سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :4

نرتڪي:  مون ۾ ڇا ڪونهي؟ حياتيءَ جي هر خوشي منهنجي آڏو ٻانهيءَ وانگر هٿ ٻڌيو بيٺي آهي. راڄڌانيءَ جو سڀ کان وڏو درجو مون کي ئي حاصل آهي_ اڄ_ نرتڪي! آءٌ حياتيءَ جون اهي سموريون راحتون ۽ خوشيون هن جي قدمن تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

          ]قدمن جا آواز اُڀرن ٿا[

          هي ڪنهن جي قدمن جا آواز آهن، جن منهنجي روح کي لوڏي ڇڏيو! هي ڪير پيو اچي، جنهن جي وک وک تي خوشيءَ جا ساز پيا وڄن! (خوش ٿي) هي .... هي ته چندر آهي!

چندر    (ايندي):  اڄ تنهنجي چهري تي مايوسيءَ جي مُرڪ آهي، نرتڪي!

نرتڪي: تنهنجي آئي کان پوءِ مايوسي پنهنجو پاڻ مري ويندي. تون خوشين ۽ راحتن جو ديوتا چندر آهين، جنهن جي آئي کان پوءِ چوڌاري سُهائو ٿي ويندو آهي.

چندر:    اڄ تنهنجي محفل جلد اُجڙي ويئي …. ماحول ۾ اڄ خوشي جي هٻڪار ڪانهي؟

نرتڪي: محفل ته ڪڏهوڪو اُجڙي ويئي هئي، باقي هٻڪار هئي سابه الائي ڪهڙي پاسي هلي ويئي، آءٌ انهيءَ ويران ۽ اُجڙيل محفل ۾ اڃان به ڪنهن جي اچڻ جي آس لڳائي ويٺي آهيان، چندر!

چندر:    اجائي آس، اجايو اوسيئڙو! نرتڪي، نيٺ تو مون سان محبت ڇو ڪئي آهي؟

نرتڪي: (ٿڌو ساهه ڀري):  آءٌ نٿي ڄاڻان، خبر نه آهي، ڇو منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ ايتري محبت پيدا ٿي. چندر، اصل ۾ اها محبت منهنجي بي انتها نفرت جو پڙاڏو آهي…… مون زندگيءَ ۾ وک وک تي مرد_ ذات سان نفرت ڪئي. ننڍي هوندي کان ئي مون پنهنجيءَ دل ۾ انهيءَ جذبي کي پاليو، ڇاڪاڻ ته هن مون کان هر اها خوشي ڦرڻ ٿي گهري، جيڪا منهنجي جيءَ جان جو سينگار ۽ سونهن هئي. مون فيصلو ڪيو ته آءٌ سدائين مرد کان نفرت ڪندي رهنديس، پر …… پر _ (سڏڪو ڀري ٿي).

چندر:    تون روئين پئي، نرتڪي!

نرتڪي: اهي ارمان ۽ پشيماني جا لُڙڪ آهن، مهاراج! _ اُهو ارمان، جيڪو دل جي دولت هارائڻ کان پوءِ ٿيو اٿم …. الائجي اُها ڪهڙي گهڙي هئي، جنهن ۾ تو منهنجي گهر جي ڏيڍيءَ ۾ پير پاتو، جنهن سان منهنجي دل ۾ پيار ۽ پريت جو تڙڪو آيو ۽ منهنجو روح روشن ٿي پيو!

چندر:    (کلندي):   تون چري آهين نرتڪي!

نرتڪي: شايد اِها چريائي هجي. پر چندر، دل تي ته ڪنهن جو وس ڪونهي.

چندر:    تنهنجي پسند غلط آهي نرتڪي!

نرتڪي: پسند جي غلط ۽ صحيح هجڻ جو ڪڏهين ڪنهن کي احساس رهيو آهي؟

چندر:    پر …. پر نرتڪي، منهنجي دل منهنجي وس ۾ ڪانهي_ آءٌ اڳي ئي ڪنهن کي دل ڏيئي ويٺو آهيان.

نرتڪي: اوه چندر! (سڏڪا ڀري ٿي).

چندر:    آءٌ ڪنهن سان محبت نٿو ڪري سگهان، نرتڪي!...... آءٌ هتي ڪنهن خاص مقصد سان آيو آهيان. محبت ۽ مقصد، هڪٻئي جي اُبتڙ ڳالهيون آهن. منهنجي حياتيءَ جو مقصد رڳو محبت ڪرڻ ئي ڪونهي، منهنجي دل ۾ ٻيا به ڪي جذبا ۽ اُمنگ آهن، جيڪي آءٌ ورهين کان سانڍيندو پيو اچان، ۽ تنهنجي محفل ۾ به فقط انهيءَ ڪري ئي آيس جو هر اهو شخص تنهنجو سلامي آهي، جنهن جي وسيلي مون کي منهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. پر …. خير، اڄ تنهنجي مجلس تمام جلد ختم ٿي ويئي.

نرتڪي: (اداس لهجي ۾): ها، اڄ محفل جلد ختم ٿي ويئي. لاٽ هئي، سا اُجهامي ويئي..... لاٽ جي روشنيءَ سان ئي ته محفل جي رونق هوندي آهي!

چندر:    اونده کان مون کي نفرت آهي، نرتڪي!

نرتڪي: مون کي خبر آهي. اونده سان ڪنهن کي پيار هوندو؟ روشني ته زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي.

چندر:    ديوتا توتي رحم ڪن! نرتڪي، هاڻي آءٌ وڃان ٿو.

نرتڪي: ها مهاراج، وڃڻ وارا ڪڏهن ترسيا به آهن.

          ]قدمن جا آواز فيڊ آئوٽ[

شهريار:  (فيڊان): ويچاري نرتڪي! هن لاءِ هاڻي رڳو يادگيرين جا پها آهن، جيڪي دل تي رکي، پنهنجو زخم ميساريندي سندس معصوم مُنهن تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پنهنجا پاڇا وجهي ڇڏيا آهن. ڪير هن کي انهيءَ ڪاوڙ ۽ نفرت جي ڪُن مان ٻاهر ڪڍندو، ۽ ڪير سندس دل جي زخمن تي پيار ۽ پريت جا پَها رکندو.

          ]قدمن جا آواز[

نرتڪي: هي ڪير پيو اچي؟

ملازم:   نرتڪي راڻي!

نرتڪي: ڪير آهين تون؟

نرتڪي: مان مندر مان آيو آهيان.

نرتڪي: ڇو آيو آهين؟

ملازم:   اڄ تلاءُ تي ميلو آهي، تنهنڪري پروهت توکي سڏايو آهي. نرتڪي راڻي، اڄ ديوتائن جي خوشيءَ جي رات آهي.

نرتڪي: ديوتائن جي خوشيءَ جي رات؟ جشن جي رات! ..... پر منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو واسطو؟

ملازم:   اڄ توکي ديوتائن اڳيان نچڻو آهي.

نرتڪي: (تيز لهجي ۾): آءٌ ڪنهن جي آڏو نٿي نچي سگهان! اهي سڀ مانڊي وارا منڊ آهن. آءٌ اِنهيءَ ڄار ۾ هاڻي نه ڦاسنديس!

ملازم:   توکي ڇا ٿي ويو آهي، راڄ_ نرتڪي؟

نرتڪي: مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي. (ملول. ڄڻ ته پاڻمرادو پئي ڳالهائي) آءٌ روشنيءَ جي تلاش ۾ ڀٽڪندي، ڌڪا کائيندي رهيس. ڪن گهڙين لاءِ آءٌ سڀڪجهه وساري ويهي رهيس. پر جا مون روشني سمجهي هئي، سا ٻاٽ اونداهي هئي.... روشني سان پيار ڪرڻ به ڪيڏو نه وڏو آزار آهي!.... (لهجو بدلائي) پر نه، مون کي پروهت وٽ وڃڻو پوندو ... ٻُڌ، پروهت کي وڃي چئه ته آءٌ اينديس.

          ]قدمن جا آواز فيڊ آئوٽ[

نرتڪي: هليو ويو ..... وري چوڌاري سانت ٿي وئي! .... دل ۾ ڪو طوفان لڪل آهي. جيڪو منهنجي من ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ڀنڀٽ پيو ڀڙڪائي، آءٌ پنهنجي پيار جي ڌڪار جو وير وٺنديس...... آءٌ پنهنجي پيار جي ڌڪار جو وير وٺنديس.... وير وٺنديس!

          (قدمن جا آواز فيڊ آئوٽ)

شهريار:  (فيڊان):  آءٌ به نرتڪيءَ جي پٺيان ويندس. ڏسان ته ڇا آهي. ]قدمن جا آواز اُڀري فيڊ آئوٽ (صوتي اثر) ماڻهن جو گوڙ فيڊان اِن. پس منظر ۾ شهر جي مصروف رستي جو تاثر[

جوتشي: (ٿورو پريان): قسمت جو حال!....... ستارن جي گرڊس!.... آءٌ ڄاڻان ٿو ته هن کان پوءِ ڇا ٿيڻ وارو آهي. اچ، راڄ_ نرتڪي، اچ! ... دل جي دولت هارائڻ تي ايڏو ڪروڌ! سودا ته سدائين ائين ٿيندا آهن. ڪڏهن جيتيل بازي به هارائي ويهبي آهي، ته ڪڏهن هارايل بازي به کٽي ويهبي آهي. اسان وٽ اچ، اسين توکي سنئين راه ڏسينداسين_ اِهائي تنهنجي زندگي ٿيندي.

نرتڪي: جوتشي بابا، توکي سڀ خبر آهي؟

جوتشي: اسان کان ڪابه ڳالهه ڳجهي نه آهي. اسين هر ڳالهه ڄاڻون ٿا. پر ........ پر وقت اسان کي لاچار ڪيو آهي. (کلي) ٻڌايانءِ ته تنهنجي دل ۾ هينئر ڇا آهي؟

نرتڪي: (پريشان ٿي) نه نه، ماڻهن جي هن انبوه ۾ آءٌ اهي ڳالهيون ٻڌڻ نٿي چاهيان.

جوتشي: تون ڇا، پر هتي جو هر ماڻهو منهنجون ڳالهيون ٻڌي نه سگهندو! آءٌ سچ چوندو آهيان. ..... ۽ توکي ڄاڻ آهي، نرتڪي، سچ هر زماني ۾ وهه ثابت ٿيو آهي! (کلي ٿو) نرتڪي راڻي! چهرو دل جو ڪتاب آهي: ائين پنهنجي چنڊ جهڙيءَ پيشاني تي گهُنڊ نه وجهه، جو سڀ سمجهي وڃن ته نرتڪي پنهنجيءَ دل سان پيئي جنگ لڙي!

نرتڪي: جوتشي بابا، تون مون کي چريو ڪري ڇڏيندين!

جوتشي: (ٽوڪ طور): ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي چريو به ٿيڻ گهرجي.

نرتڪي: مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.

جوتشي: سڀڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندءِ، راڻي! دل مان اهو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڪوري ڪڍي ڇڏ. اچ ته آءٌ توکي پيار ۽ پريت جي روشن لاٽ ڏيکاريان، جنهن ۾ زندگي آهي_ اَمر حياتي!

نرتڪي: (بيزاري ۽ لاچاري سان): مون کي نفرت آهي، حياتيءَ ۽ پيار کان نفرت آهي….. آءٌ هر شيءِ کي ڌڪاريان ٿي.

جوتشي: (کلي): نرتڪي راڻي! چنڊ سان پيار جو پلؤ پائڻ ڏاڍو اوکو آهي. اُميديون ڪهڙيون هونديون آهن، ۽ ٿيندو ڇا آهي؟ زندگيءَ جي ڊوڙ گهڻي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ آهي. چنڊ جو پنڌ تمام پري آهي، نرتڪي راڻي!

نرتڪي: آءٌ ڪجهه به نٿي ٻڌي سگهان….. آءٌ ڪجهه به نٿي ٻڌي سگهان! ]فيڊ آئوٽ[

          ]ماڻهن جو گوڙ وڌي ٿو[

شهريار:  (سوچيندي، سڃاڻندي): هي پوڙهو جوتشي ڪير آهي؟ منهنجيون اکيون هن جي چهري کان واقف آهن! هي مون ڪٿي ڏٺو آهي...... ڪٿي؟.... شايد....

جوتشي: پريان): راڄڌاني جا رهواسيو! هوشيار رهو! اُها گهڙي جلد اوهان جي مهمان ٿيندي! ..... منهنجون اکيون سڀڪجهه پيون ڏسن .... رُڪ جو مينهن، ۽ رت جون نديون .... باهه جون ڄڀيون!....

شهريار:  مون کي نرتڪيءَ جي پويان وڃڻ گهرجي؛ متان هوءَ منهنجي اکين کان الوپ نه ٿي وڃي.

جوتشي: (پريان): سڀڪجهه اکين کان الوپ ٿي ويندو! چنڊ جي چانڊوڪيءَ تي ڪارن ڪڪرن جا تهه چڙهي ويندا_ رڳو اونداهي وڃي رهندي_ فنا ۽ بقا جي جنگ_ موت جو زندگيءَ تي آخري ۽ ڀرپور ٽهڪ!

          ]ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو، فيڊ آئوٽ. بازار جي گوڙ جو تاثر گهٽجي ٿو. قدمن جا آواز[

نرتڪي: (پاڻمرادو): مون سڀڪجهه وڃائي ڇڏيو. ڇا ڏنم، ڇا حاصل ڪيم! اُف، دل جا دليل به عجيب آهن_ ڪڏهن نفرت، ڪڏهن پيار! نيٺ ڇا ٿيندو؟ جوتشي ڇا ٿي چوڻ چاهيو؟ هن منهنجي ذهن ۾ ڀريل زهر کي ڇو ٿي ڪوري ڪڍڻ گهريو؟ مون کي موٽي وڃڻ گهرجي..... پر پروهت مون کي هاسيڪار سڏايو آهي!

          ]قدمن جو آواز تيز ٿئي ٿو[

پروهت:   اچ راڄ_ نرتڪي! مون تنهنجي ئي واٽ پئي نهاري.

نرتڪي: مون لاءِ ڪهڙو حڪم آهي، پروهت!

پروهت:   راڄڌانيءَ جي خوشقسمت ۽ خوشنصيب نرتڪي، ديوتا توتي گهڻو مهربان آهي.

نرتڪي: ديوتا مون تي مهربان آهن!......

پروهت:   اها ڳالهه ديوتائن مون تي رات ظاهر ڪئي هئي. آءٌ جڏهن اڪيلو هوس، تڏهن بيل ديوتا پنهنجي مهربانيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي قرباني جي گهرج آهي.

نرتڪي: ديوتائن جي خوشي حاصل ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو مُول آهي. پر، پروهت، ديوتا ڪنهن جي ٿا قرباني چاهين؟ منهنجي؟

پروهت:   نه، نه، نرتڪي!

نرتڪي: پوءِ ڪنهن جي ٿا ديوتا قرباني گهرن؟

پروهت:   آءٌ رات تائين توکان رازداري جي ساک وٺان ٿو.

نرتڪي: تنهنجي خيال ۾ ديوتائن ٻليدان لاءِ غلط ماڻهو چونڊيو آهي ڇا؟

پروهت:   غلط يا صحيح، اِهو ديوتائن جو فيصلو آهي. هو پنهنجي هر ڳالهه پاڻ سمجهندا آهن.

نرتڪي: آءٌ رازداري جي ساک ڏيان ٿي.

پورهت:  ته ٻڌ .... ديوتائن جو حڪم آهي ته تون اڄ رات، وڏي تلاءُ تي نچ کان پوءِ چندر جي قرباني جو اعلان ڪرين.

نرتڪي: (اُٻهرائيءَ سان): چندر جي قرباني! .... پر ديوتائن هن کي ڇو پسند ڪيو آهي، جڏهن ته هو هن شهر ۾ بنهه نئون آيو آهي؟

پروهت:   اِهو ديوتائن جو حڪم آهي!

نرتڪي: ديوتائن جو حڪم؟ ديوتائن جي سينن ۾ شايد دل ڪانهي!

پروهت:   (ڪاوڙ ۾): نرتڪي!

نرتڪي: پروهت مهاراج، ... ديوتائن جي حڪم جي پوئواري ڪئي ويندي.

پروهت:   (خشڪ لهجي ۾): تون وڃي سگهين ٿي.

          ]قدمن جا آواز[

شهريار:  (فيڊ اِن): نرتڪي هاڻي پنهنجي پيار جو وير وٺندي آهي. هوءَ چندر کي مارائيندي! هيءَ حياتي به عجب اسرار آهي_ پيار ۽ ڌڪار! مون کي نرتڪيءَ جي پويان وڃڻ گهرجي؛ ڏسان ته هوءَ ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري.

         ] قدمن جا آواز، تيز موسيقي. بازار جو گوڙ[

جوتشي: (پريان): اڄ، نرتڪي، پروهت تنهنجيءَ دل ۾ عجيب آنڌ مانڌ مچائي ڏني آهي!.... ڳالهه جي سنگهر تو لاءِ ٽٽل آهي. جيڪڏهن تون ڳنڍڻ چاهين ته اچ، آءُ توکي اها سنگهر ڳنڍي ٺاهي ڏيان.

نرتڪي: جوتشي بابا، مون کي ڏس، ديوتائن چندر کي ٻليدان لاءِ ڇو چونڊيو آهي؟

جوتشي: آءٌ توکي ضرور ٻڌائيندس_ ڇاڪاڻ ته مون کي اميد آهي ته تون سچ جو ساٿ ڏيندين..... اڄ رات هر ڳالهه جو فيصلو ٿيڻو آهي. ڪن کي اڳ خبر ملندي، ۽ ڪي تڏهن سجاڳ ٿيندا، جڏهن سڀڪجهه ختم ٿي ويندو.

نرتڪي: مون کي ڳجهارتن ۾ نه سمجهاءِ، جوتشي بابا! ٻڌاءِ!

جوتشي: اوري اچ، نرتڪي!..... اچ ٿورو اوري اچ.... هي ڳالهيون فقط تنهنجي سمجهڻ جون آهن _ ڪجهه زمانو اڳ، هڪ نوجوان مسافر پوڄا ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ تي آيو. مها پروهت، سوريه، هن کي پنهنجو مهمان ڪري ترسايو؛ ڇاڪاڻ ته اسان جي نيتي اهائي آهي ته تڏي تي آيل هر مهمان کي مان ڏيون. پوءِ اهو دشمن هجي يا دوست.

نرتڪي: جوتشي بابا، تنهنجي ڳالهه سچي آهي. پر آخر ائين ڇو آهي؟

جوتشي: راڻي، هي سچائي جي سرزمين آهي. هن زمين جي مٽيءَ ۾ پيار ۽ پريت جا گل ٽڙندا آهن. هتي جو پاڻي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي سمورن خيالن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.

نرتڪي: مون کي خبر آهي. پر ٻڌاءِ، اهو نوجوان مسافر ڪير هو؟

جوتشي: توهان جو هاڻوڪو پروهت!

نرتڪي: ته پروهت اصل هتي جو ڪونهي؟

جوتشي: هو اصل ندبن واري ديس کان آيو هو، جتي سياري ۾ پهاڙن تي برف وسندي آهي، اونهاري ۾ هنن کي پنهنجي قوت گذر لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو آهي.

نرتڪي: پوءِ ... پوءِ هو هن حد تائين ڪيئن رسيو؟

جوتشي: نرتڪي راڻي! ... (آهستي) هن پروهت، مها پروهت کي وِهه ڏيئي ماريو، ۽ پاڻ هن جي جاءِ تي مها پروهت ٿي ويٺو!

نرتڪي: (رڙ ڪري) وِهه ڏئي ماريو!

جوتشي: ها، وِهه..... پر انهي کان اڳي جو سچ سدائين لاءِ ختم ٿي وڃي، آءُ مها پروهت سوريه جو پٽ کڻي هن را‎ڃڌانيءَ مان هليو ويس.

شهريار:  ]فيڊان[ هي ڪهڙو اسرار آهي!.... آءٌ ڇا پيو ڏسان ۽ ٻڌايان!... ڇا، ڪڏهن گذريل زمانو به موٽيو آهي؟ هي حقيقت ڪيتري نه دل ڏاريندڙ آهي! آخر هي ڪهڙو مانڊاڻ آهي؟

          ] بازار جو تاثر[

نرتڪي: (ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿي) هون .. ته اها آهي پروهت جي اصليت!

جوتشي: ها، نرتڪي. اسان کان ڪوبه راز ڳجهو ڪونهي.

نرتڪي: مها پروهت سوريه جي پٽ جو ڇا ٿيو؟

جوتشي: اهو ويهن ورهين تائين پنهنجي ڌرتيءَ کان پري، پراين زمينن تي گهمندو رهيو.... ۽ .... هاڻي_

نرتڪي: چپ ڇو ٿي وئين، جوتشي بابا؟

جوتشي: ۽ .... هاڻي هو هن راڄڌانيءَ ۾ موٽي آيو آهي.

نرتڪي: موٽي آيو آهي؟..... پوءِ تون ڇو نٿو پروهت جي ڏاڍائي جو راز ظاهر ڪرين؟

جوتشي: اهو وقت اچي ويو آهي. نرتڪي! هاڻي ته حساب ڏيڻ جو وقت گهڻو ويجهو اچي پهتو آهي.

نرتڪي: سوريه جو پٽ ڪير آهي؟ مون کي ٻڌاءِ.... آءٌ هن جي اصليت اڄ ئي ظاهر ڪري، پروهت جي ڏاڍائي جو ڀرم ڀڃنديس! مون کي ٻڌاءِ ته اهو ڪير آهي؟

جوتشي: (معنيٰ خيرانداز ۾) شايد تون به هن کي سڃاڻندي هجين... هن جو نالو ’چندر‘ آهي!

نرتڪي: (رڙ ڪري) چندر! ]تيز موسيقيءَ جي لهر[ چندر، مها پروهت سوريه جو پٽ آهي!

جوتشي: (ٽهڪ ڏيئي) ڇو پريشان ٿي وئين؟ تنهنجي چهري جا ورن ڇو پيا مٽجن؟

نرتڪي: آءٌ هن جي ڪابه مدد نٿي ڪري سگهان..... آءٌ هن جي ڪابه مدد نه ڪري سگهنديس!

جوتشي: ڇو؟ تون هن جي مدد فقط انهي ڪري نٿي ڪري سگهين جو هو سچ جي واٽ تي آهي؟

نرتڪي: نه نه، ائين نه آهي، جوتشي مهاراج.

جوتشي: ته پوءِ ڇا آهي؟

نرتڪي: آءٌ ڪجهه به نه ٻڌائينديس..... آءٌ ڪجهه نه ٻڌائينديس!

          ]قدمن جو آواز[

جوتشي: (ٽهڪ ڏيندي) وڃين پئي؟ ..... مون توکي سچائي ۽ امر حياتيءَ جي واٽ ڏسي آهي. نرتڪي! اهو گس نه وسارج!...... ڪوڙ، ڪوڙ آهي. ڪروڌ ۽ نفرت موت آهي نرتڪي، سچ وارن جا ڳاٽ سدائين اوچا رهيا آهن!

جوتشي: (پريان، وڏي واڪي) ڏوهه ڪنهن جو آهي ..... ڏوهاري ڪير آهي... سزا ڪنهن کي ملي! ڪير ڄاڻي، ايندڙ وقت ڇا آڻي_ حياتي يا موت! ]فيڊ آئوٽ[

          ] تيز موسيقي[

جوتشي: (پڙاڏو) مون توکي سچائيءَ ۽ امر حياتيءَ جي واٽ ڏسي آهي، نرتڪي! سوڀ سدائين سچ جي ٿيندي آهي!

نرتڪي: (پريشانيءَ وچان) ڪوڙ ڇا آهي؟..... ۽ سچ ڇا آهي...؟ مون کي ڪهڙي راه اختيار ڪرڻ گهرجي؟ .... چندر_ چندر منهنجي حياتيءَ جو سرچشمو هو. هن منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو ڦيرو آندو آهي. منهنجي دل ۾ پهرين جيڪا نفرت هئي، اها هن ئي ڪوري ڪڍي..... ۽ وري هن ئي منهنجي دل ۾ نفرت ۽ ڌڪار جو ٻج ڇٽيو..... هن مون کان حياتيءَ جون سموريون خوشيون کسي ورتيون! (روئندي) پر .... پر آءٌ هن کي مرندي به نه ڏسي سگهنديس! هن سان مون کي ڏاڍو پريم آهي. پوءِ کڻي هو مون کي ڌڪاريندو هجي.... آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ ڪنهن کي ڏسيان ته منهنجي دل ۾ ڪهڙي باه پيئي ڀڙڪي!

جوتشي: (پڙاڏو) نرتڪي! چندر سچ جي واٽ تي آهي! نرتڪي! چندر سچ جي واٽ تي آهي!_

نرتڪي: (رڙ ڪري) سچ جي واٽ؟..... آءٌ ڪهڙي واٽ وٺان_ سچ جي، يا ...؟ نه نه، آءٌ ائين ئي ڪنديس جيئن منهنجي دل چاهيندي. پر آخر ڀيرو آءٌ هن کي ڏسڻ گهران ٿي! هڪ دفعو چندر سان ملي، آءٌ پنهنجي دل جي پيار کي سدائين لاءِ سمهاري ڇڏينديس.... ڪٿي ائين نه ٿئي جو اها پيار ۽ پريت جي دونهي، ڀڙڪو کائي ڀيڙ نه ٿي وڃي!

          ]قدمن جو آواز[

شهريار:  (فيڊ اِن) ڪهڙيون حالتون پيدا ٿيون؟ ... نرتڪي شايد پروهت سان ساٿ ڏيندي. هوءَ هاڻي پنهنجي پيار کي آخري ڀيرو ڏسي، وسارڻ جي ڪوشش ڪندي. مون کي هن راند جي انهيءَ مکيه مُهري پٺيان وڃڻ گهرجي.

          ]قدمن جو آواز ۽ موسيقي[

نرتڪي: (ايندي) چندر!

چندر:    (ڇرڪ ڀري) تون؟ نرتڪي! ..... هتي!

نرتڪي: عجب نه ڪر. آءٌ رڳو توسان ملڻ لاءِ آئي آهيان (وقفو) .... ته هيءَ آهي سوڀيا وان، جنهن جي من موهڻي مورت تو پنهنجي دل جي گهر ۾ سينگاري رکي آهي.

شوڀا:     راڄ_ نرتڪي، تون ڇا ٿي چوڻ چاهين؟

نرتڪي: خوابن جي دنيا ۾ رهڻ وارا ڇا ٿا چئي سگهن. راڻي، آءٌ به هڪ خواب ۾ ستل هئس. هڪ اهڙو خواب، جنهن منهنجي روح کي پيار ڀريل جذبن سان رڱيو هو. منهنجي دل ۾ به ڪي خواهشون ۽ تمنائون هيون. هڪ اهڙي گهڙي آئي هئي، جنهن ۾ مون پاڻ کي آسمان تي تاري وانگر ٻهڪندي ڏٺو. پر جڏهن اکي کليم، تڏهن ڪجهه به نه هو! (کلي) خواب ته خواب ئي هوندا آهن، راڻي!

چندر:    پر نرتڪي، تون هتي ڇو آئي آهين؟

نرتڪي: آءٌ هتي ڇو آئي آهيان؟ ڪو خاص مقصد ته ڪونه هو، ائين ئي، توهان کي ڏٺم ته لنگهي آيس. رات پورنماشيءَ جو ميلو آهي نه چندر!

چندر:    ها، مون کي خبر آهي، سالن کان پوءِ آءٌ هيءَ رات ڏسندس. پنهنجي گهر ۽ وطن کان پري به، مون هر گهڙيءَ هنن ڏينهن کي ياد رکيو. آءٌ سوچيندو هوس ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن آءٌ پنهنجن سان گڏ انهن خوشين ۾ شامل ٿيندس.

نرتڪي: (پراڻمرادو) تون چئي ڏي! ... سچ چئه ته اهو ميلو چندر لاءِ ۽ سندس پيار لاءِ آخري ثابت ٿيندو!.... آه، ڇو ٿي ڪنهن جي پياري جي دنيا کي تباه ڪري پنهنجي خوشيءَ جو محل اڏين! .... نه نه. آءٌ .... آءٌ به نفرت جي لائق نه آهيان! مون به پيار ڪيو هو... مون کي_

چندر:    ڇا پئي سوچين نرتڪي؟

نرتڪي: (ڇرڪ ڀري) هون؟ ڪجهه به نه .... ڪجهه به نه، مون اهو پئي سوچيو ته بي وطن ماڻهوءَ لاءِ ڪيڏو نه آزار هوندو.

چندر:    اهو تون نٿي سمجهين سگهين، نرتڪي!

نرتڪي: تون ميلي تي ضرور ايندين؟

چندر:    ها، اهائي منهنجي دلي تمنا آهي ته هڪ ڀيرو آءٌ پنهنجن سان گڏجي خوشيون ڪريان.

نرتڪي: خوشيون! (کلي) توکي مبارڪ هجن تنهنجون خوشيون. ديوتا توهان ٻنهي جو پيار سلامت رکن! منهنجي دل مان تولاءِ فقط هي دعائون نڪري سگهن ٿيون.

چندر:    تون پيار ۽ پريت جي ديوي آهين نرتڪي!

نرتڪي: (کلي) اها ديوي، جنهن جي مٿي تي ڪنڊن جو تاج آهي! ...... خير چندر آءٌ وڃان ٿي.

شهريار:  ] فيڊ اِن[ ته نرتڪي پنهنجي پيار جي وير وٺڻ جو فيصلو ڪيو! هوءَ هنن ٻن محبت ڪندڙ معصومن کي سهي نه سگهي.

] موسيقي[

]بازار جو تاثر[

جوتشي: دل جي چئي تي هلي، سچ جو گس ڇڏڻ به مناسب نه آهي. اچو، دلين جا حال، ستارن جي رفتار ... آءٌ توهان کي ٻڌايان، حياتي ڪيئن ٿي وک وڌائي!.... اڄ خوشيون ملهايو، جو اُتر کان وري ڪارونڀار ڪڪر اُڀريو آهي... هن لشڪر مان ڪوبه باقي نه بچندو!

نرتڪي: (پريشانيءَ وچان) هن جوتشيءَ ته مون کي چريو ڪري ڇڏيو آهي!

جوتشي: (پريان) ڊڄڻ جي گهڙي نه آهي. اڄ وقت آهي. اڃان مهل آهي. تير ڇٽو ڪونهي، تير ڇٽڻ کان اڳ تون زندگيءَ جي راهه اختياري ڪري سگهين ٿي!

]موسيقي[

نرتڪي: (ٿڌو ساهه ڀري) آءٌ ڪهڙي امتحان ۾ اچي ڦاٿي آهيان!..... اڃان تائين منهنجي دل ۾ چند رجي محبت ڇو آهي؟ هن ته منهنجي محبت عدولي آهي_ منهنجي محبت، جنهن لاءِ هتي جا هزارين حسنوَند حيران آهن..... پر آءٌ ايتري لاچار ڇو آهيان؟ ... مون زندگيءَ جا ڪيترا سال مرد سان نفرت ڪئي آهي، پر هن جي وجود منهنجي ڪايا بدلي ڇڏي. مون سوچيو هو ته آءٌ هن جي محبت ۾ آسمان ۾ چمڪندڙ ستارو ٿينديس. پر هن مون کي واپس انهن ئي گهراين ۾ اُڇلايو، جتي نفرت ۽ ڪروڌ جا اونداها غار آهن! .... آءٌ هن لاءِ ڇا ڪنديس؟.... (سڏڪا ڀري ٿي).

شهريار:  ]فيڊ اِن[ ويچاري نرتڪي! حياتيءَ جو متاع، دل جي دولت هارائي، پاڻ کي نفرت ۽ ڪروڌ جي هنج ۾ کڻي ڇڏيو اٿس.

          ] سڏڪا اُڀرن ٿا. موسيقي جي لهر ۽ بازار جو تاثر[

جوتشي:       ستارن جي گردش ٻڌائي ٿي ته اها گهڙي اچي ويئي، جنهن جو خوف دلين تي قبضو ڪري ويو آهي. شينهن پنهنجي چُر مان نڪري ميدان تي اچڻ وارو آهي! ڪير ڪنهن جو رفيق ۽ ساٿي نه رهندو، سڀ هليا ويندا.... چؤطرف ماٺ هوندي_ مايوسي_ خاموشي، تاريڪي! (ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو). حياتي ۽ موت جي ڇڪتاڻ .... ڪير ايندو، ڪير ويندو؟...... ڪو ڦٽائيندو، ڪو ٺاهيندو! (کلي) اچ، شوڀا راڻي، اچ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org