سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 7 

 

شاه عبداللطيف ڀٽائي

(1689ع – 1752ع)

”ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،

لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچي ٻي پار،

ٿيءُ سي ٻڌ سنڌورو، پرت پريان سين پار،

تائين نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.

شاهه عبداللطيف جنهن کي شاهه ڀٽائي جي نالي سان سڏجي ٿو، سو سيد شاهه حبيب جو فرزند هو. سنڌ جو مشهور ولي، سيد عبدالڪريم بلڙي وارو سندس پڙ ڏاڏو هو. جئن ته شاه عبداللطيف بن سيد شاه حبيب بن سيد عبالقدوس بند سيد جمال شاهه بن سيد عبدالڪريم.

شاهه ڀٽائيءَ جا وڏا مائٽ امير تيمور جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيا هئا ۽ حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقه ۾ اچي رهاڪو ٿيا هئا. شاه ڀٽائي ڳوٺ هالا حويليءَ ۾ (جو ڀٽ کان نَو ڪوهه پري هو). سنه 1102هجري برابر سنه 1689ع ۾ ڄائو هو. سندس ڄمڻ کان پوءِ شاه حبيب لڏي اچي ڪوٽڙي ڳوٺ ۾ ويٺو، جو ڀٽ کان ٻه ڪوهه پري هو. شاهه ڀٽائي ڄائي ڄم کان اندر جي سوجهري وارو ۽ فطرتي شاعر هو، تنهن ڪري جيتوڻيڪ ظاهر تعليم ڪا واجبي ورتي هئائين، ته به هو فارسي ۽ عربي علم ۾ ماهر ۽ ٻين به ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڀڙ هو.

شاه صاحب ننڍي هوندي کان ئي گوشه نشينيءَ کي پسند ڪندڙ فقيري چال چلت وارو انسان هو. ويهن ورهين جي عمر ۾ شادي ڪئي هئائين. پر اولاد ڪونه ٿيس.

شاه صاحب جوڳين ۽ فقيرن سان گهڻا سير ڪيا هئا ۽ جدا جدا هنڌن جا قدرتي نظارا اندر جي اکين سان جاچي ڏٺا هئائين.  جئن جئن عمر ۾ پڪو ٿيندو ويو، تنئن تئن سنديس روحاني طاقت زور وٺندي ۽ سندس ڪلام ۽ راڳ ويا ماڻهن جي دلين کي ڪشش ڪندا، جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن سندس مريدن ۽ فقيرن جو انداز ويو وڌندو.

سنه 1742ع ۾ شاه حبيب وفات ڪئي، تنهن کان پوءِ شاه عبداللطيف ڪوٽڙيءَ مان لڏي ڀٽ تي اچي آستان ڪيو. هجري سنه 1165ع برابر سنه 1752ع ۾ صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ شاه عبداللطيف رحلت ڪئي. سال بسال انهيءَ تاريخ سندس قبي تي ميلو لڳندو آهي.

شاه ڀٽائي صوفي طريقي جو ڪامل درويش ۽ سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ليکجي ٿو. سندس گڏي ٿيل ڪلام کي شاه جو رسالو سڏبو آهي.

شاه صاحب جي ڪلام تي اڳين شاعرن جو اثر

مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته شاه صاحب کان اڳ ۾، سنڌ ۾ گهڻو ئي شعر هو. قاضي قاضن، سيد عبدالڪريم، ابو الحسن، مخدوم محمد هاشم ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي نموني ۾ ۽ مضمون جي مدنظر تي ڪيتروئي شعر لکيو جو سنڌ ۾ موجود آهي.

قديم وقت کان وٺي هندستان جي شعر جي طرز آهي ”دوها“ يا ”دوهرا“، جنهن کي سنڌي ۾ چئبو آهي ”ڏوهيڙو“، ”دوهرا“ جو مثال ٻن سٽن وارو شعر آهي. جيئن ته مثال:” جو آيا جگت ۾، سراهي توءِ- ايسي ڪرتي ڪر چلو، ڇاپي نه هنسي ڪوءِ.“ ڪبير صاحب ( جڏهن دني ا۾ آيو آهين، تڏهن جڳ ۾جس حاصل ڪر، اهڙيءَ طرح حياتي گذاري وڃ، جو پٺيان ٺٺوليون نه ٿينئي).

”نانڪ گورو نه چيتني، من آپڻي سچيت،

ڇتي تل ٻهاڙ جئه سڃي اندر کيت.“

(گرو نانڪ صاحب)

(جيڪي ماڻهو پاڻ کي سچيت سمجهي سچي سائين کي ياد نٿا ڪن، سي ترن جي گلن وانگر سڃيءَ ٻني ۾ ڦٽا ڪيا وڃن ٿا.)

”کيتي اندر ڇٽيا، ڪهه نانڪ سئه ناهه،

ڦليئهه ڦليئهه بڙي ڀي تن وڄ سئاهه.“

(گرونانڪ صاحب)

ٻنيءَ ۾ ڦٽيون ڪيل ترن جون کلون نڪميون هئڻ ڪري، ٻنين جا مالڪ ڪم ۾ ئي نٿا آڻين. اهي کلون رڳو ٻاهران چکيون چکيون پييون نظر اچن، پر سندن اندر رڳي رک آهي.“

قاضي قاضن سيد عبدالڪريم ۽ ميان ابو الحسن جن جو سنڌي ڪلام ”دوهرا“ جي طرز تي آهي ۽ شاه ڀٽائي به پنهنجي ڪلام جي ساخت انهن شاعرن جي طرز تي قائم رکي آهي، ڇاڪاڻ جو شاهه ڀٽائي کي هندي دوهرن سان دلچسپي رهندڙ فقيرن جي صحبت جي ڪا به ڪمي ڪا نه هئي (ڏسو شاه جو رسالو سر بروو هندي) ۽ شاه ڪريم جي ڪلام سان به اهڙي دلچسپي هوندي هيس، جو اهو ڪلام هميشہ پاڻ سان هوندو هوس. تنهن ڪري پاڻ به جيڪو ڪلام چيو اٿن، سو ڏوهيڙن ۾ چيو اٿس.

اصلوڪن هندي دوهرن يا قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جن جي ڏوهيڙن مان هر هڪ ڏوهيڙي ۾ ٻه مصرعون آهن. ٻنهي مصرعن جا قافيا، ڪن دوهرن ۾ ٻيءَ يا چوٿنيءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيندا آهن ۽ ڪن ۾ پهرينءَ ۽ ٽينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾.

مثال 1- (ٻيءَ ۽ چوٿينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ قافيه)

”ڪبير سرير سراءِ هي، ڪيون سوکي سک چين.“

ڪوچ نگارا سانس ڪا، باجت هي دن رين.“

اي روح هي جسم مسافرخانو اٿيئي، تنهن ۾ غافل ٿيو ڇو سمجهيو پيو آهين؟ تون رات ڏينهن، جي پساهه پيو کڻني، سي سمجهه ته لڏڻ جي تياريءَ لاءِ نغارا پيا وڄنئي.

”ڪنز ڪدوري قافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ،

ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪڇي اُڀ”

(قاضي قاضن)

”چارئي پلؤ چڪ ۾، پڇين پاريهر وٺ،

اِن اهڙي احتياط سين، ڦٺ پڄاڻان ڦٺ.“

(شاهه ڪريم رح)

شاهه ڀٽائي صاحب جن جي ٻن مصرعن وارن ڏوهيڙن ۾، ٻيءَ تڪ ۾ قافيه ڪم آندو آهي، تن ۾ ٻيو قافيو وري ٽئين تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ اٿس، نه مٿين مثالن وانگر چوٿينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ جيئن ته:

ائين وسهڻ ۾ ايندو آهي، ته شاهه ڀٽائيءَ ”دوهرا“ ۾ ڦير گهير ڪئي آهي، جو ان ۾ ٻن مصرعن جي بدران ٽي، چار، پنج بلڪ ڏهن تائين مصرعون به ڪم آنديون اٿس. مگر اسان جي تحقيقات مان معلوم ٿو ٿئي، ته شهاه ڀٽائيءَ کان اڳ ڪيترن ئي هندي زبان جي شاعرن ٽن، چئن، پنجن بلڪ ڏهن ٻارهن تائين به ڏوهيڙا ڪم آندا آهن. سنڌي نظم ۾ شاهه ڪريم به ٽن مصرعن وارا بيت چيا آهن. (ڏسو رساله ڪريمي، بيت نمبر؛ 98 ۽ 56) ۽ ميان ابو الحسن به ٽن، چئن، پنجن بلڪ ويهن کان مٿي مصرعن وارا ڏوهيڙا پڻ ڪم آندا آهن. هندي شاعرن مان اسين مثال خاطر فقط ٻن درويش شاعرن جا ڏوهيڙا ڏيون ٿا. هڪڙو ڪبير صاحب (1388ع کان 1462ع تائين) جو شاهه ڀٽائي کان ٽي سو ورهيه اڳ ٿي گزريو آهي ۽ ٻيو گرونانڪ صاحب (1469کان 1521ع تائين) جو شاهه ڀٽائيءَ صاحب کان ٻه سو ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي. سنڌي شاعرن مان ميان ابو الحسن، جو شاهه ڀٽائيءَ جي وقت کان ٿورڙا ورهيه اڳ گذري ويو هو، تنهن جي ڏوهيڙن مان مثال ڏيون ٿا:

1-      ”باره برس ٻالپن بيتي؛

بيس برس ڪڇ تپ نه ڪيئو؛

تيس برس ڪڇ ديو نه پوجا؛

ڦر پڇتانا برڌ ڀيئو؛

ميري ميري ڪرتي جنم گيو؛

سائر سوگ ڀنجب ليئو.“

(ڪبير)

(غافل انسان جا ٻارهن ورهيه ٻاپلڻ ۾ گذري ويا ۽ ويهن ورهين تائين ڪا به رياضت نه ڪيائني. ٽيهه ورهيه گذريا، ته به خدا تعالى جي بندگي نه ڪيائين، پوءِ پڇتائيندي اچي پيرسن ٿيو. ”منهنجو، منهنجو“ ڪندي ساري عمر گذري ويس، تان جو ٻانهن جو ٻل ٻڍاپڻ اچي کسي ورتس.)

2-     سارو دن ڌولت ٻن مهيئا،

اجهه نه پيٽ اگهئيهي،

جن ڀڳتن ڪو ڪهو نه مانو،

ڪيئو اپنجو پئيهي،

دک سک ڪرت مها ڀرم ٻرڌو،

انڪ چون ڀر سئيهي،

رتن جنم وئيو پرڀ بسر بو،

ايهه اوسر ڪت پت پئيهي،

ڀرمت ڦرت تيلڪ ڪي ڪپ جئه،

گت بن رين ٻئيهي،

ڪهت ڪبير رام نام بن،

مسونڍ ڌني پڇتئهي.“

(اي مورک سارو ڏينهن پيو جنگ ۾ گهمين ڦرين، ته تنهنجو پيٽ نه ڀريو سو نه ڀريو، جن موريو فقيرن ۽ درويشن جي نصيحت نه مڃي، سي پنهنجو ڪيتو لوڙين ٿا. تون ڏکن کي سک سمجهي، وڏي ڀرم ۽ وهم ۾ ٻڏو پيو آهي، ۽ انيڪ جوڻين ۾ ڀٽڪندو وتين ٿو. ڌڻي سڳوري کي وساري، پنهنجو بي بها انساني جنم ناس ڪيو اٿيئي، هاڻي وري اهو وقت توکي ڪڏهن هٿ ايندو؟ تون چاڪيءَ جي ڏاند وانگر بنا حاصلات پنهنجي حياتيءَ جي رات ڦيرين ۽ چڪرين ۾، اجائي برباد پيو ڪرين. ڪبير صاحب فرمائي ٿو: ته ڌڻيءَ جي نالي ياد ڪرڻ ڌاران، توکي سر ڌوڻي پڇتائڻو پوندو).

”سنمل رک سرائر، ات ديرگ، مچ ات؛

اوءِ جه آوه آس ڪر، جاهه فراسي ڪت؛

ڦل ڦڪي ڦل يڪبڪي، ڪم نه آوه پت؛

مٺت نيوي نانڪا، گڻ چنگائ ٿيئان تت.“

(گرو نانڪ)

(صنوبر وڻ تمام سنئون سڌو، ڊگهو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو، پر جيڪي مٿس کاڌي جي آس رکيو اچيو ويهن ٿا، سي نااميد ٿيو ڇو ٿا اڏاميو وڃن؟هن ڪري جو ان جو ڦل بي سواد ۽ گل اوگرو ٿئي ٿو، ۽ سندن پن ڪنهن ڪم جا نه آهن. گرو نانڪ صاحب فرمائي ٿو: ته اهڙن وڏن لنبن وڻن کان، نميل يعني ننڍڙو ۽ مٺن ڦلن وارو وڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ جو گڻن ۽ چڱاين جو سار منجهس آهي.

ميان ابو الحسن جي سنڌيءَ وارو ”مقدمة الصلوات“ اهڙن ڏوهيڙن سان ڀرپور آهي. منجهس ٽن مصرعن وارن ڏوهيڙن کان وٺي ويهن ٽيهن مصرعن وارن ڏوهيڙن تائين موجود آهن.

ان مصرعن کان وڌيڪ مصرعن وارن هندي ڏوهيڙن، ۽ ميان ابو الحسن جي سنڌيءَ وارن ڊگهن ڏوهيڙن جي وچ ۾ قافيه بنسبت ڪو به تفاوت ڪونهي. جئن هندي ڏوهيڙن جي سڀني مصرعن جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو رکيو آهي، تئن ميان ابو الحسن جي ڏوهيڙن ۾ به آهي. مگر شاهه ڀٽائيءَ صاحب جا جيڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن کان وڌيڪ مصرعن وارا آهن، تن ۾ پڇاڙيءَ  واري مصرعن جي وچ ۾ قافيه رکندو ويو آهي. جيئن ته:

”ڪارا ڪن،ڪاري نڳي، جتي ڪاريهر ڪڙڪا،

مئي متي مهراڻ ۾، اچن دوپارا ڌڙڪا،

ويندي ساهڙ سامها، جهول ڏنس جهڙڪا،

کرڪن جا کڙڪا، سونها ٿيئڙس سير ۾.“

”ڏاگهنئون ڏيرن، جي آندا بره ڀنڀور ۾،

هڻي چيل چرا ڪيا، وهه پئي وهڙن،

کڙي کڙڪو ان جو، هوند ستي سئو سڀن،

ڏاندن ساٿ سيد چئي، پياديون پهچن،

جن جو پير لڳو نه پٽئين، تن آيم ساڻ اٺن،

گنگن ۽ جنگن، مند آسونهين ميڙئين.“

مٿين هندي ۽ سنڌي مثالن مان يقين ٿوي ته ٻن مصرعن کان وڌيڪ ڏوهيڙي جي ايجاد شاهه ڀٽائي صاحب نه ڪئي آهي، پر اڳيئي هندي شاعرن ۽ سنڌ ۾ ميان ابو الحسن اها ايجاد ڪري ڇڏي هئي. شاهه ڀٽائيءَ صاحب فقط قيترو ڪيو، جو ڊگهن ڏوهيڙن ۾ پڇاڙيءَ واري مصرعجي وچ ۾ قافيو، ڪم آندو اٿس، جو ڳائڻ جي مدنظر تي سٺو ۽ سوادي پيو لڳي.

شاهه ڀٽائي صاحب جا همعصر شاعر، جن مذهبي مسئلا سنڌي ڏوهيڙن ۾ لکيا هن. جهڙوڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالخالق، مخدوم عبدالسلام وغيره. تن مان ڪن پنهنجن ڊگهن ڏوهيرن ۾، هندي ڊگهن ڏوهيڙن ۾ ميان ابو الحسن جي ڏوهيڙن وانگر، سڀ قافيا مصرعن جي پڇاڙين ۾ رکيا آهن، ته ڪن شاهه ڀٽائيءَ جي ڏوهيڙن وانگر، پوئين مصرع جي وچ ۾ قافيو ڪم آندو آهي. باقي شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ، جيڪي ويجهڙي وقت ۾ شارع پيدا ٿيا، جهڙوڪ:  مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سائين سرمست، درويش صديق فقير صوفي، سامي وغيره تن سڀني پنهنجن ڏوهين ۾ قافيه انهيءَ ترتيب سان ڪم آندا آهن. انهيءَ وقت کان پوءِ اڄ تائين پوئين مصرعن جي وچ ۾، قافيه ڪم اچڻ جو رواج هليو اچي ٿو.

شاهه ڀٽائي صاحب جي جيڪا ايجاد آهي، سا آهي وائي، وائي يا ڪافي شاهه ڀٽائيءَ کان اڳ ڪنهن به سنڌي شاعر ڪا نه ٺاهي هئي. البته شاهه صاحب جي همعصر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي بزرگ جيڪي مولدو ٺاهيا آهن، سي ساخت ۽ب ناوت بنسبت وائيءَ جهڙائي آهن، تفاوت رڳو هي آهي، جو وائيءَ ۾ سنئون سڌو مجازي عشق ۽ حقيقي محبت جو مضمون ڀريل آهي، ۽ مولود ۾ خاص طرح پيغمبري پريت، يا عشق رسول الله صلعم ڳايل آهي. شاهه ڀٽائيءَ هجري سنه 1165 ۾ رحلت ڪئي آهي، ۽ مخدوم عبدالرؤف سنه 1166 هجريءَ ۾. ٻئي وڏيءَ عمر وارا ويجها پاڙيسري هئا، پوءِ خبر نه آهي، ته ”وائي“ اڳ ۾ ايجاد ٿي يا ”مولود.“

در حقيقت وائي يا موود جي ساخت جو نمونو خواه سندس عاشقانه مضمون هندستان جي قديم راڳ ”ٺمري“ تان ورتل آهي. ”ٺمري“ ۾ پهريائين ”آستائي“ يعني: ”ٿل“ هوندو آهي ۽ پوءِ وري ”انترو“ هوندو آهي. ”انتره“ جي معنى آهي حشويا ڀراءُ، جنهن کي مصرع به چئبو آهي.

شاهه صاحب جي مضمون تي ٻيج جو اثر

 شاهه ڀٽائيءَ جي زماني ۾ تصوف ۽ فقيريءَ ڏانهن ماڻهن جو خاص چاه ۽ دلچسپي هوندي هئي. صوفين جي سرتاج مولانا جلال الدين رومي جي ”مثنوي“ جنهن ۾ روحاني راز ۽ تصوف جا مسئلا سٿيا پيا آهن، تنهن سان شاه صاحب جي اهڙي دل هوندي هئي، جو ”رساله ڪريمي“ سان گڏ اها به هميشہ پاڻ سان رکندو هو. فقيراڻن هندي دوهرن مان به شاه صاحب خوب واقف هو، تنهن ڪري شاه صاحب جي ڪلام جو مضمون خاص طرح صوفيانه آهي. جيتري قدر شاه ڪريم جي ڪلام جو مضمون مثنوي شريف جي رنگ ۾ رتل آهي، تنهن کان ڪيترائي درجا زياده شاه ڀٽائي جي ڪلام ۾ مضمون ۽ عبارت مثنوي شريف جي اثر ۾ رتل آهن۔

شاهه صاحب جا ڪي ڪي ڏوهيڙا ته اهڙا آهن، جو ڄڻڪ مثنوي شريف جي بيتن جو ترجمو آهن؛ پر درحقيقت اهي ترجمو نه آهن. فقط مثنوي شريف سان دلچسپيءَ جو اثر آهن. مولانا رومي مثنوي شريف شروع ڪرڻ وقت چوي ٿو ته:

بشنو از ني چو حڪايت مي ڪند

وز ز جدائيها شڪايت ميڪند

(نڙ پيو وڄي، تنهن جو آواز ٻڌ، هو فراق جون دناهون پيو ڪري.)

 مولانا رومي، مٿئين بيت ۾ پنهنجي وجود کي ”نڙ“ سان مشاهبت ڏئي ٿو، جو ڦوڪ اچڻ تي درد ڀريو آواز ڪندو آهي. نڙ واري ڪاٺي پنهنجي وڻ (ٿڏي) کان ڪپجي ڌار ٿيندي آهي، تڏهن ڦوڪ سان آواز ڪندي آهي، جيڪڏهن ان کي اصل ٿڏي کان ڪپي ڌار نه ڪجي، ته جيڪر منجهانئس آواز ئي ڪونه نڪري. اهڙيءَ طرح سچن عاشقن جو روح به حق جي ذات پاڪ کان وڇڙي، هن جسم ۾ اچي ڦاٿو آهي، تنهن ڪري ئي درد جون دانهون ٿو ڪري. ساڳيو مضمون شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ٿو آڻي:

”وڍيل ٿي واڪا ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،

هن پڻ پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون ٿي هاري.“

مثنوي شريف ۾ چيل آهي ته:

”هر که را اسرار حق آموختند،

مهر ڪردند و دهانش دوختند.“

(جنهن کي خدائي راز معلوم ڪرائن ٿا، تن جو ڪڇڻ پڇڻ بند رکندا آهن، شاه صاحب ساڳيو مضمون هن طرح ڪم آندو آهي:

”سکي سوريءَ چاڙهيا، بينا ڪن نه بات،

توڻي ڪسن ڪات، ته به ساڳي سلن ڪينڪي.“

[2]

”برقعان اندر بازيون پنهنجون سڀ پڇاءِ،

لڇڻ لئون لطيف چئي، پڌر هڏ ۾ پاءِ،

متان لوڪ لکاءِ- وصالان وچ پئي.“

مولانا رومي فرمائي ٿو :

”هر ڪجا تو با مني من خوشدلم،

ور بود در قعر گوري منزلم.“

(اي حقيصقي محبوب، تون جتي به مون سان هوندي، اتي آءٌ خوش گذاريندس، پوءِ کڻي قبر جي تري ۾ هجان) شاه صاحب وري هن طرح ٿو فرمائ.ي:

”ور سا سڃي ويڙهه؛ جنهن سڄن هيڪلو،

سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڻهئين.“

مولانا رومي فرمائي ٿو:

”صبر گنج است اي برادر صبر ڪن،

تا شفايابي تو زين رنج ڪهن،

صبر را با  حق قرين ڪرد اي فلان،

آخر والعصر را آنگہ بخوان.“

(اي ڀاءُ! صبر خزانو آهي، تون صبر ڪر ته هن پراڻي درد کان تندرستي حاصل ٿيئي، اي فلاڻا! تون سورت والعصر جي پڇاڙي پڙهي ڏس، ته اتي ”صبر“ کي ”سچ جو ساٿي ڪيو ويو آهي.“)

شاه صاحب کي مولانا روميءَ جو اهو سبق اهڙو دل تي ويٺو آهي جو فرمائي ٿو ته:

”پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب جو،

دارون انهيءَ درد جو ڏاڍو ڏسيائون،

آخر والعصر جو ائين آتائون،

تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.“

شاه صاحب پنهنجو مضمون اهڙي طرح مثنوي شريف جي مضمون سان ملائي بيهاريو آهي، جو ڄڻڪ شاه صاحب کي ڏس ئي مولانا روميءَ کان مليو هو. شاه عبدالڪريم جيڪو صوفيانو مضمون پنهنجي رساله ۾ ڪم آندو آهي، سو ته بجنسہ شاه ڀٽائي جي رساله ۾ سمايل آهي. يعني رساله ڪريمي جي ڪن ٿورڙن بيتن ڌاران ٻيا سڀ بيت شاه ڀٽائي جي رساله ۾ موجود آهن. شاه ڀٽائي نه رڳو شاه عبدالڪريم جي بيتن وارو مضمون پنهنجي ڪلام ۾ کولي کولي بيان ڪيو آهي، بلڪ مثنوي شريف جي مضمون وانگر جدا جدا مثالن ۽ جدا جدا آکاڻين مان تصوف جا گفتا ۽ نڪتا ظاهر ڪري ڏيکاريا اٿس. تفاوت رڳو هيءُ آهي ته مثنوي شريف ۾ جيڪي آکاڻيون ۽ نقل ڪم آندا ويا آهن، اهي سارائي سارا بيان ڪندو، ان مان سبق ڏيندو وڃي ٿو. پر شاه صاحب آکاڻين ۽ نقلن کي سربستي بيان ڪرڻ بدران انهن جا خاص خاص نڪتا آڻي، انهن مان روحاني سبق ٿو سمجهائي.،

جهڙيءَ طرح مثنوي شريف ۾ تصوف جي گفتن ۽ روحاني نڪتن سان گڏ اخلاقي نصيحتون به چپي چپي تي ڏنل آهن، تئن شاه صاحب به پنهنجي ڪلام ۾ ڪندو آيو آهي. تنهن کان سواءِ جئن مثني شريف ۾ مولانا رومي بادشاه ڪنيزڪ ۽ سوناري جي مجازي عشق جو قصو کڻي، پوءِ ان مان حقيقي عشق جون حقيقتون بيان ڪيون آهن، تئن شاه ڀٽائي صاحب به پنهنجي ڪلام ۾ ”سهڻي ۽ ميهار“،”سسئي ۽ پنهون“ ”هير ۽ رانجهو“، ”مومل ۽ مينڌرو“، ”ليلان ۽ چنيسر“، ”گنڌري ۽ ڄام تماچي“ جي مجازي عشق جا قصا کڻي انهن مان عجيب عجيب روحاني ۽ اخلاقي سبق سمجهايا آهن.

جئن مثنوي شريف جي هر هڪ دفتر ۾ مولانا رومي پنهنجي مرشد حسام الدين عليہ الرحمته جي تعريف ۽ ٻين ڪن بزرگن جا ڳڻ ڳايا آهن. تئن شاه ڀٽائي صاحب به ڪيو آهي. قدرتي نظارن تي ويچار ۽ انهن مان نصيحتن وٺڻ جو طريقو به شاه صاحب ساڳيو مثنيو شريف وارو اختيار ڪيو آهي. مثنوي شريف ۾ رزميه شعر (جنگي ميدان بابت شعر) ڪونهي ۽ شاه صاحب جي ڪلام ۾ سر ڪيڏارو ڪربلا جي جنگي ميدان بابت ڏنل آهي. جو سڄوئي احسان فقير جو آهي ۽ ڀل کان شاه جي رسالي ۾ کڻي داخل ڪيو ويو آهي.

شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ مضمونن جي ورڇ

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جيڪو مضمون ڪم آيل آهي، سو خاص طرح پنجن ڀاڱن ۾ ورڇي سگهجي ٿو: (1) صوفيانو مضمون (2) اخلاقي مضمون (3) عاشقانو مضمون (4) فطرت نگاري (5) مدحيه مضمون.

صوفيانو مضمون:

درحقيقت شاه صاحب جو سارو ڪلام صوفيانو مضمون آهي. جن مضمونن کي اخلاقي، عاشقانون يا طبعي مدحيه سڏجي ٿو، تن مان به ڪوئي مضمون تصوف جي رنگ کان ٻاهر نه آهي. صوفياني مضمون جو تعلق خاص طرح ”روح“ ۽ ”رب“ سان آهي.

روح ۽ رب جي وچ ۾ قرب ۽ محبت جو ازلي لاڳاپو آهي. ”يڪرنگي“ رب جي پاڪ ذات سان يڪرنگ ۽ سمايل رهڻ ۾ ئي روح لاءِ سچي راحت آهي.

1-      سو هيءُ، سو هو، سو پرين، سو پساه،

سو اجل سو الله سو ويري، سو واهرو،

2-     ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،

آهي نجوئي، ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙي.

نه رڳو انساني روح، بلڪ سڀ مرون، پکي، جيت، جناور، وڻ، ٻوٽا، جبل، نديون، آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا وغيره شين ۽ انهن شين جي ڪاررواين ۾ به رب جي پاڪ ذات جي ”يڪرنگي“ سمايل آهي، تنهن ڪري جيتوڻيڪ ساري مخلوق جي گهڻائي (ڪثرت) پئي نظر اچي، مگر انهيءَ ”ڪثرت“ ۾ سارو ڪم پاڪ ذات پروردگار جي ”يڪرنگي“ ڪري رهي آهي. اها يڪرنگي آهي ”وحدت“.

”وحدت تنا ڪثرت ٿي،ڪثرت وحدت ڪل،

هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين.“

2-     ”مرئان، موران، پکڻان وائي ٻي مَ ڀل،

هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين.“

3-     ”ڪوڙين ڪيايائون تنهنجيون لکن لک هزار

جيءُ سڀڪنهن جيءَ سين درسن ڌارو ڌار،

پريتم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.“

’رب تعالى‘ جي خواهش پٽاندڙ ۽ محبت جي آزمائش خاطر ’روح‘ کي جسماني قيد ۾ اچڻو پيو. جسماني قيد ۾ اچڻ شرط ’ڪثرت‘ ۾ گهيرجي وڃي ٿو. اگرچ روح جي سچي راحت آهي حق جي پاڪ ذات ۾ وڃي سمائجي، پر جو ميلو اٿس، سو ڪثرت سان مشغول رهڻ ۽ ڪثرت مان راحت حاصل ڪرڻ لاءِ روح کي زبردست ڪشش ڪري ٿو. اها زبردست ڪشش آهي ”نفس“ ۽ ”روح“ کي جسماني پيلتاين کان صاف ۽ پاڪ رهي موٽي حق جي پاڪ ذات ۾ وڃي سمائجڻ کان روڪڻ لاءِ ”نفس“ ان کي جن خواهش ۽ خيالن جي نوڙين ۾ ٻڌڻ جي ڪري ٿو، سي نوڙيون ڪپي نفس کي ماري مات ڪري وڃي پنهنجي سچي سائين ۾ ’سمائجن‘ اهو آهي تصوف جو اصل مقصد ۽ سچي مراد.

1-      ”مون کي پاڻ پرين؛ ٻڌي وڌو تار ۾،

اڀا ائن چون؛ ته متان پاند پسائين.“

2-     ”صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تنها پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.”

”روح“ ڪهڙيءَ طرح ”نفس“ تي فتحياب ٿئي، تنهن لاءِ ضروري ڳالهه آهي، ”آپو“ يا ”خودي“ وسارڻ يا ”پاڻ ڇڏڻ“ يعني حق جي سڪ ۾ رهي نفساني خواهشون قبول نه ڪرڻ.

1-      ”آءٌ سين ان پار، ڪڏهن تان ڪونه ٿيو،

هيڪڙائيءَ وٽ هار، هنجون جي هئڻ جون.“

2-     ”جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز،

سڀ وڃائي ساز؛ تنهان پوءِ تڪبير چئو.“

3-     ”لائي خنجر ”لا“ جو هن خچر کي هڻ،

سڌن جو سيد چوي وٿون سڀ وڪڻ،

پير پروڙي کڻ، ته هلڻ ۾ هوري وهين.“

پاڻ وساري ڇڏڻ يعني نفساني خواهشون قربان ڪرڻ سٿرو ڪم نه آهي. انهيءَ لاءِ وسيلا کپن:

(1) عشق (2) رياضت يا مجاهده (3) ڪامل مرشد. عشق اها سچي محبت آهي، جا عاشق کي معشوق ڌاران ٻيو ڪڇ وسارايو ڇڏي:

1-      ڄاڻي سڃاڻي، وهان ڪئن ماٺ ڪري؟

اندر آڳ عشق جي اپر اُڌاڻي،

العشق نار الله الموقده کوري جئن کاڻي،

آهي آباڻي، ٻيو سرتيون سجهي ڪينڪي.“

2-     ”پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وانءِ،

نينهن ڳنهندي نانءِ، ونئن پريان جي پار ڏي.“

جسم جون آسائشون ۽ آرام ڦٽا ڪري ڌڻي تعالى جي محبت ۽ يادگيريءَ ۾ رهڻ آهي ’رياضت‘ يا ’مجهاهده‘. رياضت ڪري روح اهڙو صاف ٿيو پوي، جو انساني وخهاشون ۽ جسماني سڌون طرحين طرحين نمونن سان پاڻ سينگاريو اچيو اڳيانئس بيهن، ته به ان جي نظر ۾ نيست معلوم ٿين ٿيون.

عشق ۽ رياضت جون منزلون جفاڪشيءَ سان طي ڪري سلامتيءَ سان منزل مقصود تي وڃي پهچڻ اڻ ڄاڻ جو ڪم نه آهي، انهيءَ لاءِ ڪامل مرشد جي رهنمائي حاصل ڪرڻ ضروري ڳالهه آهي.

سڀا سياهي آهي آري ڄام ري،

”ڪڏهن پسي ڪا نه ڪا، ريءَ لالن لالائي،

دور دل تان دور ڪري، ڪر ساجن صفائي،

من لا شيخ لہ فشيخہ الشيطان ان ري اونداهي،

بلاشيخ من يمشي في الطريق ڪمن يمشي،

في البحر بلا فينہ اهڙي اوائي،

تنهن ري توائي، ڪوڙين ٿين ڪيتريون.“

عشق جو مدار آهي حسن، حسن جي موجودگيءَ ڌاران عشق بي نور آهي. قدر جا خلقيل رنگا رنگي نظارا، جن جو هڪڙو جزو آهي انساني صورت، انساني سيرت، سي سڀ حقيقي معشوق جي سچي حسن جا تجلا آهن. فطرت ۾ پکڙيل قدرتي حسن کي اندر جي نظر سان جاچڻ حقيقي عشق لاءِ ڏاڪڻ آهي.

”المجاز قنطره الحقيقت“

(ڀطرت ۾ پکڙيل حسن جو عشق حقيقي عشق جو ڏٽيل خزانو آهي.)

”حوصلو حيرت ۾، ڪري ڪين درڪ،

جو حسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪينڪي.“

2-     ”ايڪ قصر در لک، سهسين سندس ڳڙکيون،

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄن سامهون.“

روح جو جسم جي پڃري ۾ ڦاٿو رهڻ آهي، جدائي وڇوڙو، فراق يا دوزخ ۽ روح جو رب جي پاڪ ذات سان يڪرنگ رهڻ يا سما؟جي وڃڻ آهي ميڙائو، يا ميلاپ يا وصال يا بهشت (دائمي سک). شاه صاحب جي ڪلام ۾ جيڪو وڇوڙو يا ميلاپ ڳايو يو آهي سو اهو ئي آهي.

اخلاقي مضمونءِ

روح کي نفس جي چنبي مان ڇٽڻ آسان ٿئي، تنهن لاءِ اخلاق ضروري آهي، جنهن ڳالهه کي ’شريعت‘ سڏجي ٿو، سائي اخلاق جو سرچشمو آهي.

”ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي!“

شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي اخلاقي نصيحتون ڏاڍي اثرائتيءَ عبارت ۾ ڪندو ويو آهي. ٿورڙا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

عبادت ۽ ذڪر:

1-      ”جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر ڪلمي جي پار،

پنجن سان پورو رهه، آيا ٽيهه نه ٽار،

تڏهن ڌاڳا ڌار جڏهن راهه سڃاڻين رب جي.“

آهي آباڻي، ٻيو سرتيون سجهي ڪينڪي.“

2-     ”مان پڇني سپرين، چتان چر ۾ لاهه،

پرين اڳيان پاءِ، پلو مڱڻهار جئن.“

 

3-     ”جاڳڻ مجهان جس – آهي الله جن کي،

لاهي ٿو لطيف چئي، مٿان قلب ڪس،

ورنهہ ڪجان وس، صبح ساڻ سيد چئي.“

سچ اختيار ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڦٽو ڪرڻ:

”مان پڇني سپرين، چت ۾ چيتاريج؛

ڪڍي ڪائي ڪچ کي ڪوڙ ۾ ڪمائيج،

وڻج وهائيج سڀ سوداگر سچ جو.“

اخلاص يعني نيت جي اڇائي:

تن ۾ تراز1 توهه2 جي گهڻو آهه گهوري،

ادب ۽ اخلاص جا سڙهه ٻڌج سوري،

وکر وينتيءَ جو تنهن ۾ پاءِ توري،

ته عادنئون اوري، تنهنجو توائي نه ٿئي.“

2-     ”آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو؛

ڪونه کائي ڪڏهني سندو ماڻهوءَ ماس،

ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو“

صبر ۽ تحمل:

1-      ڏمر پاسو ڏک سين، کانڌ کٿوري هوءِ،

والله مع الصابرين3 آکو ائين چوءِ،

2-     کم، کمندن کٽيو هارايو هوڏن،

چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو،

نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،

ٿئي سانڃائو، جي اڀين انهيءَ پير تي.

نياز ۽ نئڙت:

1-      هيڪر هئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي،

هوت توهين کي هڏ، پرين پاسي نه ٿئي.“

2-     هو ڇنن تون م ڇن، پاءِ اميري ان سين،

هو اوڳڻ ڏيني سسئي، ته تون ڳڻ ڏيئي ڳن.“

3-     قرب1 ڪبرياءِ2، ماءُ3، ملاقي نه ٿئي،

پورو ايءُ پرياءَ صوفي جي صلح ۾.


1  (ٻيڙي) (2) توڪل (3) ڌڻي تعالى صبر وارن سان همراهه آهي.

1  خدائي وصال 2 هٺ ۽ وڏائي 3 ڪڏهن به گڏ نيبہ ٿي نه سگهندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org