سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:19 

بدين جي اديبن ۽ شاعرن ۾ شمشير الحيدري هڪ اهم شخصيت آهي. هُو بنيادي طور شاعر آهي. شعر پڙهڻ جو موثر ڏانءُ اٿس. آزاد نظم تي به عبور اٿس. سندس ڪلام جو مجموعو لاٽ شايع ٿيل آهي. ايم. اي سنڌيءَ لاءِ آزاد نظم تي مونوگراف / مختصر ٿيسز لکيائين. هاڻي اُهو مونوگراف ڇپجي چڪو آهي. گهڻو اڳ پنهنجي بدين رهائش دوران مذهبي نثر جا ٻه ڪتاب انسان ڪامل ۽ ڪاروان ڪربلا شايع ٿيا. اُنهن ۾ زوردار ۽ جذباتي سٽاء وارا مؤثر جملا ڪم آيل آهن. ٽي. وي لاءِ ڊراما ۽ سڪرپٽ جو سلسلو اڃان جاري اٿس. هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

بدين مان ڪي لکڻ وارا ٿورو گهڻو لکي، رجسٽر ۾ داخلا ڪرائي ويا، اُنهن ۾ مرحوم فرمان علي جعفري اڳوڻن مان آهي ته محمد شريف کوسو هاڻوڪن مان آهي. کوسي صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو ڪُٺيس ڪُويڄن ڇپيل آهي. هاڻي بدين ۾ ڪجهه زمين آباد ڪري ٿو ۽ ڪجهه درخواستون لکي ٿو. ايئن اڳوڻي ڪامريڊ ۽ هاڻوڪي ايس. پي علي احمد جوڻيجي به ڪجهه نه ڪجهه لکيو ۽ ترتب ڏنو. سندس ڪتاب ميلن جي ڪهاڻي ميلن جي زباني ۽ رسالو جدوجهد فقط ٻه پرچا يادگار رهجي ويا.

ٺٽي ضلعي جي ماضيءَ جي ادبي تاريخ شاندار آهي. هاڻي به نثر جي سلسلي ۾ ڪي دوست هن شمع کي روشن رکيو اچن. هُو پنهنجي وطن جي تاريخ ۽ ثقافت جي رنگ کي چِٽو رکندا اچن. حافظ حبيب سنڌي اُنهن ۾ هڪ آهي. هتي آءٌ حافظ حبيب جي زبان بابت ڪتاب ماجبر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جو سنڌي زبان جي بااختيار اداري جي مخصوص پروگرام تحت 1994ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ حافظ صاحب هن ايراضيءَ جي مختلف محاورن ۽ ننڍن محاورن (Sub - dialects) جو لسانياتي جائزو ورتو آهي. سندس هي تجزيو اڳ قائم انداز تي ڪيل آهي. جديد انداز تي ڪجي ها ته وڌيڪ موثر هجي ها.

رسول بخش تميمي جي تاريخ جاتي ۽ عزيز جعفراڻيءَ جي تاريخ سجاول ٻه اهم ڪتاب آهن. تاريخ سجاول 470 صفحن تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جنهن ۾ تاريخ ۽ ٻي نهايت اهم معلومات گڏ ڪيل آهي. هي ڪتاب سجاول تي هڪ انسائيڪلوپيڊيا آهي. اهڙي ريت ٺٽي ضلعي ۾ رسول بخش درس، رحمت الله ماڃوٺي، عبد ماڃوٺي، محمد علي مانجهي ڪيترا ٻيا لکڻ وارا موجود آهن. ڏيئي جي لاٽ وسامي ڪونه ٿي.

جيڪي ليکڪ لاڙ پٽ ۾ ڏيئي جي لاٽ کي قائم رکيو اچن، اُنهن جي فهرست به طويل آهي. آءٌ چند نالا ڳڻي سگهان ٿو. اُنهن ۾ بدين طرف جا عبدالله ملاح هاشم خادم ٽالپر، زهير حيدري، زاهد ملاح، محمد موسيٰ جوکيو، عثمان کٽي، الله بچايو جمالي، انيس مهيري، خان محمد مهيري ۽ ٻيا ڪيترا آهن. تازو 1977ع ۾ عبدالرحمٰن نقاش اسان کان جدا ٿي ويو. ديني خدمتن ڪرڻ وارن ۾ علي محمد مهيري هڪڙو ئي نالو ڪافي آهي. اُن کان سواءِ ٻارن جي ادب کي ڏسون ته حيدرآباد جي ڀٽي برادران جو رسالو گلستان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو ’گل ڦل‘ آهي ته ڏکڻ ۾ ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار سان گڏ بدين جي نوجوان ليکڪن ۾ عبدالمجيد مارو ۽ عبداللطيف زرگر جو ڪم موجود آهي.

هي فقط هڪ مختصر جائزو آهي، اُنهن نثر نگارن جي ڪم جو جن لاڙ پٽ ۽ سنڌ کي پنهنجين تحريرن وسيلي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. سڀني ڪاوشن جو آءٌ جائزو وٺي سگهيو آهيان، اِنهي ڳالهه جو مون کي پورو پورو احساس آهي. آخر ۾ ادبي رجسٽر ۾ پنهنجي داخلا لاءِ ڪي سٽون لکڻ واجب ٿو سمجهان. هي فقط رڪارڊ تي رهڻ لاءِ ڪريان ٿو. منهنجي خاندان ۾ نثر جي دنيا ۾ ڪُل چار نالا آهن:

1.               حيدر خان جوڻيجو (ڏاڏو)

2.              ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو (والد)

3.              عبدالمجيد جوڻيجو (وڏو ڀاءُ)

4.              ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (راقم خود)

بنده جو ڏاڏو حيدر خان 17 اپريل 1868ع تي جهوڪ جي ويجهو ڳوٺ ڍوري يا ڀرپاسي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جمع خان ۽ ڏاڏي جو ساڳيو حيدرخان هو. جمع خان کي سندس مرشد بدين طرف جنهن ڳوٺ ۾ وٺي آيا، سو هاڻي انهن مرشدن جي نالي ڳوٺ پير فتح شاهه سڏجي ٿو. ڏاڏا ابتدائي تعليم کان پوءِ سنڌي فائنل پاس ڪري سنڌي اسڪول ۾ ماستر ٿيو. برادرم عبدالمجيد جي وفات (1993ع) کان پوءِ سندس ڪتابن مان ڏاڏا جي سروس بوڪ ۽ ڏانهس 31 خط مليا، جن مان سندس ذاتي انگ اکر وڌيڪ واضح ٿيا. هُو 1 ڊسمبر 1886ع تي پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ٿيو. رڪارڊ ۾ سندس پگهار ڏهه روپيا لکيل آهي. 1890ع ۾ پگهار چوڏهن ۽ 1900ع ۾ سترهن رپيا لکيل آهي. ٽنڊي باگي، بدين، کورواه ۽ سڪرنڊ ۾ ملازمت ڪيائين. جڏهن ٽنڊي باگي ۾ هيڊ منشي هو ته ٺٽي ضلعي ۾ پس گردائيءَ ۾ بدامنيءَ سبب کيس کورواه ۾ صوبيدار ڪري موڪليو ويو ۽ اُتي چورچڪار ۽ لنب لوفر کان ايراضيءَ کي پاڪ ڪيائين. پاڻ 25 جنوري 1908ع ۾ نوڪري تان استعيفا ڏيئي پنهنجي زمين سنڀالڻ لڳو ۽ 27 سيپٽمبر 1934ع تي وفات ڪيائين. بدين شهر لڳ شاهه قادريءَ جي قبرستان ۾ سندس آخري آرام گاهه آهي(16). هڪ ڪتاب دانشمندي سندس لکيل آهي، جيڪو مون 1958ع ۾ شايع ڪيو آهي(17). هن ڪتاب ۾ اعتقاد کان وٺي ڳوٺ راڄ جي سنڀال ۽ زمينداري سرشتي جي باري ۾ عنوان وار معلومات ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هڪ فارسي ڪهاڻي ڏنل هئي، جيڪا مون ترجمو ڪري شامل ڪئي آهي. ڊاڪٽر نجم الاسلام جي هڪ مقالي مان هاڻي خبر پيئي ته هن قصي / ڪهاڻيءَ جو ليکڪ / ڪاتب فصيح الدين شڪارپوري آهي. خط نسخ مان لڳي ٿو ته قصو شڪارپور سنڌ ۾ لکيو ويو هوندو(18). ڪتاب دانشمندي 1918ع ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب مخصوص ناصحانه انداز ۾ تحرير ڪيل آهي، ڇو جو اُن جو مقصد ليکڪ اڳيان فقط اولاد جي رهنمائيءَ جو هو(19).

بنده جو والد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو (1900ع – 1978ع) هڪ علم دوست هو ۽ ڪتابن پڙهڻ جو خاص شفف رکندو هو. زمينداري سان گڏ کيس طب جو به شوق هو. بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ هوميو پيٿي، يوناني طب ۽ انگريزي طريقه علاج جون سندون ڪلڪتي، دهليءَ ۽ بمبئي مان ورتائين. ڪجهه سال ئي ڊاڪٽري پرئڪٽس ڪيائين. سياست ۽ خاص طور خاڪسار تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. اُن سلسلي ۾ سندس راضي شاهه ڪئمپ ۾ تقرير پئمفلٽ جي صورت ۾ ڇپيل آهي. اُن تي ڇپجڻ جو سال لکيل ڪونهي والد صاحب جي لئبرريءَ مان آءٌ ننڍپڻ کان استفادو ڪندو آيس ۽ منهنجو ذوق ڏسي؛ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيائين(20).

بنده جو وڏو ڀاءُ عبدالمجيد جوڻيجو (1930ع – 1993ع) بي. اي تائين پڙهيل هو ۽ کيس علم طب جو به چڱو شعور هو. ماستر محمد سومار جي قائم ڪيل لطيف (۽ پوءِ جيلاني) پبليڪيشن (1956ع) جي ابتدائي ڏينهن ۾ ماستر صاحب سان ادب جي باري ۾ غير سنجيدهه ڳالهيون ڪندو هو. هڪ ڏينهن ماستر صاحب کيس چيو: ”ادا لکڻ لوهه جا چڻان چٻڻان آهن. لکي ته ڏيکار“. اُن ڏينهن سنجيدو ٿي ويو ۽ هڪ انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيائين ۽ ماستر صاحب کي هڪ سو روپيا به ڏنائين(21). ٻن هفتن ۾ اُهو ڪتاب پارس ڇپجي آيو. ڪتاب ۾ اخلاقيات ۽ ڪامياب زندگيءَ جي باري ۾ ڊيل ڪارنيگي جي انداز تي گفتگو ڪيل آهي. ڀاءُ جو اهو ئي هڪ ڪم هو. انگريزيءَ ۾ هوشيار هو ۽ ترجمو سٺو ڪيائين.

بندو راقم الحروف (عبدالجبار جوڻيجو) 1950ع – 1951ع کان ’شام‘ تخلص سان هن عجائب ۽ رنگارنگ ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. 1935ع ۾ اک کوليم ۽ 15 سالن جي عمر ۾ هن حسين ڄار ۾ ڦاٿس ۽ هِن گهڙيءَ تائين گرفتار آهيان. پهرين ته اسڪول ڇڏي ڀڳس پر نيٺ مٿو ڀِت سان لڳو ۽ 1956ع ۾ مئٽرڪ، 1960ع ۾ بي. اي. آنرس، 1962ع ۾ ايم. اي. سنڌي (گولڊ ميڊل سان)، 1966ع ۾ ڀيڪنگ (چين) مان چيني زبان ۾ ڊپلوما، 1974ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جا گهيڙ اُڪري آيس. 1962ع کان وٺي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي اهليت (Merit) تي گهرايائون ۽ ليڪچرر ٿيس. 1995ع ۾ پروفيسر ۽ ڊين جي حيثيت سان سٺ تي ڪانٽو اچڻ سبب رٽائر ٿي پهرين ريل ۾ ڄام شوري کان بدين پهتس. 1993ع – 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ۽ 1983ع کان 1993ع تائين تدريس سان گڏ سنڌي شعبي (سنڌ يونيورسٽي) جو چيئرمن به رهيس. 50 – 1951ع ڌاري روزانين اخبارن جي ٻارن جي ٻارين کان لکڻ جي ابتدا ٿي. پهرين ڪهاڻي فردوس (هالا) ۾ 1954ع ۾ ڇپي. هِن وقت تائين اٽڪل ويهه ڪتاب لکي ۽ ڏهه ايڊٽ ڪري چڪو آهيان. مقالن جو تعداد ٻن سون جي قريب آهي. مضمون، شعر ۽ افسانا تنهن کان سواءِ آهن. ڪتابن تي تبصرا به ڪيا اٿم. افسانن جا مجموعا: سوکڙي (1956ع) اباڻو گهر (1958ع) نه ڪر هار سينگار سکي (1981ع) ۾ ڇپيا. ناول: اڪيلي (1974ع ترجمو) سوري آ سينگار (1963ع)، شاهه لطيف تي: ڪنزاللطيف (1961ع) لطيف ڪوئز (1978ع ۽ 1988ع) ۽ ڪشف الابيات (1995ع)، شعر جا مجموعا، مرگهه ترشنا (1976ع)  مِردنگ (1995ع)، آتم ڪهاڻي: ديپڪ ۽ ملهار (1984ع)، سفرناما: مائو جي ملڪ ۾ (1973ع ۽ 1988ع) ۾ ونڊسر محل جو مسافر (1989ع)، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي باري ۾: سنڌيون (1970ع) لاڙ جي لغات (1975ع) سليس سنڌي (1989ع) ٿر جي ٻولي (1994ع هدايت پريم سان گڏ) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (1973ع – 1983ع ۽ 1994ع) اُن کان سواءِ ايڊٽ ۽ تاليف ڪيل هيٺيان ڪتاب آهن:

سچل نامو – (1980ع) – سنڌ ڪوئز (1993) – دانشمندي (1958ع) – غزلن جو غنچو (1963ع پروفيسر جتوئيءَ سان گڏ) – پيغمبر اسلام (1971ع ترجمو) – سنڌي ٻيو ڪتاب (1973ع) – سنڌي پهريون ڪتاب (1992ع) – لاڙ جو مطالعو (1991ع) – چونڊ ڪلام (1984ع) – سنڌي لوڪ گيت (1985ع اردو)، مقالا (1988ع)، نرتي تند نيازسين (1988ع) ڪلچرل هيريٽيج آف سنڌ (1988ع انگريزي) سنڌي ادب (1994ع سنڌالاجيءَ جو جرنل) ڪينجهر (6 پرچا سنڌي شعبي جو جرنل 1987ع، 1988ع، 1989ع، 1990ع 1993ع ۽ 94 – 1995ع) ۽ سنڌي شعبي جي پهرئين دور 1963ع کان 1976ع جون مخزنون سوکڙي، پورب ۽ پرک جو به ايڊيٽر رهيس. پي ايڇ. ڊي ٿيسز بعنوان: ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر‘ به 1980ع ۾ سنڌالاجيءَ ڇاپي، پر جنهن ڪتاب منهنجي جهوليءَ ۾ قدردانن طرفان ورکا ٿي ۽ گل مليا، بلڪ ڍوء ڪرايو، سو آهي ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘.

ڪي ڪتاب اڃان پريس جي مشينن جي نذر ڪري ويٺو آهيان. اُهي آهن: چچ مچ چئنچل داس – ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو، ڪٺمال (مقالا) ۽ سنڌي ادب جو مطالعو. تنهن کان سواءِ ٽي ڪتاب لکي پنهنجي الماريءَ ۾ قيد ڪري ويٺو آهيان، سي آهن: سنڌ جي سرائڪي شاعريءَ جي تاريخ – مجاز (آتم ڪهاڻي) ۽ پدمڻي (سسئي) ٻه ٽي ڪتاب گهڻو اڳ پبلشر ۽ چور کڻي ويا.

پنهنجي ڪاوشن جو بيان فقط موضوع جي تڪميل لاءِ ڪيو اٿم. تورتڪ پڙهڻ وارا ۽ نقاد ڪندا. آخر ۾ گذارش آهي ته هي موضوع ايترو محدود نه آهي پر في الحال اختصار سان چند خيالات حاضر ڪيا اٿم. ڳالهه گهڻي آهي. هي فقط هڪ مختصر جائزو آهي.

 

حوالا

1.      ميمڻ، خانبهادر محمد صديق. ’تاريخ سنڌي ادب‘، (جلد 2) سنڌ يونيورسٽي پبليڪيشن حيدرآباد، 1951ع ص 497ع.

2.                 ايضاً – ص 498.

3.                 ايضاً – ص 498.

4.                 ايضاً – ص ص 499 ۽ 500.

5.      شيخ، محمد سومار. ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، ٻيو ڇاپو 1984ع – ص 118.

6.                 ايضاً – ص 119.

7.      جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر). ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، روشني پبليڪيشن، ٽيون ڇاپو 1994ع ص 224.

8.                 الانا، غلام علي، (ڊاڪٽر). ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ سنڌالاجي، 1977ڳ ص 239.

9.                 ايضاً – ص 240.

10.             بيخود، اسدالله شاهه (ڊاڪٽر). ’تذڪره شعراءِ ٽکڙ‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1959ع.

11.              هيٺيان ڪتاب دارالترجمه سنڌ ٽنڊو الهيار شايع ڪيا:

–      عاشي (رائيڊر هيگرڊ) – فضل بچاڻي – 1961ع.

–      روح جي ڳولا (رائيڊر هگرڊ) گل محمد شاهه ۽ فضل بچاڻي 1962ع.

ب: فضل بچاڻي آسڪروائلڊ جو ترجمو ’تصوير جو خون‘ (1983ع) ڪيو. هرمن هيس جو ’سڌارٿ‘ (1982ع) جو ترجمو ۽ رائيڊر هيگرڊ جو ’آسير‘ (1983ع) ڪيو. اِهي ٽئي ڪتاب نيو فيلڊس حيدرآباد شايع ڪيا.

12.             ڏسو ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين 1982ع.

13.             ڏسو قلم وهي ويو ڪانهن ص – 36.

ب: ’ڪڇين جا قول‘ سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ۾ شايع ڪيو.

14.             قلم وهي ويو ڪانهن ص – 38.

15.     ماستر صاحب جي تفصيلي سوانح لاءِ ڏسو: منهنجو ڪتابڙو محمد سومار شيخ، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1988ع.

16.     سنڌي ادب، ايڊيٽر: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌالاجيءَ جو تحقيقي جرنل، جلد 12 1/1994ع مقالو ”حيدر خان جوڻيجو (لکپڙهه)“ از ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.

17.             دانشمندي مرتبه: عبدالجبار جوڻيجو، ابراهيم پريس. حيدرآباد، 1958ع.

18.             جرنل تحقيق اردو شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 1989ع ص 122.

19.             منهنجي گذارش تي ڏاڏا جي وفات جو قطع تاريخ محترم سرشار عقيلي لکي ڏنو جيڪو هي آهي – ع

حيدر خان جمع خان جوڻيجو،
رخصت ياب دنيا مان ٽيو جنهن دم-
هاتف چيو وڃائي هل جو سر سرشار،
طائر شد مڪين جنت اڪرم.
 

20.     والد صاحب جي وفات جو قطع تاريخ محترم احمد خان آصف معراڻي مهرباني ڪري لکي موڪليو هو، جيڪو هي آهي – ع

محرم- ڊسمبر ۾ لڏيو سلطان احمد هاءِ، وڃي جنت نشين جنت مڪين درويش حاجي ٿيو. 1978ع

ڪئي حق پاڪ اُن تي مغفرت مغفور بندو هو، 1399هه جناب آصف ملي اُن کي برابر مرد ناجي هو. (هي قطع تاريخ هفتيوار آواز سنڌ دادو ۾ 26 – 2 – 1979ع تي ڇپيو).

21.                اصل ڪتاب اي. آر. ٿامسن جو هيومن مشين آهي.

 

لاڙ: ميلا ۽ اجتماع

 

ميلا ۽ سماجي اجتماع انسان جي قديم تهذيب ۽ تمدن جون نشانيون آهن. اِنهن ۾ قديم ثقافت جا اهڃاڻ موجود آهن. نه رڳو ايترو پر انسان جي قديم اعتقادن ۽ ريتن رسمن جا اشارا به اهڙن اجتماعن مان ملن ٿا. سڄي دنيا جي ميلن توڙي مغربي مفهوم جي ڪارنيوالس (CARNIVALS) ۾ سماجي ميڙ، واپار ۽ وندر جا ڪارج سِڌِ ٿيندا آيا آهن. اُنهن جي رنگا رنگي ۽ نوعيت تبديل ٿيندي ٿيندي موجوده صورت تي پهتي آهي. عرب جو عڪاظ جو ميلو پنهنجي انفراديت سبب عرب ۽ اسلام جي تاريخ ۾ اهم آهي. ميلن جي رونق کي روماني مفهوم حاصل ٿي ويو. سٺين ۽ وندر جي ڳالهين ۾ گناه ۽ فريب جا رنگ به شامل ٿي ويا، پر ايترو آهي ته ميلن ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي سوچ سان وڃي ٿو ۽ گهربل نتيجن جي حاصلات ئي ميلي ۾ وڃڻ جو مقصد هوندو آهي.

مشرق ۾، خاص طور هند ۽ سنڌ ۾، توڙي پاڪستان جي سڀني خِطن ۾ ميلا بزرگن ۽ درويشن جي درگاهن ۽ مقبرن تي لڳن ٿا. فقط ٿورا آهن، جيڪي يادگار ۽ قومي جشن طور ملهائجن ٿا. اُنهن ۾ لاهور جو ميلهء مويشيان ۽ سبي دربار توڙي جيڪب آباد جو موجوده ميلو اچي وڃي ٿو.

سنڌ واسين جي علم ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ڪجهه ميلا اوليت رکن ٿا. ڪي عقيدتمند سنڌ مان ڪهي پنجاب جي بزرگن جي درگاهن تي ميلي جي ڏهاڙن ۾ وڃن ٿا. اُنهن ۾ شاهه حسين جي درگاه، داتا گنج بخش، سلطان باهو، بُلا شاهه، بابا فريد ۽ خواجه فريد جون درگاهون اچي وڃن ٿيون. ملتان ۾ خاص طور حضرت بهاءُ الدين ذڪريا عليه رحمت جي درگاه ڏي سنڌ جي رجوعات ۽ عقيدت گهڻي آهي. هِن بزرگ جا گهڻا مريد سنڌ مان اچي سلام ڀرين ٿا. موجوده سجاده نشين مخدوم صاحب سنڌي ڳالهائين ٿا. سنڌ ۾ بڪيرن، ڪاماري ۽ ٻين هنڌن تي سندن ارادت ۽ عقيدت جا سلسلا موجود آهن.

سنڌ ۾ ڀٽ شاهه، درازا، سيوهڻ، جهوڪ، ٺٽو ۽ بدين سان گڏ ڪيترا مقامات آهن، جتي بزرگن تي ميلا لڳن ٿا. پس منظر طور آءٌ فقط بدين ضلعي جي ميلن ۽ ڏهاڙن جو مختصر جائزو پيش ڪري رهيو آهيان. بدين ۽ لاڙ واري موجوده ايراضي ’تحفة الڪرام‘ ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾ ’چاچڪان‘ جي نالي سان موسوم آهي(1). مير علي شير قانع، ’تحفة الڪرام‘ ۾ بدين، تلهار، ونگي ۽ ولهار جي ماڳن ۽ ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي(2). بدين، لاڙ – سنڌ (Lower Sindh) جو مرڪزري شهر ۽ تهذيب تمدن جو گهوارو آهي. سنڌ جي ڏکڻ ڇيڙي تي هجڻ ڪري وچ، اولهه ۽ اُتر سنڌ کان زبان ۽ ثقافت ۾ قدري مختلف به آهي. تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪڏهن مرڪزي حاڪمن جي هٿ هيٺ ڪڏهن راڄواڙن ۽ ڏاڍن مڙسن جي هٿ هيٺ هي علائقو رهندو اچي. هونئن ته سنڌ جي تاريخ جي عمومي ڪتابن ۾ به هن خطي جي تاريخ آئي آهي، پر هِتان جي هڪ بي سرو سامان شخص محمد سومار شيخ 1955ع کان وٺي لاڙ جي آثارن، تاريخ، تهذيب و تمدن، ثقافت، زبان، هنرن ۽ فن جي مختلف شاخن تي جاکوڙ شروع ڪئي. قصن ڪهاڻين، شعرن ۽ عام موضوعن سميت تاريخ تي ڪل 322 ڪتاب لکيا ۽ ڪجهه شايع ڪيا. جڏهن پهرين جنوري 1975ع تي بدين ضلعو قائم ٿيو ته منهنجي دوست محترم محمد سومار شيخ جي ڪم جي رفتار ۾ تيزي اچي ويئي. هُن ضلعي انتظاميه ۽ عوامي نمائندن جي حمايت ۾ مدد سان وڏا ڪم ڪيا. 1976ع ۽ 1980ع ۾ ٻه وڏا ثقافتي ميلا منعقد ڪرايائين. 1991ع ۾ اُنهن جي خطوط تي محمد اشرف سيال (اي – سِي) به اهڙو ئي مانڊاڻ مچايو. آءٌ انهن ٽن وڏن موقعن تي شامل رهيو آهيان. هونئن يارهينءَ جو ميلو، شاهه قادريءَ جي حوالي سان هڪ عام ميلي جي روپ ۾ لڳندو آيو هو. محمد سومار شيخ هنن ثقافتي ميلن جي موقعي جو فائدو وٺندي وڌيڪ مواد ۽ مقالا گڏ ڪيا. ڪتاب لکيا ۽ ترتيب ڏنا، اُنهن ۾ هي ڪتاب اهم آهن:

1.      بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ – 1975ع

2.     بدين (1976ع واري پهرئين ثقافتي ميلي جا مقالا) 1979ع.

3.  بدين ضلعي جو مطالعو- (خاص طور تعارفي مقالا، ترتيب ڏنل، جن جي ضخامت 656 صفحات آهي) 1982ع.

هنن ٽن اهم ڪتابن کان سواءِ محمد سومار جا ’ڀٽ ڌڻيءَ جا بدين تان ڀيرا‘ ۽ واهه ’بديڻا تُنهنجا ڀاڳ‘ ۽ ٻيا ڪتاب به ڇپيا. هن موجوده مقالي جي خاص ماخذ محمد سومار شيخ جا ڪتاب ئي آهن. هُن آثار قديمه جو ذڪر ڪندي، هڪ هنڌ اِها دعويٰ ڪئي آهي ته هيترا قديم آثار، ڦٽل دڙا ۽ ڀِڙا، سنڌ ۾ ڪٿي به نه آهن(3). اُنهن دڙن ۽ آثارن جي ماستر محمد سومار هڪ طويل فهرست، ديهه، تپو ۽ تعلقه وار ڏني آهي، جيڪا الف وار به آهي ۽ اُن ۾ 140 دڙا آهن، جن جي سرزمين تي هو خود پيادو، بيل گاڏي يا سائيڪل وسيلي ويو(4). اُنهن آثارن جي تباهيءَ جو سلسلو به جاري آهي. اُنهيءَ باري ۾ ماستر صاحب ڪهڙو نه صحيح لکيو آهي: ”اسان جي ملڪ جي تاريخ، هڪ ته دڙن ۾ دفن آهي. ٻي پٿرن تي اُڪريل آهي، ٽِي راوين جي سينن ۾ سانڍيل آهي. بدين ضلعي جو ڪوبه دڙو کوٽيو نه ويو آهي. بدين ضلعي جي لکيل ڪتبن تي ڪابه تحقيقات نه ڪئي ويئي آهي ۽ راوين کان روايتون حاصل نه ڪيون ويون آهن. انهيءَ ڏک ۾ دڙا زمين ۾ سمائجندا پيا وڃن، پٿر ڳرندا پيا وڃن ۽ پوڙها مرندا پيا وڃن(5)“. مون کي خبر آهي ته ماستر صاحب خود اِهي ٽئي ڪم ڪيا. ڪوڏر کڻي خود کوٽائي ڪيائين ۽ پوڙهن کان احوال وٺندو لکندو ويو. ڪتبا البت پورا پڙهي نه سگهيو، ڇو جو فارسيءَ جي ڄاڻ گهٽ هيس. ماستر صاحب جي سوانح ۽ علمي ڪارنامن تي آءٌ 1988ع ۾ هڪ مقالو لکي شايع ڪري چڪو آهيان. بدين جي نالي جي باري ۾ ٽي نظريا سامهون آيا آهن. اُنهن ۾ جنهن کي گهٽ اهميت ڏني ويئي آهي، سو ابوظفر ندويءَ جي تاريخ سنڌ ۾ آيو آهي. هُن جي چوڻ موجب بادبان (سڙهه) واريون ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلنديون هيون، اُهي ڪناري تي اَڏيل هن شهر کان نظر اينديون هيون؛ اُن ڪري ملاحن جي هن بستيءَ جو نالو بادبان ۽ پوءِ بادين يا بدين ٿيو(6).

ٻي روايت عام خاص جي ذريعي مشهور ٿي ۽ پوءِ ڪتابن ۾ به آئي. اُها هيءَ ته بديڻ (بدين) نالي ملاح جي پٺيان هي ڳوٺ / شهر سڏيو ويو. ”ريڻ جي ڪناري تي هي شهر آباد ٿيو. 1750ع ۾ مدد خان پٺاڻ تباه ڪيو. انهيءَ کان پوءِ ماڻهو سانولپور ۾ اچي رهيا. جتي نانگا سٿ جو مڃتائو ڀڳت ميڪڻ جو ٻالڪو سانول فقير، شاهه عبداللطيف جو ساٿاري رهندو هو(7)“.

ٽيون رايو ڊاڪٽر بلوچ صاحب پيش ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب: ”شاهه ڪريم جي والد لال محمد عرف شاهه للـه جو گذر سفر اڪثر لاڙ ڏي ٿيندو هو. هُو سهروردي سلسلي جي بزرگ شهاب الدين قريشيءَ جي مقام ۾ مدفون ٿيو. بدين شهر جو نالو به شهاب الدين تان شاهه بدين ۽ (نيٺ) بدين ٿيو(8)“.

شهاب الدين (شاهه قادري) جي بدين ڀرسان خلاصي ڳوٺ جو ذڪر مولانا دين محمد وفائي به ڪيو آهي(9). اِها ڳالهه قانع پهرين تحفة الڪرام ۾ ڪئي(10). نيرون ڪوٽ ويجهو گنجي ٽڪر تي مدفون بزرگن ۾ قانع، بدين بن راهو نالي هڪ بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي(11). بديڻ پوٽا هڪ ذات به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، پر اُن بابت وڌيڪ معلومات هٿ نه اچي سگهي آهي. بهرحال لاڙ جي هن قديم ايراضيءَ ۾ ميلا بيشتر بزرگن ۽ ولين جي درگاهن ۽ آستانن تي لڳن ٿا. گهوڙن جون خميسون (مقابلا) ۽ ٻيا ڏڻ ۽ وار ٿين ٿا. لاڙ پٽ ۾ جيڪي ننڍا وڏا ميلا منعقد ٿين ٿا، اُنهن جي مختصر فهرست هيءَ آهي:

بدين:     شاهه قادري، ميان علي شريف، مهاولي، خان شاهه قريشي، شيخ دائود ۽ شاهه بُرهان.

ماتلي:    گُل غيبي ۽ صالح سومرو.

تلهار:     گُل گهوٽ ۽ هوت خان عمراڻي.

ٽنڊو باگو: پنيو ڪاپڙي غلام شاهه ۽ سجوڙو.

ٻهڊمي:   لاکو پير ۽ يوسف فقير.

سيراڻي:   شيخ زڪريا، شيخ نوريو، جعفر شاهه، ڍيرن وارو گجڻ پير، ڏاڏو ابراهيم ۽ محمد

حڪيم.

ڪڙيو گنهور: خليفو محمود، سرور پير، لڪڙي جو ميلو، حسن لاکاڻي ۽ ڪيهر فقير.

کورواهه:   ملان حسڻ.

ترائي:     بخاري شاهه.

ڪڍڻ:     ملوڪ فقير، نياهو فقير، عجيج فقير.

گولاڙچي: ميدن حسن علي شاهه ۽ شاهه مڪائي.

ٺري:      شاهه ديوانو، لوڻنگ ڏيو ۽ شاهه باديڻ.

دينار ٽالپر:        شاهه صابري، ڪرهيو ڀانڊاري، روپا ماڙي.

بخشو ديرو: پير پٺائي.

رپ:       مخدوم جي ڪُني.

ڀڳڙا ميمڻ:       سعيد ٻاجيت.

پيرو لاشاري: ميون موسو.

وهڻائي:   شاهه حاميد.

هيٺيان ميلا مشهور آهن: ڪبيره شاهه (ملڪاڻي شريف) احمد شاهه سيد (کوسڪي) ابراهيم شاهه ناگواڻي (پنگريو)، مخدوم اسماعيل (گلاب لغاري) ڏيد فقير (ٻارڻ لغاري) سانوڻ فقير (ڦلڪارا)، حاجي زڪريا (ڦلڪارا) ميان همون (اگهاماڻو). ٺٽي، سجاول، مڪلي، بٺوري جا ميلا اُنهن کان سواءِ آهن.

بقول محمد سومار شيخ جي ڪو ڏينهن خالي نه آهي، جو ڪٿي نه ڪٿي ڪو ميلو نٿو ٿئي(12). جيڪي ميلا وڏي پيماني تي ٿيندا آيا آهن، اُنهن ۾ شاهه قادري، سمن شاهه، غلام شاهه ۽ سجن سوائي اهم آهن. هن ميلن جو بنيادي مقصد بزرگن جي درگاهن ۽ تڪين تي ڏهاڙا ملهائڻ هوندو آهي. هر ڪنهن بزرگ تي انهن رسمن ۾ به پنهنجي پنهنجي انفراديت هوندي آهي. ڪٿي مزار تي چادر چاڙهي ويندي آهي ته ڪٿي مينديءَ جو جلوس نڪرندو آهي ۽ مقبت ۽ سهرا ڳايا ويندا آهن. مزار جي تقريبن کانسواءِ ميلي ۾ وندر ورونهن ۽ واپار جو به سلسلو هلندو آهي، وندر ۾ رانديون، ملاکڙا ۽ رونشا ٿيندا آهن. سرڪس، ناٽڪ، جسماني ۽ جانبازيءَ جا ڪرتب ٿيندا آهن. خلق کي ٺڳڻ جا ڪاروبار به کلي ويندا آهن. چوپائي مال جي خريد فروخت به ٿيندي آهي. گهوڙن ۽ اٺن جون خميسون ۽ مقابلا به ٿيندا آهن. طرحين طرحين جا دوڪان ۽ هوٽلون به ميلن جو هڪ اهم حصو هونديون آهن.

لاڙي محاوري (Dialect) موجب ميلي کي ميڙو سڏبو آهي. لاڙ ۾ جيڪي اهم ميلا لڳن ٿا، اُنهن ۾ شاهه قادريءَ جو ميلو يا يارهين جو ميلو هڪ وڏو ۽ تاريخي ميلو آهي. جيتوڻيڪ هن گاديءَ تي گذريل سٺ ستر سالن ۾ اختلاف به رهيو آهي. پير عالي شاهه ۽ پير ملوڪ شاهه هن سلسلي ۾ ٻه متحارب گروپ رهيا آهن. ٻنهي جا ڪوٽ (حويليون) درگاه جي ويجهو بدين شهر جي ڏکڻ ۾ آهن. ٻنهي مان پير عالي شاهه سماجي، مالي ۽ سياسي حيثيت ۾ وڌي ويو ۽ وڌيڪ نشانبر ٿيو. ايم. ايل. اي (ايم. پي. اي) به رهيو. پير عالي شاهه صاحب جي مائٽي ڪڇ جي پيرن سان ٿي. پير صاحب هڪ ڪتاب ”منهنجي حياتيءَ جا چند ورق“ به لکيو آهي. بهرحال عام خاص ۽ سندس مڃتا وڌيڪ رهي. بدين ۽ لاڙ جو هڪ معزز ماڻهو به هو. شاهه قادريءَ جي مزارن جي پراڻين کُڏن جي جاءِ تي پڪيون جايون گنبذن سان ٺهرايائين.

شاهه قادريءَ جي ميلي کي سرڪاري سرپرستي هِن وقت تائين ڪُل ٽي ڀيرا حاصل ٿي. پهريون ڀيرو 1976ع ۾، جڏهن سنڌ سرڪار جا وزير ۽ ثقافت توڙي تعليم کاتو گهڻو سرگرم رهيو. ملاکڙا، مقابلا، ثقافتي نمائشون، زرعي نمائشون، ادبي ڪانفرنس ۽ ٻيا وندر جا پروگرام ٿيا. ضلعو به هڪ سال اڳ ئي قائم ٿيو هو. اُن ڪري سرڪاري توڙي خانگي جوش وخروش وڌيڪ نظر اچي رهيو هو. ادبي ڪانفرنس جو افتتاح شيخ اياز ڪيو.

ٻيو ڀيرو 1980ع ۾ به اهڙي پيماني تي ئي پروگرام ٿيا. 1991ع ٽيون ڀيرو ايڏو وڏو پروگرام ٿيو. پهرئين پروگرام ۾ ادبي سطح تي محمد سومار شيخ وڌيڪ جاکوڙ ڪئي. ٻئي ۾ به سندس محنت نمايان هئي. ٽيون موقعو سڄو محمد اشرف سيال (اي. سِي) جي محنت جو نتيجو هو. سنگت ساڻ رهي، پر محمد اشرف جي جاکوڙ نمايان ۽ بنيادي هئي. اُن کان پوءِ رهيو نالو الله جو! روايتي ميلو به هاڻي لڳي ڪونه ٿو. درگاهه تي ڪجهه رسمون ٿين ٿيون ته اُن جي ڪنهن کي خبر ڪانه ٿي پوي. پير صاحب به نرينه اولاد کان سواءِ گذاري ويو.

شاهه قادري، حضرت شهاب الدين، مٿي ڏهين پيڙهيءَ ۾ حضرت غوث اعظم شاهه عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان آهي. پاڻ حق جي تلاش ۽ دين جي تبليغ لاءِ بدين مان اچي نڪتو ۽ هتي ئي رهيو. تحفة الڪرام ۾ قانع سندس بيان ڏنو آهي. فاضل ليکڪ شاهه قادريءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”حضرت غوث الثعلين جي اولاد مان آهي. بدين جي ٻاهران ڏکڻ طرف سندس درگاهه خدا وارن جي مرجع آهي(13)“. لاڙ پٽ ۾ هِن درگاهه جي مڃتا گهڻي آهي. شاهه قادريءَ جو (يارهينءَ جو) ميلو لاڙ جو هڪ اهڙو ڏهاڙو آهي. حضرت شاهه قادريءَ 1780ع ۾ وفات ڪئي.

لاڙ ۾ عام زندگيءَ تي هن بزرگ ۽ ميلي جو چڱو اثر رهيو آهي. وقت گذرڻ سان ۽ سڀڪجهه سياست جي نذر ٿي وڃڻ سبب هاڻي انهيءَ سوچ ۾ بيشڪ فرق آيو آهي، پر ميلي جي ثقافتي پهلوءَ کي نظرانداز نه ڪرڻ کپي. سرپرستي ملي وڃي ٿي رڳو ڪو مچ مچائڻ وارو هجي.

حوالا ۽ سمجهاڻيون

1.         قانع، مير علي شير. ’تحفة الڪرام‘ سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع ص 416.

2.        ايضاً – ص ص 412 کان 421.

3.                 شيخ محمد سومار ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1957ع ص 41.

4.                 شيخ محمد سومار ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1982ع ص ص 110 کان 115.

5.                  شيخ محمد سومار ’بدين‘ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، 1979ع ص ص 58 ۽ 59.

6.                 بحواله ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ ص 45.

7.                 ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘ ص 13.

نوٽ: اِهوئي نئون شهر بدين آهي، جتي سانول فقير جو اوتارو آهي. گمان اِهوئي آهي. هن وقت اُهو پلاٽ ڪريم بخش زرگر جي ملڪيت آهي. سندس چوڻ موجب (15 – 11 – 1996ع) هي پلاٽ پاڻ شاهه ڪريم جي پوين کان ورتائين. اُن پلاٽ ۽ منهنجي گهر جي وچ ۾ فقط هڪ گهٽي آهي. 1974ع کان وٺي اندازاً ويهارو سالن تائين اوتاري ۾ هڪ فقير ويٺو هوندو هو ۽ ٻهراڙين مان آيل ماڻهو گهوڙا ۽ بيل گاڏيون فقير جي حوالي ڪري، شام جو واپس وٺندا هئا. کيس ٻه يا چار آنا ڏيندا. نومبر 1996ع ۾ منهنجي فقير الله بچائي تمراڻي (ڀٽائي) سان ملاقات ٿي. هِن پلاٽ / اوتاري جي باري ۾ جيڪي پتا ۽ پار ڏنائين، تن موجب به اوتارو اِهوئي آهي. هُن اولهه ۾ کدڙن جي مڙهيءَ جي هجڻ جي ڳالهه ڪئي. اُها به گهڻي وقت کان هِت موجود آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سانول فقير کدڙو هو. هن باري ۾ محمد سومار شيخ، هن ريت لکيو آهي: ”بدين شهر ۾ زرگر محلي جي ڀرسان تعلقي آفيس جي اُتر کان ۽ ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجي جي بنگلي جي اولهه طرف کان شاهه عبداللطيف جو اوتارو آهي. شاهه صاحب للاڻيءَ جي لوءِ تان ڀيرو ڪرڻ ايندو هو ته تڏهن اڪثر ڪري پاڻ اُتي اچي رهندو هو. نانگا پنٿ جو سانول فقير ڀرسان رهندو هو(لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا – ص 79) 1986ع سکر.

پراڻو شهر جيڪو مدد پٺاڻ لٽيو، سو هاڻي وري به ڪچي آباديءَ طور اُسريو ۽ آباد ٿيو آهي. اُهو شهر اولهه ۾ 1975ع ۾ ضلعو ٿيڻ سان نئون ٿيو آهي. ڪاليج، اسپتال، ميوزيم، ضلعي آفيسون ۽ گهر ٺهيا آهن.

8.                 بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر). شاهه جو رسالو، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز، 1989ع ص 5.

نوٽ: شهاب الدين شاهه قادريءَ جي مقام بابت ڊاڪٽر بلوچ ڏيڍ مهل اُتر اولهه ۾ لکيو آهي. حقيقت ۾ هي مشهور مقام بدين جي ڏکڻ ۾ هڪ ميل تي آهي.

9.                 وفائي دين محمد ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1985ع ص 102.

10.             ’تحفة الڪرام‘ ص 45.

11.              ايضاً - ص 448.

12.             ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘ ص 237.

13.             ’تحفة الڪرام‘ ص 412.

 

بدين: تاريخ ۽ تهذيب جي آئيني ۾

 

سنڌ قدرت جو هڪ عظيم تحفو آهي ۽ قديم زماني کان هڪ جدا ۽ خودمختيار ملڪ رهيو آهي. سرسبزي ۽ خوشحاليءَ باعث لالچي حمله آورن جو نشانو به رهيو آهي. سنڌ جو لاڙ وارو حصو به اهڙن حملن ۽ ظلمن جو شڪار ٿيو آهي. پهرين ايرانين ۽ يونانين سنڌ تي حملا ڪيا ۽ پنهنجا نشان ڇڏيائون. عربن جي فتح (712ع) کان پوءِ سنڌ کي سنڌڙي به سڏيو ويو. عربيءَ ۾ سِندان جو نالو پيس. هي لاڙ وارو علائقو روپاهه سڏجڻ ۾ آيو. عربن کان پوءِ سومرا حڪمران ٿيا. وڳهه ڪوٽ ۽ روپاهه جا شهر وڌيا ۽ آباد ٿيا. سومرن جي اندروني اختلافن سبب سندن هيءُ لاڙ جي حڪومت ڪمزور ٿي ختم ٿي. کانئن پوءِ سما حڪمران ٿيا، جن 1351ع کان 1520ع تائين حڪومت هلائي، اُن کان پوءِ حمله آور ارغون شاهه بيگ ۽ شاهه حسن سنڌ جا بادشاهه ٿيا. سندن زوال کان پوءِ ترخان ۽ نيٺ مغل درٻار جا گورنر حڪمران ٿيا. تان جو وري ڪلهوڙا جيڪي پهرين مذهبي پيشوا هئا، 1719ع ۾ دهلي درٻار کان حڪومت جو پروانو وٺي حڪمران بنيا. 1782ع ۾ اُنهن جي زوال تي ٽالپر آيا ۽ 1843ع ۾ انگريزن جو قبضو ٿيو.

انهيءَ وچ ۾ سنڌ تي اولهه ۽ اُتر کان جيڪي حملا ٿيا سي تاريخ جو حصو آهن ۽ سڄي سنڌ سان گڏ انهن جو اثر لاڙ ۽ بدين جي سرزمين تي به پيو. سومرن جي راڄ واڙن ۽ پوءِ حڪومت جي دؤر ۾ بدامني ۽ سومرن جي باهمي اختلاف نه رڳو حڪومت ۽ طاقت ختم ڪئي، بلڪ بدين جو سڄو علائقو سماجي ۽ معاشي طور پست ٿي ويو. سمن جي حڪومت کي حالات بهتر بنائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پئي. آخري وڏي حاڪم ڄام نظام الدين تائين اچي حالات بهتر بنيا ته ارغونن جي يلغار ۽ سندس پٽ ڄام فيروز جي ناتجربه ڪاري ۽ ناعاقبت انديشيءَ سبب سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو ۽ حڪومت غيرن جي قبضي ۾ هلي ويئي. سنڌين سان جيڪي وئل وهايا ويا تن جو خاص نشانو اسان جا اڄ جا ضلعا بدين، ٺٽو ۽ دادو رهيا.

تاريخ جي هن ڏکئي دور لاڙ واسين جي فطري تهذيبي جذبي کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. هنن جي علم، ادب، هنر، تهذيب ۽ تمدن ۾ دلچسپيءَ کي قائم رکيو. اولياء الله، صوفي ۽ اهل دل درويش ٿيا، جن ماڻهن ۾ پنهنجائپ ٻڌي ۽ انسانيت پيدا ڪئي. اُنهن ۾ شاه عنايت احمد راڄو، شاهه قادري، شاهه بخاري، شاهه برهان، محو ولي، شيخ عمر، ۽ ٻيا ڪيترا درويش اچي وڃن ٿا. اُن کان سواءِ دين جي تعليم ڏيڻ سان گڏ عالم تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندا رهيا. اُنهن ۾ مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم ابوالحسن، احمد ڪتابي مخدوم محمد هاشم ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. لاڙ جي عالمن عربي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ سوين ڪتاب تفسير فقهه، حديث ۽ ٻين علمن جي باري ۾ لکيا.

هر شعبي ۾ لاڙ وارن جون خدمتون نمايان آهن. اُن ۾ سماجي شعبو به اهم آهي. هن سلسلي ۾ چڱن مڙسن جا نالا به سوين آهن. اهڙن ماڻهن ۾ بدين جا سهلو منڌرو، ڪسيرو خاصخيلي ارباب فضلي، محمد اشرف ٿيٻو، رئيس حيدر خان جوڻيجو، حاجي امام ڏنو خواجو، ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو ۽ پير عالي شاهه جا نالا اچي وڃن ٿا.

شاعريءَ جي شعبي ۾ محسن ٺٽوي، غلام علي مداح، غلام علي مائل، زمان شاهه ساقي، ڀاون شاهه ساقي، پير بخش دلريش، مولوي احمد ملاح، لطيف الله قادري، خليفي نبي بخش، محمد صديق مسافر ۽ ٻين ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا.

شعله بيان مقررن ۾ نذير حسين حيدريءَ هڪڙي جو ئي نالو ڪافي آهي. جن سندس انداز تقرير ٻڌو هوندو انهن کي ڪل هوندي. بدين معاشي طور ڏسجي ته هنرمند عوام جو ضلعو آهي. انهن هنرمند ماڻهن جو جن جيئڻ لاءِ وس ڪيا آهن. هارين ۽ مزورن جو هي وطن انهن جي ئي جاکوڙ ۽ کاهوڙ سبب دنيا ۾ سربلند آهي. هُو پنهنجن سونهري هٿن سان نه رڳو پنهنجي روزي ڪمائين ٿا پر سڃاتا وڃن ٿا. ڏِپر، ڦڙهن ۽ بانٺ مان توريون، تڏا، کارا ٺاهي نه رڳو ضرورت پوري ڪن ٿا پر پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي به ضرورت پوري ڪن ٿا. ڪکن ڪانن، بانٺ ۽ مٽيءَ مان پنهنجا اَجها به جوڙين ٿا.

مڇي ۽ پکي هتان جي ڍنڍن جي پئدائش آهي. هن مان ملاح ۽ ماري روزگار حاصل ڪن ٿا ۽ غذائيت جي به پورت ٿئي ٿي. سمنڊ سيوين ٿا ۽ معيشت مضبوط ڪن ٿا. عام ڪاريگرن ۾ واڍا، رازا، لوهار، ڪاريا، موچي، کٽي ۽ ٻانڌڻا ٺاهيندڙ به آهن. اُنهن ۾ هڪرا شاهه ڪاريگر آهن. جن جو ڪم ديس پرديس سڃاتو وڃي ٿو. ثقافتي فوقيت جن هن زماني ۾ به اسان جا شاهه ڪاريگر سڃاڻپ رکن ٿا. هنن جي ڪم جو قدر سرنديءَ وارا سندن پورهئي کي ڏسي ڪن ٿا، پر هڪ بي سروسامان اديب محمد سومار شيخ هٿين خالي هجڻ جي باوجود قلم جي زور تي هنرمندن جي فن جو پورو پورو قدر ڪيو. اُهو هيئن ته هُن هنرمند جا انگ اکر گڏ ڪيا ۽ ڪم جي نوعيت جو بيان ڪيو. سندن اوزارن جا تفصيل جمع ڪيا ۽ وڏي ڳالهه ته هنرمندن جي زبان ۽ ڪم جي باري ۾ مڪمل لغت به تيار ڪيائين. سندس هي ڪتاب پيتين ۾ بند آهن. اسان لاءِ هي اهڙو لمحو آهي جو هن خزاني کي هٿ ڪري هن بي زبان خزاني کي زبان عطا ڪرڻ جو اُدم ڪريون. (هاڻي قلمي ڪتاب لاڙ ميوزيم ۾ رکيا ويا آهن.)

فنڪار به بدين جي ورثي ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. سندن فن هن مخصوص خطي کان نڪري سڄي سنڌ ۾ پهتو ۽ داد حاصل ڪيائين. انهن ۾ هڪ رانجهو لکان دا مَٽ اُستاد مٺو ڪڇيءَ جو نالو بس آهي. هُن هڪ طرف ڪلاسيڪل انگ ۾ مهارت حاصل ڪئي ته ٻئي طرف وڏن شاعرن شاهه لطيف، سچل سرمست، مصري شاهه، اُميد علي شاهه ۽ احمد ملاح جو ڪلام ڳائي قدردانن کان داد تحسين حاصل ڪيو. سندس ڀاءُ عثمان ڪڇي به وڏو فنڪار هو. هن گهراڻي جا پويان به شمع موسيقي روشن رکيو اچن. اُن کان سواءِ لطف شيدي ۽ پوڙهو شيدي به بدين جا اهم فنڪار ٿي گذريا آهن. اُستاد ميرمحمد لُنڊ به هن تَرَ جو هڪ سُريلو سازڪار آهي. هن ڪانيءَ ۽ بوڙينڊي وڄائڻ ۾ ڪمال حاصل ڪيو آهي.

تازو هڪ بزرگ فنڪار دريافت ٿيو آهي. اُهو آهي لاڙ جو وڏو فنڪار محمد فقير ملاح. هُو سرندي جو شاهه ڪاريگر آهي. سندس مسڪن ميرپور ساڪري ۾ آهي. عمر 85 سال اٿس. ڊسمبر 2004ع ۾ سندس باري ۾ پروگرامن جو هڪ سلسلو بي بي سي اردو سروس تان هليو.

سگهڙن جو سر موڙ بلڪ سگهڙن جي ليول کان مٿي، سانوڻ فقير به بدين جي سونهن آهي. هُن جي راوين ۾ طالب لوهار ۽ گلو لاکي جا نالا اهم آهن. طالب ٽنڊي باگي جو هو ۽ گلو لاکو بدين شهر کان ڏکڻ تي پنج ميل پري لاکن جي ڳوٺ جو ويٺو هو. شاهه جي رسالي جي سانوڻ فقير ڄڻ بيتن ۾ شرح ڪئي آهي. سسئي ۽ مارئيءَ جي سُرن ۾ هر ڳالهه جي جزئيات تمام سهڻي نموني بيان ڪئي اٿس. بڙ واري ڍوري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اُتي شاهه جو رسالو گنج لکيو ويو. اُتي جا ٿوڙي بدين ۽ گولاڙچي ڏکڻ جا جت ۽ جتڻيون مايون رسالي جي امانت سينن ۾ سانڍيندا آيا آهن. رسالي جي راوين ۽ بيت گڏ ڪرڻ وارن ۾ مٺو شاهه (سيراڻي) ۽ لونگ فقير (بدين لڳ) مشهور ٿيا. اڃان به رسالي جا عاشق بدين تعلقي ۽ ٽنڊي باگي تعلقي ۾ موجود آهن.

ماضيءَ ۾ عبداللطيف ڪيسر کان وٺي ڪيترائي شاعر ٿيا پر ويجهي زماني ۾ گل ٽپالي، حاجي مراد چانڊيو، الله بچايو جوڻيجو، فتح علي حليم، مبين پنائي ۽ ٻيا شاعر ٿيا.

بدين ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ به ڪي مانجهي مرد اُٿي پيا. اُنهن ۾ ٽنڊي باگي وارو مير غلام محمد ٽالپر سڀني جو سرموڙ آهي. هن پنهنجي اُدم، عزم ۽ محبت سان هاءِ اسڪول جو بنياد رکيو. پنهنجي زمين جي پئدائش مانهي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنائين ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ به اسڪول به قائم ڪيائين. هن سڄي جدوجهد ۾ محمد صديق مسافر سندس ٻانهن ٻيلي رهيو. هنن تعليمي ادارن مان انيڪ شاگرد فيضياب ٿيا. اهڙي طرح تلهار ويجهو سعيدپور ۾ اُتان جي نيڪ مرد محمد ابراهيم ٿيٻي به پنهنجي هڙان ۽ وڙان خرچ ۽ محنت ڪري اسڪول قائم ڪيو. اڄ اُتي ڪاليج قائم آهي. هنن تعليمي سرگرمين لاڙ پٽ جي گهڻي خدمت ڪئي آهي. اڄ به بدين ۾ پئسي وارا ماڻهو موجود آهن، پر هن ميدان ۾ پير نٿا پائين.

دودي شهيد کان وٺي فاضل شهيد تائين هن سرزمين سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي ميدان ۾ وس آهر پاڻ ملهايو آهي. هاڻي به لاڙ جا انيڪ مرد هن ميدان ۾ خلق جي خدمت لاءِ ٿورو وقت ۽ ٿورو پئسو خرچ ڪن ته خلق جو ڀلو ٿي پوندو.

 

هِنَ شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

 

عوامي شاعر عبدالڪريم ’گدائي‘ جيڪو سنڌ جي عام طور ۽ جيڪب آباد جي خاص طور سڃاڻپ هو. هن پنهنجي شهر جي روشن ماضيءَ جي واکاڻ ۾ نظم لکيو ۽ اُهي نظم هنڌين ماڳين مشهو ٿيو. خاص طور هي بند هر ڪنهن جو ڌيان ڇڪائيندو رهي ٿو:

هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
هي شهر به ڪوئي شهر هيو.

- ته ڇا اسين به پنهنجن شهرن کي گدائي صاحب وانگر نه ساراهيون؟ ضرور ساراهيون، ڇو جو اڄ سنڌ جي ٻين شهرن سان گڏ بدين ۽ جيڪب آباد ۾ ڪي مشابهتون آهن. اُهي آهن گڏهه گاڏيون ۽ گندگي. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونهي ته ٻئي سهڻا شهر مقابلي جي پوزيشن ۾ آهن ۽ اُميد ٿو ڪريان ته بدين سبقت کڻي ويندو. ڇو جو منهنجي شهر تي شهري حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. بدين شهر کي ماضيءَ جي شاندار روايت اصل کڻيو بيٺي آهي. جي اجازت هجي ته 1945ع کان ڳڻيون، جڏهن ديوان آتمارام بدين جي اُن وقت جي لوڪل انتظاميه (نوٽيفائڊ ايريا) جو چيئرمين هو. نالي جي ذمه داري آءٌ مشڪل سان کڻان ٿو. متان ڪو ٻيو نالو هجي. منهنجي والد جڏهن سال سوا پوءِ هن منصب کي سنڀاليو ته اداري جو نالو نوٽيفائڊ ايريا هو جو 49-1950ع ڌاري ٽائون ڪميٽي هو.

شهر جي صحت صفائي ۽ حفاظت سچن پچن چڱن مڙسن جي حوالي هئي. هڪ طرف صوبيدار هو ته ٻئي طرف مختيار ڪار هو. اِهي ڄڻ نظر ڏنڀاڻيءَ لاءِ هئا. شهر جا والي ۽ محافظ سيٽ ڪمال الدين، ديوان ميٺارام، رامواڻي، حاجي امام ڏنو، حاجي عليءَ ڏنو، ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو، ديوان آتمارام، ديوان شامداس ۽ پير عالي شاهه جهڙا مدبر هئا. شهر جي چوڌاري به چڱا مڙس ۽ محافظ موجود هئا جن ۾ اُتر طرف محمد اشرف ٿيٻو، اولهه ۾ غلام حسن پرهياڙ، ڏکڻ ۾ ارباب فضلي ۽ رئيس حيدرخان جوڻيجو ۽ اوڀر ۾ مير غلام محمد پير بخش فاروقي دلريش هو. سڀ پنهنجن محاذن تي خاموش محافظ طور بيٺا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org