پبلشر پاران
(ايڊيشن چوٿون 2000ع)
خانبهادر الحاج محمد صديق ميمڻ سنڌي مسلمانن جي
لاءِ جيڪي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام
ڏنيون. اهي اڄ به پيڙهه جي پٿر جي طور تي هميشه
ياد رکيون وينديون. پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان
لاڳاپيل رهيو ۽ مختلف سرڪاري حيثيتن سان سنڌ جي
مختلف هنڌن تي وڃڻ دوران سنڌ جي ادبي تاريخ لکڻ
لاءِ جيڪو ڪچو مال حاصل ڪيو هو. اهو ٻن جُلدن ۾
شايع ڪيو يو هو. سندس خواهش هئي ته هو وڌيڪ مواد
گڏ ڪري ۽ اهو وڌيڪ ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪري، پر اها
خواهش سندس دل ۾ ئي رهي. مذڪور ڪتاب جي مواد سهيڙڻ
۾ مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي همعصر ۽ ٻانهن ٻيلي ساٿي
مرحوم محمد صديق مسافر جا ٿورا مڃيا آهن ۽ اهڙو
ذڪر پنهنجي مهاڳ ۾ به ڪيو اٿس. ڪتابي سهوليت ڪاڻ
هتي اسان پهرين ٻنهي جُلدن کي هڪ جُلد ۾ پيش ڪري
رهيا آهيون. جيڪو اميد اٿئون ته قدر جي نگاهه سان
ڏٺو ويندو.
مرحوم مصنف مطابق کيس هن ڪتاب جي مواد گڏ ڪرڻ ۾
چار سال لڳا ۽ 1937ع دوران مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪري،
پوءِ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان شايع
ڪيائين. ڪتاب پنهنجي موضوع جي لحاظ کان مقبول ٿيو
۽ ستن سالن جي عرصي ۾ ٻه ايڊيشن مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي
وڃڻ سبب وري 1954ع ۾ ٽيون ايڊيشن شايع ٿيو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن ادبي تاريخ جي مارڪيٽ ۾
کوٽ علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ضرورت کي مدنظر رکندي 46
سالن جي عرصي کان پوءِ ڇپائڻ جو اهتمام ڪري شايع
ڪيو آهي. اميد ته هن وقتائتي ضرورت جي پورائي
لاءِ اداري جي هن ڪاوش کي پسند ڪيو ويندو.
ادارو محترم ولي رام ولڀ ڊيٽي ڊائريڪٽر ميوزيم جو
ٿورائتو آهي. جنهن هن ڪتاب جي طباعت جي سلسلي ۾
مفيد مشورا ڏنا ۽ درستوين ڪيون.
محمد حسين شيخ
ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
مهاڳ
(ايڊيشن ٽيون 1954ع)
ادبي تاريخ جي پهرين اشاعت 1944ع ۾ ختم ٿي. ستن
سالن جي عرصي ۾ پهرين ۽ ٻي اشاعت ختم ٿي. تنهن مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ
رڳو ڪي ڳاڻ ڳاڻيٽا ماڻهو آهن. سنڌي ادب جي تاريخ
گهڻي آڳاٽي آهي. سنڌي شعر ۽ انهيءَ وقت ۾ بلڪل
پختي صورت اختيار ڪئي. جڏهن اردو ۽ هندي ادب دنيا
جو منهن به ڪونه ڏٺو هو. اسان جي مشهور اديب قاضي
قاضن 15 صدي عيسويءَ ۾ سنڌي شعر کي ايتري رواني،
بلند پروازي ۽ رنگين بياني بخشي، جو اڄ به هندستان
جا سمورا شاعر سندس شاگرد ٿي رهن، ته به جڳائي،
شاهه عبداللطيف سنڌ جو سرتاج شاعر هستي آهي. جنهن
کي دنيا جو بهترين شاعر چئجي ته مبالغو نه آهي. جن
عالمن مغرب جي شاعرن مثلاً شيڪسپيئر، سرچاگيٽي
وغيره جو شعر مطالعو ڪيو آهي. سي بي ڌڙڪ اقرار ڪن
ٿا ته سيد عبداللطيف ”شاهه“ آهي ۽ ٻيا مغربي يا
مشرقي شاعر سڀ ان جا وزير آهن، جيڪڏهن مغرب ۾
ڀٽائي جهڙو شاعر هجي ها ته ان جي شعر جي تشريح ۽
تفسير ۾ دفتر ڀرجي وڃن ها پر اسان جي سنڌ جي عالمن
جي اهڙي بي پرواهي، بي خيالي ۽ بي قدري آهي جو رڳو
ٻن بزرگن ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي ۽ شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ شاهه جي ڪلام جي اشاعت ابتدائي
نموني ۾ ڪئي آهي. ڀٽائي جي بلند خيالي، اعلى حوصله
گئي ۽ اخلاقي همت جي رڳي ادنى درجي جي شناس به
ڪنهن کي ميسر نه ٿي آهي. سنڌ جي ادبي ميدان ۾ هن
وقت اهڙا پيرانه صفت نوجوان اديب گهرجن. جي شاهه
جي شعر کي دقيق نظر سان جانچي سندس فوقيت جو اقرار
دنيا کان ڪرائين. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ٿئي. جو شاهه جي
ڪلام جو ترجمو اردو ۾ ٿئي ته اردوءَ وارا جي تسليم
شده نقاد آهن، سي پنهنجي منصفانه قلم سان اها خدمت
ادا ڪن جا اسان سنڌين نه ڪئي آهي.
اڄ دنيا ۾ سڀڪو ملڪ پنهنجي علم ادب کي تقريرن توڙي
تحريرن سان چمڪائي رهيو آهي، پر ان مان ظاهر ڪرڻو
پوي ٿو ته اسان پنهنجي چمڪندڙ علم ادب کي الغرضائي
جي انڌ ۾ دفنائي رهيا آهيون.
ادبي تاريخ جي هن ٻئي ڇاپي کي مختصر به ڪيو ويو
آهي ۽ منجهس ضروري اضافو به ڪيو ويو آهي. مختصر
انهيءَ ڪري ڪيو ويو آهي جو پيپر ڪنٽرول جي مدنظر
ڇاپائيءَ جو ڪاغذ پوري انداز ۾ دستياب نه ٿيو آهي.
اضافو رڳو وڌيڪ حقيقتن جي مدنظر ڪيو ويو آهي.
محمد صديق ميمڻ
مهاڳ
(ايڊيشن پهريون)
گهڻن سالن کان اها آرزو هيم ته پنهنجي ساهت جي
سموري تاريخ لکي گذريل زماني جي بزرگن جي ادبي
ڪوشش کي ظاهر ڪريان پر نه انهن پراڻن ڪتابن جو
ذخيرو موجود هو ۽ نه انهن عالمن جي جيوت جي سماچار
هئي. سو انهيءَ ڪم کي مٿو ڏيڻ پنهنجي وس ۽ وت کان
ٻاهر ٿي سمجهيم. انهن پهن پچائيندي ڏينهن گذري
ويا؛ نيٺ ڪجهه ترهي جي آسري ۽ ڪجهه پاتڻيءَ جي
ڀروسي تي منهنجن ارادن کي پختگي سري، والد محتروم
جا ڪي جهونا ڪتاب مطالع ڪندي رهنمائي حاصل ٿيم ۽
گشت ڪندي اڻ لڀ تصنيفون هٿ آيم، جن جي پڙهڻ سان
مصنفن جون سوانحون خود سندن ڳوٺن ۽ شهرن مان وڃي
ڪٺيون ڪيم. ننگر ٺٽي مان ميان محمد عمر ولد مرحوم
آخوند برادريءَ وٽان ناياب تصنيفون ۽ مصنفن جا
احوال مفصل طرح مليا. بلڙي، جهوڪ ۽ ڀٽ تان بزرگن
جي رهڻي ڪهڻي جو سچو فوٽو پڙهيم، تنهن کان سواءِ
هن منهنجي تصنيف جا خاص پاتڻي مولوي عبدالحق صاحب
روات سري ۽ مولوي محمد نورنگ زاده صاحب کورواهي
آهن. جن جي مشورت منهنجي ڪم کي مفيد هٿي ڏني.
احوالن هٿ ڪندي ۽ ڪتاب گڏ ڪندي پورا چار سال لڳي
ويا. 1937ع جي وچ ڌاري باقاعده ڪتاب جي ترتيب ۽
ڇنڊڇاڻ جو ڪم شروع ڪيم. احوالن جي ڇنڊڇاڻ ڪتابن جو
اختصار ڪڍڻ ۽ پورين جاين تي ونڊي ورڇڻ منهنجي
اڪيلي محنت کان ٻاهر هو، تنهن ڪري ميان محمد صديق
صاحب ”مسافر“ انهيءَ ڪم ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿيو ۽
مون سان گڏ ڪتاب کي هاڻوڪي صورت ۾ آڻڻ ۾ همراهي
ڪئي اٿس، جنهن لاءِ آئون هن صاحب جو تهدل شڪر گذار
آهيان. منهنجي هن ڪوشش مان اهو انومان نه ڪڍڻ
گهرجي ته برٽش حڪومت کان اڳ سموري سنڌي تصنيف هن
ڪتاب ۾ سمائجي ويئي آهي، ڇاڪاڻ جو مون کي خاطري
آهي ته ڪيتريون سنڌي تصنيفون ليٿو ۽ ڇاپيل خواه
دستخط صورت ۾ سنڌ ۾ موجود آهن. جي مون کي دستياب
نه ٿيون آهن. تنهن ڪري ڪو به سنڌي ادب سان چاهه
رکندڙ مون کي انهن تصنيفن جو ڏس پتو ڏيندو ته انهن
کي ڏوري لهڻ منهنجو ڪم آهي ۽ جلد 3 ۽ 4 ۾ انهي
معلومات کي مناسب جاءِ تي داخل ڪندس. اهي صاحب
جيڪي منهنجي معلومات وڌائيندا يا منهنجين غلطين کي
سڌاريندا تن جو آئون شڪر گذار رهندس ۽ اهڙو اقرار
ٻين جلدن ۾ تفصيل سان ڪندس.
محمد صديق ميمڻ
ڀاڱو پهريون
سنڌ جي ادبي تاريخ
علم ادب يا ساهتيه ڇا کي چئجي؟
ڪنهن به ملڪ جي ٻوليءَ ۾ گذريل زماني يا هلندڙ
زماني جي علم وارن ماڻهن جا جيڪي خيال نظم يا نثر
۾ ڪتابن ۾ لکيل هجن، تن لکيتن کي چئجي ٻوليءَ جو
’علم ادب يا لٽريچر (Literature)
يا ساهتيه‘ دنيا ۾ اهڙي ڪا به قوم ڪانهي، جنهن کي
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ’علم ادب‘ يا لٽريچر
نه هجي. سڌريل قومن جو علم ادب سڌريل ۽ گهڻو ٿئي
ٿو ۽ اڻ سڌريل قومن جو ”علم ادب“ وري ان قوم جي
حالت سارو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن قوم ۾ پنهنجي ديس
جي گذريل حالتن بابت نظم يا نثر ۾ ڪجهه به موجود
نه هجي، ته اها قوم هوند گهور اوندهه ۾ هٿوراڙيون
ڏيندي نظر اچي. دنيا جي ڪهڙي به اڻ سڌريل قوم، جا
لکي پڙهي به نه ڄاڻندي هجي، تنهن وٽ پنهنجن وڏن جي
بهادريءَ جا داستان، غم ۽ خوشيءَ کي همٿائڻ وارا
ڪلام، لکيل صورت ۾ نه، ته به زباني روايتن طور نظم
يا نثر ۾ ضرور موجود هوندا. گذريل زماني جي علم
ادب يا ساهتيه، هلندڙ زماني وارن ماڻهن لاءِ ۽
هلندڙ زماني جو علم ادب ايندڙ زماني وارن ماڻهن
لاءِ نهايت سچي رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو.
سنڌ جو علم ادب
ڪن صاحبن کي ايئن راءِ ڏيندو ڏٺو ويو آهي، ته
”سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب آهي ڪونه، ۽ جي آهي، ته
بلڪل ٿورو آهي.“ اهڙي راءِ ڏيڻ وارا صاحب گهڻو ڪري
اهي آهن، جن جو عربي پارسي ٻولين سان واسطو ۽ قرب
ڪونهي، نڪي ڪي انگريز سرڪار جي اچڻ کان اڳ جيڪو
صاف سنڌي لٽريچر (گهڻو ڪري نظم جي صورت ۾) گهڻي
انداز ۾ موجود هو ۽ اڃا تئين آهي، تنهن جي ڏسڻ پسڻ
جو انهن کي موقعو مليو آهي. (سنڌي شعر واري باب ۾،
انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ کولي لکيو ويندو)
اها ڳالهه برابر آهي ته عربن سنڌ فتح ڪئي، تنهن
کان اڳ جي زماني وارو سنڌي علم ادب ڪو به موجود
ڪونهي. جيتوڻيڪ عربن جي زماني کان وٺي، انگريز
سرڪار جي زماني تائين، سنڌ ۾ هندو موجود هئا ۽
انهن وٽ سنسڪرت، گورمکي، شاستري ۽ هندو سنڌي اکر
به ڪم ايندڙ هئا. تنهن هوندي به هدستان جي مشهور
ڌرمي ڪتابن جهڙوڪ: ويد، مهاڀارت، رامائڻ ۽ گيت
ڌاران خاص سنڌ جو ڪو به ساهتيه سندن پاڻ وٽ نه
رکيو. جي سنڌ جو خاص قديم ساهتيه هندن وٽ محفوظ
هجي ها ته مسلمانن جي يارهن سون ورهين جي حڪومت ۾
سندن اوج ۽ شانداري قائم رهي ها، تنهن ۾ ڪو به شڪ
ڪونهي.
عرب پنهنجي خاص عربي ٻولي کڻي سنڌ ۾ حاڪم ٿي آيا،
انهن سنڌ جي ماڻهن، خاص ڪري مسلمانن کي عربي ٻولي
لکڻ پڙهڻ سيکاري سنڌ جا ماڻهو گهڻي شوق سان عربي
ٻولي لکڻ پڙهڻ سکيا، جنهن ڪري عربن کي نه رڳو سنڌ
جي قديم احوال هٿ ڪري لکڻ سولو ٿيو، بلڪ سنڌ جي
ماڻهن ۾ پنهنجا خيال عربيءَ ٻولي جي رستي ظاهر ڪرڻ
جو چاه پيدا ٿيو. ان وقت گويا سنڌ جو لٽريچر ئي
عربي ٿي پيو. جيتوڻيڪ انهيءَ زماني ۾ ڇاپخانا ڪين
هئا. ته به سنڌ جو عربي علم ادب اهڙو محفوظ رکيو
ويو جو اڄ تائين موجود آهي. ”ابو عطا“ نالي هڪڙي
سنڌ جي شاعر جا عربي شعر، خود عربستان جي شاعرن به
ساراهيا آهن. سنڌ جي عالمن جا لکيل ڪي عربي ڪتاب
اڄ تائين مصر جي جامعه ازهر (ازهر يونيورسٽي
قاهره) ۾ درسي ڪتابن طور پاڙهيا وڃن ٿا. اهو عربي
تصنيفات جو ذوق ۽ چاهه مسلمان عالمن ۾، انگريز
سرڪار جي حڪومت تائين به موجود هو.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي مسلمان خاندانن جي ڪتب خانن ۾ سنڌ
جي عالمن جا ٺاهيل ڪتاب هٿ اکر لکيل اڄ تائين
موجود آهن، جهڙوڪ ڪتب خانه پير صاحب پاڳارو، ڪتب
خانه پير صاحب جهنڊي وارو، ڪتب خانه پير صاحب
لنواري وغيره. ٺٽي، مٽياري، هالا، پاٽ، بوبڪ،
روهڙي ۽ شڪارپور ۾ به ڪيترن ئي بزرگن جي اولاد وٽ
سنڌ جي عالمن جون عربي تصنيفات موجود آهن.
ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه ٿئي، جو ڪنهن با انتظام جماعت
جي پٺڀرائي سان ڪي عربي دان عالم، اهڙا سنڌ جي
عالمن جا ٺاهيل عربي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪن. جڏهن
’شاه بيگ‘ ارغون سنه 1521ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو،
تڏهن ان پاڻ سان ايراني ۽ ترڪي شاعر ۽ عالم به سنڌ
۾ آندا. اهڙيءَ طرح عبي سان گڏ، پارسي تعليم جو
سلسلو سنڌ ۾ باقاعدي ان زماني کان شروع ٿيو. ”شاه
بيگ“ جو پٽ ’مرزا شاه حسن‘ جو ٻاويهه ورهيه سنڌ
جو حاڪم هو، سو پاڻ به پارسي ۾ تکو شاعر هو. سندس
تخلص هو سپاهي. ’مرزا شاه حسن‘ جي شاعر نوازي ۽ ان
کان پوءِ ايران جي عالمن جي سنڌ ۾ گهڻائي ٿيڻ سبب،
سنڌ ۾ پارسي ٻوليءَ جي رستي نظم يا نثر ۾ پنهنجن
خيالن ظاهر ڪرڻ جو شوق ۽ چاه پيدا ٿيو.
ارغون ۽ ترخان گهراڻي کان پوءِ ڏيڍ سؤ کن ورهيه
سنڌ دهلي وارن مغل شهنشاهن جي هٿ ۾ رهي. انهيءَ
عرصي ۾ سنڌ جي لٽريچر جو گهڻو انداز پارسيءَ ۾ گڏ
ٿيڻ لڳو، سنڌ جا ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم پارسيءَ جا
شوقين هئا ۽ منجهائن ڪيترا ته قابل شاعر به ئا،
جلد ئي سنڌ جي ماڻهن جا لکيل پارسي ڪتاب (نظم يا
نثر) گهڻي انداز ۾ موجود ٿي ويا. انهن مان ڪي ڪتاب
ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪي اڃا به دستخط لکيل حالت ۾ سنڌ
جي گهڻن علم دوستن وٽ موجود آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت
قديم زماني کان وڍي هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾، جي
ٻوليون ڳالهائڻ ۾ پي آيون آهن، تن جا نالا جدا جدا
هئا، پر ’سنسڪرت‘ جي عالمن انهن سڀني جدا جد ٻولين
کي يڪو نالو ڏنو هو ’پراڪرات‘ يعني اها ٻولي، جا
ڪنهن قوم کي قدرتي طرح مليل هجي. سنڌ به هندستان
جو هڪڙو جزو آهي، تنهنڪري اتي جيڪا پراڪرت ٻولي ڪم
ايندي هئي، تنهن کي ’سنسڪرت‘ جا عالم ’ورچڊا‘
سڏيندا هئا. برهمڻن هڪ خاص ٻولي تيار ڪئي هئي،
جنهن ۾ ڌرمي ساهتيه قائم رکندا ۽ پڙهندا آيا ۽
برهمڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن کي ان ٻوليءَ جي پڙهڻ ۽
ڳالهائڻ جو حق ئي ڪو نه هو. برهمڻ عالمن اها نئين
ٻولي اهڙي تيار ڪئي، جا هندستان جي سڀني پراڪرت
ٻولين جو مول يا بنياد ليکجڻ ۾ آئي ۽ ڪنهن به
ڌارين ٻولي جو لفظ منجهس ڪو نه هو. ان ٻوليءَ جو
نالو رکيائون ”سنسڪرت“ يعني ڪامل بنايل يا پاڪ
بنايل ٻولي.
جهڙيءَ طرح هندستان جي پراڪرت ٻولين جي ماءُ
’سنسڪرت‘ ليکجي ٿي، تهڙيءَ طرح ’سنڌي ٻولي‘ به اصل
۾ سنسڪرت جي ڌيءَ آهي.
اتر هندستان واري ڀاڱي ۾ ”مٿرا ۽ بندرابن“ جي
آسپاس جيڪا ٻولي ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن کي
’برج ڀاشا‘ (برج پرڳڻي جي آسپاس ڪم ايندڙ ٻولي)
سڏيندا هئا. جيئن ته قديم زماني کان وٺي اتر
هندستان ساري هندستان تي غالب هوندو هو، ۽ هندستان
جي هر هڪ ڀاڱي جي ماڻهن کي وقت به وقت تيرٿن جي
خيال سان اتر هندستان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪرڻي پوندي
هئي، تنهن ڪري ساري هنستان جي پراڪرت ٻولين تي برج
ڀاشا غالب پئجي ويئي. انهيءَ ڪري ان کي ڀاشا يا
’هندي‘ يا ’هندستاني‘ ، يعني هندستاني جي عام ٻولي
سڏيندا هئا. جيئن ساري هندستان جي پوليس تي
مسلماني حڪومت جي ڪري عربي، ترڪي، پارسي، پشتو ۽
بلوچڪي ٻوليون ويون پنهنجو اثر ڄمائينديون، تيئن
سنڌ ۾ به عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ شرط سنڌ جي
اصلوڪيءَ ٻوليءَ ۾ اول عربي ۽ ترڪي لفظ ويا شامل
ٿيندا ۽ پوءِ پارسي، پشتو ۽ بلوچڪي ٻوليءَ جا لفظ.
انگريز سرڪار جي حڪومت کان وٺي انگريزي ٻوليءَ جا
لفظ به سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌندا پيا وڃن. هي هڪڙو
قدرتي دستور آهي ته جڏهن هڪڙيءَ قوم جي، ٻيءَ قوم
تي حڪمراني ٿئي ٿي ۽ ٻنهي قومن جون ٻوليون مختلف
آهن، تڏهن حاڪم قوم ضرور ڪي اهڙيون به شيون پاڻ
سان آڻي ٿي، جي اڳ فتح ڪيل ملڪ ۾ موجود ئي نه
هونديون آهن، ته اهڙين شين ۽ حالتن جا ٻيا نالا
ضرور فتح ٿيل ملڪ جي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيندا رهندا.
تنهن کان سواءِ فاتح قوم جي ٻولي سکي، انهن سسان
ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙو ٿيڻ فتح تيل ملڪ جا ماڻهو
پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا آهن. اهڙيءَ ريت ساڍن
يارهن سون ورهين ۾ سنڌي ٻولي عربي، پارسي وغيره
ٻولين جي لفظن سان اهڙي ڀرپور ٿي ويئي، جو ڪن لفظن
جي سڃاڻپ ئي مشڪل ٿي پيئي، ته اصل ڪهڙيءَ ٻوليءَ
جاآهن.
هيٺ ڏنل لفظن مان معلوم ٿيندو ته ڪيتري قدر ڌاريا
لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳڻجي ويا آهن. ڪن لفظن جون
اصلوڪيون درست صورتون ئي مٽجي ويون آهن جيئن ته
ڪڙتو، چوغو، گريبان، پاجامو، رومان، شال، دوشاله،
تڪيو، برقعه، دسترخوان، پلاءُ، قورمہ، مربو، آچار،
فالوده، گلاب، طبق، رڪابي، ڪفگير ۽ ڪاتي، ٿوم،
دٻلو، سٽ، ٿنڀو، ڏڌ، ڍولڪ وغيره. عربي پارسي ٻولي
مان سنڌي ۾ ملي ويا آهن.
ڪي ته عربي ۽ فارسي لفظ اهڙا سنڌيءَ ۾ ملي ويا
آهن، جو انهن جي عيوض ٻيو ڪو به سنسڪرت يا ڀاشا جو
لفظ ڪم اچيئي ڪونه ٿو. جيئن ته دلال، فراس، مزور،
وڪيل، اصلي، جلاد، صراف، مسخرو، صورت، مسڪل،
طبيعت، مزاج، برف، ڪبوتر، بلبل، طوطو، قلم، عينڪ،
ڪرسي، لگام، زين، نعل، جهاز، پردو، دالان، تهه
خانو، تازو، غلط، صحيح ۽ ڪاريگر وغيره.
اوطاق، چقمق، چاقو؛ چاق (تندرست)، قئنچي، نڪمون،
چلمچي، بورچي ۽ ايلچي، وغيره. ترڪي ٻوليءَ جا لفظ
آهن.
ڏهاڙو، ڏون، پرائي ڪنان وغيره. سرائڪي ٻوليءَ مان
سنڌي ۾ آيا آهن.
وڳه، اٽالو، ڄانگهو، گهٽو، ليرو، ڊوم يا ڏوم
وغيره. اهي بلوچي ٻوليءَ مان آيل آهن.
ڊوڍو، ڌارو، گيدي، گهل، ڍال وغيره پشتو ٻوليءَ مان
آيل آهن. پورچوگيزن، فرينچن ۽ انگريزن جي ٻولين جا
لفظ به سنڌي ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ انگريزي ٻوليءَ
جا لفظ، اڃا به وڃن زياده ٿيندا جيئن ته ڪمرو
(اطالوي)، نيلام، فالقو، ڦيٿ، پگهار، ترنگ اهي
پورچوگيز ٻولي جا لفط آهن. پادري (لئٽن ٻولي جو
لفظ)، لالٽين، استامپ، اسڪول، ڪاليج، بسڪوٽ،
پينشن، پستول، بوتل، پتلون، ڪوٽ، ڪف، درجن، بٽڻ،
بگي، گلاس، مڊم، اردلي، سٽيشن، ٽڪٽ، ريل، پوليس،
سٽل، فس ڪلاس، ڇاپ، پلٽڻ، اسپتال، ڪٽلي، رپورٽ
وغيره. ڪئين انگريزي لفظ آهن. جي سنڌ جون زالون
ٻار، شهري خواه دهقاني ڳالهائن ٻولهائن ۽ سمجهن
ٿا. عربي ۽ پارسي لفظن جو ايتري قدر استعمال ٿيڻ ۾
آيو، جو هندستان خواه سنڌ جا هندو، سنت ۽ ساڌو به
پنهنجن ڪلامن ۾ آزادگيءَ سان عربي ۽ فارسي لفظ پيا
ڪم آڻيندا هئا ۽ ڪم آڻين جيئن ته رشي تلسيداس
رامائڻ ۾، جو برج ڀاشا ۾ آهي، ڪيترائي عربي ۽
پارسي لفظ ڪم آندا آهن. جيئن ته:-
تلسيداس گريب ڪي ڪوئي نه پوڇي بات، اتي ”گريب“
عربي ٻوليءَ جو لفظ ”غريب“آهي.اهڙي طرح رشي
سورداس،ڀڳت ڪبير،گرو نانڪ صاحب جي پنهنجن ڪلامن ۾
عام عربي ۽ پارسي لفظ ڪم آندا آهن.
سنڌ جو نامور سنت سوامي چين راءِ پنهنجي شلوڪن ۾
چوي ٿو ته:-
سمجهه ۽ ”صدق“ جنهن کي ڏنو ستگروءَ،
ساڌو جن ”ثابت“ ڪوڙئين ۾ ڪو هڪرو،
سهسين پڙهي سبق، ”حافظ“ ڄاڻن پاڻ کي.
اهڙيءَ طرح لعلي ڀڳت، مينگهي ڀڳت ۽ مورئي فقير به پنهنجن ڪلامن ۾عربي،
پارسي لفظ جام ڪم آندا آهن.
جيئن هندو شاعرن ۽ درويشن عربي ۽ پارسي لفظ ڪم
آندا آهن. تيئن مسلمان شاعرن به ڀاشا جا لفظ بنا
حجاب پي ڪم آندا آهن. جيئن ’امير خسرو دهلوي‘ جي
ڪلام ۾ يا ملڪ محمد جائسيءَ جي ڪلام ۾.
سنڌ جي اڳئين مسلمان شاعرن ۽ درويشن جيڪو سنڌي
ڪلام ٺاهيو آهي، تنهن ۾ عربي ۽ فارسي لفظن سان گڏ
اصلوڪي سنڌي ٻوليءَ جا رواجي لفظ جن کي ڀاشا يا
سنسڪرت جا لفظ چئجي، ته به جڳائي، سي گهڻي قدر ڪم
آندا آهن. انهن لفطن مان ڪيترائي لفظ ته هينئر سنڌ
۾ ڳالهائجن ئي ڪونه ٿا، نڪي ڪي عام طرح هينئر سندن
معنى ئي سمجهڻ ۾ اچي ٿي، جيئن ته:
ولهو (مڙس)، منڌ (زال)، ويڄ، ٻڪي، ڀونءِ، بهڳڻ،
ولهو، وهيون، آنهري (آرسي)، ريٻارو (قاصد)، سٿ
(مجلس) ٿوڪ، سڳر وغيره.
عربن کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ جو سارو روپ ڪهڙيءَ طرح
هو، سو اصلوڪي علم ادب نه هئڻ ڪري معلوم ٿي نٿو
سگهي.
ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ جڏهن مولوي پنهنجي سنڌي
شاگردن کي ڪنهن عربي يا پارشي جي معنى سمجهائيندا
هئا، تڏهن لفظي ترجمو پاڙهيندا هئا. جيئن ته:
اهدنا الصراط المستقيم
ترجمو اصلوڪو نمونو: ڏيکار اسان کي واٽ سڌي.
انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو اوائل ۾ جيڪي سنڌي نثر
جا ڪتاب مسلمانن خواه هندن لکيا آهن، تن ۾ سنڌي
ٻوليءَ انهيءَ نموني جي ڪم آيل آهي، جنهن کي
’ملائين سنڌي‘ چئبو آهي، يعني ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾
ٻي طرح سنڌي ڳالهائبي هئي ۽ لکڻ ۾ مٿيون نمونو ڪم
ايندو هو.
انگريز سرڪار جي حڪومت تائين، سنڌي ٻوليءَ بابت ڪو
به گرامر يا صرف نحو ٺهيل ڪونه هو، تنهن ڪري اوائل
وارن سنڌي نثر جي ڪتابن ۾ بي قاعدي ٻولي ڪم آيل
آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي لفطن ۾ تمام گهڻي ڦير
ڦار اهي، جيئن مٿي سمجهايو ويو آهي، تنهٿن هوندي
به سنڌي ٻولي پنهنجون اصلوڪيون گرامر واريون
صورتون ۽ نحوي بناوتون قائم رکندي آئي آهي. انهن
تي عربي ۽ پارسي گرامرن جي قاعدن جو ڪو اثر ڪونهي.
گرامر جا ڪيترا جهونا لفظ، جيئن اڳي ڪم ايندا هئا،
تنهن کان هينئر بلڪل ٻي طرح ڪم اچن ٿا. جيئن ته
ڪنان جي بدران کان، جانڪيتان جڏهانڪر يا جيستائين.
تاڪي |
تيستائين |
ڪر |
ڄڻڪ |
جيڪس |
شايد |
اوڙڪ |
نيٺ |
اُتي |
تي |
پئان |
پٺيان |
اپر |
گهر |
ملاءِ |
کان |
ات |
تمام |
مڻي |
ڏانهن ۽ ٻيا |
نڪڻي |
بلڪل |
|
|
سنه 1854ع ۾ سنڌي گرامر ٺهڻ کان پوءِ جلد ئي سنڌي
نثر وڌيڪ سڌرڻ ۽ درست طرح ڪم اچڻ لڳو. پنجاه کن
ورهين تائين جيڪي سنڌي نثر جا ڪتاب پي ٺهيا آهن،
تن ۾ اصل سنڌي لفط ۽ عربي پارسي لفظ گهڻا پي ڪم
آيا ۽ ڳرا سنسڪرت لفط بلڪل ورلي ڪم ايندا هئا، پر
ويهين صديءَ ۾، جڏهن سنڌ ۾ ڇاپخانا گهڻا ٿيا، سنڌي
اسڪولن ۽ ٽريننگ ڪاليجن مان پارسي تعليم صفا نڪري
ويئي ۽ انگريزي اسڪولن ۾ به پارسي تعليم نالي خاطر
وڃي رهي، تڏهن سنڌي نثر جي صورت بدلجڻ لڳي. ڪتاب
لکندڙ پنهنجن نون ڪتابن ۾ ڳرا ڳرا سنسڪرت ۽ عربي
لفظ ٽنبڻ لڳا آهن. ائين ڪرڻ ۾ ٻوليءَ جي وڌائڻ ۽
سينگارڻ جو ڪو به ارادو ڪونه ٿو ڀانئجي، پر فقط
ٻوليءَ تي هروڀرو مذهبي رنگ چاڙهڻ جي نيت ٿي ڏسجي.
هينئر سنڌي ٻولي ٽن صورتن ۾ پيئي لکجي: (1) نظم يا
نثر جي اها صورت، جنهن ۾ مسلمان شاعر ۽ مصنف ڳرا
ڳرا عربي ۽ پارسي لفظ ۽ محاورا ڪم اڻڻ پنهنجو فخر
ڄاڻندا آهن. (2) نظم يا نظر جي اها صورت، جنهن ۾
هندو شاعر ۽ مصنف زور ڪري ڳرا ڳرا سنسڪرت لفط
ٽنبيندا آهن. (3) نظم يا نثر جي اها صورت، جنهن ۾
مسلمان خواه هندو شاعر خواه مصنف، صاف ۽ سليس سنڌي
ڪم آڻيندا آهن، جنهن ۾ نڪي عربي ۽ پارسي جا ڳرا
ڳرا لفظ ۽ محاورا هوندا آهن، نڪي سنسڪرت جا.
اڄ ڪلهه جي علم دوست صاحبن کي پوئين قسم واري سنڌي
ٻولي پسند ايندي آهي ۽ سچ پچ آهي به اها سنڌي
سهڻي. انهيءَ جو سبب هي آهي، ته ڪنهن به ٻوليءَ جي
فصاحت ۽ بلاغت ثابت ٿيندي آهي، لفظن جي پارسائي ۽
پختائيءَ مان، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي نظم يا نثر ۾
عربي، پارسي يا سنسڪرت جا اهڙا ڳرا لفظ ٽنببا جن
جي معنى ئي عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هوندي، ته
ائين ڪرڻ ڄڻڪ پنهنجي ٻوليءَ جي فصاحت ۽ بلاغت کي
برباد ڪرڻو آهي. |