سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :9

سهجان:  هڪڙن جي خوشي لاءِ ٻين جون خوشيون کسڻ، اهو به اميراڻو ماڻو آهي، جيڪو اسان غريبن کي ئي سهڻو پوي ٿو!

ملوڪ:   خبر نه آهي توکي ڇا ٿي ويو آهي! توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ گهرجي ته آئون  انهيءَ ڪم جي پورائيءَ ۾ سفر تي سنڀريو آهيان، جنهن لاءِ ٺٽي جي سمورن مير بحرن ۽ سامونڊين انڪار ڪيو آهي! ۽ آئون ئي آهيان، جنهن اِها هام هنئي آهي!

سهجان:  منهنجون خوشيون ڪهڙيون آهن ملوڪ، توکان سواءِ منهنجي حياتيءَ جي هر گهڙي نانگ بنجي دل تي پنهنجو زهري ڏنگ هڻي حملا ٿي ڪري! مون ۾ ايتري سهپ ڪٿي آهي جو ايڏو وڇوڙو خوشيءَ سان قبول ڪريان!

ملوڪ:   دل نه لاهه.... آئون جلدي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، تنهنجي لاءِ خوشيءَ جون سوغاتون سهيڙي ايندس!

سهجان:  اهي خوشيون، جن جي لاءِ اون سڄي عمر واٽون نهاريندي رهنديس- ۽ حاصل ڇا ٿيندو، فقط اوسيئڙو، آئون انهيءَ اوسيئڙي جي سهاري ئي حياتي گذاريندس. جيڪڏهن تون نٿو رهين ته آئون تنهنجي لاءِ واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺي هونديس. جڏهن تون ورندين ته خوشيون منهنجي پلوءَ ۾ پاڻ اچي پونديون ۽ مونکي انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.... ڪجهه به نه گهرجي!

]خواب آور موسيقي جو تاثر، پاڻيءَ ۾ ٻيڙي هلڻ جو تاثر[

….           ….           ….

ملوڪ:   آسمان رت وانگر ڳاڙهو ٿي ويو آهي.

سهجان:  پاڻي به بنهه ماٺو آهي، ملوڪ!

ملوڪ:   پاڻيءَ جي انهي ماٺار ۾، ڪنهن وڏي طوفان جي اچڻ جو ڊپ آهي!

سهجان:  طوفان.... نه نه، ائين نه چئو! طوفاني سمنڊ جون ڇوليون اسان جو ٻيڙو سهي نه سگهندو!

ملوڪ:   جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي، سو نيٺ ته هڪ ڏينهن ڀڃي ڀُڪا ٿيندو، سهجان!

سهجان:  ائين نه چئو ملوڪ... اسان جنهن سفر تي نڪتا آهيون، انهي جو انت اهو ڪونهي! اسان ته اڃان هينئر پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي آهي.... اهو سفر ته خوشين جي سرحدن تي ختم ٿيندو!

ملوڪ:   خوشين جون سرحدون! جن جي ڳولا ۾ اسين نڪتا آهيون.... جيڪي اسان جي وس کان ٻاهر آهن. اسان جي نصيب ۾ فقط محنت آهي، ۽ محنت ئي اسان جي حياتيءَ جو مول ۽ نچوڙ آهي! سامونڊي (کلي ٿو)

سهجان:  تون.... تون پنهنجي هن حياتيءَ مان خوش نه آهين؟

ملوڪ:   خوش! (غمزده کل) اسان فقط خوشيءَ جو نالو ٻڌو آهي، ۽ خوشي ٿيندي ڇا آهي، ان جو اڃان اسان پاڇو به نه ڏٺو آهي.... هر گهڙي خوف ۽ خطري ۾ گذري ٿي! ڪير نٿو ڄاڻي ته اڳي ڇا ٿيندو!

]طوفان جو تاثر ۽ گوڙ ۽ مينهن جو تاثر[

سهجان:  ملوڪ... طوفان.... مون کي پاڻئون ڌار نه ڪر!

ملوڪ:   سهجان! طوفان تمام سخت آهي، ڪٿي ڇولين جا واڳون اسان جي ٻيڙي کي ڳهي نه وڃن!

سهجان:  طوفان.... ٻيڙو ڀڄي پيو. ملوڪ، ٻيڙو ڀڄي پيو... (رڙ ڪري) ملوڪ تون ڪٿي آهين” ملوڪ... ملوڪ...

] مينهن ۽ طوفان جو تاثر ختم[

...              ....             ....

ملوڪ:   (فوراً) سهجان.... سهجان.... سجاڳ ٿي!

سهجان:  (ننڊاکڙو آواز) ملوڪ... تون.... نه، آئون توکي انهيءَ سفر تي نه ڇڏينديس.

ملوڪ:   (کلي) ڪو خواب ڏٺو هوندءِ!

سهجان:  خواب... ها، مون خواب ڏٺو آهي، پر اهو خواب جيڪو سچ ٿي سگهي ٿو... مونکي ڪجهه به نه گهرجي! نه دولت نه شهرت نه خوشي، آئون هن ڪکائين گهر ۾ ئي خوش آهيان.

ملوڪ:   ڇا پئي چوين!

سهجان:  آئون جيڪي ڪجهه چوان پئي، سچ پئي چوان. آئون توکي نه ڇڏينديس!

ملوڪ:   پر آئون وقت جي بادشاهه سان انجامي آهيان.... مرد جي زبان هڪ ٿيندي آهي!

سهجان:  منهنجي دل چئي ٿي ته مون جيڪو خواب ڏٺو آهي، اهو ڪوڙو ڪونهي! ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!

ملوڪ:   ڀلا تو ڏٺو ڇا؟

سهجان:  مون ڏٺو ته تنهنجي ٻيڙي کي طوفان اچي وڪوڙيو آهي، ۽ انهيءَ طوفان ۾ ٻيڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويو آهي... ۽ تون مون کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهين!

ملوڪ:   خوابن تي ڪڏهن ڪنهن ڀروسو به ڪيو آهي! ۽ توکي خبر آهي ته طوفانن سان جنگ جوٽڻ ته منهنجي عادت آهي. هر ڀيري فتح منهنجي ٿي آهي!

سهجان:  زندگيءَ جي انهن طوفانن سان وڙهندي ڪير پورو پيو آهي- هڪ نه هڪ ڏينهن...

ملوڪ:   اجايا وهم ۽ وسوسا نه ڪر، سهجان، آئون انهيءَ سفر کان سواءِ رهي نٿو سگهان!

سهجان:  منهنجي دل چئي ٿي ته تون جهڙو وڃين ٿو، تهڙو نه موٽندين... الائجي ڇا ٿيندو! واٽ تي ئي ڪي ڦورو تنهنجي دل تي ڌاڙو هڻي ويندا ۽ پوءِ منهنجي حياتي زهر ٿي ويندي!

ملوڪ:   اهڙيون ڳالهيون نه ڪر..... دل سان دعا ڪر ته آئون سلامتيءَ سان سفر تان موٽان، ۽ پوءِ سدائين لاءِ ويٺو هجان... پڪ ڄاڻ سهجان، مونک تنهنجي پريت جو سُهُن، هي سفر منهنجو آخري سفر آهي! تنهنجي پريت کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻي ڪابه شيءِ مون کي پياري نه آهي! توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ گهرجي ته هن هيڏي ڀريل ڀڪليل شهر ۾، جتي هزارين غواص موجود آهن، اتي فقط مون انهن اَملهه موتين جي ميڙي اچڻ جي هام هنئي آهي! تنهنجو ڪَرُ فخر وچان مٿي هئڻ گهرجي، جو جيڏين سرتين وچ ۾ تون اها ڳالهه چوڻ جي لائق آهين ته ٺٽي جي امير عيسيٰ ترخان، پنهنجي خاص ڪم لاءِ تنهنجي ور کي چونڊيو آهي!

سهجان:  اسان مسڪين ۽ غريب انسان، سدائين وڏن ماڻهن جي نالن پٺيان پنهنجو نالو شامل ڪري خوشي محسوس ڪندا آهيون. اسان کي انهيءَ ۾ خوشي حاصل ٿئي! حياتيءَ جو اهو به هڪ رخ آهي، جيڪو اسان جي گذاري لاءِ وڏو سبب آهي، ملوڪ!

ملوڪ:   سهجان! تنهنجي دانائي ۽ سمجهه مون لاءِ مونجهارو ثابت ٿيندو!..... تون ڇا ٿي ويچارين، آئون ڇا ٿو ويچاريان، اسان جي سوچ جا رستا جدا جدا آهن، پر هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جتي اسان جو عقل ۽ ويچار گڏجي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ اها آهي اسان جي هڪ ٻئي سان بي انتها محبت ۽ پريت!.... انهي ڳالهه تي اسان جون سموروين ڳالهيون ۽ حجتون ختم ٿي وڃن ٿيون! ڇاڪاڻ ته نه آئون توکان سواءِ زندگي گذاري ٿو سگهان ۽ نه تون مون کان سواءِ حياتي گهاري ٿي سگهين!

سهجان:  ۽ ملوڪ، انهي محبت جي سهاري آئون توکي روڪيان ٿي، پر آئون سمجهان ٿي ته تون منهنجي چئي تي نه ترسندين! ڇاڪاڻ ته تنهنجي عادت آهي ته تون جڏهن ڪو انجام ڪندو آهين، تڏهن تون پنهنجي ساه جي سٽ هڻي به ان جي پورائي ڪندو آهين!

ملوڪ:   جڏهن تون انهي عادت کان واقف آهين، ته پوءِ توکي مون کي خوشيءَ سان اجازت ڏيڻ گهرجي!

سهجان:  ڪيئن اجازت ڏيان! دل چئي نٿي. منهنجو خواب ۽ تنهنجو سفر، ڌڻي ڄاڻي ڇا ٿيڻ واور آهي....!

]موسيقي جو تاثر، پاڻيءَ جي لهرين ۽ ماڻهن جي هلڪي گوڙ جو تاثر[

ملوڪ:   هاڻي کلي موڪل ڏي، سهجان! ڌڻي جي در دعا گهر ته سفر سلامتيءَ سان گذري- جنهن ڪم لاءِ وڃان پيو تنهن ۾ ڪاميابي نصيب ٿئي....!

سهجان:  منهنجي دل ۾ تولاءِ فقط دعائون آهن، ۽ اهي دعائون آئون سنجهه صبح پئي ڪنديس! تنهنجي ورڻ جون ته مون سکائون باسيون آهن- تنهنجي تات ۽ طلب ۾ آئون تنهنجن واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺي هونديس. تنهنجون خوشيون، اسان لاءِ فراق! شل اسان جا گوندر گهٽجن، اگوندرائي اچي!

ملوڪ:   سڀ ٺيڪ ٿيندو... آئون موٽندس، منهنجي دل چئي ٿي.

سهجان:  تون ضرور ورندين، پر الائجي ڪيئن، مون کي خوف آهي!

ملوڪ:   خوف جي ڳالهه ڪانهي، آئون خوشيءَ جي سفر تي پيو وڃان. هن سفر جي ڪاميابيءَ کان پوءِ اسان جي حياتي جا ڏينهن ڦري ويندا.

سهجان: پر ملوڪ منهنجو خواب.....

ملوڪ:   (کلي) تنهنجو خواب ڪوڙو ٿيندو، سهجان!

سهجان:  شل ڌڻي ائين ئي ڪري. مون ته انهي لاءِ سکا باسي آهي.

ملوڪ:   گڏجي ڏينداسين، سهجان!... همراهو! هاڻي الله توهار- سهجان، ڌڻي کي پرتينءَ!

سهجان:  ڌڻي توکي خير سلامتيءَ سانواپس وطن تي واري.

ملوڪ:   الله توهار- ٻيڙي جا پاسا ڇڏايو.

]ٻيڙي جي هلڻ جو آواز، پاڻي جون لهرون، غمزده موسيقي اڀري ٿي جنهن ۾ وداعيہ تاثر آهي[

...              ...              ...

سهجان:  سامونديءَ سان پريت جو پيچ پائي اسان کي ڇا مليو- ورهه ۾ فراق- اوسيئڙو ۽ انتظار-! منهنجا مالڪ! تون منهنجي ملوڪ کي سفر جي هر مصيبت ۽ آزاد کان بچائج- کيس واپس وطن تي وارج- آءُ سندس انتظار ۾ اتي ئي عمر گذاري ڇڏينديس....

]موسيقي سان منظر مٽجي ٿو.

سمنڊ جو تاثر، جنهن ۾ ٻيڙي جي هلڻ جو تاثر پس منظر ۾ رهندو[

آواز:      سردار......

ملوڪ:   چئو ادا.

آواز:      اسان اونهي سمنڊ تي پهچي چڪا آهيون... واءُ به هتي سڻائو آهي!

ملوڪ:   اسان اڳئين سال هتان ئي موتي حاصل ڪيا هئا... هتي سپون گهڻيون هونديون آهن- هاڻي سڙهه لاهيو... آئون پاڻيءَ ۾ لهندس!

آواز:      سڙهه لاهيو ڀائرو.... لنگر ڪيرايو.... (وقفو) الله توهار سردار!

ملوڪ:   الله توهار ]پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جو تاثر. وقفو[

آواز:      ڌڻي ٻاجهه ڪئي، توکي تنهنجي ڪم ۾ ڪاميابي نصيب ٿي!

ملوڪ:   پالڻهار جا ڪوڙين ڪرم، جنهن هن مشڪل ڪم ۾ اسان کي سوڀ ڏني!

آواز:      اهو ڪم تون ئي ڪري سگهين ٿو. اسان جي وس جي ڳالهه ڪانهي.

ملوڪ:   حقيقت ۾ دوست. انسان ۾ سڀڪنهن ڪم ڪرڻ جو جذبو هئڻ گهرجي- جيڪڏهن ارادو پڪو آهي ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت انسان جي ارادي آڏو بيهي نه سگهندي. انسان جو ارادو سمنڊ جي لهرن ۽ طوفانن کي ختم ڪرڻ وارو آهي- پهاڙن کي پنهنجي واٽ تان هٽائڻ وارو آهي!... ۽ مون لاءِ هن مهم ۾ سڀ کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته آئون پنهنجي ملڪ جي امير جي ڪم پيو اچان- ان جي خوشي اسانجي خوشي آهي، دوست!

آواز:      بيشڪ... همت مردان مدد خدا!

ملوڪ    اسان جي منزل هاڻي ٺٽو آهي. سفر شروع ڪريو- ڏينهن رات ڪري هلي منزل تي رسون! جتي اسان لاءِ خوشيون آجيان ڪرڻ لاءِ آتيون آهن....

آواز:      پر سردار- هڪ ڳالهه ته ڏَس!

ملوڪ:   چئو.

آواز:      جڏهن اسان ٺٽي مان روانا ٿيا هائسين، تڏهن مون بکر جي حاڪم سلطان محمود جي جنگي تيارين جي خبر ٻڌي هئي ۽ مون اهو به ٻڌو هو ته امير عيسيٰ ترخان انهي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ بکر تي ڪاهڻ لاءِ روانو ٿيڻ وارو آهي.

ملوڪ:   ها اها خبر مون به ٻڌي هئي! مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي، آخر اهو جهيڙو ۽ جنگ ڇا جي لاءِ آهي... هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي جيڪا حيثيت حاصل آهي، اها قائم رهڻ گهرجي. امير عيسيٰ ٺٽي جو حاڪم آهي- سلطان محمود بکر جو! ٻئي پنهنجن حڪومتن جا اڳواڻ آهن، پوءِ جنگ جي تياري ڇو؟ امن امان ته انسان کي خوشيون ڏئي ٿو!....

آواز:      شايد ملڪ گيري جو هوس.

ملوڪ:   شايد، پر اسان جو انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو، اسان کي سکيو ٽڪر ملي وڃي ٿو. انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.

آواز:      ها اسان لاءِ اهي ڳالهيون سوچڻ جهڙيون نه آهن!

ملوڪ:   سفر تيز ڪريو ته هلي پنهنجي وطن جون جايون پسون. ]موسيقي ۽ فقط سمنڊ جي ڇولين جو تاثر ۽ پس منظر ۽ فراقيہ موسيقي[

...        ....  ....

سهجان:  (افسردگي)جڳن جا جڳ گذري ويا. اسان جون حياتيون ورهه ۽ وڇوڙي ۾ گذرنديون رهيون آهن. سامونڊين سان سڱ ڪري اسان کي ڇا پلئه پيو، فقط وڇوڙو- لڙڪ ۽ واٽون، اوسيئڙو۽ انتظار... اڄ آيا سڀاڻي وري سفر تي سنڀيا! اهو سفر جو سلسلو اکٽ آهي... ٻيڙياتا! تنهنجي لاءِ واٽن تي وار وڇايو ويٺي آهيان. ڪڏهن تنهنجن ٻيڙن جو وانئٽيون ڏسبيون، جو دل کي خوشي ملي. تنهنجي سڪ منهنجي دل ۾ باه ٻاري ڇڏي آهي. تون آئين ۽ وري وئين، تنهنجو اهو دستورآهي ۽ اسان لاءِ فقط تنهنجون يادگيريون! تون پنهنجيسفر کان نه رهندين. سڀ وريتيون ورن سان خوشين ۾ حياتي گذارينديون آهن، ۽ اسان، سامونڊين جون ونيون، رات ڏينهن ورهه جا لڙڪ لاڙينديون رهنديونسين!..... آه ملوڪ! ڌڻيءَ کي ٻاجهه پئي ۽ توکي خير سلامتيءَ سانموٽائي. تنهنجي نينهن مون کي نسنگ ڪري ڇڏيو آهي. پر منهنجو خواب آه..... آئون ڇا ڪريان... ڇا ڪريان.... ]موسيقي جو تاثر اڀري ٿو ۽ مينهن ۽ گوڙ جو تاثر. پس منظر ۾ سارنگ جي لئي نهايت ڏکاري[

سهجان:  سانوڻ وري وس ڪئي. آسمان تان ڪڪر پيا وسن ۽ ..... ملوڪ تنهنجي اوسيئڙ ۾ منهنجي نيڻن جا لڙڪ نٿا بيهن... موسمون اچن ٿيون، ۽ وڃن ٿيون.... پر تون نه آئين. هن سارنگ جي مُند ۾، ننڍا وڏا، پکي پکڻ، انسان، حيوان، سڀ خوشيءَ ۾ نچن ڪڏن پيا، آئون آهيان جا ورهه جي ماريل، دل جي ميراث لٽايو ايامن کان هن بندر جي ڪنڌيءَ تي تنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺي آهيان. هي بندر ۽ بازاريون توهان سامونڊين کان سواءِ مون کي سڃيون پيون لڳن... هوائون خوشيءَ ۾ نچن پيون... ڪڪر موتين جي ورکا ڪري زمين جي اُڃايل ۽ سڪايل سيني کي خوشيون بخشي رهيا آهن، پر آءٌ انهن جي خوشيءَ ۾ شريڪ نٿي ٿي سگهان... ڇاڪاڻ ته آئون.... آئون اڪيلي آهيان.... مون سان ڪير ساٿي ڪونهي! پرين جي پسڻ ڪاڻ اڄ اکڙين به آگم ڪيا آهن.... وسو اکيون... جيئن دل کي لڙڪ لاڙي ڪا گهڙي سامت ملي... ]سڏڪو ۽ موسيقي جي لهر[

...              ...              ...

]سمنڊ جون لهرون ۽ ٻيڙين جي هلڻ جي تاثر[

ملوڪ:   باقي ڪيترن ڏينهن جو پنڌآهي؟

آواز:      اسان هڪ مهينو سمنڊ تي سفر ڪيو آهي، اڃان به پنڌرهن سورنهن ڏينهن جو پنڌآهي.

ملوڪ:   پنڌرهن سورنهن ڏينهن ڪيئن گذرندا. عمر ۾ پهريون ڀيرو آئون ائين محسوس ڪري رهيو آهيان ته آئون جلد از جلد گهر پهچان. منهجي سهجان جو الائجي ڪهڙو حال هوندو!

آواز:      سردار! تون سامونڊي آهين، جنهن جي حياتيءَ ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي آهي! ۽ سفر پنهنجي وقت تي کٽندو. ايترو اتاولو ڇو ٿو ٿئين؟

ملوڪ:   آئون نٿو ڄاڻان، دوست! پر دل۾ بيحد سڪ ساهه پٽيو آهي، مونکي پر هجن ته ڪر اڏامي وڃي هن وٽ پهچان. (کلي) خبر نه آهي ته مون کي ڇا ٿي ويو آهي! ]ماڻهون جو هلڪو گوڙ[

ملوڪ:   هي گوڙ ڇا جو آهي....؟

آواز:      هو ڏس ملوڪ، هو ڏس، ٻيڙن جو دس پيو اچي!

ملوڪ:   ٻيڙنجو دس، ۽ هن گس تي! ڪير آهن؟

آواز:      سمجهه ۾ نٿو اچي! وانئٽيون به لٿل آهن. شايد لاهري بندر جي ڪنهن وڏي وڻجاري جو ٻيڙو هوندو!

ملوڪ:   ٿي سگهي ٿو، پر.... منهنجي سامونڊي زندگي ۾ مون لاهري بندر جي وڻجارن جا ايترا غوراب ڪڏهن به نه ڏٺا آهن.... مون کي شڪ آهي ته هي ڪي ٻيا وڻجارا آهن، جيڪي گس ڀلجي هن پاسي نڪري پيا آهن...

آواز:      هو نهايت تيز پيا اچن- (حيران ٿي) هي هيڏانهن ئي پيا اچن-!

ملوڪ:   اجهو ٿي خبر پئجي وڃي... مون کي هننجا ارادا چڱا نٿا ڏسڻ ۾ اچن.... هو ڏس، جهازن ۾ توفون به لڳل آهن.

آواز:      (رڙ ڪري) هي.... هي ته سامونڊي ڦورو آهن.... هاڻي ڇا ٿيندو!... ]ماڻهن جو گوڙ اڀري ٿو[

ملوڪ:   دوستو! حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. جهڙي به صورت بڻي اسين مقابلو ڪنداسين. جيڪڏهن هو ڦورو آهن ته هو اسان جي جيئري هن ٻيڙي تي قبضو نه ڪري سگهندا. پر جي دوست آهن ته اسين سندن دل سان آجيان ڪنداسين.

آواز:      پر.... (ڊڄندي) هاءِ، اسانجي قسمت ۾ هي موت لکيل هو... گهر کان پري.... سمنڊ ۾ مڇين جو کاڄ...

ملوڪ:   دل نه لاهه- منهنجا دوست! مهلون مڙسن تي اينديون آهن.... ]ماڻهن جو گوڙ وڌي ٿو، گهڻن ٻيڙن جو اچڻ[

آواز:      هي مصيبت تنهنجي آندل آهي، ملوڪ.... ڏس هنن ٻيڙن اسان جي ٻيڙي کي پنهنجي گهمري ۾ قابو ڪري ورتو. پر هي.... هي.....

ملوڪ:   اوهه.... هي ته فرنگي آهن.... فرنگي سامونڊي ڦورو.... هنن جا ارادا نيڪ نٿا ڏسجن.... هوشيار ٿيو ساٿيو! مڙس ٿي مقابلو ڪريو! ]ماڻهن جو گوڙ[

پيڊرو:    (پريان) وڙهڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪريو... اوهان جي ٻيڙي مڪمل طرح سان اسان جي گهيري ۾ اچي چڪي  آهي. اسان سان مقابلو ڪرڻ ٻين لفظن ۾ موت سان مقابلو ڪرڻو آهي....

ملوڪ:   فرنگي! تون اسان کي ائين موت جو ڊپ نه ڏي. موت اسان لاءِ برحق آهي، موت سان وڙهڻ اسان کي سيکاريو ويو آهي....

پيڊرو:    (پريان ٽهڪ ڏيئي) نوجوان، تنهنجي زبان نهايت تيز آهي! توهان جو سردار ڪير آهي؟

ملوڪ:   آئون هن ٻيڙي جو اڳواڻ آهيان-

پيڊرو:    جيڪڏهن تون انهي ٻيڙي جو سردار آهين ته پوءِ يقين اٿم ته تون دانائيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجن ساٿين جي ۽ پنهنجي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندين. اجائي خون خرابي مان ڇا حاصل ٿيندو!

آواز:      اسان کي جان جي امان ملي.... اسان کي جان جي امان ملي.... ]گهڻن ماڻهن جو گهوڙ[

ملوڪ:   مون کي اها خبر ڪانه هئي ته اسان ۾ ڪي اهڙا به گيدي آهن، جو مقابلي ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن- گهيرو سوڙهو پيا ڪن... ۽ هي فرنگي... ]تيز موسيقي جو تاثر ۽ سمنڊ جون ڇوليون[

...        ....          .....

سهجان:  جي وڻجارا ويا سي وريا! واهوندا لڳا- پرين نه موٽيا. اڄ تڙ تي ٻيڙيون آهن ۽ نه ئي وڻجارن جون ڳالهيون- سامونڊين جي ڏنل ڏهاڳ ۽ فراق جا چاڪ چڪجي چڪا آهن- هنن جو فراق هاڻي منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهي. شايد، هنن کي کارو وڻي ويو آهي، جو مون کي وساري ڇڏيو اٿس.... پر آئون ته سامونڊي ساري، تڙ تي پئي گذاريان. منهنجي ترسائڻ تي به نه ترسيا. شايد منهنجو نينهن نٻر هو. اڄ منهنجو هنيون ٻيڙيءَ وانگر پيو اولجي. اڄ من ۾ ڪا آنڌ مانڌ آهي.... اڄ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. هاڻي.. هاڻي ساموندي نه ورندا. شايد ايندا، پر نه به اچن.... ڪير کين چوي ته آئون سندن لاءِ واٽون پئي نهاريان- (کلي) وڻجارن کي ڇا! هنن جو ته کاري سان نينهن آهي.... سمنڊ سندن ساڻيهه آهي- (زور سان) شايد ملوڪ کي کارو کائي ويو، تڏهن ته اڃان نه آيو آهي.... هيترا ڏينهن ٿيا، جي اوهريا هئا سي وريا! نه وريو ته منهنجو ملوڪ! شايد اچي.... نه اچي، ڪير ڄاڻي... مونکي پڪ آهي ته هو ڪونه موٽندو- هن مون کي وساري ڇڏيو- هاڻي آئون اڪيلي آهيان، منهنجو ڪير به نه آهي، ڪير به نه آهي، منهنجو ملوڪ هليو ويو. هليو ويو. وري نه ايندو، نه ايندو، نه ايندو... (چرين وانگر کلي ٿي)

]تيز موسيقيءَ جو تاثر ۽ ٻيڙين هلڻ جو تاثر[

پيڊرو:    ٻڌو توهان سڀ اسان جي قيد ۾ آهيو، اوهانجون حياتيون هاڻي اسان جي وس ۾ آهن. اسان جيڪو پڇڻ گهرون ٿا، اوهان ٻڌايو ته اوهان جون حياتيون محفوظ رهنديون، ٻئي صورت ۾ اوهان جا لاشا سمنڊ ۾ مڇين جو کاڄ ٿيندا.

آواز:      اسان جي جان بخشيو، صاحب.... اسان جي جان بخشيو!

پيڊرو:    اها عقل جي ڳالهه آهي... ٻڌو. آئون پيڊرو وليم ريٽو آهين.آئون پورچوگيزن جي هن سامونڊي ٻيڙي جو ڪپتان آهيان. اسان کي توهان جي امير عيسيٰ ترخان دعوت ڏيئي سڏايو آهي! اسان جي منزل ٺٽو آهي. اوهان اتي جا رهواسي آهيو، انهيءَ ڪري آئون ضروري ٿو سمجهان ته مون کي ٺٽي بندر بابت پوري ڄاڻ هجي، ۽ شهر بابت به سڄي خبر هجي!

ملوڪ:   جيڪڏهن توهان کي امير عيسيٰ سڏايو آهي ته پوءِ انهيءَ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

پيڊرو:    (ٽهڪ ڏيندي) بيوقوف شخص، توکي خبر نه آهي.... ٺٽو ايشا جو سڀ کان شاهوڪار شهر آهي! اتي دولت ۽ مال جا انبار آهن! اسان کي انهن جو ڏس گهرجي.

ملوڪ:   اسان غريب ماڻهو، اسان کي ڪهڙي سڌ ته دنيا ۾ دولت ڪٿي آهي!

پيڊرو:    (ٽهڪ) توکي خبر نه آهي! (ڪاوڙ ۾) جيڪڏهن توهان شرافت سان خبرچار نه ٻڌائيندئو ته پوءِ مونکي ٻيو رستو اختيار ڪرڻو پوندو!

آواز:      ڪپتان، توکي اهو شخص سڀڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻته هي بادشاهه جي خاص ڪم سان هن سفر تي آيو هو، ۽.... ۽.....

ملوڪ:   خاموش، وطن جا دشمن! هيءَ اسان جي ملڪ تي حملو ڪرڻ آيا آهن، آئون هنن کي ڪجهه به نه ٻڌائيندس!

پيڊرو:    (ٽهڪ ڏيئي) اسان کي ته توهان جي بادشاهه مرزا عيسيٰ خان ترخان دعوت ڏئي سڏايو آهي، ته اسين سندس پاران، سلطان محمود خلاف جنگ ڪريون!

ملوڪ:   مرزا عيسيٰ اسان جو بيشڪ بادشهاه آهي، پر هن توهان ڌارين کي دعوت ڏيئي پنهنجي ملڪ جي مانهن سان جنگ ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي، سو غلط آهي. توهان به اسان جا دشمن آهيو.... توهان جون نظرون اسان جي ملڪ ۽ ان جي دولت تي آهن.... توهان فرنگين جي دوستيءَ کان سلطان محمود جي دشمني اسان کي قبول آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org