سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:6 

حيدر خان جوڻيجو

(لکپڙهه)

هتي جنهن شخصت جي باري ۾ سندس دوست ۽ واسطيدارن جي خطن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. سو منهنجو ڏاڏو هو. سندس لکيل ڪتاب ”دانشمندي“ آءٌ 1958ع ۾ ترتيب ڏيئي شايع ڪري چڪو آهيان. ان کان سواءِ به سندس سوانح عُمري نئين زندگيءَ ۾ شايع ڪرايم. خطن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ مختصر سوانح ورجائڻ مناسب ٿيندو. جيئن ته هاڻي سروس بوڪ به هٿ آيو آهي، اُن ڪري سندس ڪوائف هاڻي مستند آهن.

حيدر خان هڪ غريب گهر جو فرد هو. سندس والد جمع خان جهوڪ ۽ بلڙيءَ جي ويجهو ڳوٺ کوري يا ويجهي ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو هو. اتان کيس سندس مرشد موجوده ڳوٺ ڏي وٺي آيا. جيڪو ڳوٺ سندس اولاد جو اڄ به مسڪن آهي ۽ ڳوٺ پير فتح شاهه جي نالي سڏجي ٿو. هي ڳوٺ بدين کان 8 ميل ڏکڻ ۾ آهي.

ڏاڏو حيدر خان 17 اپريل 1868ع تي ڄائو. سندس ڏاڏي جو به ساڳيو ئي نالو هو. سندس والد کيس شوق سان پڙهايو. ابتدائي تعليم مڪمل ڪري سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. هو هڪ هوشيار ۽ ذهين نوجوان هو. پهريائين هو ماستر ٿيو. سروس بوڪ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پهرئين ڊسمبر 1886ع هيڊ ڪانسٽيبل ٿيو. ڊي ايس پي حيدرآباد جي صحيح سان هي سلسلو هليو. پگهار ڏهه رپيا لکيل آهي. 1890ع ۾ پگهار چوڏهن رپيا ۽ 1900ع تي سترهن روپيا لکيل آهي. 1904ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ سيڪنڊ منشي رهيو. هن رڪارڊ موجب 29 جون 1918ع ۾ هيڊ منشي سڪرنڊ جي حيثيت ۾ استعيفا ڏنائين. سروس بوڪ ۾ سندس رنگ ڪارو ۽ قد پنج فوٽ ساڍا اٺ انچ لکيل آهي. صحيح سان گڏ آڱوٺي جو نشان به سروس بوڪ تي موجود آهي. منهنجي والد محترم (ڊاڪٽر سلطان احمد مرحوم) جي چوڻ موجب هن عرصي دوران سندس قابليت ۽انتظامي صلآهيتن ڪري کيس روينيو ۽ پوليس ۾ ضرورت موجب سرڪاري بدلي ڪندي رهي. جڏهن ٽنڊي باگي ۾ هيڊ منشي هو ته ٺٽي ضلعي ۾ بدامنيءَ سبب کيس کور واهه ۾ صوبيدار ڪري موڪليائون. اُتي امن قائم ڪيائين. چور چڪار لنب لوفر سندس نالي کان ڪنبندا هئا. پاڻ سخت منتظم هو.

25 جنوري 1908ع تي استعيفا ڏنائين ۽ ان کان پوءِ مقامي سياست ۾ به حصو ورتائين. بدين تعلقي لوڪل بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 27 سيپٽمبر 1934ع (بمطابق 17 ربيع الثاني 1353 هه) تي وفات ڪيائين. بدين شهر لڳ شاهه قادريءَ جي قبرستان ۾ سندس آخري آرامگاهه آهي. ڏاڏو مرحوم هڪ ڏيا وارو شخص ۽ لاڙ جو زميندار ٿي اُڀريو. انصاف پسندي ۽ سهڻين عادتن ڪري هنڌين ماڳين مشهور ٿيو. قانون جو ڄاڻو ۽ بي ريا به هڪڙو ئي هو.

چوپائي مال ۾ اُٺين، مينهن ۽ ٻڪرين ڌارڻ جو شوق هوس. اُٺيون ڌارڻ ته سندس ڏاڏاڻي ڏات هئي. ڀليون گهوڙيون رکندو هو. پاڻ ٻه شاديون ڪيائين. پهرئين گهر مان هڪ نياڻي ڄائي جيڪا اسان جي سانڀر کان اڳ گذاري ويئي. ٻئي گهر مان اسان جو والد محترم (ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو 1900 – 1978ع) ۽ هڪ نياڻي (اسان جي پڦي) ڄائي، جيڪا حيات آهي.

ڪتاب ”دانشمندي“ 1918ع ۾ لکيائين. هڪڙو فارسي قصو به سندس ڪاغذن ۾ لکيل مليو. ان جي هاڻي خبر پيئي آهي ته ان جي هڪ قلمي نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ جي ”ذخيره مخطوطات شيراني“ ۾ موجود آهي. سنڌيونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جي جنرل ”تحقيق“ ۾ ڊاڪٽر نجم الاسلام ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”ملڪه روم جو هي فارسي قصو بين السطور اردو نثري ترجمي سميت موجود آهي. ڪاتب فصيح الدين شڪارپوري آهي. خط نسخ مان لڳي ٿو ته سنڌ واري شڪارپور ۾ لکيو ويو آهي.“ (مجله تحقيق 1989ع، ص 122).

مرحوم جي تاريخ وفات محترم سرشار عقيلي صاحب منهنجي گذارش تي لکي ڏني هئي. اها هيءَ آهي:

حيدر خان جمع خان جوڻيجو

رخصت ياب دنيا مان ٿيو جنهن دم

هاتف چيو وڃائي هل جو سر سرشار

طائر شد مکين جنت اکرم.

برادرم عبدالمجيد جي وفات 23 آگسٽ 1993ع کان پوءِ سندس ڪتابن ۽ ڪاغذن مان هڪ فائيل مليو، جنهن تي ڏاڏي مرحوم جي هٿ اکرين لکيل هو:

لکپڙهه حيدر خان جوڻيجو

هن لکپڙهه ۾ ڪل 33 خط، رسيدون وغيره آهن. مون انهن کي سال وار ترتيب ڏنو آهي. ڪٿي سال لکيل نه به آهي ته انهن کي مناسب هنڌن تي رکيو اٿم. خط نقل ڪري نمبر ڏيئي آخر ۾ رکيا اٿم. وچور ۽ وضاحتون به شامل آهن. ڏنگين ۾ رکيل لفظ منهنجا آهن.

خط نمبر 1: هي خط محترم سيد علي بخش شاهه وهڻائيءَ واري جو آهي. هي ڳوٺ، بدين، ٽنڊي باگي واري رستي تي آهي. ان شاهه صاحب جو پٽ مقبول شاهه هو. هن وقت ان جا پٽ موجود آهن.

خط نمبر 2: هي سندس استعيفا جي منظوري آهي.

خط نمبر 3: هن ۾ ڪرسيءَ جو حق ڏنل آهي. گڏوگڏ ٻه آفرين ناما آهن.

خط نمبر 4: هي خط پير ڀلن شاهه جيلانيءَ جو آهي، جيڪو درگاهه قادريءَ جو گادي نشين هو. غلطيءَ کان نالو ”حيدربخش“ لکيو اٿس.

خط نمبر 5: ايس ڊي او گهاڙيءَ (ميرواهه) جي گهاري بابت لکيو آهي ۽ مدد گهري اٿس.

خط نمبر 6: هي خط ارباب فضل علي منڌري (فضلي) جو لکيل آهي. خط ۾ ’احمد‘ لکيل آهي. لڳي ٿو ته ’احمد سلطان‘ لکڻ گهريو اٿس. منهنجي والد صاحب کي سلطان احمد سان گڏ، احمد سلطان به سڏيو ويندو آهي. سيراڻيءَ جو ننڍڙو شهر اسان جي ڳوٺ کان چار ميل ڏکڻ ۾ آهي. ارباب فضلي (فضل علي) منڌرن جو چڱو مڙس هو ۽ نهايت اثر وارو هو. سندس فرزندن ۾ ارباب عبدالرسول ۽ غلام رسول نهايت اثر وارا هئا. مون به ڏٺا هئا.

خط نمبر 7: رسيد آهي.

خط نمبر 8: هي خط لکندڙ آءٌ ڪونه ٿو سڃاڻان.

خط نمبر 9: هن خط تي ٻن چڱن مڙسن جون صحيون آهن. وڏيرو متارو منڌرو مانڌر (لاڙ ڏکڻ بدين) جي اهم شخصيت هو. وڏيرو ڪسيرو خاصخيلي اسان فقط ٻڌو. بدين – سيراڻيءَ واري رستي تي بدين کان چوٿين ميل تي سندس ڳوٺ آهي. چون ٿا ته رستي تي موچڙو ٽنگائي ڇڏيو هئائين ته جيڪو سندس اوطاق تي اچي ماني نه کائيندو، هي موچڙو ان لاءِ آهي. اڪثر ڳوٺن جا نالا نئين ٽهيءَ وارن بدلائي پنهنجا رکيا پر وڏيري ڪسيري جو نالو اڄ به ڳوٺ تي آهي. لفظ جي معنيٰ ٿي ڪڍجي ته عبرت ٿي ٿئي.

خط نمبر 10: پاڻ لکيو اٿس. ايس پي حيدرآباد کان ڪنهن پوليس ڊائريءَ مان نقل گهريو اٿس

خط نمبر 11: هي خط محترم محمد ابراهيم ميمڻ جو آهي، جيڪو ٽنڊي باگي جو هڪ بيٺل ماڻهو هو. آءٌ 1951ع ۾ پوءِ 1952ع ۾ پڙهڻ لاءِ ويس ته سيٺ صاحب جي گهر وڃي رهيس. سيٺ جون ٻه زالون هيون. ٽئي مون کي گهڻو قرب ڏيندا هئا. هي خط ڏسي مون پراڻين ڳالهيون ياد پيون. سيٺ صاحب جي ننڍي گهر واري مون کي ٻڌائيندي هئي ته تنهنجي پيءُ جي شاديءَ جا زيور اسان هتي ٺهرايا هئا. هن خط ۾ به اها ئي ڳالهه آهي.

خط نمبر 12: ڪنهن کي پاڻ لکيو اٿس. خط جي پٺيان جواب به لکيل آهي. صحيح سمجهه ۾ نه آئي ته ڪنهن جي آهي؟

خط نمبر 13: گولاڙچيءَ جي پير فخرالدين شاهه، ڪنهن ماڻهوءَ کي صلاح ڏيڻ بابت لکيو آهي.

خط نمبر 14: شهنشاهه جارج پنجين طرفان ٽنڊي باگي واري مير غلام محمد ٽالپر کي مليل خطاب جو سنڌي ترجمو آهي. ائين ٿو لڳي ته رئيس صاحب خود اِهو ترجمو ڪيو آهي.

خط نمبر 15: سر غلام حسين هدايت الله، بمبئي ڪائونسل جي اميدوار جي حيثيت سان لکيو آهي. مدد طلب ڪئي اٿس.

خط نمبر 16: فارسيءَ ۾ ڪليڪٽر بولس طرفان ٿورا مڃيل آهن. هيٺ اهڙو نوٽ به آهي.

خط نمبر 17: ڪنهن شخص محمد عالم لکيو آهي

خط نمبر 18: بدين تعلقي جي معروف زميندار جناب لکاني ساريجي جو لکيل آهي.

خط نمبر 19: معروف زميندار سيد محمد ڪامل شاهه سعيدپور واري جو لکيل آهي. شاهه صاحب جي خط ۾ فارسي آميز ۽ مرصع زبان ڪم آندل آهي.

خط نمبر 20: پنهنجن مرشدن پير صاحب پير صديق محمد شاهه صاحب سجاده نشين درگاهه بڪيرا شريف جو لکيل آهي. اليڪشن جي باري ۾ آهي.

خط نمبر 21: هي خط جناب محمد صديق (مسافر) جو لکيل آهي. مير غلام محمد پاران لکيل آهي. منهنجو اندازو آهي ته مسافر صاحب جو لکيل آهي ۽ منهنجي سوٽ محمد علي يا ڪنهن ٻئي شاگرد جي باري ۾ هوندو. ڇو جو محمد علي سيٺ محمد ابراهيم وٺ رهيو هو، جنهن جو ذڪر خط نمبر 11 ۾ آهي.

خط نمبر 22: هي خط مير غلام محمد ٽالپر جو لکيل آهي ۽ خط نمبر 21 جي تسلسل ۾ آهي.

خط نمبر 23: هي خط قائم الدين قلندر جو لکيل آهي.

خط نمبر 24: هي خط عبدالله هارن جو لکيل آهي، ڪنهن بل جي باري ۾ آهي.

خط نمبر 25: سيد ميران محمد شاهه جو لکيل آهي. اليڪشن ۾ بيٺو هو ۽ مدد لاءِ لکيو اٿس.

خط نمبر 26: هي خط سيد غلام حيدر شاهه بلڙيءَ واري جو آهي.

خط نمبر 27: هي خط ڪڇ واري پير موليڏني جو آهي. بدين جي پير عالي شاهه صاحب جو عزيز (شايد) مامو هو.

خط نمبر 28: بلڙيءَ وارو سيد صاحبڏني شاهه جو خط آهي.

خط نمبر 29: هي خط پير ڀلن شاهه جو آهي.

خط نمبر 30: مير محمد ڪربلائيءَ جو خط آهي.

خط نمبر 31: بدين جي معزز زميندار حاجي محمد بُوهڙ جو آهي.

خط نمبر 32: هي خط به بدين جي زميندار سيد حاجي عبدالله شاهه جو آهي.

 

(1)

دوست مهربان عاليشان اُميد گاهه دوستان ميان حيدر خان سلامت

سلامت بعد سلام هجي ته هي آڻيندڙ ڪاغذ جا اوهان صاحب جي خدمت ۾ احوال عرض رکندا. اُميد ته اُنهن غريبن جي حق رس ڪرڻ فرمائيندا ته گهڻي مهرباني ڄاڻنداسين. تڪليف معاف ڪندا. آءٌ هوند ايتريقدر تڪليف ڪين ڏيان ها پر هنن گهڻي قدر ستايو آهي، تنهن ڪري لاچاري صورت ۾ تڪليف ڏني اٿم. معافي طلب آهيون. ٻيو ڪار خدمت ڪوبه هن طرف هجي ته لکندا. گهڻي خوشيءَ سان ڪنداسين. زياده خير والسلام.

علي بخش شاهه وهڻائي

 

(2)

نالي منشي حيدر خان ولد جمع خان اڳوڻو سيڪنڊ منشي تعلقه سڪرنڊ

توهان جي درخواست لکيل تاريخ 25 جنوري 1908ع نوڪريءَ تان استعيفا ڏيڻ بابت پهتي ان جي جواب ۾ حڪم

ته ڏنل استعيفا منظور ڪجي ٿي.

(انگريزيءَ ۾ صحي)

ڪليڪٽر صاحب ضلعو حيدرآباد

(هن تي ڪنهن ٻئي آفيسر جي به صحيح آهي ۽ بدين ۾ ڪنهن جي معرفت موڪليل آهي، اهي ٻئي نالا ۽ عهدا چٽا نه آهن. استعيفا جي پٺ تي (شايد) مختيارڪار بدين لکيو آهي ته: ”هي حڪم منشي حيدر خان کي پهچائيندا.)

 

(3)

ڪرسيءَ جو حق

9 اپريل 1930ع تي ڇپيل فارم تي ڪليڪٽر حيدرآباد جي درٻار ۾ ڪرسيءَ جو حق ڏنل آهي.

آفرين نامو

17 اپريل 1911ع تي ڇپيل فارم تي ايس پي حيدرآباد طرفان 1910ع جي ڪيس نمبر 105 ۾ مدد ڏيڻ تي رئيس حيدر خان کي آفرين نامو ڏنل آهي.

آفرين نامو

18 مارچ 1909ع تي ڇپيل فارم تي ايس پي حيدرآباد طرفان رئيس حيدر خان کي وريل مهاڻي نم مهاڻي ۽ الله بخش نوحاڻيءَ جي گرفتاري ۾ پوليس کي مدد ڏيڻ تي آفرين نامو ڏنل آهي.

 

(4)

دوست مهربان عظيم شان ميان حيدربخش صاحب دائم اقبال

بعد دعاگوئيءَ جي واضح هجي دعاگو ڏانهن ڪلي خيريت آهي ۽ خيريت اوهان صاحب جي حق ۾ درگاهه شريف مان شب روز گهرندڙ آهيان. مطلب ته هي دعانامو آڻيندڙ علي بخش ٻرڙو اوهان ڏانهن موڪلي لکون ٿا ته مهرباني ڪري سندس احوال روبرو وٺي کيس حق رس ڪندا. جو هي مسڪين آهي ۽ اسان وٽ ٻن حرفن پارت لاءِ آيل آهي. جنهن ڪري اوهان صاحبن کي تڪليف ڏيون ته سندس ڪم دل و جان سان ڪندا جيئن اسان کي وري تڪليف نه اچي، نه ته اڃا اسان کي وري اوهان ڏانهن وڌيڪ بار وجهڻ لاءِ تڪليف ڏيندا. ٿورو لکڻ گهڻو ڄاڻندا. زياده خير والسلام.

تاريخ 19 جون 1912ع

صحي دعاڳو (دعاگو)

پير ڀلن شاهه جيلاني

از درگاهه شريف بدين

 

(5)

مانوارو حيدر خان جوڻيجو زميندار گهاڙي مانڌر

هڪ گهارو گهاڙي مانڌر (مير واهه) کي ميل 7 – 8 (وٽ) سڄي پاسي پيو آهي. تنهن تي اوهان پنهنجي ڇيڙ ڏلهن، ڪوڏارين ۽ ڪهاڙين، سميت وٺي گهاڙيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ يڪدم ايندا. 24 جولاءِ 1914ع

نمبر 2124 روانگي.

انگريزيءَ ۾ صحي

سب ڊويزنل آفيسر صاحب بدين

 

(6)

بخدمت فيض درجت جناب برادرم صاحب ميان وڏيرا احمد سلامت

اسلام عليڪم جي واضح باد از خيريت آيات جي واضح هجي ته صاحبا نورچشم غلام رسول عمر طول جي شادي جي دعوت اڱاري چنڊ تان 15 تاريخ اڱاري رات ڏجي ٿي. هيمشه جي دستور موجب پنهنجي ڀائرن سميت مهرباني ڪري مٿين تاريخ سومر جي ڏينهن اڳينءَ کان اڳ اچي مجلس شاديءَ جا شريڪ رهندا، عين نوازش ديگر خير – 5 شوال

ارباب فضل علي منڌرو

سيراڻي

 

(7)

رسيد

پئسا انداز (320) روپيا، اکرين ٽي سؤ ويهه روپيا ڪلدار حيدر خان ولد جمع خان جوڻيجو ويٺل ڳوٺ پير فتح شاهه تعلقي بدين کان مليا بابت قيمت هيٺين زيورن سونن اڪي سودي سان.

ڪنگڻ پورا جڙاءُ دار،

ڪنجيءَ سان ڌوپ سان ڀريل 150 رپيا هڪ جت

هٿ گجريون پوريون سوتيون ڌوپ سان ڀريل هڪ جت رپيا

16 ماگهه 1975 = 18 فيبروري 1919ع

- ساڄو آڱوٺو مائي مانا زال لونگ مل ويٺل گهُريجي.

- (صحي واڻڪيءَ ۾) گواهي ٿومي مل گنگارام هندو ويٺل گهريجي.

- (صحي واڻڪيءَ ۾) گواهي ڄيٺو ولد موکجي هندو ويٺل گهريجي.

(اسان جي ڳوٺ پير فتح شاهه کان ٻه ميل ڏکڻ ۾ ڳوٺ گهُريجي آهي)

 

(8)

دوست مهربان عاليشان وڏيرا حيدر خان سلامت گهڻن سلامن شوق ملاقات جي معلوم ڪندا ته هت هر طرح خير آهي ۽ خير و عافيت توهان دوستن جي درگاهه رب العالمين مان گهرندڙ آهيان. مطلب ته ڪانڊيري مهاڻي وٺ ڍڳي وارا 14 روپيا آهن جي اوهان جي روبرو قبول ڪيا هئا ۽ ٻيا 8 رپيا ڏيڍ آنو سارين مان آهي، اهي هن پرزي آڻيندڙ اسماعيل هٿان موڪليندا. موڪلڻ ۾ دير بلڪل نه ڪندا. زياده خير وسلام وڏيري جمع کي ڏيندا.

توهان جي خدمت ۾ سلام عرض

وڏيرو علي

 

(9)

بخدمت فيض درجات سڪندر شوڪت دارا حشمت وڏي اقبال وارا جناب وڏيرا صاحب وڏيرا ميان حيدر خان سلامت.

بعد گهڻن ادبن کان پوءِ لکجي ٿو ته جناب عالي هي ماڻهو نالي عارب پرزي سميت توهان جي خدمت شريف ۾ موڪلجي ٿو، تنهن کي رمضان مهرباني ڪري پرچائي ڏيندا... جيڪڏهن رمضان جو ڪو ڀائي چاري موجب عارب وٽ ڪو حساب ٿيو ته اسين ٻڌل آهيون جو وٺي ڏينداسون. توهان صاحب سرداري ڪري رمضان کي چڱي طرح هدايت ڪندا ته هن غريب سان ڏوٺ ڇڏي. تمام مهرباني واڌو ادب تاريخ 22 محرم،

صحيح وڏيرو ڪسيرو     -       صحي وڏيرو متارو ولد ارباب ٺارو منڌرو

 

(10)

خدمت ۾ فيضواري جناب ڊسٽرڪٽ سپرنٽيڊنٽ

پوليس حيدرآباد جي عرض:

حيدرخان ولد جمع خان جوڻيجو زميندار تعلقو بديڻ (بدين) جو عرض ٿو ڪريان ته 17 مارچ 1920ع جي يا اُنهي تاريخ ڌاري ڳوٺ ترائي حد ٿاڻيداري کور واه مانا ڪاري آفيس محالڪاري جون ڪاٺيون چوري ٿيون. تنهن لاءِ پوليس ڊائريءَ جو نقل سچو عنايت ٿيندو. في نقلاڻي بابت ٻه روپيا مني آرڊر ڪرائي عرض ڪجن ٿا.

اهو نقل جناب سب انسپيڪٽر صاحب پوليس بديڻ جي معرفت ملندو ۽ پئسا گهٽ وڌ به اُن جي معرفت ملن يا مون کان وصول ٿين.

واڌو ادب 1 جون 1920ع.

حيدر خان جمع خان جوڻيجو

زميندار

تعلقو بدين

(خط جي پٺ تي ايس پي جواب ۾ نوٽ هنيو آهي: ڊائرين جو نقل ڏيئي نٿو سگهجي).

 

(11)

بخدمت فيض درجات جناب رئيس ميان حيدر خان صاحب دام برڪاتہ

بعد سلامن جي احوال معروض ته الحمدالله اسين خوش چڱا آهيون. رب صاحب جي مهربانيءَ سان اوهان به خوش چڱا ڀلا هوندا. اهڙو احوال هر وقت پيا عنايت ڪرڻ فرمائيندا.

1-      اوهان صاحبن جو گهاٽ تولي مل سوناري کي گهڙڻ لاءِ ڏنوسون، جنهن ڪم شروع ڪيو آهي؛ پر سندس چوڻ آهي ته هسلي جيڪڏهين پيني ٿئي ته ويهن تولن جي ته سڀڪنهن ڀتين چڱي ٿيندي.

جيڪڏهن اوهان حڪم ڏيو ته پيني ويهن تولن جي ٺهرائجي ٻي صورت پوري ڏهن تولن جي ته هونئن ٺهندي.

2-      پنڙا ننگ ٻه هن ماڻهوءَ کان سنڀالي وٺندا. جنهن مان نئون پنڙو تور سوا تولو آهي ۽ ٻيو پراڻو جيڪو اوهان نموني لاءِ موڪليو هو.

زياده خير، ڪار خدمت ته غلام آهيان وڌيڪ احوال ته ڪنگڻ جي ماپ جيڪا موڪلي اٿو اُها رکجي يا گهٽ ڪجي تنهن ۽ هسليءَ بابت احوال سربستو عنايت ٿيندو.

21 آگسٽ 1920ع

بنده محمد ابراهيم ولد سيٺ محمد ميمڻ ٽنڊو باگو

اقدام بوسيءَ بعد خلاصا سلام محمد بن عبدالله اسٽامپ ويندڙ ٽنڊر باگي جا خدمت ۾ عرض جي مطالع فرمائيندا.

 

(12)

جناب عالي شان دائم اقبال

بعد قدم بوسيءَ جي عرض ته روبرو عرض ڪيل هو. نيلام ٿيل ڏاچيءَ لاءِ ته عبدالله لنڊ خريد ڪئي آهي. اُها اسان جي آهي ۽ اسان کي وٺائجي ملي ۽ روبرو سائين جن اهڙو انجام به ڪيو هو. تنهنڪري وري به گهڻي ادب سان عرض ٿو ڪريان ( - -) خدمت ۾ روانه ڪريان ٿو.

1921ع                                                           حيدر خان

(ڪاغذ جي پٺيان جواب لکيل آهي).

جواب ۾ عرض ته عبدالله لُنڊ هليو ويو آهي. ڪالهه آءٌ اوڏانهن ويو هوس. پڇا ڪئي هئم. ان جي پٽن کي چيو اٿم جنهن وقت ايندو انوقت گهرائي ڏاچي وٺنداسين. ٻيو سڀ خير.

صحي

(سمجهه ۾ نٿي اچي)

 

(13)

دوست مهربان صداقت نشان مُحبيام وڏيره

ميان حيدر خان سلامت

بعد سلامن معلوم آڻيندڙ دعانامه جو نالي وڏيرو جمال ٿيٻو اسان جو يار ۽ دوست آهي. پنهنجو احوال زباني ٻڌائيندو. اُميد ته بهرحال ان کي نيڪ صلاح جي مدد ڏيندا ۽ ان صلاح موجب جي ڪڏهن ڪنهن درخواست يا نوٽيس جو ضرور هجي ته ان جو نقل ٺاهي موڪليندا ته ٻئي ماڻهوءَ کان لکائي موڪليو ويندو.

فقط تاريخ 24 مارچ 1921ع

راقم دعاگو

سير پيد فخرالدين شاهه

از گولاڙي

 

(14)

سينٽرل چانسري آف دي آرڊرس آف نائيٽ هُڊ سينٽ جيمس ڪلان

برٽش ايمپائر آرڊر جو رجسٽرار گهڻن سلامن بعد وڏي شان واري آرڊر جو ميمبر مقرر ڪرڻ به نسبت هن گڏ هڪ سند موڪلي ٿو.

نقل سند جو ترجمو ڪيل انگريزيءَ تان:

”جارج پنجون خدا جي فضل سان يونائيٽيڊ ڪنگڊم گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ ۽ سمنڊ کان پري برٽش ملڪن جو بادشاهه ۽ مذهب جو بچائيندڙ ۽ هندوستان جو شهنشاهه ۽ وڏي شان واري برٽش ايمپائر بادشاهت جو بادشاهه پنهنجي گهڻي پياري معتقد خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر سنڌ جي کي مبارڪ ڏين ٿا ۽ فرمائين ٿا ته اسان اوهان کي مٿي مذڪوره شان واري آرڊر آف برٽش ايمپائر جي سول ڊويزن جو آفيسر مقرر ڪرڻ مناسب سمجهيو آهي.

اهڙي امدادي ڪرڻ سان اوهان کي مٿي مذڪور آرڊر جي آفيسريءَ جو مان ڏيون ٿا ۽ مٿي ذڪر ڪيل آرڊر جي آفيسري جو مان ۽ درجو ۽ ٻيون جيڪي رعايتون انهيءَ درجي سان لاڳو آهن اهي ماڻڻ لاءِ اوهان کي اختيار ٿا ڏيون.

هيءَ سَنَدَ اسان جي سينٽ جيمس ڪورٽ ۾ اسان جي صحيح ۽ آرڊر جي سيل هيٺ تاريخ 3 جون 1919ع تي اسان جي راڄ جي ڏهين ورهيه ۾ ڏني ويئي.

بادشاهه سلامت جي فرمان موجب اصل ته صحيح ايڊورڊ پي گرانڊ ماسٽر.

فقط تاريخ 1 – ماه اپريل 1921ع

 

(15)

4 – 10 – 1923ع

حيدرآباد

مڪرمي جناب رئيس صاحب ميان حيدرخان بعد السلام عليڪم جي واضع ته مان بمبئي ڪائونسل لاءِ حيدرآباد ضلعي مان اُميدوار آهيان. جا چونڊ پهرين نومبر 1923ع تي ٿيندي. منهنجو نالو اميدوارن ۾ پهرئين نمبر تي آهي. نشان گهوڙو آهي. اُميد آهي ته اوهين صاحب مون کي مدد ڪندا. مان ٻارهن سالن کان ڪائونسل جو مميبر آهيان. گذريل چونڊ کان سرڪار مون کي وزير مقرر ڪيو آهي.

وزارت جي وقت ۽ ان کان اڳ جيڪا مون ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي، سا سڀ اوهان کي روشن آهي. اُميد آهي ته اوهان ۽ اوهان جا دوست منهنجي لاءِ مهرباني ڪري ڪم ڪندا ۽ خبر ڏيندا ته جيڪڏهن لسٽن جي ضرورت هجي ته هيٺين ائڊريس تي لکندا ته موڪليون.

ائڊريس

حيدرآباد سنڌ ڪنٽوٽمينٽ                               غلام حسين هدايت الله

بنگلو نمبر 25 – آئريبل سر

غلام حسين خان بهادر شيخ

هدايت الله خان – وزير

لوڪل سيلف گورنمينٽ.

 

(16)

بعد از سلام معروض ميشود کہ مراسلہ آن جناب رسيد و بامڙده خود مرا بسيار مسرور گرد انيد و في الحقيقت دست سخاوت آن جناب قاصر نہ شده است و کاشکہ برڪت خدا تعالي نزد آن جناب بماند از سبب عطا که براي مدرسه فرموده است.

(انگريزي ۾ صحي)

26 آکتوبر 1922

رئيس حيدر خان جو نوٽ

ڪليڪٽر مسٽر بولس صاحب اسان تي چٺي لکي ته مدرسي جي اڏاوت لاءِ مولوي عبدالعزيز ولد مولوي عبداللطيف کي مدد ڏيو. اسان ان لاءِ هڪ هزار روپيا مولويءَ کي ڏنو ان بابت شڪر گذاريءَ جي چٺي ڪليڪٽر صاحب لکي آهي.

 

(17)

محب حيدر خان،

بعد از شوق جي عرض ته اسين اڄ ڏينهن سومار جي پهرين ٽائيم حيدرآباد وڃون ٿا. انجنيري ڏنڊ ڇهه هزار ٿيو آهي تنهن لاءِ مهرباني فرمائي پرينءَ پهرين ٽائيم ۾ ضرور حيدرآباد ايندا فقير بخاري شاهه جي اوطاق ۾ ته وڏي مهرباني ٿيندي. اوهان جي صلاح سان اپيل ڪنداسون. جيستائين اوهان ايندا تيستائين ويٺا ايڏانهن نهارينداسون.

زياده خير والسلام – 24 جون 1923ع.

محمد عالم

 

(18)

بخدمت فيض درجت جناب وڏيره

حيدر خان دائم اقبال

بعد از شوق ملاقات جي معلوم هجي ته هت هر طرح ڪلي خير آهي ۽ خير عافيت اوهان صاحبن لاءِ ڪنا درگان رب سائين جي مان شب و روز گهرندڙ ۽ ڳوليندڙ آهيون. مطلب ته هي ماڻهو پرزي سان خدمت ۾ وڏي اميد ڄاڻي موڪلجي ٿو. احوال روبرو عرض رکندو. زياده خير والسلام فقط 26 جون 1923ع

لکانو ولد مرحوم محمد بچل ساريجو

(19)

سعيدپور

29 آڪٽوبر 1923ع

محبي مڪرم اڪرم ميان حيدر خان

صاحب سلمة

بعد تسليمات جي واضح هجي ته اسان مسٽر نورمحمد جي ووٽن کان پيشتر پنهنجو قاضي به موڪليو هو. وري هن موقعي تي ميان غلام محمد ماستر موڪلجي ٿو. هيءَ تڪليف محض اميد رکي ڏني ويئي آهي. اسان کي وڏي توقع آهي ته هن بابت اسان کي بذات خود تصديق وٺي پنهنجن دوستن احبابن جي ذريعي ۽ وساطت سان ممد ۽ معاون ٿيندا ته اهڙي مهرباني از حد مسروريت جو باعث ۽ ڪارڻ ٿيندي. هي ڪم اسان جو سمجهندا نه غير جو.

فقط و السلام

صحي محمد ڪامل شاهه

المڪلف سيد محمد ڪامل شاهه

زميندار سعيدپور

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org