دريءَ ۾ هڪ ننڍي شيشي جو حوض هو، جنهن ۾ مڇيون ٿي تريون. اُن وقت ٿوري شفق ۽ گهڻي اونداهي هئي. هڪ صوفي تي، هڪ ريشمي چوغي کي پيل ڏسي، اليوشا سمجهيو، ته ٿورو وقت اڳ ۾، هتي ڪي ماڻهو ويٺل هئا. اُن صوفي جي اڳيان هڪ ٽيبل رکيل هئي، جنهن تي چاڪليٽ جون ٻه اَڌوريون پياليون، ڪيڪ ۽ ٻه شيشي جون ننڍيون ٿالهيون موجود هيون، جن مان هڪ  ۾ نيري رنگ جي ڪشمش ۽ ٻي ۾ مٺائي پيل هئي. اليوشا سمجهيو، ته سندس  آمد ڪن ملاقاتين جي لاءِ رخنه اَندازيءَ جو سبب بڻي آهي، ان جو کيس بيحد ڏک ٿيو، اُن ئي گهڙيءَ دروازي جو پردو کڄيو ۽ تيز قدمن سان ڪيٽرينا ايونونا اَندر آئي. هـُـن راحت ڀـَـري مـُـشڪ سان، مرحبا لاءِ ٻئي هٿ اليوشا ڏي وڌايا. ساڳي وقت هڪ نوڪرياڻيءَ ٻه روشن شمعون آڻي ميز تي رکيون.

 ”خدا جو شڪر آهي جو آخر تون آئين. مان تنهنجي لاءِ سڄو ڏينهن دعائون ٿي گهريون. ويهه!“  اليوشا، اڳ ۾ ئي، ڪيٽرينا ايونونا جي حـُـسن کان متاثر ٿيل هو. ٽي هفتا اڳ دمتري کيس ڪيٽرينا ايونونا جي خاص خواهش تي، ملائڻ لاءِ وٺي آيو هو، اُن ملاقات جي وقت، سندن ويجهو ڪوبه گفتگو نه ٿيو هئو. اليوشا کي شرميلو سمجهي، کيس ڇڏي سمورو وقت دمتري سان ڳالهائيندي رَهي. اليوشا خاموش هو، مگر سندس سڀيئي حرڪتون هن پئي ٿي ڏٺيون. اُن خود ٻين ڇوڪرين تي هلائيندڙ حاڪماڻي آواز، ۽ خود اعتماديءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو. اها حقيقت هئي ۽ اليوشا محسوس ڪيو، ته هن ۾ هـُـو ڪوبه مبالغو نه ڪري رَهيو آهي. هـُـن خيال ٿي ڪيو، ته ڪيٽرينا جون وڏيون چمڪندڙ ۽ ڪاريون اکيون نهايت حسين آهن، سي به بيضوي ۽ تقريباََ هيڊي رنگ جي چهري ۾ وڏيون پرڪشش هيون، سندس اکين ۽ خوشنما نازڪ چپن جي ليڪن ۾، ڪجهه لڪل ضرور هو، جنهن ۾ شايد سندس ڀاءُ جي شديد محبت جو اظهار محفوظ هو ملاقات کانپوءِ، هـُـن دمتريءَ جي خواهش تي، کيس اُن بابت سڀ ڪجهه صاف صاف ٻڌايو هو، ڇاڪاڻ ته هن مٿس زور آندو هو ته هـُـو سندس مڱيندي بابت پنهنجا صحيح تاثرات ٻـُـڌائي.

 ”تون، هن سان خوش رهندين ..... پر شايد گهڻو وقت خوش نه به رهين!“

 ”ڀاءُ تون سچ ٿو چوين. عورتون هميشھ اِيئن ئي ٿين ٿيون. هـُـو ڪڏهن به مقسوم جي اڳيان پنهنجو سـَـر نه جهـُـڪائينديون آهن. تون سمجهين ٿو ته مان هميشھ ساڻس محبت ڪندو رهندس.“

 ”نه، شايد تون هميشھ اُن سان محبت ڪرين، پر تون شايد هـُـن سان ڪڏهن به خوش رهي نه سگهين.“

هن راءِ ڏيڻ وقت اليوشا جا ڳل شرم کان ڳاڙها ٿي ويا هئا. کيس پاڻ تي ڪاوڙ به آئي، جو هن پنهنجي ڀاءُ جي چوڻ موجب آڻ مـڃي هئي ۽ پنهنجي بيوقوف خيالن کي ظاهر ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته سندس راءِ بـُـريءَ طرح سان مٿس اثر ڪيو هو. اِن کانسواءِ، کيس شرم به ٿي آيو، ته هـُـن هڪ عورت جي باري ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ پاڻ کي محتاط ٿي سمجهيو. هاڻي ڪيٽرينا ايونونا جي باري ۾، جا هاڻي ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙي آئي هئي، پنهنجي اڳئين راءِ تي عجب کائڻ لڳو ۽ سمجهائين ته اُها قطعي غلط هئي. هن دفعي سندس چهرو، بي ساخت نيڪ نيتيءَ جي نـُـور سان چمڪي رهيو هو ۽ منجهانئس گرمجوشي ۽ اخلاص نمايان ٿي نظر آيو. غرور ۽ متڪبراڻي حيثيت، جنهن اڳ اليوشا کي متاثر ڪيو هو، هاڻي اُنهن کان سواءِ، کيس ٻيون شيون نظر آيون. يعني طبعي صفائي، فياضي ۽ مضبوط خود اعتمادي منجهس روشن ٿي نظر آيون. اليوشا پهرين نگاهه ۽ پهرين لفظن مان محسوس ڪري ورتو، ته جنهن ماڻهوءَ سان سندس تعلق آهي ۽ جنهن کي هوءَ بيحد چاهي ٿي، اُن جي المناڪ حقيقت، کانئس مخفي نه  آهي ۽ هوءَ اُنهن سڀني ڳالهين کان پوريءَ ريت واقف آهي. اُن هوندي به سندس منهن ۾ عجيب روشني ٿي نظر آئي ۽ کيس پنهنجي مستقبل بابت پورو پورو اعتماد حاصل هو. اليوشا محسوس ڪيو، ته هو پنهنجي خيالن ۾ ڪيتري قدر نه غلط هو. هـُـو جلدي فتح ٿي چـُـڪو هو ۽ غلام بڻجي ويو هو. هن سندس پهرين ئي لفظن مان محسوس ڪيو، ته هو بيحد جوش ۾ هئي. هيءُ جوش به الڳ قسم جو هو، جو صحيح آنند کي ٿي وڃي پهتو.

 ”مان تنهنجي ڏسڻ لاءِ بيحد مشتاق هيس، ڇاڪاڻ ته مان توکان سڄو سچ ٻـُـڌڻ ٿي گهريو - توکان، نه ٻئي  کان.“

 ”مان آيو آهيان، اليوشا منجهندي چيو. مون کي هـُـن موڪليو آهي.“

 ”ها، هـُـن موڪليو آهي. مان به اِيئن سمجهيو ٿي. مان هاڻ سڀڪجهه سمجهيو، سڀ ڪجهه.“  ڪيٽرينا ايونونا واڪو ڪري چيو. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون. اليڪسي فيودورووچ گهڙي ترس. مان توکي ٻـُـڌائينديس ته مان تنهنجو ايڏو انتظار ڇو ٿي ڪيو؟ تون جو ڪجهه ڄاڻين ٿو، اُن کان وڌيڪ مان ڄاڻان ٿي. اُن ڪري ڪابه به ضرورت ڪانه آهي، جو تون مون کي ڪجهه ٻـُـڌائين. مان توکي ٻـُـڌائينديس ته مون کي توکان ڇا کپي؟ مان توکان سندس آخري تاثر پڇڻ گهران ٿي. مان توکان هيءُ سنئون سنواٽو ٻڌڻ گهران ٿي. صاف ۽ بنا ڪنهن اَڻ ڇڻ جي. مان ايترو صاف، جيترو جيڪر تون پسند ڪرين.تون بلڪل هاڻي کيس ڪيئن ٿي سمجهيو؟ اڄ، ڇا تو ساڻس ملاقات ڪئي آهي، اُن ۾ سندس ڪهڙي حيثيت ۽ مقام هو. اِهو جيڪر بهتر ٿئي ها، جو شخصي طرح پاڻ اُن کان اِنهن ڳالهين جي سمجهاڻي وٺان ها، پر هـُـو مون وٽ اَچڻ نه ٿو چاهي. تون سمجهين ٿو، ته هاڻي مون کي توکان ڇا کپي؟ مون کي نهايت سادگيءَ سان سندس پيغام جو هر هڪ لفظ ٻڌاءِ، جنهن لاءِ هن توکي موڪليو آهي. (مان سمجهيو آهي ته هـُـن ئي توکي موڪليو آهي.)“

 ”هن مون کي چيو آهي، ته مان سندس سلام اوهان تائين پهچايان. وڌيڪ هيءُ ته هـُـو وري اوهان وٽ نه ايندو - پر هـُـن اوهان کي سلام ٿي ڏنا.“

 ”سندس سلام، هيءُ هن ئي چيو. هيءُ سندس ئي گفتگو هئي.“

 ”هائو.“

 ”اتفاقاً، شايد هن لفظ ۾ غلطي ڪئي  آهي. شايد هـُـو پورو لفظ استعمال ڪري نه سگهيو آهي؟“

 ”نه، هـِـن لفظ کي هـُـن ٻيهر به چيو هو. هن مون کي ٻه ٽي ڀيرا منٿ به ڪئي هئي، ته متان مان اِنهيءَ لفظ کي وساري ڇڏيان.“

ڪيٽرينا جو رنگ ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته:

 ”اليڪسي فيودورووچ، هاڻي منهنجي مدد ڪر. هاڻي مون کي سچ پچ تنهنجي مدد جي ضرورت آهي. مان توکي ٻـُـڌائيندس ته منهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ تون مون کي فقط هيءُ ٻـُـڌاءِ ته مان صحيح  آهيان يا غلط؟ ڌيان ڏئي ٻـُـڌ، جيڪڏهن هـُـو هن نازڪ موقعي تي، ٻيهر چوڻ بغير ۽ تاڪيد کانسواءِ پنهنجي سلام موڪلڻ تي زور نه ڏئي  ها، ته پوءِ سڀ ڪنهن ڳالهه جو خاتمو هو، پر جيڪڏهن، هـُـن، هنن لفظن تي خاص طرح زور ڏنو آهي ۽ توکي خاص طرح چيو اَٿس ته اِهي لفظ مون تائين پهچائين ته هـُـو پاڻ کان ٻاهر ۽ جوش ۾ هوندو. هن پنهنجو فيصلو ته ڪيو آهي، پر ڊڄي. هـُـو مون کان فيصلا ڪندڙ قدمن سان پري نه ويو آهي، پر تمام وڏا وڏا ٽپا ڏيندو ويو  آهي. هن پنهنجي لفظن لاءِ جو تاڪيد ڪئي آهي، شايد اُن ۾ هن پنهنجي بهادري ڏيکاري هجي.“

 ”هائو، هائو اليوشا گرم جوشيءَ سان واڪو ڪري چيو.  ”مان يقين سان چوان ٿو ته اِيئن آهي.“

 ”جييڪڏهن اِيئن آهي ته مان کيس صاف طرح ڪونه وڃايو آهي. مان اَڃا به کيس بچائي سگهان ٿي. ترس! هـُـن ڪنهن رقم جي بابت اوهان کي ڪونه ٻـُـڌايو - ٽن هزار روبل لاءِ.“

 ”هن مون کي اُن رقم لاءِ به ٻڌايو. هيءَ حقيقت کيس سڀ کان وڌيڪ ايذاءُ ڏئي رَهي آهي. هـُن مون کي ٻـُـڌايو ته هـُـو پنهنجي عزت وڃائي ويٺو آهي ۽ هاڻي هن معاملي بابت ڪجهه به نه رهيو آهي.“  اليوشا گرم جوشيءَ سان جواب ڏنو. هن پنهنجي دل ۾ اُميد ڊوڙندي محسوس ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي نجات جو امڪان اُڀرندو ڏٺائين.  ”پر توهان اُن رقم بابت ڪجهه ڄاڻو ٿا؟“  هـُـو خوشيءَ کان ڄڻ ٽڙي پيو.

 ”مان هن حقيقت کي گهڻي وقت کان ڄاڻان ٿي. مان ماسڪو ڏانهن، جاچ لاءِ تار به ڪئي هئي. مون کي گهڻو اڳي خبر پئي هئي، ته پيسا اُتي نه پهتا آهن. هـُـن پيسا ڪونه موڪليا هئا ۽ مان به کيس ڪجهه نه چيو. گذريل هفتي مون ٻڌو ته کيس پيسن جي اَڃا به ضرورت آهي. منهنجو هنن سڀني شين کان مقصد هو، ته کيس ڄاڻڻ گهرجي، ته هـُـو ڪنهن ڏانهن موٽي  ۽ سندس ڪير حقيقي دوست آهي؟ نه هـُـو سڃاڻي ئي نه سگهندو ته مان سندس بهترين مخلص دوست آهيان. هـُـو مون کي نه ٿو ڄاڻي ۽ مون کي فقط هڪ عورت ئي ٿو سمجهي. مان سڄو هفتو اهو سوچيندي عذاب ۾ رَهي آهيان، ته ڪهڙي ريت کيس ٽن هزارن روبل جي نه پهچائڻ جي شرمندگي کان روڪيان؟ هـُـو شايد هن حرڪت جي باعث مون سان ان ميل ٿي نه سگهي. هو ڀـُـلي پنهنجي دل ۾ پنهنجي لاءِ نادم هجي يا هـُـو ٻين ماڻهن جي نگاهن ۾ پاڻ کي لـڄي سمجهي، پر منهنجي نظر ۾ کيس پاڻ کي لـڄي سمجهڻ نه گهرجي. هـُـو خدا تعاليٰ کي سڀڪي لڄـي ٿيڻ کان سواءِ ٻـُـڌائي سگهي ٿو، جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، اُن کي هـُـن نه ٻـُـڌائڻ جي ڪيئن جرئت ڪئي؟ مان کيس هميشھ لاءِ بچائڻ گهران ٿي. ڀلي هـُـو پنهنجي مڱينديءَ کي وساري ڇڏي. کيس خوف ٿو ٿئي، ته هـُـو منهنجي نگاهن ۾ ڪري پيو آهي پر اليڪسي فيودورووچ توکان، ته کيس ڪوبه خوف نه پئي ٿيو!؟ اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان ايتري قدر به لائق نه آهيان.“  پويان لفظ هن لـُـڙڪ هاريندي چيا. سندس اکين مان لـُـڙڪ سيلاب وانگر ٿي وهيا.

 ”مان توکي ٻڌائيندس“  اليوشا جو آواز به ڏڪي رهيو هو،  ”ته بلڪل هاڻي هن جي ۽ منهنجي پيءُ جي وچ ۾ ڇا ٿي گذريو آهي؟“

اُن کان پوءِ جو ڪجهه وهيو واپريو هو، هـُـن اُن کي بيان ڪري ٻڌايو ته ڪهڙي ريت دمتريءَ پيسن لاءِ کيس اوڏانهين موڪليو هو. هـُـو ڪهڙي ريت اُتي آيو ۽ پيءُ کي ماري زمين تي اُڇلايائين؟ اُن کان پوءِ هـُـن ڪهڙيءَ ريت خصوصيت سان عرض ڪيو، ته مان سندس سلام توکي پهچايان ۽ الوداع چوان. آخر ۾ اليوشا، کيس هيءُ به نهايت نرميءَ سان ٻـُـڌايو ته هـُـو پوءِ اُن عورت ڏي هليو ويو.

 ”ڇا توهان، هيءُ سمجهو ٿا ته مان اُن عورت سان سندس تعلقات کي برداشت نه ٿي ڪري سگهان. شايد هـُـو به اِيئن خيال ڪندو هجي، پر اوهان کي خبر هجي، ته هـُـو اُن سان شادي نه ڪندو.“  اوچتو هوءَ بي چينيءَ سان کلي.  ”ڇا هـِـن قسم جو جذباتي جوش، هميشھ لاءِ ڪرامازوف ۾ رهيو آهي؟ هيءُ جذباتي جوش آهي ته عشق ۾ هـُـو، هـِـن سان شادي نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته هوءَ ئي هـِـن سان شادي نه ڪندي.“ وري ٻيهر ڪيٽرينا ايونونا، عجيب طرح سان کلي.

 ”هـُـو وڃي اُن سان شادي ڪري.“ اليوشا هيٺ نهاريندي، المناڪ آواز ۾ چيو.

 ”هـُـو، هـِـن سان شادي نه ڪندو، جيئن مون توکي چيو آهي. هوءَ ڇوڪري ملائڪ آهي. توکي اِها خبر آهي؟“  ڪيٽرينا اوچتو غير معمولي گرم جوشيءَ سان چيو.  ”مون کي خبر آهي، ته هوءَ وڏي پـُـورالي عورت  آهي. مان ڄاڻان ٿي، ته هـُـو وڏي مڪار آهي. پر ساڳي وقت اهو به ڄاڻان ٿي، ته هوءَ مهربان، مضبوط اِرادي واري ۽ شاندار عورت آهي. اليڪسي فيودورووچ تون مون ڏي اِيئن ڇو ٿو نهارين؟ شايد توکي منهنجي لفظن تي عجب ٿو لڳي ۽ اعتبار نه ٿو اَچي؟ اگرافينا اليگزينڊرووينا، منهنجا فرشتا!“  هن ڀـَـر واري ڪوٺيءَ ۾ ليئو پائيندي، واڪو ڪري ڪنهن کي سـَـڏُ ڪيو.  ”هلي اَچ، هيءُ اسان جو دوست آهي. هيءُ اليوشا آهي. کيس اسان جي معاملن جي پوري خبر آهي. هن کي منهن ڏيکار!“

 ”مان، هـِـن پردي جي پويان، اوهان جي سـَـڏ جي انتظار ۾ هيس.“  هڪ نرم ۽ لطيف زنانو آواز آيو.

پردو کڄيو ۽ گروشينڪا پاڻ مشڪندي ۽ کلندي ميز وٽ آئي. کيس ڏسي اليوشا ۾ شديد تبديلي اَچي وئي. هن پنهنجون اکيون منجهس کپائي ڇڏيون ۽ ڪڍيائين ئي نه ٿي. ايون جنهن کي اَڌ ڪلاڪ اڳ ۾، خطرناڪ عورت ۽ حيوان ٿي سمجهيو، سا سندس سامهون هئي. اُن هوندي به هـُـن، هـِـن حيوان کي، جا سندس سامهون هئي، نهايت سادي، معمولي، نيڪ طبعيت، مهربان ۽ حسين عورت ڏٺو. جيئن ٻيون، عام شڪل واريون عورتون ٿينديون آهن. هن ۾ ڪوبه وڌاءُ نه هو ته هوءَ ڏسڻ ۾ نهايت دلڪش هئي ۽ روسي حسن جو عمدو نمونو. جنهن سان ڪيترن ماڻهن پرجوش محبت ٿي ڪئي. هوءَ چڱي قدرآور هئي، پر ڪيٽرينا کان گهٽ، جا خاص طرح ڊگهي هئي. پنهنجي ملامت ڀري آواز وانگر، طاقتور، هلڻ ۾ نازڪ ۽ خاص دلفريبي رکندڙ ٿي ڏٺي. سندس ڪيٽرينا ايونونا وانگر چـُـست ۽ محڪم چال نه هئي، پر سندس قدم نازڪ انداز سان ٿي کڄيو. هلڻ وقت سندس قدمن جو آواز نه ٿي آيو. هوءَ هلندي نهايت آرام سان هڪ ننڍي قد واري ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي. گذرڻ وقت سندس ڪاري ريشمي لباس جي فقط سرسراهٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سندس ڪشادن ڪلهن ۾ کير جهڙي سفيد ڳچيءَ جي مٿان قيمتي ڪاري، ڪشميري شال پيل هئي. هوءَ ٻاويهن ورهين جي هئي ۽ سندس منهن مان به اِيئن ٿي ڏٺو. سندس چهرو غير معمولي سفيد هو، ڳلن تي جهڪيون گلابي لڪيرون موجود هيس. سندس چهري جي ساخت موڪري ٿي ڏٺي ۽ سندس کاڏي اَڻ لکي اڳتي وڌيل هئي. سندس مٿيون چپ سنهو هو پر هيٺيون ٿورو ٻاهر نڪتل ۽ مٿئين چپ کان ٻيڻو ٿي لڳو، پر سندس شاندار، گهاٽا ۽ ڀورا وار، ڪاريون ڀرُون، ڀوريون ۽ نيريون اکيون، جي ڊگهين ڀنبڻين سان ڍڪيل هيون، هيءُ اُهي شيون هيون جي هڪ ڏسڻ واري کي، پوءِ هـُـو کڻي ڇو نه بي پرواهه هجي، ڪنهن ميڙ يا گهٽيءَ ۾ ايترو اثر انداز ٿي پئي سگهيون، کيس بيهي ڏسي ۽ گهڻي وقت تائين ياد ڪندو رَهي. اليوشا تي، جا شيءِ گهڻي اَثر انداز ٿي، اُهي سندس چهري جا معصوماڻيون تاثر هئا، جن مان خبر پئي ٿي، ته نيڪ فطرت آهي. سندس اکين مان معصوماڻيون نگاهون ٿي جهلڪيون، جن مان ٻاراڻي مسرت ٿي نظر آئي. هوءَ ميز ڏي هلي آئي. خوشي منجهانئس جهلڪي ٿي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هوءَ ٻاراڻي بي صبري ۽ رازداراڻي تعجب سان، ڪنهن شيءِ جي ظاهر ٿيڻ جي اُميد ۾ هئي. سندن اکين جي روشني سندس روح کي ٿي خوش ڪيو - اليوشا هيءُ سڀ ڪجهه سمجهي رهيو هو. هن کانسواءِ وٽس ٻيو ڪجهه به هيو، جنهن کي هـُـو سمجهي نه سگهيو هو يا اُن بابت اظهار خيال ڪري نه ٿي سگهيو. مگر اُها شيءِ مٿس لاشعوري طور اَثر انداز هئي. شايد اُها سندس نرم ۽ جاذب جسماني حرڪت هئي. اُن هوندي به سندس بدن مضبوط ۽ ٿوريءَ ٿولهه وارو هو. شال جي هوندي به سندس ڪشادا ڪلها ۽ ٻارن جهڙي اُٿيل ڇاتي صاف ٿي نظر آئي. هن جادوگر بدن کي ڏسي وينس مـِـلوجي ياد ٿي آئي. جيتوڻيڪ هن ۾ ڪجهه مبالغي واري مناسبت به آهي، ڇو ته هوءَ غير قانوني آهي. روسي حـُـسن جا مبصر شايد هيءَ اڳڪٿي ڪري سگهيا ٿي، جا يقيني به هجي، ته سندس تازي ۽ شباب وارو حسن پنهنجي دلڪش ترتيب ٽيهن سالن جي عمر ۾ وڃائي ڇڏي. ممڪن آهي، ته سندس چهري ۾ ٿولهه اَچي وڃي، پيشاني ۾، ۽ اکين جي چوڌاري گهنج پئجي وڃن. قدرتي رنگ يعني سرخي ۾ گهٽتائي اَچي وڃي - حقيقت ۾ هيءُ ئي ته اُن وقت سندس جو ڪمال هو. يعني تيزيءَ سان غائب ٿيڻ واري سونهن، جا اَڪثر روسي عورتن ۾ ٿئي ٿي، پر اليوشا هن بابت ڪجهه به سوچي نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ هـُـن کيس موهي ڇڏيو هو، پر اُن هوندي به هـُـن ناخوشگوار احساس سان اُن تي پئي ٿي عجب کاڌو. کيس ڏک پئي ٿيو، ته هوءَ طبعي ڳالهائڻ جي بدران، چـَـٻي چٿي ڇو ٿي ڳالهائي؟ هن هيءُ سڀڪجهه ڄاڻي ٻجهي ٿي ڪيو. سندس لفظن جي مبالغه آميز کان شيرين موسيقيءَ جو گمان پئي محسوس ٿيو. هن مان خبر ٿي پئي، ته سندس تعليم ڪا چڱي نه ٿي آهي ۽ خراب عادتون اَٿس، جنهن لاءِ کيس هيءَ باطل خيال آهي، ته هوءَ چڱين عادتن واري آهي. اُن هوندي به سندس گفتگوءَ جي طرز اليوشا کي متاثر ٿي ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس چهري مان معصوماڻي سادگي ۽ خوشيءَ جو اظهار پئي ٿيو. نازڪ ۽ ٻاراڻي مسرت سندس اکين مان پئي ٿي جهلڪي. ڪيٽرينا ايونونا فورََا هڪ اِهڙي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي، جيئن سندس رخ اليوشا ڏي هجي. هن ڪيئي ڀيرا بي اختيار ٿي، سندس چپن کي چميو. اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته هوءَ ڄڻ سندس محبت ۾ ڦاٿل آهي.  ”اليڪسي فيودورووچ، هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو مان ساڻس ملي آهيان.“  ڪيٽرينا بي خوديءَ مان چيو. مون چاهيو ٿي ته هن کي ڏسان ۽ ڄاڻان. مون چاهيو ٿي، ته هن ڏي وڃان. مان جيئن ٿي هيءُ اِرادو ڪيو، هيءُ مون وٽ اَچي وئي. مان سمجهان ٿي، ته اسان کي سڀ ڪنهن شيءِ جو فيصلو گڏجي ڪرڻ گهرجي. منهنجي دل ۾ اِهو خيال آيو آهي - مون کي منٿ ڪئي وئي  آهي، ته مان ڪوبه قدم نه کڻان، پر مون اڳ ۾ ڏٺو آهي ته تڪليف مان نڪرڻ جو اِهوئي هڪ رستو آهي. گروشينڪا مون کي سڀ ڪجهه سمجهايو آهي ۽ اهو به ٻـُـڌايو اَٿائين ته اَسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي!؟ هوءَ هڪ نيڪيءَ جي فرشتي وانگر هتي اُڏامي آئي آهي، ته جيئن هوءَ خوشيءَ ۽ صلح کي آڻي.“

 ”منهنجي عزيز ۽ مهربان، نوجوان بيگم! تون مون کي نفرت سان نه ٿي ڏسين.“  گروشينڪا موهيندڙ ۽ خوشيءَ ڀريل مشڪ سان، شيرين ۽ موسيقي ڀري آواز سان  ”دلفريب ساحر! اِهڙي ريت گفتگو نه ڪر. تون ۽ توسان نفرت! مان ته جيڪر تنهنجي چپن کي وري به چمان. هـُـو اِيئن نظر ٿا اَچن، ڄڻ سڄي پيا آهن. هاڻي ته وڌيڪ سـُـڄيل نظر ايندا. گهڻي کان گهڻا فيودور اليڪسي ڏس! هيءَ ڪيئن نه کلي ٿي. ڄڻ ڪا دل ڪنهن فرشتي کي ڏسي رَهي آهي.“

اليوشا جو چهرو سرخ ٿي ويو ۽ کانئس هوش ڇڏائڻ لڳو ۽ منجهس جسم ۾ ڏڪڻي اَچي پئي.

 ”تو منهنجي گهڻي تعريف ڪئي آهي، نوجوان بيگم! مان اُن جي ڪڏهن به لائق ٿي نه ٿي سگهان.“

ڪيٽرينا ايونونا ساڳي گرم جوشيءَ سان وري چيو،  ”هيءَ لائق نه  آهي، هيءَ اِن جي لائق نه آهي. اليڪسي فيودورووچ تون ڄاڻين ٿو، ته مان وهمي آهيون. اَسين خودمختيار آهيون پر اسين پنهنجي ننڍي دِل ۾ متڪبر کان به متڪبر آهيون. مان توکي ٻڌايان ٿي، ته اَسين فقط بدقسمت آهيون. اسين اُن ناشائسته ۽ هلڪي طبعيت واري مرد جي لاءِ سڀ ڪا قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هـُـو ئي هڪڙو ماڻهو هو ۽ هڪڙو آفيسر پڻ، جنهن لاءِ اَسان سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هن کي گهڻو عرصو گذريو، پنج سال گذريا، هن اسان کي وساري ڇڏيو. هـُـن شادي ڪئي. هو هاڻي رنڙ آهي. هـُـن لکيو آهي ۽ هـُـو هيڏي اَچي ٿو. توکي خبر هجي، ته اسان جي ساڻس محبت هئي. فقط هن کي ئي پيار ٿي ڪيو نه ٻيءَ کي. اسان پنهنجي حياتيءَ کان به وڌيڪ کيس پيار ٿي ڪيو. هــُـو ايندو ۽ گروشينڪا وري خوش ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته هوءَ گذريل پنجن سالن کان بيحد عذاب ۾ رَهي آهي. پر اُن لاءِ، هـِـن کي ڪير ملامت ڪري سگهندو؟ ۽ سندس لطف ۽ مهرباني حاصل ڪرڻ جي ڪيرلاف زني ڪري سگهندو؟ فقط هـُـو گستاخ سوداگر! پر هـُـو گهڻو تڻو پيءُ وانگر آهي. هـِـن جو دوست ۽ هن جو محافظ. هـُـن، هـِـن کي تڪليف، عذاب ۽ فريب ۾ مبتلا ڏٺو. هوءَ پاڻ کي ڪٿي لوڙهي ڇڏي ها پر ڪراڙي واپاريءَ کيس بچائي ورتو.“

 ”منهنجي پياري نوجوان بيگم! تو منهنجو نهايت خوبيءَ سان بچاءُ ڪيو آهي، پر تون هر ڳالهه ۾ تڪڙ کان ڪم وٺي رَهي آهين.“  گروشينڪا وري به موسيقي ڀـَـرئي آواز سان جواب ڏنو.

 ”تنهنجو بچاءُ! مان تنهنجو بچاءُ ڪري سگهان ٿي، ڇا مون ۾ ايتري همٿ آهي، جو تنهنجو بچاءُ ڪري سگهان؟ گروشينڪا، منهنجا فرشتا، مون کي پنهنجو هٿ ڏئي. اليڪسي فيودورووچ هـِـن جي موهيندڙ ۽ نازڪ هٿ ڏي نهار. هن ڏي نهار، هن ئي مون کي راحت ڏني آهي ۽ مٿي کنيو آهي. مان هن کي اندرين ۽ ٻاهرين طور تي چمان ٿي. هتي، هتي، هتي.“

اِهڙيءَ ريت هـُـن گروشينڪا جي نازڪ هـِـٿ کي، جو موهيندڙ هو پر ٿلهو به هو، ٽي ڀيرا چميو. جنهن مان سندس بيخودي ٿي نظر آئي. هن به پنهنجي هٿ کي جهليو ۽ موهيندڙ موسيقيءَ سان کـِـلي، اُن حسين ۽ نوجوان خاتون کي ڏسندي رَهي ۽ چاهيائين ٿي ته هـُـوءَ سندس هٿ کي چـُـمي.

اليوشا هي ڏسي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ خيال ڪيائين ته هيءَ انتهائي بي خودي ۽ جوش آهي. کيس سمورو وقت دل ۾ خاص طرح جي پريشاني رهي.

 ”نوجوان عزيز خاتون، منهنجي هٿ کي اليڪسي فيودورووچ جي سامهون اِهڙيءَ ريت چمي مون کي لحـُي نه ڪر.“

 ”تون اِيئن خيال نه ڪر، ته منهنجو مقصد توکي لڄي ڪرڻ آهي.“  ڪيٽرينا عجب ۾ پئجي کيس چيو،  ”منهنجي عزيزه تو مون کي نهايت ٿورو سمجهيو آهي.“

 ”هائو، منهنجي عزيز نوجوان خاتون! توبه ته مون کي غلط سمجهيو آهي. ممڪن آهي ته مان ايترو نيڪ نه هجان، جيترو تون مون کي سمجهين ٿي. مون وٽ خراب دل آهي. مون کي پنهنجو رستو آهي. مان اُن ڏينهن غريب دمتري فيودورووچ کي فقط مذاق جي لاءِ ڦاسائي ورتو هو.“

 ”پر هاڻي تون کيس بچائي وٺندين. تو مون سان واعدو ڪيو آهي. تون کيس سڀ ڪجهه سمجهائيندينءَ. تون کانئس ڌار ٿي کيس ٻـُـڌائيندينءَ، ته تو ڪنهن ٻي ماڻهوءَ سان محبت ٿي ڪئي، جو هاڻي تنهنجي هٿ جو خواستگار آهي.“

 ”نه، نه، مان تو سان اِهو واعدو ڪونه ڪيو هو. تون ئي هئين، جو اِهو گفتگو ڪري رهي هئين. مان توسان ڪوبه واعدو نه ڪيو هو.“

 ”پوءِ مان توکي نه سمجهيو آهي.“  ڪيٽرينا آهستگيءَ سان چيو. هوءَ ٿوري رنگ ۾ هارجي وئي. تو انجام ڪيو هو ....“

 ”نه، نه فرشته خاتون، مون ڪوبه انجام نه ڪيو هو.“  گروشينڪا آرام سان وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. سندس  چهري تي اَڃا به خوشي ۽ سادگيءَ جا اُهڃاڻ هئا. نوجوان خاتون تون ڏسين ٿي، ته عين موقعي تي، تنهنجي ڀيٽ ۾ ڪيڏي نه بدبخت ٿي نظر اَچان. جيڪڏهن مون کي ڪا شيءِ ڪرڻي آهي، ته ڪنديس. مان توسان هينئر ڪو انجام ڪيو هو پر هاڻي مان اُن تي خيال ٿي ڪريان. آئون مـِـتيا کي وري قبضي ۾ آڻينديس. مان هـُـن کي ڪڏهن بيحد پيار ٿي ڪيو. آءٌ کيس سڄو وقت پسند ٿي ڪريان. مان هاڻي وينديس ۽ کيس چونديس، ته اڄ کان پوءِ مون سان سنئون سـِـڌو ٿي هل.مان ايتري ضدي آهيان.“

 ”هينئر ئي تو، ڪجهه ٻئي نموني ٿي چيو.“  ڪيٽرينا ايونونا ڪمزوريءَ سان ڀڻڪندي چيو. ها، هاڻي، پر توکي خبر هجي ته مان صاف دل ۽ بيوقوف قسم جي آهيان. فقط هيءُ خيال ڪرڻ گهرجي، ته هـُـو منهنجي ڪري، ڪهڙين حالتن مان گذريو آهي، جيڪڏهن مان گهر وڃي، هن لاءِ پاڻ کي مغموم ڏسان ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“

 ”مان ڪڏهن به تو ۾ اِها اُميد نه ٿـَـي رکي.“

 ”او نوجوان خاتون! تون ڪيتري قدر نه منهنجي ڀيٽ ۾ نيڪ ۽ مهربان آهين! تون شايد هاڻي مون جهڙي بيوقوف عورت جي پرواهه نه به ڪڍين. تون هاڻي منهنجي اخلاق کي ڄاڻي سگهين ٿي. فرشته خصلت خاتون، مون کي پنهنجو ننڍڙو ۽ مٺڙو هٿ ڏئي. تنهنجو ڪهڙو نه سهڻو هٿ آهي.“  هن پيار سان اِيئن چوندي، نهايت عزت سان ڪيٽرينا جي هٿ کي ورتو.

 ”اِجهو پياري نوجوان خاتون! مان تنهنجي هٿ کي وٺي چمان ٿي، جيئن تو منهنجي هٿ کي وٺي چميو هو. تو منهنجي هٿ کي ٽي ڀيرا چميو هو، پر مان تنهنجي هٿ کي ٽي سـَـؤ ڀيرا چمنديس، پوءِ ڇو نه مون کي اِن ۾ گهڻو وقت لڳي. اسان کي سڀ ڪجهه وساري ڇڏڻ گهرجي، اڳتي جيئن خدا جي مرضي هوندي. مان تنهنجي هر وقت غلام ٿي رهنديس ۽ تنهنجي حڪم جي تعميل هڪ غلام وانگر ڪنديس. ڪابه قبوليت يا واعدو هئڻ نه گهرجي. جيئن خدا چاهيندو، اِيئن ئي ٿيندو، ڪهڙا نه تنهنجا پيارا هٿ آهن! منهنجي عزيز نوجوان خاتون! تنهنجي سونهن جي ساراهه ئي نه ٿي ڪري سگهجي!“

هن سندس هٿن کي آهستگيءَ سان چپن تائين آندو. هن مان سندس عجيب مقصد هو. اِهوئي ته هوءَ اُن جي چپن سان يڪسانيت ڏيکاري.

ڪيٽرينا ايونونا پنهنجي هٿن کي پري نه ڪيو. هـُـن بزدلي ڀري اُميد سان، سندس آخري لفظن کي به ڌيان سان ٻڌو. جيتوڻيڪ گروشينڪا جي وعدي موجب، ته هـُـو سندس حڪم جي تعميل هڪ ٻانهيءَ وانگر ڪندي، کيس اَچرج ڏيندڙ ٿي لڳو. هن اِرادي سان سندس اَکين ۾ نهاريو. کيس اُهائي ساڳي ساده دلي، لـِـڪل اظهار ۽ ساڳي روشن مسرت نظر آئي. هيءُ ڏسي، ڪيٽرينا جي دل ۾ اُميد جو ڪـِـرڻو نظر آيو ۽ هن سوچيو ته،  ”هيءَ شايد حد کان گهڻي سادي آهي.“

ساڳي وقت گروشينڪا ڄڻ اِيئن ٿي نظر آئي، ته هـُـوءَ ڄڻ، اِنهن سهڻن هٿن کي ڏسي، مجذوب بڻجي وئي آهي. هـُـن ڄاڻي ٻجهي، هنن کي پنهنجي چپن تائين آندو هو. هوءَ اُنهن کي ٽن چئين منٽن تائين جهلي بيٺي. ڄڻ هوءَ ڪنهن شيءِ تي وري غور ڪري رَهي آهي.

 ”تون ڄاڻين ٿي، فرشته خاتون“ ، هن وڌيڪ صاف موسيقيءَ جي رڌم سان ڀريل آواز ۾ چيو،  ”توکي خبر آهي، مان خيال ڪريان ٿي ته ڪنهن به قيمت تي مان تنهنجو هٿ چمڻ نه ٿي گهران.“  هوءَ کلڻ لڳي.

ڪيٽرينا ايونونا، اوچتو ڇرڪ ڀريندي کيس چيو،  ”جيئن تنهنجي مرضي پر توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟“

 ”اِنهيءَ لاءِ توکي ياد رهي، ته تو منهنجي هٿن کي چميو هو، پر مان تنهنجي هٿن کي نه چميو.“

سندس اکين ۾ اوچتو روشنيءَ جو ترورو نظر آيو. هن ڪيٽرينا ايونونا ڏي خطرناڪ جذبي سان نهاريو.

ڪيٽرينا ايونونا، اوچتو رڙ ڪري چيو  ”بي شرم“ ، هوءَ ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿي وئي ۽ پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿي بيٺي.

گروشينڪا به اُٿي بيٺي پر ڪنهن تڪڙ کانسواءِ!

 ”مان مـِـتيا کي ٻـُـڌائينديس ته ڪيئن نه تو منهنجي هٿ کي چميو، مگر مان نه!“ . هـُـو اُن تي بيحد کلندو.

 ”بدمعاش عورت، هتان هلي وڃ.“

 ”توکي شرم اَچڻ گهرجي، نوجوان خاتون! مون کي تو مان اِها اُميد نه هئي. پياري نوجوان خاتون!“

ڪيٽرينا ايونونا، بيحد ڪاوڙ ۾ اَچي وئي. سندس چهري ۾ هر لڪير ڄڻ ته ڏڪي رهي هئي. هـُـن واڪو ڪري چيو ته،  ”هلي وڃ! تون فقط وڪري جي لاءِ آهين.“

 ”مان وڪري لاءِ....! توبه ته ڪالهه ڪنهن ماڻهوءَ سان، شام جي اونداهيءَ ۾ پيسن لاءِ ملاقات ڪئي هئي. تو به ته پنهنجي حـُـسن کي وڪري لاءِ پيش ڪيو هو. مان سڀڪجهه ڄاڻان ٿي.....!“

هي ٻـُـڌي ڪيٽرينا ايونونا دانهن ڪندي هـُـن تي چڙهي وڃي، پر اليوشا پنهنجي سڄيءَ طاقت سان کيس قابو ڪري ورتو.

 ”بس، بس اڳتي هڪ لفظ نه ڳالهاءِ! هوءَ هلي ويندي - هڪدم هلي ويندي!“

عين موقعي تي ڪيٽرينا جون ٻئي ماسيون، سندس دانهن تي ڊوڙي آيون. اُنهن سان ملازمه ڇوڪري به ساڻ هئي. سڀئي سندس چوڌاري ڦري آيون.

 ”مان وڃان ٿي.“  هن پنهنجي ڪوٽ کي صوفي تان کڻندي چيو.  ”اليوشا پيارا! منهنجي گهر ڏي اچجانءِ“

 ”هلي وڃ - هلي وڃ جلدي هتان.“  اليوشا پنهنجي هٿن کي مهٽيندي چيو.

 ”منهنجا ننڍڙا پيارا اليوشا! منهنجي گهر ضرور اچجانءِ“  مون وٽ هڪ مختصر عمدي ڪهاڻي آهي جا توکي ٻـُـڌائينديس. مون هيءُ سڄو منظر تنهنجي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آهي اليوشا! جڏهن تون ٻڌندين ته پوءِ بيحد خوش ٿيندين.“

اليوشا هٿ مهٽيندي، کانئس منهن ڦيرايو ۽ هـُـوءَ کلندي هلي وئي.

ڪيٽرينا ايونونا تي مڪمل جنون چڙهي ويو هو. هوءَ روئڻ لڳي ۽ عضون جي ڇڪتاڻ کان ڏڪڻي وٺي ويس. سڀئي سندس چوڌاري اَچي گڏ ٿيا.

سندس وڏي ماسي کيس  چيو ته،  ”مان توکي اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو هو. مان توکي ان ڳالهه کان روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر تون آهين بي پرواهه. تو ڪيئن هيءَ ڪم ڪيو آهي، توکي هنن ماڻهن جي ڪهڙي خبر؟ هيءَ، ڏاڍي بدنام عورت آهي. مان، ته توکي سمجهائيندي آهيان، پر تون ته غور ئي نه ڪندي آهين!“

 ”هوءَ شينهڻ آهي!“  ڪيٽرينا ايونونا ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو، ”اليڪسي فيودورووچ تو مون کي ڇو جهليو، مان کيس مار ڏئي ڪڍان ها!؟“

هوءَ اليوشا جي سامهون پاڻ تي ضابطو رکي نه سگهي. شايد کيس اُن جي پرواهه به نه هئي.

 ”کيس عام جي سامهون چهبڪ هڻي، قتل گاهه ۾ پنڻ گهرجي.“

اليوشا دروازي ڏي رخ ڪيو.

 ”پر خدايا!“  ڪيٽرينا پنهنجي هٿن کي افسوس مان مهٽيندي چيو،  ”هـُـو، هـُـو، هـُـو ايترو بي عزت ٿي سگهي ٿو، ايترو بي مروت! هـُـن، هـِـن بيهودي عورت کي، اُن بدقسمت ڏينهن جو واقعو ڪيئن ٻـُـڌايو. هـُـن ڪهڙا نه بيهودا لفظ چيا ته  ”تو به ته پنهنجي حسن کي وڪري لاءِ نيو هو، نوجوان خاتون!“  هن کي سڄي خبر آهي، اليڪسي فيودورووچ، تنهنجو ڀاءُ بدمعاش آهي.“

اليوشا ڪجهه چوڻ ٿي گهريو پر کانئس لفظ اُڪلي نه سگهيا. سندس دل دُکي رهي هئي.

 ”اليڪسي فيودورووچ تون ڀلي وڃ. هيءَ بي شرمي آهي ۽ منهنجي لاءِ خطرناڪ. مان پيرن تي هٿ رکي توکي عرض ٿي ڪريان، ته تون سڀاڻي اَچج. مون کي اِن لاءِ جوابدار نه ٺهراءِ. مون کي معاف ڪر، مون کي خبر نه ٿي پوي، ته هاڻي مان پنهنجي لاءِ ڇا ڪريان!؟“

 ”اليوشا ٻاهر نڪتو، پر گهٽيءَ مان رڙهندو ٿي ويو. هـُـو جيڪر هـُـن وانگر ئي روئي ها، پر اوچتو نوجوان خدمتگار کيس روڪيو.“

 ”نوجوان خاتون کان هيءُ خط اوهان کي ڏيڻ وسري ويو هو. هيءُ خط بيگم هو هائلاڪوف جو آهي، جو هن رات جي مانيءَ وقت موڪلي ڏنو هو.“

اليوشا اُن گـُـلابي لفافي کي ورتو ۽ بي خبريءَ مان پنهنجي کيسي ۾ رکيائين.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org