سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 13

 

فقير محمد صديق (صادق)

فقير محمد صديق، جنهن کي عام طرح صديق فقير ڪري سڏيندا هئا ۽ سندس مرشد کيس صادق فقير به ڪري سڏيندا هئا، نتهن پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي پنهنجو نالو صديق ڪم آندو آهي ۽ ڪٿي تخلص طرح پاڻ کي صادق ڪري سڏيو اٿس.

صديق فقير ذات جو سومرو هو ۽ سندس وطن ڍورو نارو هو. شاه عنايت الله شهيد جي وفات کان سٺ ورهيه کن پوءِ جڏهن جهوڪ شريف جو مسندنشين قلندر فضل الله شاه هو، تڏهن صديق فقير اچي ان جو مريد ٿيو هو. ميرن جي سموري صاحبي فقير صاحب ڏٺي هئي. انگريزن جي حڪومت جو اوائلي ڏينهن ۾ صديق فقر اسي کن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ ڍوري ناري ۾ وفات ڪئي، جتي سندس قبو آهي ۽ سال بسال وڏو ميلو لڳندو آهي. صديق فقير روشن دل شاعر هو. سندس رسالو موجود آهي، جنهن کي رساله صديق فقير ڪري چون ٿا.

ٽالپرن جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ مير صاحب هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ مظلوم عورت جي دناهن ٻڌي داد نه ڪيو، جنهن تي فقير غصي مان هيٺيون بيت چيو هو، جنهن جي پيشنگوئي جلد ئي پوري ٿي.

ڀورا اچي ڀيل_ساري سنڌ صديق چئي،

ٻاروچاڻي ٻيل_ ٻڌي نه ٻڌئي جهڙي.

صديق فقير کان پوءِ سندس وڏو فرزند فقير بايزيد ڍوري ناري جي درگاه جو مسندنشين ٿيو. ان کان پوءِ سندس اولاد اها مسند سنڀاليندو اچي ٿو.

هن رسالي جي ترتيب هوبهو شاه ڀٽائي جهڙي آهي. جيڪي سر ”شاه جي رسالي“ ۾ آهن، سي سڀ هن ۾ موجود آهن، فقط ٻه سر وڌيڪ ڏنل آهن، هڪڙو ”وهاڳڙو“ ۽ ٻيو ”موکي“. حقيقت ڪري اهي رڳو نالا وڌيڪ ڏنل آهن، نه ته مضمون انهن ۾ ساڳيوئي آهي، جو شاه جي رساله جي سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ پرڀاتي ۾ آهي. ٻين سڀني سرن مان هر هڪ سر ۾ مضمون به اهو ساڳيو ئي آهي،م جو شاه جي رسالي جي ساڳئي نالي واري سر ۾ آهي، نه رڳو ايترو بلڪ هر هڪ سر ۾ وڏو انداز انهن ڏوهيڙن جو آهي، جي شاه ڀٽائيءَ جي رساله ۾ موجود آهن. انهن ڏوهيڙن کي ڪنهن به شاعر جو نالو ڏنل ڪونهي، شاه جي رساله ۾ به اهي ڏوهيڙا بنا نالي ڏنل آهن. ازانسواءِ رساله صادق فقير جي جدا جدا سرن ۾ ڪي اهڙا به ڏوهيڙا آهن، جن ۾ ٻين شاعرن جا نالا ظاهر ظهور پيل آهن. رساله جا بنا نالي ڏوهيڙا، جن مان گهڻو انداز شاه جي رساله ۾ موجود آهي، سي ۽ ٻين شاعرن جي نالن وارا ڏوهيڙا ڪڍي ڇڏبا، ته باقي صديق فقير جي نالن وارن ڏوهيڙن جو انداز تمام ٿورڙو وڃي بچندو.

 شاه جي رساله ۽ صديق فقير جي رساله ۾ هي به تفاوت آهي، جو شاه صاحب جي رساله ۾ هر هڪ سر جا داستان ڪيا ويا آهن ۽ هر هڪ داستان ۾ ڏوهيڙن جي پٺيان وايون ڏنيون وييون آهن. صادق فقير جي رساله ۾ هر هڪ سر داستانن بنا يڪوئي ڏنل آهي ۽ بيتن تي انگ به لڳل ڪينهي ۽ هر هڪ سر جي منڍ ۾ به وايون (صدائون) ۽ پڇاڙيءَ ۾ به وايون آهن ۽ وچ ۾ بيت آهن.

رسالي جي هر هڪ سر جو مضمون اگرچ شاه ڀٽائي جي ساڳئي نالي واري سر جي مضمون سان هوبهو هم صورت آهي، ته به هر هڪ سر ۾ ڪي ڪي خيال فقير صاحب جي رساله ۾ نرالي دلچسپ طرز سان ڏنل آهن. مثلاً سر ڪيڏاري ۾ ”ميدان ڪربلا“ جي تصيور چٽيندي صادق فقير نفس سان جنگ ڪرڻ ۽ صوفي شهيدن جي سرويچيءَ وارو جيڪو مضمون آندو آهي سو شاه صاحب واري رسالي ۾ ڏنل ڪيڏاري جي مضمون کان بلڪل علحده آهي.

فقير صاحب جي ڪلام جي ٻوليءَ ۽ شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام واري ٻوليءَ جي وچ ۾ ذرو به تفاوت ڪونهي. مثال:

سمهي سمهي مڱڻا، اڃا اٿئين هير،

نڀاڳا ننڊون ڪرئين ڊگها ڪريو پير،

وڏيءَ ڪنهين وير، مڱي ويا مڱڻا. (وهاڳڙو)

ٻاجهه به ايڏيائي گهران، جيڏوئي تو نام

تو منجهه تون ٿوڻيون، تون ڇپر تون ڇان،

چوان ڪڄاڙو آهن، توکي معلوم سڀڪا.

 

فتح فقير

فقير فتح محمد، جنهن کي عام خواه خاص فتح فقير ڪري سڏيندا هئا، سو اصل ڪڪڙ تعلقه جي ڪنهن ڳوٺڙي جو ويٺل ڪلهوڙو هو، فقيريءَ خيال ۽ داڻي پاڻيءَ جي ڪشش ڪري، هو پنهنجو وطن ڇڏيو حيدرآباد سنڌ ۾ ڊومڻ واهه جي ڪناري تي شاهي اوتارو بڻائي اچي ويٺو، جو اڄ تائين فتح فقير جو اوتارو مشهور آهي.

حيدرآباد وارا  مير صاحب شيعه فرقه جا هوندا هئا ۽ فتح فقير پڪو سنيهوندو هو ۽ وقت به وقت مير صاحب جن کي ڀري دربار م يارن سڳورن جي سب وشتم تان ڳالهائيندو هو، ته به مير صاحبن تي اهڙو سندس رعب ۽ اثر ويٺل هو، جو سڀڪجهه سهيو ويندا هئا ۽ فقير صاحب جي لنگر جي رسائيءَ ۾ ڪڏهن ناغو نه وڌائون. هڪڙي ڀيري فتح فقير جا لفظ مير محمد نصير خان کي اهڙا ته ڏکيا لڳا، جو رات جو پنهنجا ماڻهو موڪليائين، ته فتح فير کي وڃي ڪهي اچو. آڌيءَ رات جو مير صاحب جا ماڻهو اوتاري ۾ اچن، ته فقير اڳيئي ڪٺو پيو آهي، سسي هڪڙي پاسي پيئي اٿس، ته ٻاهون ٽنگون ٻئي پاسي ته ڀڀري ٽئين پاسي. پئي اٿس، ماڻهن بروقت وڃي مير صاحب کي اطلاع ڏنو، ته فقير جو ڪم پورو ڪري آياسون. صبح جو فقير صاحب ٺڪاءُ  اچي ڪيو درٻار ۾. تنهن تي مير صاحب توڙي سندس سپاهي حيران ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ وري ڪڏهن به فقير تي غصو نه ڪيو.

فقير صاحب شريعت جو پابند درويش هوندو هو ۽ سيد خير شاه پرديسيءَ جو خاص صحبتي هو. ننگر ٺٽي کان ويهارو ميل پري درياءَ جي ڪپ تي ڀاڏ ڳوٺ آهي، اتي جو هڪڙو درويش سيد قنبر علي شاه فتح فقير جو مرشد هو.

سنه 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ ميرن کان کٽي ۽ مير نظر بند ٿي ويا، تڏهن فتح فقير جو لنگر به بند ٿي ويو ۽ فقير صاحب هليو ويو. پنهنجي مرشد وٽ ڀاڏ ۽ انهي سال ۾ اتي وڃي وفات ڪيائين. سندس تربت به اتيئي آهي. وفات وقت هو اسي کن ورهين جو پيرسن هو ۽ ساري ڄمار شادي ڪا نه ڪئي هئائين. فتح فقير هڪ روشندل شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مولود، مدحون ۽ ڪافيون ساري سنڌ ۾ مشهور آهن. مولودن جي ڇاپيل ”مجموعه مدحيات“ ۾ فقير صاحب جون ٻه ٽي وڏيون محدون ڇاپيل آهن ۽ تعليم کاتي جي ڇاپيل ”چونڊ ڪافين“ ۾ سندس ڪافيون موجود آهن، تنهن کان سواءِ فقير صاحب ڪيترائي مولود، مدحون ۽ ڪافيون ڪيتريون ئي مولودين ۽ ڪافيارن کي بر زبان ياد آهن.

مدح بند نمبر 2

مرسل ماه صحابي تارا

 

سونهن صحابي سٿ سونهارا

چارئي جگر وندا جهونجهارا

 

چارئي وير ولايت وارا

چارئي قوت منجهه قرار

 

عرش زمين سندن اوتارا

بغض رکين ڇوهيا هيچارا

 

چارئي سرور ساڻ سنهن

چئن ئي جي رک محبت من

آخري بند:

چار والي چارئي وير

 

چارئي عالم منجهه امير

چارئي آگي ڪيا اڪسير

 

چئن ئي جا آهيون دامنگير

فضل ڪندا سان ”فتح فقير“

 

هينئڙي ڏيندا سي دلڌير

ڪلمو مٺئي محمد مير

 

چارئي سرور سان سنهن

چئن ئي جي رک محبت من

 

سيد ميان خير شاه

حيدرآباد سنڌ ۾ ”خير شاه“ جي نالي سان ٻه سيد مشهور هئا ۽ ٻئي همعصر هئا: هڪڙو سيد خير شاه پنجابي، جنهنجي پوٽن جي نالي حيدرآباد ۾ خير شاه جو پڙ مشهور آهي ۽ ٻيو به سيد خير شاه پرديسي، جو عالم ۽ مشهور شاعر هو. اسين هت سيد خير شاه پرديسيءَ جو ذڪر ۽ ان جي سنڌي ڪلام جو احوال ڏينداسون.

سيد خير شاه پرديسيءَ جي ڳوٺ جي پوري خبر نه آهي، مگر اها خاطري آهي، ته هو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي وقت ۾ حيدرآباد شهر کان ٻاهر ڀرو پراڻي ڦليليءَ جي ڪپ تي سيالن جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. اهو سيالن جو ڳوٺ اڃا قائم آهي. ان ڳوٺ ۾ خير شاه پنهنجي اوتاري جي اڱڻ ۾ نم جو وڻ پنهنجن هٿن سان پوکيو هو، سو اڃا تائين بيٺل آهي، مگر اوتارو ۽ مسجد ڊهي ويا آهن.

هي شاه صاحب باشرع فقير هو، ٽالپرن جي صاحبي شروع ٿيڻ بعد مير فتح علي خان جا ڀائر؛ جي سنڌ جا حڪام هئا، سي سيد خير شاه کي نذرانا ۽ لوازما ڏيندا هئا.

سيد خير شاه جو ٺاهيل ”جنگنامو“ مشهور آهي، جو اڄ تائين مولود پڙهندڙ ماڻهو مدح وانگر پڙهندا آهن. انهيءَ جنگنامي ۾ پهريائين انهن تڪليفن ۽ سختين جو احوال ڏنل آهي، جي جدا جدا نبين صبر سان سٺيون، تنهن کان پوءِ حضرت امام حسن ۽ حشرت امام حسين جي شهادت جي مفصل احوال ۽ ڪربلا جي واقعه جو ذري پرزي بيان ڏنل آهي. اهو جنگنامو ”مخمس“ جي نموني تي ڏوهيڙي جي صورت ۾ ٺهيل آهي، جنهن جا ڪل چوهٺ بند آهن. ان مان ٽي بند نموني خاطر هت ڏجن ٿا:

صالح فرزند ٿيا تولد گهر عليءَ جي شير شجاع،

ڄايا ڄام وڏا تن ڄمندي باري بخت بلند هئاءِ،

حسن حسين رکيا تنهن نالا خاصو جو ختم الانبياء،

نانو جن جو مير محمد، پدر علي، ماءُ خير النساءِ،

جيد جن جو شان ٿيو شاهد قادر جو قرآن ٿيو.

 

قلم قضا جو ڪتاب لکيو ري رب تنهن کي ڪير رسي؟

خداوند جي گهر، جنهن پر جهڙي؛ تنهن پر تهڙو مينهن وسي،

جيڪي ڄاڻي ڄاڻڻ وارو ٻئي نه ڪنهن کي ڪل قصي،

ايڏا ڪم ڪريم سندا، جو دشمن سانڍيو دوست دسي،

آل عبا سان غير گنہ ڏس ڪيڏو قهرستان ٿيو.

 

جن حمايت مير محمد حضرت علي شير خدا،

غم وهم نه آڏو تن کي، ڪوسو تن کي لڳي نه واءُ،

پنجن تنن جي پاکر مون کي ديگر دل دليل نه ڊاءُ،

حسن حسين حمايت منهنجي جنت خاتون خير النساءِ،

خير شاه جو حضرت شافع آخر نبي زمان ٿيو.

”سيد خير شاه، محرم واري مهيني ۾ پنهنجي مڪان تي خاص طرح اهو جنگنامو پاڻ به پڙهندو ۽ سندس ٻه فقير پڙهندا هئا ۽ سندس صحبتي سوز ۽ صبر سان پيا ٻڌندا هئا. انهيءَ حال هوندي به شاهه صاحب سيج ۽ تابوت ٺاهڻ، گهوڙا گهمائڻ، پڙن ۾ زالن جو گڏ ٿيڻ ۽ پٽڻ، دلدل نچائڻ جهڙا ڪم جي محرم جي ڏينهن ۾ عام طرح ٿيندا هئا، تن جي بلڪل برخلاف هوندو هو. انهن ڪمن جي سٺ ۽ مذمت بابتر سيد خير شاه مرحوم هڪڙو ”موزون مخمس“ ٺاهيو هو. اهو مخمس بحر مضارع مثمن محذوف تي ٺهيل آهي، انهيءَ سٺ تي سيد ثابت علي شاه اعتراض ورتو ۽ هجو ٺاهي.

سيد ثابت علي شاه جي مٿئين هجو ۾ به چاليهارو کن بند آهن. جڏهن ثابت علي شاه جي مٿئين مخمس جو سيد خير شاه تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو ۽ هو پنهنجو هجويه ڪلام پاڻ ۽ سندس فقير شهر جي گهٽين ۽ چونڪن ۾ چوندا وتندا هئا، تڏهن سيد ثابت علي شاه جي فرياد ڪرڻ تي مير ڪرم عيل خان سيد خير شاه کي اول حيدرآباد مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيد خير شاه ڀيري ڀيري سان هڪڙي نه ٻي اهڙي ڪرامت پئي ڏيکاري، جو مير صاحبن کڻي ماٺ ڪئي ۽ سيد خير شاه کي ڇوٽ ڇڏي ڏنائون.

سيد خير شاه سنڌي ڏوهيڙن ۾ هڪڙو خوش مزاجيءَ جهڙو خيالي قصو به ٺاهيو آهي، جو ڇاپيل آهي. ان ۾ ٽوپي ۽ پڳ ٻئي هڪٻئي سصان تڪرار ٿيون ڪن. ٽوپي پاڻ کي ٿي پڏائي ۽ پڳ پاڻ کي ٿي پڏائي. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ خير شاه امين ٿي فيصلو ٿو ڪري ته پڳ جو شان مٿي آهي ۽ ٽوپي هروڀرو کڻي پڳ سان فوقيت جو دم هنيو آهي. ٻه ٽي ڏوهيڙا مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:

ٽوپي:

چي ڙي پرد ڪندينءَ جو پڌرو سو ته مڙني ۾ آهي

 

سجهي اسان کي ڪانڪا، سينو جا ساهي،

 

ڳالهه ته تنهنجي ڳوٺ ۾، ڪو راڄ نٿهو راهي،

 

پوءِ لس وڌئون لاهي توکي آنڊن جهڙي اڇلي.

پڳ:

چي ڙي ڪو ٽوپي پائي امام ٿيو مڙني جو مهندار،

 

شرع جا شفيع جي سا تون پڇي ڪر تڪرار،

 

جي ڪڇندينءَ ٻيهار، ته جٺ ڪندي سانءِ جڳ ۾.

فيصلو:

چي ٿيو خير خير شاه چئي، لٿو جهٽو ۽ جهيڙو،

 

ڪميڻي اشراف کان ڪيو برڙي بکيڙو،

 

نبريوسين نڪ وڍيءَ جو سنڌو ۽ سيڙهو،

 

تر ننهين ٻيڙو، ڪلمو جن قلوب ۾.

سيد خير شاه جون سنڌي ڪافيون به مشهور آهن. مولود ۽ مدحون به گهڻيئي چيون اٿس.

 

سامي ۽ سندس شلوڪ

(1743ع – 1850ع)

”عجائب عقل سالڪ ڏنو سڪ سان،

سمجهي روح رازي ٿيو ڇڏي هنامون هل،

چڙهي نور محل ۾ ڪيائون حق حاصل،

وحدت ۾ واصل، پرچي ٿيو پريم سان.“

سلوڪ 30

ڀائي چئن راءِ بچومل لُنڊ، جنهن جو تخلص هو ’سامي‘، سو شڪارپور شهر جو ويٺل هو.  هن پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي گرو سوامي مينگهراج برهمڻ کي شرف ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي گرو سوامي مينگهراج برهمڻ کي شرف ڏيڻ لاءِ پنهنجي اصلوڪي نالي (چئن راءِ) جي بدران ”سامي“ يا ”ٻانڀڻ“ جي تخلص سان پاڻ کي سڏيو آهي. ڀائي چئن راءِ جو پيءُ ڀائي بچمل شاهوڪار ماڻهو. ان پنهنجي پٽ کي سوامي مينگهراج وٽ ڌرمي سکيا وٺڻ لاءِ ڇڏيو. سوامي مينگهراج بهاولپور رياست جي احمد پور ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ شڪارپور ۾ هاٿي در تي همينداس برهمڻ جي مرهيءَ ۾ رهندو هو. سوامي مينگهراج سنسڪرت ۾ تمام ڀڙ هوندو هو ۽ شعر به چوندو هو. هن جي پنهنجي چيلي ڀائي چئن راءِ سان تمام گهڻي دل هوندي هٿئي، تنهنڪري ان کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ”ويدانت“ مان چڱي طرح واقف ڪيائين. ڀائي چئن راءِ کي ڏهين ٻارهين ورهين جي عمر ۾ اچي فقيي رنگ ۽ ويراڳ لڳو. پڻس شادي به ڪرايس پر هو پنهنجيءَ گهر واريءَ کي به ساڻ ڪري هليو ويو. امرتسر، اوڏهين ڳچ  وقت فقيرن ۽ پنڊتن ساان صحبتون ڪري پوءِ پنهنجي زال سميت فقيراڻي ويس ۾ شڪارپور ۾ آيو ۽ چاليهن ورهين جي عمر کان وٺي شلوڪ چوڻ لڳو.

سامي صاحب پنهنجا سلوڪ ڪنهن ڪتاب ۾ ڪونه لکنود هو، پر ڪاغذن جي ٽڪرين تي شلوڪ لکي، هڪڙي مٽ ۾ ويجهندو ويندو هو. سندس پٽ ڀائي گهنشامداس اهي شلوڪ گڏ ڪري گرمکي اکرن ۾ لکايا، جتان پوءِ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلڻاڻيءَ 1873 عم ُري عربي سنڌي صورستخطيءَ ۾ لکايا ۽ تعليم کاتي ٽن جلدن ۾ ڇاپيا آهن.

سامي صاحب 1743ع ڄائو هو، جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت سنڌ ۾ هئي. هو ٽالپرن جي صاحبيءَ وارو سمورو عرصو حيات هو ۽ هڪ سئو ستن ورهين جي عمر 1850ع ۾ چالاڻو ڪيائين؛ جڏهن انگريزن جي حڪومت جا اوائل وارا ڏينهن هئا.

سامي صاحب جو فقط هڪڙو پٽ هو، ڀائي گهنشامداس، جو گهڻو ڪري امرتسر ۾ گذاريندو هو. ڀائي گهنشامداس به ٻاهتر کن ورهين جي عمر ۾ چالاڻو ڪيو، ان جا سڳا پوٽا هينئر ڪراچيءَ ۾ دلاليءَ جو ڌنڌو ڪندا آهن.

سواميءَ ۾ سلوڪن جو انداز گهڻو هو، پر هن وقت فقط ايڪويهه سؤ سلوڪ گڏ ٿيل آهن، جي ٽن جلدن ۾ ڇاپيل آهن.

شلوڪن جو مضمون:

سامي ”ويدانت“ متي جو فقير هو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ اهي نج ويدانت وارا اصول ڪم آندا اٿس. جن جو تصوف ۾ ذڪر نه آهي ۽ نڪي تصوف وارا اصول به بيان ڪيا اٿس، جي سڀني صوفين عام طرح پنهنجن ڪلامن ۾ ڳايا آهن. انهي طرح ڪي نج تصوف جا اصول، جن جو صوفي ۽ درويش خاص طرح ذڪر ڪيو آهي، سي ساميءَ پنهنجي ڪلام ۾ بيان نه ڪيا آهن، جهڙوڪ: روزميثاق يا روز الست، ”ڪن فيڪون“ جو مسئلو، ”نفي“ ۽ ”اثبات“ وغيره.

ويدانت جا نرالا اصول:

پنر جنم يا تناسخ:

سامي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هن عقيدي تي گهڻو زور ڪيو آهي، ته ”آتما“ (روح) پنهنجين بدعمالين (ڪرتوتن) جي ڪري ”ڪوت جنم“ (ڪروڙين جنم) ڀوڳي، پوءِ خوشي قسمتيءَ سان انساني بدن ۾ آيو آهي. انسنا کي ”مانک ديهي“ (انساني جامه) جو قدر سڃاڻي پنهنجي ڌڻيءَ سان عشق رکڻ گهرجي.

درويشن جي صحبت ڪري ۽ بندگيءَ ۾ محو رهي، جيڪڏهن انسان پنهنجي ڌڻيءَ جو عشق حاصل ڪيو، ته هو ”ٺرپاڻ پد“ (دائمي نجات جو درجو) حاصل ڪندو ۽ پنهجي مالڪ سان ائين هڪ ٿي ويندو، جيئن بوند، سمنڊ ۾ يا کنڊ، پاڻيءَ ۾. پوءِ هو مرڻ جيئڻ جي ڏک کان ڇٽي پوندو، پر جيڪڏهن هن دنيا جي لوڀ ۽ خواهشن ۾ ڦاسي پاڻ کي مالڪ کان غافل رکيو، ته پوءِ هو هن انساني جامه ڇڏڻ کان پوءِ، وري به وڃي طرحين طرحين جانورن جي جسم ۾ جوڻ (جنم) وٺندو ۽ مالڪ جي ميلاپ کان وانجهجي ڀٽڪندو ۽ رلندو وتندو. مثال:

1-      مالک جنم امول، ڪنهن پاتو پورن پن تي،

سوڀو ساگر جي ڀيڙ ۾ ويڙهي ڪرم رول،

’سامي‘ سنجن سان ملي لهه آنم ڌن اڏول،

هر هر اهڙو ٽول، هٿ ۾ ايندءِ ڪينڪي.

2-     ورلي ڪنهن قدر، ڄاتو مالک ديهه جو،

اچي مليو اوچتو، جنهن کي غيبي گر،

تنهن مٽايس من جي، سامي سڀ هر کر،

هر ڏسي حاضر، چيٽي ۽ ڪنچر ۾.

3-     ڪنهن گرمک لڌو گيات سان الڀئي گهاٽ گهڙي،

اچي ڪين ڦري؛سو جنم، مرڻ جي ڏک ۾.

4-     ڪنهن ورلي کي آهي، قدر مالک ديهه جو،

ڏٺو جنهن گر نيات سان منهن مڙهي پائي.

پنج ڀوت:

سڀني درويشن شاعرن ’نفس اماره‘ (گناهن ڏي ڇڪيندڙ من) جو پنهنجي ڪلام ۾ چڱيءَ طرح ذڪر ڪيو آهي. مگر سامي صاحب انهيءَ ”نفس اماره“ کي ”من مواس“ (مستانو من) سڏي ان جي پنجن خاصيتن کي ’پنج ڀوت‘ سڏي ٿو ۽ انهن پنجن ڀوتن کي مات ڪرڻ ۾ ئي ’دائمي نجات‘ يا ٺرپاڻ پد حاصل ڪرڻ جي اميد ڏيکار يٿو. انهن پنجن ڀوتن کي ناس ڪرڻ جو بار بار تاڪيد ڪري ٿو. مثال:

جاڳي جنهن جوڌي،م جيتيو من مراس کي،

1-      ڪڍيو تنهن ڪلپت جو لشڪر سڀ لوڌي؛

سامي لاڻائين لک ۾ پنج ئي پر ٻوڌي،

ويٺو گهر سوڌي، ساکي ٿي سنسار جو.

2-     اٺئي پهر پلن، گرمک پنهنجي پاڻ کي،

سامي سم ويساه سان پنج تي دولت دلن،

اندر ول ولن، ٻاهر ٻاڦن ڪينڪي.

3-     جنهن کي ڳالهه وڻي، سنتن سان پرسن جي،

سو بنان درستن دوست جي ڳڻتي ڪا نه ڳڻي،

من سوڏا ميدان مان ماري پنج کڻي،

جيڪا اچي بڻي، سا ’سامي‘ رکي سر تي.

مٿين مثالن ۾ سامي صاحب من ۽ ان جي پنجن ڀوتن کي گڏي بيان ڪيو آهي. نفس يا من جو خلاصو ذڪر به سامي صاحب جدا جدا دلچسپ نمونن ۾ ڪيو آهي ۽ انهن پنجن ڀوتن کي علحدو به بيان ڪيو اٿس، جيئن شاه صاحب ۽ ٻين درويش شاعرن ڪيو آهي.

ويدانيت ۽ تصوف جا نڪتا:

1- ڌڻي هڪڙو ۽ لاشريڪ آهي:

1-      دوست جو ديدار، ڪامل آهي ڪهڙو؛

چيو وڃي ته منهن سان از غيبي اسرار؛

نڪو روپ نه رنگ ڪو، نڪو انگ آڪار،

2-     جڏهن ملندءِ يار،تڏهن پوندءِ سڌ سر روپ جي،

پرينءَ جو پرلاءُ، اچي پيو اکين تي.

جنهنجو روپ نه رنگ ڪو نه ڪو پيءُ نه ماءُ.

لکو دلبر دلاءُ سڌ ”سامي“ چئي.

2- ڌڻيءَ جي سڀ جوڙ جي عيب آهي:

آهي سڀ پوري رچنا منهنجي رام جي،

سمجهي ڪو ”سامي“ چئي هرجن حضوري،

جنهن درسن ڏٺو دوست جو نيڻن سان نوري،

ڪري صبوري ڦرني کان فارغ ٿي.

3- ڌڻيءَ در سوال:

خداوند ڪين ڳڻين، اوڳڻ هن اڻاس جا؛

تو ۾ ڪس نه ڪسر جيتري مون ۾ عيب مڻين؛

کهيءَ کي کڻين، برد سڃاڻي پنهنجو.

4- ڌڻي جي بندگي ڪرڻ ضروري ڳالهه آهي:

1-      ڇه، اٺاڙه، چار، ڳالهه چون ٿا هيڪڙيءَ،

ڀڳت ڪري ڀڳوان جي نانا ڀرم نوار،

ساجهر پاڻ سنڀار، متان پوين پوءِ ڏکن ۾.

5- دل جي حضور ڌاران عبادت بيڪار آهي:

1-      مکه سان رامي چئي، سانت نه اچي جيءَ کي؛

ننگر پهچي ڪونه ڪو بنان پنڌ ڪئي؛

گر گم رهت رهي، ته سکي ٿئي ”سامي“ چئي

 

6- ”همہ اوست“ ۽، هہ از اوست“:

1-      سامي سڀ ديدار، اٿئي عجيبن جو؛

ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻهار؛

نه آڪار آڪار، ڌاري آيو جڳ ۾.

2-     انر ٻاهر هڪ، سامي ڏسي سپرين.

3-     چيٽي ۽ ڪنچر ۾ ڏسي رمتا رام.

7- مرڻا ڳي مرڻ:

ڪريان ڪهڙو حال، دردوندن جي دل جو،

ڪٺا ڪڇن ڪينڪي لئون لائي ٿيا لعل،

تن کي ڪوهه ڪريندو ڪال، جي مرڻ کان اڳي مئا.

8- حقيقي عشق ڌاران ظاهري علميت بيڪار آهي:

1-      نيهي بنان نادان، ويد پڙهي وادي ٿيا،؛

ٻانڀڻ ڪن ٻيائيءَ سان چپ، تپ، دان، اشنان؛

نيهي نارائڻ ري جي سڌ رکن ڪان؛

ويٺل منجهه منهان، تن پکه پيار نت جان.

9- دوست جو ديرو تنهنجي اندر ۾ آهي:

1-      الکه پرک آڻي ديرو ڪيو ديهه ۾؛

سامي پنهنجي گهر جي ڪنهن کي سڌ ڪانهي؛

ورلي ڪنهن صحي ڪيو درد وند داني؛

پرچي پرواني، ساڃتو جوت کي.

10- سچن عاشقن جو احوال:

1-      پرين بي پرواه قيمون ڪن ڪٺن کي؛

سامي سر صدقي ڪري، عاشق ڪڍن نه آهه،

پل پل پين پريم رس، اندر ۾ اسگاه؛

سلڻ ناهه صلاح، متان ڇلي ڇول ڇلا ڪري.

2-     عاشق سي چئجن، سي سوري سهن سر تي؛

پنهنجي هٿين پنهنجي لاهي کل ڏين؛

جيئڻ ۽ مرڻ جو سنسو شوڪ نه ڪن؛

سدا غرق رهن، سامي ساز سروپ ۾.

مٿين مضمون کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي صوفيانه خيال ۽ روحاني رمزون سامي صاحب جي ڪلام ۾ سمايل آهن، جهڙوڪ سڀ مذهب ۽ متا ساڳئي مقصد ڏانهن واٽ ڏيکارين ٿا؛ روح غير فاني شيءَ آهي؛* دل دوست کي ڏجي ۽ بدن سان دنيا سازي فرض ادا ڪجن؛ عشق جو راز دل ۾ سانڍڻ گهرجي؛ دنيا فاني ۽ ڪوڙو ڏيک آهي، مرشد جي فرمانبرادري ۽ درويش جي صحبت جو تاڪيد. سامي صاحب جي ڪلام ۾ ناصحانو ۽ اخلاقي مضمون به گهڻي انداز ۾ ڪتب آيل آهي؛ جهڙوڪ: نهٺائي ۽ سادگي؛ ڪايا، مايا ۽ ڪل تي فخر نه ڪرڻ؛ صبر، تحمل، قناعت، ٺڳي ۽ مڪر کان پاسو ڪرڻ وغيره.

ڪٿي ڪٿ سامي صاحب به اهڙيون ئي روحاني ڳجهارتون ڏنيون آهن، جهڙيون شاه ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ آهن. مثال:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org