سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :8

شير:           سردار، هو سامهون ٺٽي جو اهاءُ پيو پسجي.

پنرو:           (ٿڌو ساه) ٺٽو، اسان جو شهر، جتي سمن سردارن جو راڄ هو، جتي اسان جي اچڻ وڃڻ تي ڪابه بندش نه ئي، جتي اسان جي ننگ ۽ لڄ جي بچاءُ لاءِ دريا خان جهڙا دودا هئا..... اڄ، انهي ٺٽي جا گس اسان لاءِ بند آهن، اتي جتي اسان جا ننگ جو بچاءُ ٿيندو هو، اتي اڄ اسان جي عزت ۽ غيرت، غيرن جي قيد ۾ آهي، اهي سڀ زماني جا لاها چاڙها آهن، وقت جا ڦيرا گهيرا آهن، جيڪڏهن اسان ۾ ست هوندو ته اسين انهن حالتن سان مقابلو ڪري پنهنجو حق حاصل ڪنداسين، ۽ جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته پوءِ اسان به وقت جي وهڪري ۾ وهي الائجي ڪٿي وڃي پهچنداسين.... شايد اسان جو نالو به نه رهي!

شير:           سردار، اسان جا حوصلا تمام بلند آهن. انهيءَ همت ۽ حوصلي ۾ تنهنجو ساٿ، اسان لاءِ امنگن ڀريو پيغام آهي. اسان وقت جي وهڪري جو رخ موڙي به پنهنجو نالو قائم رکنداسين.

پنرو:           شير، مون کي توهان سمورن جي همت ۽ طاقت تي ڀروسو آهي. اسان اڄ پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. اسان اڄ سونل کي ضرور آزاد ڪرائينداسين.

شير:           شاه بيگ جو گيدي لشڪر، اسان جي شيرن سان ڪهڙو مقابلو ڪندو. اسان اڄ دشمن کي سڏي سڏي مارينداسين..... اڄ اسان شاه بيگ کان پنهنجي ڀائرن ۽ مائرن جي بينگاه خون جو وير وٺنداسين، جن جي بيگناه وهيل رت سان شاه بيگ پنهنجي راڄ جون پيڙهيون پختيون ڪرڻ گهري ٿو!

پنرو:           بيشڪ، دوستو، اڄ ٺٽي ۾ ائين داخل ٿيو، جو ارغونن جا هانوَ ڏري وڃن. اسان کي اول انهي ڪوٽ تي هلڻو آهي جتي سونل قيد آهي.

شير:           هلو ساٿيو! اڄ اوهان جو وارو آهي، پنهنجن گهوڙن جا لغام ڍرا ڪريو، ۽ پنهنجون اڃايل ترارون کپن مان ڪڍي، ارغون امير جي ڪوٽ تي ڪاهي پئو، جتي سونل بندياڻي آهي. اسان جي غيرت ۽ اسان جي حياتي.....

                ]ماڻهن جو گوڙ ۽ تيز گهوڙن جي ڊوڙڻ جو تاثر اُڀري ٿو ۽ هيٺين منظر ۾ آهستي آهستي وڌي ٿو. پراسرار موسيقي، هن منظر ۾ هلڪي پر نمايان رهندي[

سپاهي:       يا امير، هو ڏسو، پنرو بڊام هن پاسي پيو اچي.....!

ارغون سردار:   ها، پنرو، جنهن ارغونن جي حڪومت جي پيڙهه کي لوڏي ڇڏيو آهي، پر اڃ کيس هتي سندس موت گهلي آيو آهي!

سپاهي:       پر يا امير مون ٻڌو آهي ته پنرو جتي به ويو آهي فتحياب ٿيو آهي. هن جي ترار کي وڄ جو پاڻي آهي، جيڪو هن جي ترار جي زد ۾ آيو ڪڏهن به به بچيو آهي....!

ارغون سردار:   اهي ڳالهيون مون به ٻڌيون آهن، ۽ سچ پڇين ته جڏهن کان مون هن جي ڪوٽ تي حملو ڪيو آهي ۽ سونل کي پاڻ وٽ قيد ڪيو اٿم، تڏهن کان منهنجي ننڊ حرام ٿي چڪي آهي. (يڪدم لهجو مٽائي) پر ... پر تون منهنجي منهن ۾ ڇاپيو ڏسين_ اهي ڳالهيون تنهنجي ٻڌڻ جون نه آهن _ ڏسو، هو ويجها پيا اچن. اسان هن گهٽ تي ويٺا هونداسين، هنن کي اڳتي وڃڻ ڏيو، جڏهن هي اسان جي گهيري ۾ اچي ويندا، تڏهن چئجي طرفن کان حملو ڪري هن فتني کي سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين.

سپاهي:       جيڪو حڪم.

                ]گهوڙن جي اچڻ جو آواز اُڀري، فيڊ آئوٽ[

ارغون سردار:   هاڻي حملو ڪريو. هنن مان ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو!

                ]ماڻهن جو گوڙ. جنگ جو تاثر اُڀري پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو[

سونل:         هي ڇا پيو ٿئي؟ اڄ وري انسانن جون دانهون ۽ ترارن جا کڙڪا پيا ٻڌجن، ڇا اڄ وري منهنجي سرزمين تي رت جا ريلا وهندا، هي ڪير آهن، جيڪي حياتيءَ سان ائين پيا راند ڪن؟

پنرو:           (پريان) دوستو! اهي ارغون اوهان جا ڏوهاري آهن، انهن کان پنهنجن بي گناهن جو ويرو وٺو. اڄ کان پوءِ توهان کي ههڙو وقت وري هٿ نه ايندو.

سونل:         (خوش ٿي) هي ... هي ڪنهن جو آواز آهي، جنهن حياتيءَ جي اونداهين ۾ روشني پکيڙي ڇڏي آهي. هي منهنجو سائين پنرو آهي. منهنجا واهرو وريا، هاڻي هي قيد ۽ بند ٽٽندو، آءٌ آزاد ٿينديس ۽ پنهنجن سنگهارن سان ملنديس....

]جنگ جو تاثر اڀري ٿو[

پنرو:           (پريان سڏيندي) سونل...... سونل..... تون ڪٿي آهين؟

سونل:         (ويجهو ايندي) منهنجا سائين، تنهنجي اوسيئڙي ۾ منهنجو هي حال ٿيو آهي.... ڏاڍا ڏينهن لاتئه.....

پنرو:           منهنجي سونل!

شير:           (ايندي) سردار. هتان نڪري هلو. ٺٽي جي شهر ۾ اسان جي حملي جي خبر باه وانگر پکڙجي وئي آهي. ارغون پنهنجو لشڪر وٺي هن پاسي پيا اچن، ائين نه ٿئي جو اسين بيخبرا ٿي سندن ڪنهن چال ۾ ڦاسي پئون.

پنرو:           اسان هاڻ ڪنهن به چال ۾ ڪونه ڦاسنداسين.... هلو..... اچ سونل.

]جنگ جو تاثر نمايان ٿئي ٿو[

شير:           سردار، اهوئي اهو ارغون آهي، جنهن اسان جي ڪوٽ تي هلان ڪئي، ۽ سونل کي قيد ڪيو.

پنرو:           مون کي انهيءَ جو ئي اوسيئڙو هو. مون کي عجب هو ته گدڙ پنهنجي چُر مان نڪري ڪيڏانهن ويو. پر هاڻي هو خود لشڪر سڀناهي آيو آهي، انهيءَ سان مقابلو ڪرڻ به ضروري آهي!

شير:           سردار، منهنجو خيال آهي ته تون سونل کي وٺي هتان نڪري وڃ، هن سان مقابلو اسان پاڻ ڪنداسين.

پنرو:           مون کي سونل جي آزادي عزيز آهي ۽ توهان جي زندگي به پياري آهي. توهان جي دم سان ئي ته هيءُ سڀڪجهه حاصل ٿيو آهي. آءٌ هن ميدان کي فتح ڪرڻ کان سواءِ نه ويندس. باقي هن کان پوءِ سونل جي حفاظت تنهنجي بلي آهي.

]گهوڙي جي ڊوڙڻ جو تاثر[

سونل:         (سڏيندي)، سائين ..... منهنجا سائين....

]جنگ جو تاثر وڌي ٿو[

ارغون سردار:   هي .... هي ته شينهن وانگر گجندو اچي. انساني خون سان راند ڪندو پيو اچي. هن کي ڪنهن حرفت سان ماريو نه ته هي اسان سڀني کي ختم ڪري ڇڏيندو. اوه .... هي ته هن پاسي پيو اچي. ڇا ڪريان؟ سپاهيو، جنگ روڪيو.... جنگ روڪيو.... اسان سردار پنري سان صلح ٿا ڪريون.....

گهڻا آواز:     صلح ..... صلح .... صلح....

پنرو:           بزدلو! جڏهن موت اکين آڏو ٿيو اٿوَ، تڏهن صلح جون دانهون ٿا ڪريو! اوهان جي فطرت به عجيب آهي. اسان جي ڪمزوريءَ کان اوهان واقف آهيو. جڏهن شاه بيگ کي شڪست ٿي آئي، تڏهن به توهان صلح جون دانهون ڪيون، دريا خان توهان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو. هو بهادر هو، انهي ڪري هن توهان جي ڳالهه تي ڀروسو ڪيو، پر توهان ان کي اٽڪل ۽ حرفت سان شهيد ڪيو ۽ هن ملڪ تي قبضو ڪري ويهي رهيا. اڄ وري به اوهان صلح صلح جون دانهون ٿا ڪريو. جيڪڏهن توهان اهڙائي بهادر آهيو ته پوءِ هيءُ ملڪ ڇڏي ڇو نٿا هليا وڃو؛ ڇو ٿا اسان جي روايتن ۽ جذبن سان راند ڪريو، (وڏي آواز) هليا وڃو... هليا وڃو. ڪٿي اسان پنهنجين امن پسند ۽ صلح ڪيل روايتن کان منهن موڙي، توهان جي خون سان راند نه رهڻ شروع ڪري ڏيون. هليا وڃو.... اسان جي هن سرزمين کي ڇڏي وڃو......

                ]گهوڙي جي وڃڻ جو آواز[

ارغون سردار:   (آهستي) ختم ڪرينس..... تير هڻينس.

سپاهي:       پر امير، صلح؟

ارغون سردار:   بڪ نه ڪر، وري ههڙو وقت نه ايندو. هي فتنو ختم ٿيو ته پوءِ ئي اسين هتي آرام سان راڄ ڪري سگهنداسين.

سپاهي:       جيڪو حڪم يا امير.

                ]تير لڳڻ جو آواز. پنري جي دانهن ۽ ارغون جا ٽهڪ[

ارغون سردار:   (ٽهڪ ڏيندي). پنرو ختم ٿي ويو.... هاڻي هي ملڪ اسان جو آهي.... هي ملڪ اسان جو آهي......

سونل:         (روئندي)، منهنجا سائين....

پنرو:           سونل..... شير، منهنجا ڀاءُ اسان سونل کي ته آزاد ڪرايو، پر اسان هنن جي مڪرن ۽ فريبن ۾ ڦاسبا پيا وڃون..... مون کي جيڪي ڪجهه.... ڪرڻو هو، سو مون ڪيو. اڄ کان پوءِ.... تنهنجو .... ڪم شروع ٿئي ٿو. توکي سڀ کان پهرين ...... سونل جي حفاظت ڪرڻي آهي، ائين نه ٿئي جو .... اسان جي سونل وري دشمن جي بند ۾ هلي وڃي.....

شير:           منهنجا سردار..... منهنجا سورهيه ڀاءُ.... آءٌ جيسين جيئندس، تيسين سونل جي حفاظت ڪندس... سونل اسان جي عزت ۽ غيرت آهي.

سونل:         آءٌ جيئڻ نٿي گهران..... توکان پوءِ ڪهڙو جيئڻ، سائين؟

پنرو:           نه سونل راڻي، تون ائين نه ويچار.... تون ته سدائين جيئندينءَ ۽ خوش رهندينءَ، تنهنجي خوشيءَ سان ئي منهنجي روح کي خوشي ملندي.

]جنگ جو تاثر اڀري ٿو[

                .... هنن وري ترارون ڪڍيون آهن، صلح جي صدا هڻندڙن وري خون وهائڻ شروع ڪيو آهي. جيستائين هو هتي پهچن ۽ سونل، توکان کسڻ جي ڪوشش ڪن. تيستائين تون هتان نڪري هليو وڃ..... اها منهنجي تنهنجي لاءِ آخري وصيت آهي..... وڃ شير، انهي کان اڳ جو هو توکي ۽ سونل کي واجهه وجهڻ جي ڪوشش ڪن، هتان نڪري وڃو.

سونل:         منهنجا سائين.....

پنرو:           رب کي پرتينءَ منهنجي سونل، ڌڻي توکي سدائين خوش رکندو. وڃ شير، وڃ، اڃان توکي هنن ارغونن کان گهڻا ئي حساب وٺڻا آهن. مون کي ڇڏي ڏيو.... منهنجي خوشي انهيءَ ۾ ئي آهي... وڃو، دشمن وڌندو پيو اچي.... وڃو.

شير:           جيڪو حڪم منهنجا سردار!

                ]گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر، جنهن ۾ سونل جا سڏ ”منهنجا سائين“، ”منهنجا سردار“ نمايان ٿي فيڊ آئوٽ ۽ جنگ جو تاثر وڌي ٿو[.

پنرو:           هاڻي آئون خوشي ۽ آرام سان مرندس.... مون پنهنجا فرض پورا ڪيا.... مون ... سونل .... کي آزاد ڪرايو. سونل.... منهنجي سونل.... سدا خوش هجين.... سکي ستابي .... رهين.

                ]مري ٿو. ڏکاري موسيقي اڀري ٿي ۽ پڙاڏي ۾ هيءُ بيت اڀري ٿو[

آواز:           (صدا).

                اڄ گهرجين تون، پڊاماڻي پنرا،

                مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون!

]پڄاڻي جي موسيقي[

واٽون ۽ نيڻ

 

جي اُهرئا اڄُ، سي ڪڏهن ايندا مان ڳري

پريان جي هُن پارَ ڏي، وڃي ڌَنُڪي ڌَڄُ،

سامونڊيءَ ڪو ڏَجههُ، ماءِ! ماريندم ڪڏهين؟

           ]شروعاتي موسيقي جو مغموم تاثر، جنهن ۾ پاڻيءَ جي لهرن جو تاثر ملي وڃي ٿو.[

سهجان:       نه ..... تون اهو نه آهين، اهو تون نه آهين، جنهن جي لاءِ آءُ ايامن کان، نيڻ وڇايو ويٺي آهيان! آءٌ انهي جي واٽ پئي نهاريان، جيڪو اوچتو ئي اوچتو مون کان وڇڙي ويو ۽ .... مون کي ورهه جي وماس ۾ وجهي هليو ويو. هو کاري کيڙاؤ، موتين ميڙائو، وري واپس وطن تي واڳ واريندو!

]ڏکارو کلي ٿي[

                ..... مون هن کي روڪيو هو، ترسايو هو، ته انهي سامونڊي سفر تي نه وڃ، توکان سواءِ بندر بازاريون سڀ سڃيون ٿي وينديون! پر وڃڻۡ وارا ڪڏهن ترسيا به آهن؟ منهنجو خواب سچو ٿيو.

]سڏڪو ڀري ٿي[

ملوڪ:         سهجان.... سهجان..... ڏس....

سجهان:       (شديد نفرت سان) منهنجو نالو نه کڻ.

ملوڪ:         آءٌ ملوڪ آهيان، تنهنجو ملوڪ!

سهجان:       تون پاڻ کي ملوڪ نه چئو، مون سڀڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.... تون ته انهن سان گڏجي ٻيڙي مان لٿو هئين، جيڪي پاڻ سان باهه، رت ۽ موت کڻي آيا هئا. باه، رت، موت ۽ حياتي، ۽ منهنجي شهر جا ڪک ... گهڙي کن ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويو!

ملوڪ:    سهجان، ڌڻي جي نالي ايترو بدگمان نه ٿي! آءٌ ملوڪ آهيان، مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر، آءٌ تنهنجو ملوڪ آهيان!

سهجان:       ملوڪ جو نالو تنهنجي زبان تي نٿو سونهين!

]رڙيون جنهن ۾ ڏک جو شديد تاثر آهي[

                .... اهو نالو تون نه کڻ اي شخص! نه کڻ! منهنجو ملوڪ تون نه آهين. منهنجو ملوڪ ته کاري جي سفر تي ويو آهي! موتي ميڙڻ ويو آهي، جو هڪ ڏينهن واپس ايندو، هو مون سان انجامي آهي.... ۽ جڏهن هو هتي پير ڌريندو تڏهن هن سان خوشيون هونديون، تون ته پاڻ سان باه کڻي آيو آهين..... نه نه، تون منهنجو ملوڪ نه آهين!

ملوڪ:         سهجان، آءٌ توکي ڪيئن سمجهايان ته آءٌ ئي موتي ميڙڻ ويو هوس. ڏس آءٌ موٽي آيو آهيان!

سهجان:       مون کي اعتبار نٿو اچي. آءٌ ڪيئن مڃان جڏهن دل نٿي مڃي! هن مون کي وڃڻ وقت چيو هو. ها، مون کي اڃان تائين ياد آهي، ائين ئي ياد آهي ڄڻ هو هينئر مون سان ڳالهيون ڪري، واءُ جي وڻندڙ جهوٽي جيان گذري ويو هجي! هن چيو ته، آءُ وري ايندس، ۽ پاڻ سان خوشين جون سوکڙيون کڻي ايندس! ۽ اهي سوکڙيون فقط تنهنجي لاءِ هونديون! (غمزده کل) پر منهنجو خواب سچو ٿيو!

ملوڪ:         تنهنجو خواب ڪيئن سچو ٿيو، جڏهن آءٌ تنهنجي آڏو آهيان، سهجان!

سهجان:  منهنجو خواب ڪڏهن به ڪوڙو نه ٿو ٿي سگهي ڪڏهن به نه.

ملوڪ:    خوابن جي سچائيءَ تي جيڪڏهن ڀروسو ڪجي ته ڪر انساني حياتيءَ جو رنگ ئي بدلجي وڃي، سهجان! زندگي حقيقتن جي پيڙهه تي ٻڌل آهي!

سهجان:       حقيقتون ۽ خواب!

                ]ٽهڪ ڏئي ٿي ۽ موسيقي جو تاثر اُڀري ٿو[.

ملوڪ:         سهجان! سهجان!

سهجان:       جي سائين، چئو، اڄ ڏاڍو خوش پيو ڏسجين!

ملوڪ:         توکي خبر آهي ته اڄ امير عيسيَ ترخان مون کي سڏايو هو!

سهجان:       (ڇرڪ ڀري) ملوڪ، توکي ٺٽي جي بادشاهه سڏايو هو! اڄ بادشاهه جو رعيت ۾ ڪهڙو ڪم پيو؟

ملوڪ:         سهجان! هن مون کي هڪ خاص ڪم ڏنو آهي ۽ مون انجام ڪيو آهي ته آءٌ اهو ڪم ضرور ڪندس!

سهجان:       ڪهڙو ڪم آهي ملوڪ، جنهن جي ملڻ تي تون ايترو خوش ٿيو آهين!

ملوڪ:         آءٌ جلدي سفر تي وڃڻ وارو آهيان، سهجان!

سهجان:       سفر تي؟ ملوڪ، تازو ته تون سفر تان موٽيو آهين..... وري سفر جي سنبت ... ملوڪ تون انهيءَ سفر جي پچار نه ڇڏيندين!

ملوڪ:         سهجان! آءٌ سامونڊي آهيان ۽ سفر منهنجي حياتي آهي. آءٌ ان جي پچر ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان، اِهو ته ائين ٿيو ڄڻ ڪنهن کي چئجي ته تون ساهه کڻڻ ڇڏي ڏي!

سهجان:       پر ملوڪ، تون اها ڳالهه ڇو ٿو وسارين ته تنهنجي وڃڻ ڪري، حياتيءَ جون سموريون خوشيون ختم ٿي وڃن ٿيون. گوندر اندر ۾ ٻارڻ ٻاريو ڇڏين!

ملوڪ:         پر سهجان! آءٌ سدائين لاءِ ڪونه پيو وڃان!

سهجان:       ائين نه چئو ملوڪ؛ وائي سوائي ڪجي، مهل ڪمهل جو خيال ڪجي! تون جيڪڏهن نه آئين ته پوءِ منهنجو جيئڻ ڪهڙو! منهنجي حياتي ته جيئري ئي وهه ٿي ويندي!

ملوڪ:    اهڙيون ڳالهيون نه ڪر سهجان! توکي سُڌ آهي ته آءٌ کاري جي سفر کان سواءِ رهي نٿو سگهان، ۽ هينئر ته اسان جون خوشيون انهيءَ سفر سان آهن، جيڪڏهن مون کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ٿي ته اسان جي حياتي جا ڏينهن ئي مٽجي ويندا، اسان وٽ خوشيون هونديون ۽ امير عيسيٰ  جي ڪچهريءَ ۾ عزت ۽ مان! انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ڇا گهرجي! تون پڪ رک ته هن سفر کان پوءِ، آءٌ وري ڪڏهن به ڪيڏانهن نه ويندس.

سهجان:  ڪير ڄاڻي، هن سفر کان پوءِ ڇا ٿئي! تنهنجا ته هر سفر تي اهي ئي انجام هوندا آهن، ’هن ڀري وڃان ٿو، وري نه ويندس!‘ آخر اسان لاءِ فقط اوسيڙو ئي آهي، جنهن جي سهاري تي حياتيون گذاري ڇڏينديوسين؟

ملوڪ:   نه نه سهجان! ائين ڪونهي.. اڳي اسان پنهنجي مرضي سان سفر ڪندا هئاسين، هاڻي اسان ڪنهن ٻئي جي خوشيءَ خاطر سمنڊ جو سفر ٿا ڪريون.... آئون چهيان ٿو ته وري ڪيڏانهن نه وڃجي، پر ڇا ڪريان لاچار آهيان، حڪم آهي، انجام آهي! پورائي ڪرڻي ضروري آهي.

سهجان:  آخر امير جي توتي اک ڪئين پئي؟

ملوڪ:   حقيقت هيءَ آهي ته امير کي ڪجهه موتي گهرجن، اهي موتي پري اونهي سمنڊ ۾ ملندا آهن- امير پنهنجي راڻيءَ کي انهن موتين جي سوکڙي ڪري ڏيندو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org