سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :18

چرين وانگر فون رکي ٿو ڇڏي ۽ فون کي ائين ٿو ڏسي ڄڻ ڪارو نانگ هجي، هن تي حملو ڪرڻ ٿو گهري- فون جي گهنٽي وڄي ٿي. هُو اٿي بيهي ٿو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي جاءِ ڇڏي، دريءَ وٽ وڃي ٿو بيهي دريءَ مان هيٺ ٽريفڪ پنهنجي پوري زور شور سان جاري آهي. لمحن ۾ اهو سڀ ڏيک هن جي نظرن کان ڏور ٿي وڃي ٿو. ٽيليفون جي گهنٽي وڄي ٿي، وڄي بند ٿي وڃي ٿي. انهيءَ سان هو يادگيرين ۾ گمُ ٿي وڃي ٿو.

مختصر قسم جو، پر سليقي وارو ڊرائينگ روم، اسلم ۽ ناز ويٺا آهن. ناز جي چهري تي چلولائي ۽ اسلم جي چهري تي سنجيدگي آهي.

 

 

ناز: ايتري سنجيدگي اختيار ڪرڻ سان تنهنجي مسئلي ۾ ڪوبه فرق نه ايندو. اسلم: ناز، تون جن پاڇولن پويان ڊوڙڻ جي خواهش رکين ٿي، اهو توکي سواءِ پريشانين جي ڪجهه نه ڏيئي سگهندا.

ناز: اسلم، تون منهنجين حالتن کان چڱي طرح واقف آهين، منهنجي غربت توکان ڳجهي نه آهي.

شديد اندروني ڪشمڪش تحت اٿي ٿي ۽ هلندي، روم جي هڪ ڪنڊ تي وڃي بيهي ٿي.

 

 

 

 

 

شڪسته آواز ۾

 

آئون غربت ۾ مرڻ نٿي چاهيان، آئون هلي هلي ٿڪجي پيئي آهيان، منهنجي ذهن ۾ هزارين خواهشون ۽ اُمنگون آهن، اُهي.... آئون ڏسان پيئي ته تنهنجي ساٿ سان پوريون ٿيڻ ممڪن نه آهي.

اسلم: ناز....

ناز: ها اسلم، مون کي تنهنجن جذبن جو احساس آهي، آئون ڄاڻان ٿي ته تنهنجي دل ۾ مون لاءِ ڪهڙا جذبا آهن، پر زمانو فقط جذبن کي نٿو ڏسي. تون ئي ٻڌاءِ، اسان جي شاديءَ سان اسان جا مسئلا ته حل ٿي سگهن ٿا، پر اسان جي اولاد جو ڇا ٿيندو؟ ڇا هو به ائين اسان وانگر اهڙي حياتي گذاريندا، جنهن ۾ ڪو سک نه آهي. اهي منهنجي آئينده جون اميدون آهن اسلم! آئون خوابن جي دنيا ۾ رهڻ نٿي گهران.

اسلم جو شديد رد عمل- ڄڻ ته سندس انا کي سخت ڌڪ لڳو آهي. هن جي شخصيت کي وڏو نقصان پهتو آهي. هنکي ڏسندو رهي ٿو. ڳالهائڻ جي ڪري ٿو، پر آواز نٿو نڪريس.

اسلم: آئون تو وانگر رڃ جو راهي نه آهيان ناز، آئون دنيا ۾ رهندڙ هڪ مسڪين انسان آهيان. بيشڪ اهي تنهنجون خواهشون مون کان پوريون نه ٿي سگهنديون... پر تون ائين ئي انهيءَ مانڊاڻ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ پيدا ٿي آهين، جيڪڏهن اهو سڀڪجهه حصل ٿيئي ته به اها خوشي حاصل نه ٿيندءِ جيڪا هڪ صاف دل واري انسان کان حاصل ٿي سگهي ٿي. دولت، زندگي نه آهي.

ناز: ۽ غربت ڪهڙي زندگي آهي؟

هو هن کي ڏسندو، شديد رد عمل سان اٿي ٿو،۽ آهستي آهستي دروازي تي اچي بيهي ٿو. ڏک جي ڀرپور تاثر سان اسلم ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ناز جو رد عمل چند لمحن لاءِ ڄڻ ته پريشان ٿي وڃي ٿي. پر پوءِ هن جي چپن تي مرڪ اچي. ٽريفڪ جو شور هن جي يادگيرين کي ختم ڪري ٿو هو بدحواس ٿي، شٽر بند ڪري ٿو،۽ واپس اچي صوفي تي ويهي ٿو. سعيد ڪمري مداخل ٿئي ٿو. ڏکاري مرڪ سان ڏانهنس نهاريندي

 

اسلم: خدا حافظ ناز.

سعيد: اسلم صاحب، ايڊيٽوريل لکيو اٿوَ؟

اسلم: نه سعيد، موڊ ڪونهي. اڄ تون ئي لکي ڇڏ.

حيران ٿيندي

سعيد: جي؟

اسلم: مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي، دماغ خالي خالي پيو محسوس ڪريان.

سعيد خير ته آهي، ڪجهه پريشان پيا لڳو؟

اسلم: بس ائين ئي... انسان ويچارو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جذبن جو اهڙو محتاج بڻجي ويندو آهي جو ڪجهه چاهڻ جي باوجود به ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي. اڄ منهنجو حال اهڙو ئي آهي.

سندس حالت کي محسوس ڪندي، ڳالهه کي لنوائڻ جي انداز ۾

 

سعيد: ڪهڙي موضوع تي لکان؟

 

اسلم: گهڻيئي موضوع آهن. اڄ جي خاص خبر کڻي ڪجهه نه ڪجهه لکي ڇڏ.

سعيد: بهتر.

هو آهستي آهستي ڪمري مان نڪري وڃي ٿو.

هن جي نظر ٽيليفون تي کپي ٿي وڃي. خالي الذهن انسان وانگر هو اٿي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳي ٿو. سندس چهري تي، سندس تاثرات، آواز جي صورت ۾ گونجن ٿا.

 

اسلم: ڇا حياتيءَ کي هن مرحلي تي مون سان مذاق ڪرڻو هو... انتظار ۾ ڏکن کان پوءِ جڏهن سڪون پلئه پيو آهي ته پوءِ هي طوفان.... مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي... ڇا زندگيءَ جون خوشيون مون کي ائين ئي ڏنگينديون رهنديون... آخر منهنجو ڏوهه...

دروازو کلي ٿو، هڪ عورت اندر داخل ٿئي ٿي. هو ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي ٿو. لمحن ۾ هن جي سمورن خيالن جا محل ڀڄي ٿا پون ۽ هو شڪست خورده ۽ پريشاني جي عالم ۾

نجمه حيران ٿي کيس ڏسي ٿي، ۽ آهستي

بتال ٿي

 

اسلم: تون.... تون هتي ڇو آئي آهين؟

نجمه: ڇا ٿيو آهي توهان کي منهنجو هتي اچڻ ڪو نئون ته نه آهي.

اسلم: سمجهان ٿو، سمجهان ٿو. ڇا مون کي جيئڻ جو حق نه آهي... ڇا آئون چوويهه ڪلاڪ قيد ۾ آهيان.

نجمه جو شديد ڪربناڪ تاثر ائين ڄڻ ته پهريون ڀيرو هن، هن سان انهيءَ انداز ۾ ڳالهايو هجي. هو آهستي آهستي وڌي ڏانهس اچي ٿي

 

نجمه: توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اهو قيد جو احساس اوهان جي ذهن ۾ ڇو آيو آهي؟ اسان ته هڪٻئي کي ڄاڻي سڃاڻي پنهنجو ڪيو هو.

ساڻو ٿي، ڪرسيءَ تي ويهي ٿو رهي ۽ ٿڌو ساهه ٿو کڻي

 

اسلم: سڀ ياد اٿم، پر آئون اڄ اڪيلائي چاهيان ٿو. بهتر آهي ته تون گهر وڃ. اڄوڪي ڏينهن تي منهنجو اختيار نه آهي.

نجمه نهايت سنجيدگيءَ سان مرڪندي اُٿي ٿي

 

نجمه: اسان پنهنجين تڪليفن ۽ پريشانين کي سدائين گڏجي نبيريو آهي. اِها ئي ڳالهه اسان جي خوشيءَ جو باعث پئي رهي آهي... پر اڄ جيڪڏهن تون اهو معاملو پنهنجي سِر نبيرڻ گهرين ٿو ته وس وارو آهين. آئون ننڍڙي کي وٺي گهر وڃان ٿي، مانيءَ تي تنهنجو انتظار ڪنداسين.

در تي بيهه، هن جو جواب ٻڌڻ کانسواءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿي، هو ٿڌو ساهه ڀري، اطمينان محسوس ڪري ٿو. پر هن کي اهو احساس ضورور آهي ته هن هڪ غلط حرڪت ڪئي آهي. سندس آواز چهري تي اوور ليپ ٿئي ٿو.

اسلم: هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي... ڇا آئون پنهنجين خوشين کي اِئين ئي ختم ڪندس. هن جو ڪهڙو ڏوهه، هوءَ ته...

پريشانيءَ مان گهنٽي وڄائي ٿو پٽيوالو اندر اچي ٿو.

 

بيگم صاحب وئي هلي؟

پٽيوالو: جي ها، اجهو بس هينئر ئي وئي آهي، هيٺ هوندي- سڏي اچانس؟

پٽيوالو نڪري وڃي ٿو

اسلم اُٿي دريءَ تي اچي ٿو. شٽر کولي، هيٺ نهاري ٿو. انهيءَ مهل هڪ موٽر رواني ٿي وڃي ٿي، ۽ چند لمحن بعد انهيءَ خالي جاءِ تي هڪ ٻي ڪار اچي بيهي ٿي، جنهن مان هڪ عورت لهي ٿي. هيڏانهن هوڏانهن نهاري اندر اچي ٿي. اسلم، بدحواسيءَ جي حالت ۾ شٽر بند ٿو ڪري اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. تصور ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ناز جو آواز مٿس اوور ليپ ٿئي ٿو گفتگو اها ئي آهي، جيڪا فون تي ٿي هئي.

اسلم: نه نه..... بس تون وڃ.

 

ناز: شايد تو مونکي نه سڃاتو... تنهنجو حافظو اهڙو ته ڪونه هو.... آئون ناز آهيان... چپ ڇو ٿي وئين... آئون توسان ملڻ ٿي گهران. آئون زندگيءَ جي پويان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيئي آهيان. ڇا منهنجو توتي ڪو حق ڪونهي...؟ آئون اڄ ئي توسان ملڻ ٿي گهران... جي تون چاهين ته مون وٽ اچي سگهين ٿو... اَڄ مون پنهنجي زندگيءَ جو تمام اهم فيصلو ڪيو آهي، اهو توکي ٻڌائڻ ٿي گهران... ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون ٿينديون آهن، جيڪي فون تي نه ڪري سگهبيون آهن.... آئون اچان پئي اسلم.....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org