سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 10

 

سنڌ جو پهريون موزون ڪلام وارو شارع

مخدوم عبدالرؤف ڀٽي

(1682ع – 1752ع)

”پيان پاڻي سندو زمزم، ڇڏيان احرام ات ڇوڙي

مديني مير وٽ مولا- مون کي پهچاءِ ڪنهن ٿوري.“

(مجموعه مولود)

مخدوم عبدالرئوف جنهن جا ٺاهيل مولد ساري سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهن، سو پراڻن هالن وارن ڀٽي بزرگن مان هو.

مخدوم عبدالرئوف پنهنجو سمورو شعر، مولودن ۽ مداحن ۾ چيو آهي، جي اڄ تائين ساري سنڌ ۾ مشهور آهن ۽ هر هنڌ ڳائڻ ۾ پيئيون اچن. هن بزرگ مولودن ۾ حضرت صلعم جن جي ساراه ۽ سڪ سان گڏ مديني منوره ۾ وفات ڪرڻ جي خواهش ته تمام گهڻي قدر ڏيکاري آهي. خدا تعالى سندس اها مراد به پوري ڪئي. هڪرو ڀيرو هو حج ڪري پنهنجي وطن موٽي آيو ۽ ٻئي ڀيري حج ڪرڻ ويو ته مدينہ منوره ۾ سنه 1161 هجري برابر 1752ع ۾ وفات ڪيائين.

مخدوم عبدالرئوف وفات ڪرڻ وقت ستر کن ورهن جو هو. کيس اولاد ڪونه هو.

(1) مولودن جو مضمون:

”مولود“ لفظ جي معنى آهي، اهو نظم، جنهن ۾ حضرت محمد صلعم جن جي ولادت جي خوشي ۽ ڏيکاريل هجي. مخدوم عبدالرئوف جي مولودن ۾ حضرت جن جي ولادت جي خوشي ۽ شان به ڏيکاريل آهي، پر گهڻي قدر حضرت جن جي ساراهه ۽ ساڻن سچي حب ۽ سندن زيارت لا3 سچي ۽ ڪامل سڪ ظاهر ڪيل آهي. ڪن ڪن مولودن ۾ حضرت جن جي پاڪ زندگيءَ جا ڪي واقعا به بيان ڪيل آهن، جهڙوڪ سندن شادي ۽ سندن معجزا، ڪن مولودن ۾ حضرت جن جي ڏهٽن حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنہ جن جو احوال ۽ ميدان ڪربلا جو ذڪر ٿيل آهي ۽ ڪن مولودن ۾ حضرت پيران پير دستگير جي ساراهه ۽ سندن دربار م التجائون ڪيل آهن. مخدوم صاحب جون ٻه ٽي مداحون هٿ آيون آهن، تن ۾ حضرت نبي ڪريم صلعم جن جا معجزا ۽ روحاني نصيحتون ڏنل آهن. مضمون ڏيکارڻ خاطر ٻه ٽي نمونا هيٺ ڏجن ٿا.

حضرت جن جي ولادت جي خوشي ۽ شان بابت:

ٿل- آيو محمد عربي نوري ٿيو نروار،

شمس قمر شرمايو.

(1) وڳي نوبت ناتيءَ ڄام جي چڙها چارئي يار،

دوارون دين وڌايو.

ساراهه ۽ سڪ بابت:

ٿل – مير معراج هلي دامن پاسي جهلي

مٿي عرش عظيم تي رقيبن ساڻ رکي

عاصي ”عبدالرئوف“ چئي سيد ساڻ هلي،

پيرانديءَ پرين رسول جي جنت جاءِ مل

هيٺئين  مولود ۾ مخدوم صاحب مرحوم، اهو سارو رستو بيان ڪري ٿو، جو انهن ڏينهن حاجين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڪم ايندو هو.

ٿل- منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيهه سڀ  ڏوري

هلي هالا مٽيان، ميسا، انڙپور کي ڇڏيا اوري

مٽيارين جي محابي کان گهيليو، مانجهو ڇڏان گهوري

ڪنگو ۽ ڪوٽڙي، کوکر، سنڊا سيريون ڇڏيان سوري

ننگر بندر ۽ باگاڻا، ڪراچيءَ کان وڃان ڪوري.

 نظم جو نمونو:

مخدوم عبدالرئوف مرحوم جو جيڪو ڪلام آهي، سو سڀ مولود ۽ مداحون آهن. ڪافي ۽ مولود بناوت بنسبت هوبهو ساڳئي قسم جو نظم آهي. ٻنهي ۾ تفاوت هيءُ آهي:

(1) ڪافي ۾ مضمون صوفيانه ۽ عاشقانه ڪم ايندو آهي؛ مگر مولودن ۾ خاص طرح حضرت نبي ڪريم عليه الصلوات والسلام جن جي تعريف ۽ ان جي زيارت جي سڪ جو مضمون ڪتب ايندو آهي.

(2) ڪافين جي ڳائڻ جو ڍنگ نرالو آهي ۽ مولودن ڳائڻ جي طرز نرالي آهي.

(3) ڪافيون جدا جدا راڳن ۽ راڳڻين جي سرن سان موافق ڪري ڳائبيون آهن، مگر مولود عام طرح يڪي سر ۽ يڪي طرز تي ڳائبا آهن. ڪي ڪي مولودي ڪن مولودن کي جدا جدا راڳنين جي سرن سان موافق بڻائي ڳائيندا آهن.

(4) ڪافيون ڪنهن نه ڪنهن ساز تي ڳائبيون آهن، جهڙوڪ: تنبورو، يڪتارو، ستار، سارنگي، سرندو، دلو، ڌڪر، پڪواز وغيره وغيره، پر مولود ڳائڻ ۾ ڪو به ساز ڪم نه ايندو آهي، تنهن ڪري ئي عبادتگاهن ۾ چئبو آهي.

(5) ڪافي اڪيلو ماڻهو به ڳائي سگهي ٿو، مگر مولود هميشه اٺ ڏهه ڄڻا ٻن ٽولين ۾ ويهي، ڳائيندا آهن: هڪڙي ٽولي مولود جو ٿل يا مصرع چئي رهندي، ته ٻي ٽولي وري وراڻي ڏيندي ايندي.

(4) موزون ڪلام

اڳي ائين وسهڻ ۾ ايندو هو، ته موزون (علم عروض جي مقرر ڪيل وزنن تي ٺهيل) سنڌي ڪلام اول اول آخوند گل محمد مرحوم هالائي جو شايع ٿيل آهي، جنهن هجري 1273 برابر سنه 1857ع ۾ وفات ڪئي، پر ائين نه آهي. سنڌ ۾ پهريون پهريون موزون سنڌي ڪلام جو عام توڙي خاص ماڻهن جي زبانن تي آيو، سو مخدوم عبدالرؤف جا مولود شريف ئي آهن. انهن موزون مولودن مان هڪڙو مولود مٿي ڏنو ويو آهي؛ جنهن جو ”ٿل“ آهي.

”منارا مير مرسل جا، ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري.“ اهو مولود شريف ”بحر هزج مثمن سالم“ تي ٺهيل آهي.

ٿل- ڪري سينگار اڄ آيو، عجب اسرار بسم الله

1- سرهي سيج سينگاريو، عطر عنبير ڇٽڪاريو.

چئا چندن هيرا هاريو، عط هٻڪار بسم الله.

هيٺيون مولود شريف ”بحر رجز“ مثمن سالم تي ٺهيل آهي.

ٿل- محمد ڏسي من ٺاريان، جنهن لاءِ اڪندو آهيان.

سيد ڏسي لاهيان، جنهن لاءِ اڪندو آهيان.

هيٺيون مولود شريف ”بحر رمل“ مثمن محذوف تي ٺهيل آهي.

ٿل- دل کسي وئين دوست دلبر، چاه چشمن ناز سان

(مخدوم صاحب جي مولودن وارو ڪلام)

مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي

1690ع

قافيه ۽ بندش جي لحاظ سان بلڪل پورو ۽ دلچسپ آهي. مخدوم محمد ابراهيم هالن پراڻن جي ڀٽي بزرگن مان هو ۽ مخدوم عبدالرئوف جو سڳو ڀاءُ هو. هي شريعت جو صاحب هو. ان وقت مذهبي مسئلا جي عربي ۽ پارسي ۾ ئي هوندا هئا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ جو چاه ۽ ذوق سنڌ جي علمائن ۾ گهڻي قدر هو. مخدوم ابراهيم به پراڻي سنڌي نظم ۾ هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”محمد ابراهيم جي سنڌي“ مخدوم پنهنجي سنڌيءَ ۾ فقط اهي ٽي سئو پنجاه ضروري مسئلا لکيا آهن، جن جو ڄاڻڻ هر هڪ مسلمان لاءِ ضروري امر آهي.

مخدوم محمد ابراهيم صاحب جي سنڌيءَ ۾ به سندس همعصر علمائن جي تصنيفات وارو ڏوهيڙو ڪم آيل آهي. هن ڏوهيڙن جي ترتيب اهڙي رکيل آهي، جهڙو مخدوم محمد هاشم صاحب ٺٽوي جي. ”زادالفقير“ ڪتاب ۾، ڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن وارا ته ڪي ٽن، چئن يا وڌيڪ مصرعن وارا.

 

مولوي محمد حسين

(قصص الانبيا تصنيف جو سنه 1723ع)

قصص الانبيا اصل پارسي ۾ ٺهيل آهي، جنهن تان مولوي محمد حسن مرحوم هجري سنه 1177 ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سندس نالو رکيو آهي”سيربستان“ (باغ جو سير)

مولوي محمد حسين مرحوم جي سوانح عمريءَ جو پورو پتو ڪونهي پر ايتري پڪ آهي، ته هو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليہ جو ڪو همعصر هو. مخدوم محمد هاشم عليہ الرحمته جي وفات کان فقط ٽي سال پوءِ، مولوي محمد حسين مرحوم قصص الانبياءَ جو ترجمو ”سير بستان“ تيار ڪيو هو. انهيءَ ڪتاب ٺاهڻ بابت پاڻ هئن ٿو فرمائي:

”خالق مڪيون خبرون سچي سيد ڏانهن،

پر ڪين سمجهن تن کي جي امي عواما

مگر خبرون ڏين تن کي، جي سڳورا علماءَ،

تڏهن هنئين ۾ حسين جي هي آيو خيالا،

ته لکي ڪريان پڌرا قصا نبين جا،

سنڌي وائيءَ سهکا، سي ڪريان بيانا“

ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾:

تمام ٿيو نسخو سنڌي جڙي هي سهجا،

هٿان هن ضعيف جي فضل ساڻ خدا،

پورو ٿيو شعبان ۾ ڪارهن ماه ٿيا.

ڪتاب ۾ سڀني نبين جا قصا مفصل طرح ڏنل آهن. حضرت آدم کان وٺي حضرت رسول مقبول محمد صلي الله عليہ وسلم تائين قرآن ۽ حديث موجب نبين جون ڳالهيون ۽ انهن مان اخلاقي نتيجا چٽيءَ طرح سمجهايل آهن.

نظم جو نمونو:

قصص الانبياءَ جو نظم تمام سادو آهي، شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين يڪو قافيه ”آ“ هليو اچي، جئن فرائض الاسلام ڪتاب ۾ آهي. مصنف جي ٻوليءَ ۽ عبارت به اهڙي آهي جهڙي ٺٽي جي عالمن ابو الحسن، مخدوم هاشم ۽ مخدوم عبدالله جي.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي

1739ع

سنڱ سرهو رب جو، ٻيا سنڱ سور ٿين

ساراه سڱ صاحب جو، ٻئنون هت ڌوئجن.

(تفسير)

مخدوم عبدالرحيم شهيد گرهوڙي تفسير، حديث ۽ فقہ جو زبردست عالم ۽ نقشبندي طريقي جو متشرع صوفي هو. سندس والد صاحب يا ٻين وڏن جا نالا معلوم نه آهن، مگر ايتري تسلي آهي، ته سندس مائٽ مڱريه قوم جا وڏا زميندار هئا، هي بزرگ سنه 1152هه ۾ ڄائو هو. مخدوم صاحب پنهنجي ڪلام ۾ به ڪٿي پاڻ کي عبد، ڪٿي عبدالرحيم ته ڪٿي مڱريه ته ڪٿي گرهوڙي سڏيو آهي جيئن ته:

”ڄاڻ وڃايو ٽاڻ، ڪيرت راه گم ڪيو؛

ان در مٿي ’مڱريا‘، پاڻ م کڻج ساڻ؛

روڄاڻي راڄاڻ، آهي اٻوجهن جو.“

 مخدوم صاحب کي گرهوڙي هن ڪري ٿا سڏين، جو سندس وطن هو. ڳوٺ گرهوڙ تعلقه سامارو (اڪڙي) پٿوري جي اسٽيشن کان ڇهه ميل پري، جتي هينئر سندس عاليشان قبو قائم آهي. مخدوم پنهنجي ڪلام ۾ گرهوڙ بابت هئن ٿو فرمائي:

”اتران ئي عيد ٿي، ڏکڻ ڏٺو چنڊ؛

جهڙيو ڦڙيو جنڊ، گجي ٿو ’گرهوڙ‘ تي.“

تتر کرڙي اُڀ ۾، منڌ م پاڻيءَ وڃ،

ڀول مرريئي ڀڃ، آيو گر ’گرهوڙ‘ ۾.

مخدوم عبدالرحيم سندس همعصر عالمن کي ليکي ۾ ئي ڪين آڻيند هو ۽ وقت جي پيرن، فقيرن ۽ ساداتن جي پرواه به ڪا نه ڪندو هو. ”لواري“ وارن بزرگن تان به جنسي ٺٺوليون ڪندو هو.

هڪڙي ڀيري ڪو درويش مخدوم عبدالرحيم سان مليو. جڏهن مخدوم صاحب کي معلوم ٿيو، ته اهو درويش پنهنجي مرشد سلطان الالياءَ محمد زمان لواريءَ واري ڏانهن ٿو وڃي، تڏهن ٺٺولي طرح چيائينس ته يار، تون پنهنجي مرشد کي منهنجي پاران سلام ڏج ۽ پڇجانس، ته ”معراج“ خاص طرح حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن لاءِ هٿو، يا ٻين لاءِ به آهي؟“ درويش جڏهن حضرت سلطان الاولياءَ جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن صحبت جي فيض ۽ محويت ۾ مخدوم عبدالرحيم وارو پيغام ئي وسري ويس. جڏهن اهو درويش موڪلائي پنهنجي وطن ڏي ٿي موٽيو، تڏهن حضرت سلطان اولياءَ فرمايس، ته ”ابا توکي هيڏانهن اچڻ وقت اسان ڏانهن ڪو نياپو مليو هو، سو ته اسان کي پهچايو ئي ڪونه. هاڻي انهي نياپي ڏيندڙ ميان عبدالرحيم کي چئج ته بغداد جي خليفي لاءِ هڪ پل اڏائي ويئي هئي، جا اڄ ڏينهن سوڌو قائم آهي. اگرچه اها خاص سندن لاءِ جوڙائي ويئي هئي، تڏهن به جو چاهي، سو اڄ تائين ان مٿان لنگهي سگهي ٿو، ساڳيءَ ريت حضرت نبي ڪريم جن پڻ معراج جي وسيلي هن جهان کان هن جهان تائين گويا هڪڙي پل ٺهرائي. اها ڪا ڊهڻ جي آهي؟ البته ان تان لنگهڻ جو حق ۽ شان حضرت پيغمبر جن کي هو، پر سلطان پٺيان سندس لشڪر به لنگهي سگهي ٿو. انهيءَ ڳالهه ۾ ته پاڻ سلطان جو فخر آهي.“

اهو نياپو جڏهن مخدوم صاحب کي پهتو، تڏهن اکين جا اولا لهي پيس ۽ گرهوڙ کان ڪهي لواريءَ ۾ آيو ۽ حضرت سلطان الاولياءَ محمد زمان جو اچي صادق مريد ٿيو ۽ وڏي روحاني منزل تي وڃي پهتو. پوءِ بار بار چوندو هو، ته ”مون کي فخر هوندو هو، ته مون جهڙو عالم ملڪن ۾ ڳوليو لڀندو؛ پر جڏهن حضرت جن جي روبرو ٿيس، تڏهن سڀ وڄا وسري ويم. سندن اڳيان پاڻ کي اهڙو هيچ سمجهندو هوس، جهڙو جاهل ڪنهن فاضل اڳيان.“

محبوب الصمد خواجه گل محمد کي مسند نشين ڪرڻ کان پوءِ به مخدوم صاحب ڳچ ڏينهن لواريءَ ۾ رهيو پيو هو ۽ پوءِ پنهنجي وطن ويو ۽ اتي وڃي خلوت ۾ گذارڻ لڳو. کاڄ بلڪل ٿورو کائيندو هو، ٽئين ٽئين ڏينهن جلاب وٺي معدو صاف ڪري ڇڏيندو هو. رات ڏينهن کٿو اوڍيو تڏي تي پيو هوندو هو ۽ نهايت ڪمزور ٿي پيو ۽ هڏن جي مٺ وڃي هيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن خلوت مان نڪري تڙپاڻي ڪري نئون وڳو پهري دهلاري کي سڏي ڍنڍورو ڏياريائين ته ”جو ماڻهو اڄ اچي منهنجي بيعت ڪندو، تنهن کي سڀان دوزخ جي باه کان بچائڻ جو ذمو آءٌ پاڻ تي کڻڻ لاءِ تيار آهيان.“ چون ٿا ته مير بجار خان ٽالپر، ڪلهوڙن سان جنگ ڪرڻ وقت، مخدوم عبدالرحيم صاحب کان اچي دعا گهري هئي، جنهن فتحيابيءَ جي دعا ڪيس. پاڻ فرمائيندو هو، ته مون کي مشائخي جي طمع ڪانهي، پر مرشد هاديءَ جي فرمودي موجب خلق کي طريقت جو سبق ڏيڻ پاڻ تي فرض ٿو سمجهان. مخدوم صاحب جي جيئري ئي هزارين سندس مريد ٿي ويا ۽ سندس شهادت کان پوءِ به هزارين مريد، سندس جاءِ نشين جا اچي ٿيا ۽ اڃا به پيا ٿين. مخدوم صاحب کي دين جي دشمنن سان جهاد ڪري شهادت پائڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. پاڻ فرمائي ٿو:

”سپر سور ڪندياءِ، مرڻ باس، ته مير ٿين؛

ويٺو تير وساءِ، ساڻيہ ۾ سڄڻن جا.“

بيت 142

”پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام؛

دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.“

بيت 18

تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سسئي جو،

ماڻيو تن ملير، جن جسو مال مباح ڪيو.“

بيت 14

”سامي ڪنڌ ڪپاءِ، ڪن ڪپاءِ م ڪاپڙي،

هيءَ تنهين جي جاءِ، جنهين ٻيئي ڇڏيون.“

بيت 30

گرهوڙ کان 60 ميلن جي مفاصلي تي ٿرپارڪر ضلع ۾ هڪڙو بتخانو هوندو هو، جنهن ۾ هر قسم جون بڇڙايون پييون ٿينديون هيون، ان بتخاني جو سنڀاليندر هڪڙو زبردست جادوگر جوڳي هوندو هو، جنهن سارو ملڪ ڪنبائي ڇڏيو هو. مخدوم صاحب پنهنجي ويجهڙائيءَ ۾ اهڙو ظلم ۽ بيديني سهي نه سگهيو، تنهنڪري ڳچ جيترا همراه ساڻ ڪري، انهيءَ ساميءَ تي ڪاهي ويو. رواني ٿيئڻ وقت، پنهنجي مرشد حضرت محبوب الصمد خواجه گل محمد صاحب ڏي ( جو ان وقت پنڌرهن ورهين جي عمر جو هو) هي بيت ڪنهن فقير هٿان ڏياري موڪليائين:

”جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو؟

من ڻا ستاڙو، پڻس نالو ڪينڪي.“

حضرت خواجه صاحب سنيهي جو مطلب سمجهي نهايت گهڻو افسوس ڪيو. واٽ ويندي مخدوم صاحب کي ڪنهن شخص چيو، ته ”حضرتا، توهان سان ٿورڙي فوج آهي ۽ جوڳيءَ وٽ چيلن جي ڪمي ڪانهي، پوءِ ڪيئن مقابلو ڪري سگهندؤ“. تنهن تي پاڻ فرمايائون ته ادا:

”جي هوءِ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسان جي،

پر جي هيءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسان جي.

مخدوم صاحب همراهه وٺي وڃي بتخاني تي ڪڙڪيو. جوڳي مارجي ويو ۽ بتخانو ڀڃي زمين دوز ڪري ڇڏيائون. مخدوم صاحب کي به تيرن ۽ تلوارن زخمي ڪري وڌو ۽ اتيئي شهادت پاتائين. سندس مبارڪ لاشو ”گرهوڙ“ ۾ آڻي دفن ڪيائون. اهو حادثو هجري 1192 برابر عيسوي سنه 1778 ۾ ٿيو، جڏهن سنڌ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي چٽا ڀيٽي چالو هئي، ان وقت مخدوم صاحب جي عمر چاليهه ورهيه هئي.

مخدوم صاحب شريعت توڙي طريقت بابت تمام گهڻا ڪتاب تصنيف ڪيا هئا، مگر مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ وقت، لڏ پلاڻ جي تڪليفن ڪري ڪيترائي قيمتي ڪتاب نابود ٿي ويا. هن وقت سندس فقط ٽي ڪتاب دستخط صورت ۾ موجود آهن:

(1) سنڌي ڪلام ۾ ابيات، (2) فتح الفضل، جنهن ۾ پنهنجي مرشدن جا ملفوظات ۽ انهن جي سنڌي بيتن جي شرح، جا عربيءَ زبان ۾ لکيل آهي ۽ (3) ابيات مثنوي (جنهن ۾ فقط مرشد جي ساراه لکيل آهي). هتي فقط سندس ”سنڌي ڪلام ۽ ابيات“ بابت ادبي نظر سان ڪجهه لکجي ٿو:

مخدوم صاحب جو ڪلام:

مخدوم عبدالرحيم شهيد جو سنڌي ڪلام ۽ ابيات هڪڙي وڏي رسالي جي صورت ۾ آهي. ان رسالي جا نقل سنڌ ۾ گهڻن ئي علم دوست اصحابن وٽ موجود آهن، پر ڪن وٽ ٿورو ڀاڱو نقل ٿيل آهي، ته ڪن وٽ گهڻو. اسين فقط انهيءَ ڪلام بابت ادبي نظر سان بيان ڪريون ٿا، جو اسان وٽ موجود آهي.

مضمون:

گرهوڙي صاحب جو ڪلام ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهريون ڀاڱو ”شريعت“ سان تعلق رکندڙ آهي ۽ ٻيو ڀاڱو ”طريقت“ سان پهريون ڀاڱو ڊگهن ۽ سادن قافين وارن ڏوهيڙن ۾ ٺهيل آهي ۽ ٻيو ڀاڱو رواجي بيتن يا باقاعدي ڏوهيڙن جي صورت ۾.

پهرين ڀاڱي ۾ اهي مسئلا بيان ڪيل آهن، جن جو شريعت سان سڌيءَ طرح واسطو آهي، جئن ته ايمان، توحيد، رسالت، تفسير سورت الفاتحہ، تفسير سورت الاخلاص، تفسير سورت الڪوثر، ايمان جون ست صفتون، موت ۽ سڪرات جو بيان، قبر ۽ قيامت جا ذڪر اذڪار گروهڙي صاحب کان اڳ ۽ سندس وقت ۾ ٻين علماءَ شاعرن به پنهنجين منظوم تصنيفن ۾ ڪيا آهن، جهڙوڪ: مولوي ابو الحسن، سندس سنڌيءَ ۾، مخدوم ضياءُ الدين سندس سنڌيءَ ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ”فرائض الاسلام“ ۾، مخدوم عبدالخالق ”زادالفقير“ ۾ ۽ مخدوم عبدالله ڪنزالعبرت ۾ وغيره. مگر انهن سڀني علمائن سڳورن مٿيان مسئلا سنئين سڌيءَ طرح شريعت جي رنگ ۾ بينا ڪيا آهن. گرهوڙي صاحب هر هڪ مسئلي جو شرعي ڀاڱو بيان ڪري پوءِ اچي ان جي اخلاقي ۽ روحاني مرادن بيان ڪرڻ ۾ پلٽيو آهي. هر هڪ شرعي مسئلي کي فنا في الله ۽ فنا في الرسول جي رنگ ۾ رڱيندو ويو آهي.

پهريائين ”ايمان“ جي بيان کي ڪلمئه طيب جي معنى کان شروع ڪري ٿو۽ معنى کي به قرآن شيف جي آيتن ۽ حديثن سان ملائيندو پنهنجو حقيقي عشق ۽ مدني مرسل جي محبت کي نروار ڪندو وڃي پار پيو آهي.

”لاالله الا الله آهي هيڪڙو جو موڙ مڙني جوءِ،

سڃاڻڻ ۾ ان سندي عقل جائز هوءِ،

سڀڪا صورت جوڙ تنهن پڻ پراهون سوءِ،

سڀن ڌاران تنهن سري ان ري سري نه ڪوءِ.....

ان ري صورت نه ٿئي، صورت ري سو هوءِ،

واحد پاڪ ورڇ کان جئن نه هوءِ ذروءِ....

جيڪي تنهن ري پوڄجي سڀ پاپ ٿيوءِ.“

ڪلام جو ٻيو ڀاڱو ”سنڌي ابيات“ آهن. اهي اهڙائي باقاعدي ڏوهيڙا آهن، جهڙا ان وقت جي درويش شاعرن جا آهن، جهڙوڪ قاضي قاضن، شاه ڪريم، شاه ڀٽائي وغيره جا ڏوهيڙا.

مخدوم گرهوڙي صاحب جي ڏوهيڙن ۾ به مضمون اهڙو ئي نج طريقت ۽ عشق حقيقي جو آهي، جهڙو ٻين بزرگن جي ڏوهيڙن جو. مثال طور ٿورا ڏوهيڙا هي ڏجن ٿا:

(1)     ”جڏهن ’ڪين‘ لڌوءِ، تڏهن لڌوءِ سپرين،

جانسين لهي نه ’ڪين‘ کي تانسين هوت نه هوءِ،

’اِن ربي على صراط مستقيم‘ رندن راه اهوءِ،

’نفي‘ ۽ ’اثبات‘ کان پرين پاڪيزوءِ،

لالن سندي لوءِ، تن تناقص ناهه ڪو.“

(2)    سڪ روحاني ساميين جسمي جاهلن،

لڳن مڇي من، پارس ڪينڪي.“

(3)    پلپل پوءِ پڇار، ملڪ ۾ ميثاق جي

ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي.“

(4)    ”عابد زاهد اوريان عارف عين منڱن،

هوءِ روادار رکڻ جا هي هٿان هٿ گهرن،

ساعت سال چون، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.“

نظم جو نمونو:

مخودم گرهوڙي جي ڪلام جو پهريون ڀاڱو ڊگهن ۽ سادن قافين وارو آهي، جهڙو ”فرائض الاسلام“،”ڪنزالعبرت“وغيره ڪتابن ۾ ڪم آيل آهي. مگر ٻيو ڀاڱو سنڌي ابيات، باقاعدي ڏوهيڙن يا بيتن ۾ چيل آهي. انهن ۾ قاضي قاضن جي بيتن، شاهه ڪريم جي ڏوهيڙن ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي بيتن جا سڀ نمونا سمايل آهن.

ٻولي ۽ عبارت:

گرهوڙي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ اها صاف ۽ سلوڻي سنڌي ڪم آندي آهي، جا شاهه ڀٽائي صاحب يا صوفي صديق صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آندي آهي.

مخدوم گرهوڙي صاحب جي ڪلام جا، جيڪي ٻه ٽي دستخط نسخا نظر چڙهيل آهن، تن ۾ سنڌي صورت خطي اها ساڳي آهي، جهڙي مولوي ابوالحسن مرحوم جي ”سنڌيءَ ۾“ آيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org