سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:10 

مقالا ۽ مضمون

انصاري صاحب جا ڪيترائي مقالا ڇپيل آهن، اُنهن مان ڪي نئين زندگيءَ ۾ ته ڪي مهراڻ (سه ماهي) ۾ شايع ٿيا. ڪي ٻين رسالن ۽ مخزنن ۾ به آهن. ڪي نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل هئا. اُتان ٻين مجموعن ۾ آيا. بهرحال سندس اهم مقالن جي فهرست هيءَ آهي:

مقالا

1.      سنڌي نثر – سماهي مهراڻ – مئي جون جولاءِ 1946ع

2.     گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو – سماهي مهراڻ – آڪٽوبر نومبر ڊسمبر 1947ع

3.     سنڌ جي تهذيب – سماهي مهراڻ – 1/1961ع

4.     قومي زبان ۽ تعليمي زبان سماهي مهراڻ 3 – 4/1960ع

5.     شاهه لطيف جو قاصد ۽ سندس پيغام – نئين زندگي نومبر 1951ع

6.     شاهه لطيف سنڌ جي تهذيب جو محافظ – نئين زندگي مارچ 1952ع

7.     سنڌ نئشنل لئبرري – نئين زندگي ڊسمبر 1952ع

8.     ڀٽائي عبداللطيف سنڌ جي قومي امانت – نئين زندگي آگسٽ 1958ع

ٻي قسط -            سيپٽمبر 1958ع

9.     شاهه جي ڪيمياگري – ڳوٺ سڌار ڪراچي – سيپٽمبر 1958ع

10. شاهه جا رسالا – سماهي مهراڻ (شايد 1950ع جو پرچو آهي. مونوٽ خسته حالت ۾ آهي)

مضمون

1.      خودنوشت سوانح حيات – مهراڻ. 3-4/1957ع

2.     حافظو – سنڌي نصاب (9  10 لاءِ) سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ 1962ع

3.     ارادي جي مضبوطي – سنڌي نصاب (9 – 10 لاءِ) سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ 1962ع

انصاري صاحب جي مقالن ۾ ڪي ڳالهيون بحث جوڳيون ۽ دلچسپ آهن، اُنهن جو جائزو شاهه جي رسالي جي سلسلي ۾ ورتو ويو آهي.

هڪ وضاحت

عثمان علي انصاريءَ بابت ڪن ليکڪن لکيو آهي ته هُن ناول لکيا. مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته: ”ناول سان پڻ سندس تعلق آهي.“ (وياسي وينجهار ص 129) – ”سندس ناول ۽ افسانا زبان توڙي مواد ۽ فن جي حيثيت سان قابل قدر آهن.“ (ويا سي وينجهار ص 129). اهڙي طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته: ”هن به مرزا صاحب وانگر ناول، ناٽڪ، فلسفي، اخلاقيات ۽ ٻين صنفن جا ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ قيمتي اضافو ڪيو آهي“ (ص 210) لڳي ٿو ته هي سڀ ڪجهه ڀُل کان لکجي ويو آهي ۽ ليکڪن جي ڊاريڪٽريءَ ۾ به ڀل کان ”گمراه دوست“ کي ناول ڄاڻايو ويو آهي.(ص 149)

هن وقت تائين انصاري صاحب جو ڪوبه ناول ڇپيو نه آهي. ڪو اڻ ڇپيل ناول، ترجمو ٿيل يا طبعزاد سندس گهر ۾ يا ڪنهن اداري وٽ پيل هجي ته ٻي ڳالهه آهي.

 

حوالا ۽ وضاحتون

1.    عثمان علي انصاريءَ جي خودنوشت سوانح عمري مهراڻ جي سوانح نمبر (1957ع) ۾ شايع ٿيل آهي. هي نمبر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو. 1990ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ اُن جو نئون ايڊيشن شايع ڪيو ته اُن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نالو موجود نه هو!!

ب.     هن سوانح حيات کي پوءِ ٻين مؤلفن بنا حوالي جي پنهنجن ڪتابن ۾ آندو. مهراڻ ۾ مولانا غلام محمد گرامي وفات نامو لکندي آندي ۽ وڌيڪ احوال روبرو ملاقاتن مان ڏنائين. وري سندس ڪتاب وينجهار ۾ به شايع ٿي. ڊاڪٽر غلام علي الانا به بنا حوالي ڏيڻ جي سوانح پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ آندي ۽ ڪتابن تي تبصرو مثالن سان پنهنجي طرفان ڪيائين.

2.           مهراڻ سوانح نمبر (1957ع) ٻيو ايڊيشن 1990ع، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 665.

3.           ايضاً – ص 665

4.           ايضاً – ص 666.

5.    حامي، عطا محمد (ڊاڪٽر). خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، سنڌالاجي 1994ع ص 337 – 338.

6.           ايضاً – ص 335 – 336.

7.           خودنوشت – مهراڻ سوانح نمبر – ص ص 665 – 666.

8.           ايضاً – ص 667.

9.           ايضاً – ص 667.

10.       ايضاً – ص 668.

11.        ايضاً – ص 668.

12.       ايضاً – ص 668.

13.       گرامي، غلام محمد. سماهي مهراڻ 2/1962ع ۽ وينجهار سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص 133.

14.       ايضاً – ص 133.

15.       ايضاً – ص ص 133 – 134.

16.       ايضاً – ص ص 134 – 138.

17.       ايضاً – ص 140.

نوٽ: محترم عثمان علي انصاريءَ جي هيءَ مختصر سوانح حيات مٿي حوالا ڏنل ماخذن مان ورتي اٿم. خود شڪارپور مان شايع ٿيل مقالن جي ٻن ڪتابن ۾ ڪوبه احوال نه مليو. هڪ ڪتاب شڪارپور ماضي ۽ حال (1984ع) ۾ فقط هڪ هنڌ انصاريءَ جو نالو آهي (ص 91) – ٻئي ڪتاب شڪارپور صدين کان (1988ع) ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد فقط ايترو لکيو آهي ته: ”ڪيترائي ادبي مضمون ۽ ڪجهه ڪتاب لکيائين“ (ص 172). اُن کان سواءِ سچل جو رسالو ايڊٽ ڪرڻ جو لکيو اٿس.

18.   ڪن ليکڪن (ملڪاڻي ۽ اجواڻي) بجاءِ اصل ڪتاب ڏسڻ جي ڪنهن تبصري يا حافظي تي تڪيو ڪندي ’جرمِ وفا‘ جو نالو جرم بي وفا لکيو آهي. ملڪاڻيءَ ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ صفحي 186 تي ’جرم بي وفا‘ لکيو آهي (ڏسو ڇاپو ٻيو 1977 زيب ادبي مرڪز حيدرآباد)- ايئن ٻنهي ڊرامن کي اڻ ڇپيل به سڏيو اٿس – ص 190. پروفيسر اجواڻيءَ پنهنجي انگريزيءَ ۾ لکيل ادبي تاريخ ۾ صفحي 208 تي ’جرم بي وفا‘ لکيو آهي. (ڏسو History of Sindhi Literature، ساهتيه اڪاڊمي دهلي 1970ع)- انهن تي مون پنهنجي ادبي تاريخ ۾ 1973ع، 1983ع ۽ 1994ع وارن ڇاپن ۾ مسلسل نشاندهي ڪئي آهي- (ڏسو ٽيون ڇاپو سنڌي ادب جي مختصر تاريخ 1994ع ص 17).

19.       سر ڊانلڊ ولفٽ (ديباچو) The complete works of Shakespeare Spring books London pp. 778 – 811.

20.      ايضاً –  ديباچو – ص 13

21.   مون کي جيڪو ڪتاب ڏسڻ جو موقعو مليو اُهو متان ٻيو ايڊيشن هجي ڇو جو اُن تي ”ٻيو جلد 1929ع“ لکيل آهي. اڪثر هنڌن تي اُن جو پوءِ وارن ڇاپن جا به حوالا آهن ۽ سن سال به پوءِ جا لکيل آهن.

22.  سنڌي ۽ انگريزي ڊرامن جي ڀيٽ ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي، جيئن خبر پئجي سگهي ته ليکڪ ۽ مترجم جي تحريرن ۾ مڪمل هڪ جهڙائي آهي يا نه. اهڙي ريت قليچ بيگ جي ڪيل ترجمن شمشاد مرجانه ۽ عزيز ۽ شريف سان به انصاريءَ جي ڪيل ترجمن جي ڀيٽ جو موقعو نه ملي سگهيو. اندازو آهي ته ٻنهي مترجمن جي ڪاوشن ۾ فرق ٿي سگهي ٿو.

23.  1939ع ۾ جڏهن عثمان علي انصاري مدرسه هاءِ سڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ محمد اسماعيل عرساڻي اُتي ماستر هو ته کيس خاص موقعي لاءِ ڊراما لکڻ جي ترغيب ڏنائين ۽ ڊراما ’بدنصيب ٿري‘ لکيو ۽ اسٽيج ڪيو وي. (ڏسو: بدنصيب ٿري سنڌي ادبي بورڊ جو 1974ع وارو ڇاپو – حرف آغاز ۽ پڻ عرساڻي صاحب جي آتم ڪهاڻي ”سکر سيئي ڏينهن“ ڪتابي دنيا حيدرآباد 1985ع، ص ص 222 – 223 ۽ 240، جتي هن اِهو به لکيو آهي ته بدنصيب ٿريءَ جو نالو به انصاريءَ تجويز ڪيو. اُن کان سواءِ انصاريءَ جي دوستيءَ ۽ ڪچهرين جا حوالا به ڏنا اٿس.

24.      ملڪاڻي، منگهارام. سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1977ع (ٻيو ڇاپو) ص 55

25.      ايضاً – ص 55.

26.      انصاري. پنج، ديباچو

27.      ملڪاڻي، ص 55

28.      ادبي انتخاب – ص ص 27، 31، 51 ۽ 52.

29.      ايضاً – ص ص 52، 53 ۽ 54

30.      منهنجي هٿ ۾ ٻيو ڇاپو آهي، جنهن ۾ 79 صفحا آهن.

31.       ويا سي وينجهار – ص 131

32.  دائود پوٽو: مضمون ۽ مقالا – ص ص 179 ۽ 219. نئين زندگي نومبر 1952ع ۽ نومبر 1958ع ۾ هي مقالا پهرين ڇپيا.

33.      سرمست، سچل يادگار ڪميٽي خيرپور. 2/1982 ص 31.

 

پروفيسر محبوب علي چنه

(شخصيت ۽ ادبي خدمتون)

سنڌ جي علمي آسمان تي جيڪي روشن ستارا چمڪيا ۽ پنهنجي آب و تاب سان وطن کي روشن ڪري ڇڏيائون. تن ۾ محبوب علي چنه هڪ درخشان ستارو آهي. سندس تحقيق جو دائرو سنڌ جي تاريخ جي هر پهلوءَ کي گهيري بيٺو آهي.

سيوهڻ جي سرزمين کي اهو شرف حاصل آهي، جو هن درخشنده ستاري کي جنم ڏنائين. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو جائزو وٺڻ کان اڳ مختصر طور سندس سوانح عمري بيان ڪرڻ ضروري آهي. جيڪا مون مختلف ذريعن ۽ ڪتابن مان به هٿ ڪئي آهي ۽ سَنَد خاطر چنه صاحب جي ڪتاب ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ تان ورتل آهي. هي ڪتاب پنهنجي قائم ڪيل پبليڪيشن ”صالح سيريز“ تحت شايع ڪيائين، اُن ڪري احوال به مستند آهي. خود ئي ڏنو هئائين.

محبوب علي 12 مارچ 1922ع تي سيوهن ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد صالح چنه هو. جيڪو پوسٽ آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪ هو. محبوب علي چنه شروع ۾ پنجين درجي انگريزيءَ تائين سيوهڻ  پڙهيو. حيدرآباد هاءِ اسڪول (هاڻوڪو نورمحمد هاءِ اسڪول) ۾ مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين. مرحوم نورمحمد (اسڪو جو باني) کيس گهڻو گُهرندو هو. نامساعد حالات جي باوجود ڪاليج جا پهريان ٻه سال ڊي. جِي نئشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيو ۽ بي. اي. جا ٻه سال ڪراچي ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ مڪمل ڪيائين.

اڃان انٽر ۾ هو ته سندس شادي 5 مئي 1941ع تي ٿي. بي. اي. جي امتحان ۾ سنڌ مان پهريون نمبر آيو. اُن ڪري بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان کيس خاص اعزاز دڪشنا فيلوشپ مليو. اهڙي طرح ايم. اي. ۾ به بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1947ع ۾ پهريون نمبر آيو ۽ کيس سونو تمغو (Gold Medal) مليو. نه رڳو ههڙي سونهري تعليمي رڪارڊ مان چنه صاحب جي محنت ۽ علم سان محبت ظاهر ٿئي ٿي، بلڪ تدريس جي شعبي سان به انهن ئي سالن ۾ منسلڪ رهيو ۽ اِهوئي سندس شوق هو. هن سلسلي ۾ هو سنڌ مدرسي ڪراچي، ميونسپل هاءِ اسڪول سيوهڻ ۽ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ اُستاد رهيو ۽ ايس. ٽي. سي جو امتحان به پاس ڪيائين.

1946ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ لاءِ به سندس چونڊ ٿي، پر ڇو جو کيس تعليم، تدريس، تصنيف ۽ تاليف سان بيحد گهڻي محبت هئي، اُن ڪري انتقامي کاتي ڏانهن نه ويو ۽ تعليم کاتي کي ترجيح ڏنائين. چنه صاحب تصنيف تاليف جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو ۽ تدريس سان به سندس شوق شفف وڌندڙ هو. علمي حلقا به ان جو داد ڏيئي رهيا هئا. 1950ع کان وٺي سندس جيڪي علمي مقالا شايع ٿيا آهن، تن جو معيار نهايت اعليٰ آهي. سندس علمي مرتبي کي نظر ۾ رکندي آمريڪي سرڪار کيس 1961ع ۾ خاص دعوت تي آمريڪا گهرايو. اُتي جا علمي ادبي ادارا، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ لئبرريون ڏٺائين ۽ موٽندي جپان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جو علمي دؤرو به ڪيائين.

موٽيو ته آءٌ ساڻس ملڻ ويس. ريشم گهٽي حيدرآباد واري گهر ۾ جنهن ڪمري ۾ ويٺو هو اُن جي هڪ ڪنڊ ۾ ٻه ٽي ڪتابن جا سٿا پيا هئا، جيڪي ڇت کي ڇهي رهيا هئا. ٻيا به ملڻ وارا ويٺا هئا. پاڻ ڪتابن ڏي اشارو ڪري چيائين ته هيءَ دولت ڪمائي آيو آهيان. ڪُره ارض گهمي آيو آهيان. ڪيترن ئي اسڪالرن جا نالا ورتائين جن سان ملي ۽ بحث مباحثا ڪري آيو هو.

ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو به روشن رڪارڊ اٿس. 1948ع ۾ بي. ٽي پاس ڪري گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿيو. 1951ع کان 1953ع تائين سروري ڪاليج هالا جو پهريون پرنسيپل ٿيو. 1 – نومبر 1962ع تي جامع عربيه ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد جو پرنسيپل ٿيو. اُن کان پوءِ 15 – آگسٽ 1966ع تائين سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپل رهيو. 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لطيف آباد حيدرآباد جو به پرنسيپل رهيو. ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ به ڪاليجن جو پرنسيپل رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سرواڻ مارچ 1953ع کان جولاءِ 1954ع تائين رهيو. اهم اداري نئشنل بوڪ ڪائونسل ڊاريڪٽر به رهيو.

چنه صاحب ڪيترن علمي ادبي ادارن جو ميمبر رهيو. انهن مان اهم هي آهن:

سنڌي ادبي بورڊ

انجمن فروغ ادب هالا

لطيف يادگار ڪميٽي

جميعت الشعراء سنڌ

مرڪزي بزم طالب الموليٰ

اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي

آرٽس فئڪلٽي سنڌ يونيورسٽي

سينيٽ سنڌ يونيورسٽي

اسپورٽس ڪميٽي سنڌ يونيورسٽي

بورڊ آف اسٽڊيز سنڌي، عربي ۽ فارسي سنڌ يونيورسٽي

اڪيڊمڪ ڪميٽي بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد

چنه صاحب جي باغ و بهار شخصيت تي لکڻ جي قلم کي طاقت نه آهي. ملڻ سان شخصيت جي پروڙ پوي ٿي. هڪ لفظ ۾ لکجي ته اُهو لفظ آهي دوست هڪ جذبي ۾ پرکجي ته آهي ’محبت‘. 24 نومبر 1977ع جو ڏينهن آخري هو ۽ مڪي جو متبرڪ شهر هو. جڏهن چنه صاحب راه حقيقي جو مسافر ٿيو. سندس علمي ادبي ڪم جو مڪمل جائزو وٺڻ به آسان ڪونهي، فقط وت آهر چند معروضات آهن، جيڪي پيش ڪريان ٿو.

چنه صاحب جي ڪتابن جي فهرست مڪمل نه ڪري سگهيو آهيان. مختلف ذريعن مان هيٺيان ڪتاب معلوم ٿيا آهن:

1.      لطيفي لنوء (گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ اُستاد هئڻ وقت هڪ مجموعو ايڊٽ ڪيو هئائين، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ تي چند مقالا هئا). (1951ع)

2.                 مسلمانن جي شاديءَ جو قانون (1961ع)

3.                 مخدوم قلندر شهباز (1962ع)

4.                 سرمست درازي (1964ع)

5.                 ضياءِ قلندر (1965ع)

6.                 ڪليات امين (1966ع)

7.                 سردار قلندر (1967ع)

8.                 اسلامي تاريخ جو مطالعو (1967ع)

9.                 هڪ شخصيت ٻه پهلو (1968ع)

10.             ڪليات نورل (1970ع)

11.              ڪچڪول طالب الموليٰ (1970ع)

12.             تذڪره شيخ عثمان مروندي

13.             سنڌي ادب جو سرسري جائزو (سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾)

قلندر لعل شهباز ۽ سچل سرمست تي سندس ڪتاب ترتيب ۽ تدوين آهن. شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جي سلسلي ۾ سيد نور محمد شاهه نورل جو ڪليات ايڊٽ ڪيائين ۽ سروري خاندان جي بزرگ مخدوم امين محمد جو ڪلام ڪليات جي صورت ۾ ترتيب ڏنائين. هي ٻئي ڪليات بالترتيب صالح سيريز ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. سندس ڪتاب ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ صالح سيريز شايع ڪيو. هن ۾ ست مقالا آهن، جن جي ترتيب ۽ تسلسل سان عنوان کي واضح ڪيو اٿس. مقالا هي آهن: (1) اسلام کان اڳ دنيا جي حالت (2) رباني رحمت جا ڪرشما (3) حضرت عليءَ جي شهادت (4) عاشوري جو ڏينهن (5) حضرت عبدالله بن زبير (6) حضرت بي بي صفيه 07) حضرت عبدالله بن عمر.

هنن مقالن ۾ زبان جي لحاظ کان اردوءَ جو اثر نمايا آهي. اُن جو اهو سبب ٿي سگهي ٿو جو ماخذن ۾ گهڻا ڪتاب اردوءَ جا آهن. ڪتابيات ۾ 11 سنڌي، 82 اردو، 64 عربي، 8 فارسي ۽ 44 انگريزي ڪتاب شامل آهن. ڪلياتن ۾ به ڀرپور مقدما لکيا اٿس ۽ شاعرن جي سوانح جا سڀ پهلو روشن ڪيا اٿس. اُهو هيئن ته شاعر جي سوانح عمريءَ کي اُن جي وڏن کان وٺي احوال ۽ سندس ننڍپڻ، تعليم ۽ دؤر جو بيان ۽ شاعريءَ جو دؤر توڙي همعصرن جو ذڪر اچي وڃي ٿو. نه رڳو ايترو بلڪ شاعريءَ تي مڪمل تبصرو به شامل آهي. هن ڳالهه جي ثابتي ڪليات امين ۽ ڪليات نورل ۾ موجود آهي.

چنه صاحب جا مقالا ڪيترائي آهن. سردست اُنهن جي به پوري پروڙ نه پئي اٿم. ڪي ته اُنهن مجموعن ۾ آهن، جيڪي يا خود ترتيب ڏنائين يا ڪن ٻين مرتبن شاهه، سچل، قلندر، سروري خاندان وغيره بابت ترتيب ڏنائين. في الحال ٻن موخر جريدن سماهي مهراڻ (1980ع تائين) ۽ نئين زندگي (1970ع تائين) ۾ آيل مقالن جي فهرست هيءَ آهي:

(الف) سماهي مهراڻ

1.      خدا آباد ثالث (شمارو 4/1955ع

2.     ميرپور بٺورو (1/1962ع)

3.     سيوهڻ شريف (2/1962ع)

4.     مخدوم نوح سرور جا سهيوڳي (4/1964ع

5.     سرمست درازي (1-2/1966ع)

6.     سيبويه بن اسماعيل القزداري (1/1968ع)

7.     علي بخش رضا (1-2/1969ع)

8.     ابوالقاسم فردوسي طوسي (1-2/1970ع)

9.     سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا (4/1973ع)

(ب) نئين زندگي

1. لطف اللطيف تي هڪ نظر (نومبر 1952ع)

2. اقبال جي ياد (اپريل 1953)

3. سنڌ جا عوامي گيت (مارچ 1954ع)

4. مڪليءَ جي ٽڪري (9 قسطون آهن. جون 1955ع، آگسٽ 1955ع، آڪٽوبر، 1955ع، ڊسمبر 1955ع، فيبروري 1956ع، مارچ 1956ع، اپريل 1956ع، جون 1956ع، ۽ جولا 1956ع جي شمارن ۾ آهن)

5. شاهه شهيد (فيبروري 1957ع)

6. وايون (ڊسمبر 1958ع)

7. ڀٽائي جي رسالي ۾ سندس همعصرن ڏي اشارا (جولاءِ 1963ع)

8. پاڻ سڳورن جو مخالفن سان سلوڪ (آگسٽ 1963ع)

9. مرحوم ضياءُ الدين بلبل (ڊسمبر 1966ع)

10.       رباني رحمت جا ٻه ڪرشما (جون 967ع)

11.        چوڏهين آگسٽ (آگسٽ 1967ع)

12.       يارهين سيپٽمبر (سيپٽمبر 1967ع)

13.       سيد ميران محمد شاهه (نومبر 1967ع)

14.       سچل سرمست جا دوها (ڊسمبر 1967ع)

15.        خواجه محمد زمان رحه (مارچ 1968ع)

16.       شرح لطيفي (مئي 1968ع)

17.       ڊاڪٽر محمد اقبال (آگسٽ 1968ع)

18.       ذڪر خير (جون 1969ع)

19.       واديء سنڌ جو فارسي علمي سرمايو (جولاءِ 1969ع)

20. شاهه شهيد صوفي (مئي 1970ع)

21.       دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا (آگسٽ 1970ع)

ڪتاب جي مقابلي ۾ مقالي جو دائرو محدود ٿئي ٿو ۽ ٿورن صفحن ۾ ئي ڳالهه مڪمل ڪرڻي پوي ٿي. چنه صاحب جا ڪي مقالا مختصر آهن، سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ تحرير ڪيل مقالا نه رڳو طويل آهن، پر اُنهن ۾ تحقيق جو معيار به بلند آهي. هر مقالي جي باري ۾ ضروري حوالا ڏيندو ويو آهي ۽ ڪٿي به معاملي کي تشنه نه ڇڏيو اٿس.

چنه صاحب جو تحقيق ۾ معيار بلند هو. هن خاص طور مقالن ۾ انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ خيال رکيو ته جيڪي هو چوي ٿو اُن لاءِ مضبوط دليل ۽ ثبوت کپن. سندس ڪوبه علمي مقالو کڻو ته هن ڳالهه جي پوري ثابتي ملندي. خدا آباد ثالث تي سندس مقالو هن ڳالهه جي شاهدي ڀري ٿو. پاڻ سنڌ جي تاريخ جي هن پهلو ۽ خدا آباد جي باري ۾ سڀ تاريخي شواهد گڏ ڪيائين ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجو موقف بيان ڪيائين. سندس مقالو ميرپوربٺورو هڪ نهايت ئي محققانه ڪاوش آهي. شهر ۽ علائقي جي باري ۾ قديم وقت کان وٺي هر پهلوءَ جو مڪمل جائزو ورتو اٿس. ڪنهن به زاويي کان ڏسو چنه صاحب جي دليل جو انداز ۽ بياني طرز ۽ قوت هڪ جهڙو متاثر ڪندڙ آهن. سندس مقالن جي زبان ۾ جوش و خروش بيشڪ آهي، پر ثبوت دليل ۽ مناسب حوالو به موجود آهي. هونئن سندس تحرير ۾ زباندانيءَ جو زور نمايان ملي ٿو. جيڪو منفرد به آهي. عربي ۽ فارسي آميز زبان کي ترجيح ڏيندو هو. شخصيتن سان عقيدت ظاهر ڪندي به سهڻي ٻولي لکندو هو. اُن جا ڪيترائي مثال آهن. ٻين لفظن ۾ اِهو چئبو ته هو زبان جي ڄاڻ ۽ استعمال ۾ شاهوڪار هو. دل کولي داد ڏيندو هو. جي ڪا ڳالهه محسوس ڪيائين ته بلند آواز ۾ چوندو هو. لفظن کي ۽ انهن جي مطلب کي تحرير ۽ تقرير ۾ لڪائيندو نه هو.

ريڊيٽنگ جو به گهڻو ڪم ڪيائين. اُن ۾ مقرر معيار نظر ايندو. مرتب ڪيل ڪتاب ۽ جريدا اُن جو واٰضح مثال آهن. تحقيقي نوعيت جا ڪتاب هڪ شخصيت ٻه پهلو ۽ اسلامي تاريخ جو مطالعو هن ڳالهه جو کليو ثبوت آهن. سندس جذبات تحرير جي هر لفظ ۾ چٽا ٿين ٿا. ڳالهه ۾ به گهڻو اثر هوس. محفل ۾ ويٺو گفتگو ڪري يا اسٽيج تان ڪنهن موضوع تي ڳالهائي اثر انگيزيءَ ۾ بيمثال هو.

بحيثيت شخص جي پاڻ تمام نمايان هو. لڪ لڪاڻي اصل نه ڪندو هو. جيڪي محسوس ڪيائين سو واضح لفظن ۾ چئي ڏيندو هو. بحيثيت اُستاد جي پاڻ نهايت شفيق هو ۽ پڙهائڻ ۾ هڪ محقق جو انداز هئس. پروفيسر چنه ڪو عام استاد نه هو. جيڪي وٽس ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيا آهن، اُهي هن ڳالهه جي ساک ڀرين ٿا. هُو شاگردن کي پنهنجي حافظي مان اڪثر نوٽس به ڏيندو هو. اُهو ڪڏهن شاگردن جي گذارش تي ٿيندو هو، نه ته ليڪچر ئي ڏيندو هو. اُنهن نوٽس مان به اُن وقت جي مُڏن شاگردن اڳتي هلي ڪتاب ٺاهي ڇپايا.

سندس اهليت ۽ قابليت جو هر اُهو ماڻهو معترف آهي، جيڪو يا ساڻس مليو هوندو يا جنهن سندس ڪتاب ۽ مقالا پڙهيا هوندا. چنه صاحب هن دنيا ۾ پنهنجي علم سان گڏ جيڪو اولاد ڇڏي ويو تنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

(الف) ڇهه فرزند:

1. شفيق الرحمان، ڊپٽي ڊاريڪٽر فيملي پلاننگ طور ڪم ڪيائين (گذاري ويو آهي).

2. عتيق الرحمان، شاذو ڪمپنيءَ ۾ مئنيجر آهي.

3. محمد صالح (لالا ميان)

4. نجيب الرحمان

5. مجيب الرحمان، وزير علي ڪمپنيءَ ۾ ملازم آهي.

6. حبيب الرحمان، واٽر مئنيجمينٽ ۾ ملازم آهي.

(ب) نياڻيون چار:

هي مقالو آڳاٽو لکيل آهي. تنهن ڪري سندس اولاد جي باري ۾ اُن وقت جا ئي انگ اکر آهن. موجوده وقت جي صورت حال ڪهڙي آهي، اُن ۾ فرق ٿي سگهي ٿو.

 

ڊاڪٽر بلوچ: عجائب گهرن جي قيام ۽ ترقي لاءِ ڪيل ڪم

 

اِنسان جي ذهني ارتقا ۽ اُپج ۾ ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب جي شعور جو اهم حصو آهي. انساني جيوت ۾ پنهنجي ورثي جي سار سنڀال جي هميشه اهميت رهي آهي. سنڌ جي قديم تهذيب اڄ دنيا جي اڳيان نشانبر آهي. موهن جي دڙي جا آثار قديم تهذيبن ۾ هڪ اهم جاءِ والارين ٿا.

سنڌ جي سُڄاڻن، عالمن ۽ اديبن جون هن سلسلي ۾ خدمتون عالم آشڪار آهن. اُنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ تمام وڏو نالو، وڏي شخصيت، هڪ پُر عزم محقق، اورچ انسان ۽ علم ادب، تاريخ تهذيب، زبان ۽ ثقافت جو عظيم خدمتگار آهي. مون کي جي ڪو ٻيو ههڙو املهه ماڻڪ سُجهي ها ته آءٌ اُن تي ڪتاب لکان ها! مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب تي ڪتاب: ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو لکيو، جيڪو 1998ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڪتاب جي يارهين باب ۾ مون ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جي اُن پهلوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي هي مقالو پيش ڪري رهيو آهيان.

انسان جا دلي لاڙا ننڍپڻ کان اُسرندا ۽ وڌندا ويجهندا آهن. جواني اُنهن جي اظهار جو بهترين وقت آهي. جنهن جوانيءَ ۾ دلي لاڙن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي، اُن ڄڻ جواني ديوانيءَ کي ساڃاهه جو لغام ڏنو ۽ پنهنجن جذبن کي سڻائي واٽ وٺائي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُنهن مان هڪ آهي.

ڊاڪٽر صاحب مئي 1949ع ۾ آمريڪا مان ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن (D.ed) جي ڊگري وٺي وطن وريو. کيس اُتي ملازمت جي آڇ هئي؛ پر وطن جي خدمت جو جذبو هو، اُن سان گڏ سنڌ کي ڏسڻ پسڻ جو شوق به هو. سنڌ ۾ وري وعدو ڪيل ملازمت به نه ملي(11). اُن ڪري وقت کي سجايو ڪرڻ لاءِ آگسٽ 1950ع تائين سنڌ جي وسين واهڻن ۽ ٻين آثارن کي ڏسندو رهيو، تنهن سان گڏ ڀاڳين جي ڀاڻن تي علمي ادبي ۽ ثقافتي ڪچهريون قائم ڪري سگهڙن ۽ ساڃهه وندن جي سينن جي خزانن مان انمول ڳالهين ۽ ڳجهارتن کي سلجهائڻ ۾ لڳو رهيو(12). هن سير سفر ۾ جيڪو کوج جو عنصر هو، تنهن هيٺ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، لغت، لوڪ ادب ۽ اساسي شاعريءَ تي فقيد المثال ڪم ڪيو. منهنجي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل ڪم جو مختصر ذڪر آهي. ڪتاب جي چوڏهن بابن ۾ ضميمي ۾ سندس سوانح حيات ۽ ادبي خدمتن جو هڪ جائزو ورتل آهي. هتي فقط سندن اُن جاکوڙ جو هڪ سرسري جائزو پيش ڪريان ٿو، جيڪا پان سنڌ ۾ ميوزمن جي قيام ۾ واڌاري لاءِ ڪيائون.

ڊاڪٽر صاحب جي هن تهذيبي خدمت جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هڪ ننڍڙي واقعي جو حوالو ڏيڻ گهران ٿو. هن واقعي جو تعلق 1946ع سان آهي. آءٌ پنهنجن ڪن عزيزن ۽ سندن ڪٽنبن سان گڏ ڪراچي گهمڻ ويو هوس. منگهوپير، ڪلفٽن، ڪياماڙي ۽ ڪي ٻيا اهم مقامات ڏسڻ کان پوءِ ’ڀُوت خانو‘ ڏسڻ وياسين. هي اڄوڪو فريئر هال انهن ڏينهن عام خلق ۾ ڀوت خاني جي نالي سان مشهور هو. ٻيا سڀ ماڻهو اڃان هيٺئين هال ۾ هئا، پر آءٌ اڳتي وڌي مٿئين هال ۾ وڃي پهتس. اڃان ڏاڪڻ چڙهيس مس ۽ کاٻي پاسي نظر ڪيم ته اندازاً ڇهه ست ماڻهو قطار ۾ خاموش بيٺل ڏٺم. کين چليمچيءَ جي شڪل جون ٽوپيون پهريل هيون. آءٌ هڪ پل به نه ترسيس ۽ هيٺ لهي آيس. لهي اچي چيم ”واپس هلو! مٿي ٻيا ماڻهو بيٺا آهن!“

جڏهن سڀ مٿي آيا ته ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا. هي ته بوتا هئا. مون کي تفصيل سان ٻڌايائون ته هي عجائب گهر آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اِهو ڀوت خانو، عجائب گهر يا فريئر هال هو. منهنجي ذهن تي پهريون اهو عجائب گهر هو. اُن جي ڀرسان لنگهڻ جا گهڻا موقعا ملندا آهن، پر وري فريئر هال ۾ وڃڻ جو موقعو ڪونه مليو آهي. شاهوڪار ملڪن جا عجائب گهر (برٽش ميوزيم) (چين جو قومي عجائب گهر) ڏسڻ جا موقعا مليا آهن، پر سنڌ جي عجائب گهرن کي اُهو مقام ۽ درجو حاصل نه ٿيو آهي. اُنهن جي قيام ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو گهڻو هٿ آهي. اوترا ذريعا اُنهن عجائب گهرن کي حاصل نه ٿيا، جو بين الاقوامي سطح تي ليکجن. پوءِ به سنڌ جي سُڄاڻن محنت کان گهٽايو ڪونهي.

ڊاڪٽر بلوچ کي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ جو عشق رهيو آهي. اِن سلسلي ۾ جتي پاڻ ڪنهن ڪم کي ڪري نه سگهيو ته اُن جي پورائيءَ لاءِ واسطيدار کاتن ۽ شخصن کي هر طرح تاڪيد ڪندو رهيو(116). هنرمنديءَ، ڪاريگريءَ ۽ فنون جي فروغ لاءِ ڊاڪٽر صاحب ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل“ قائم ڪرائي ۽ پاڻ اُن جو اعزازي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو(117). ڊاڪٽر صاحب 1951ع کان وٺي سنڌ صوبائي لئبرري ۽ سنڌ صوبائي ميوزم قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو(117). موجوده پلاٽ تي بلڊنگ ٺهي. ڀرسان ٻي عمارت لئبرريءَ لاءِ ٺهي. بلنڊنگ جا ڍانچا تيار ٿيا پر اڳتي ڪم ڪونه ٿي ٿيو. ڊاڪٽر صاحب اعزازي سيڪريٽريءَ جو عهدو سنڀالي ون يونٽ صوبي جي چيف سيڪريٽري بي. اي. قريشيءَ کي خالي بلڊنگون ڏيکاريون. اُن صاحب ٽي لک گرانٽ ڏني ۽ ڊاڪٽر صاحب ميوزم قائم ڪيو. پنهنجي اعتماد واري ڪارڪن ظفر ڪاظميءَ کي مقرر ڪرايائين. پاڻ ميوزم ۾ ظفر ڪاظميءَ کي ارتقائي گيلري يعني Stony of Evolution جو خواب سمجهايائين(117). جنهن اُهو ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو ۽ خاطرخواه خاڪا تيار ڪيائين. نه رڳو ايترو بلڪ ڊاڪٽر صاحب سالن کان پنهنجا گڏ ڪيل نوادرات ۽ ٻيون هنرمنديءَ جون شيون سنڌ ميوزيم کي پيش ڪيون.(118)

آثار قديمه، تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ سنڌي جيوت کي سنڌ ميوزيم ۾ سانڍيو ويو آهي. هن ڪم ۾ ظفر ڪاظمي جي قابليت موجوده سطح تي پهچايو. هن وقت سنڌ ميوزيم جون مختلف گئلريون ۽ ايوان ۽ وسيع ٿيل سنڌ جي جيوت جا نمونا ڏسندڙن کي، محنت ڪندڙ جي قابليت کان آگاهه ڪن ٿا. سنڌ ميوزيم جا اهم حصا هي آهن: سنڌي گهر، قديم گئلري جنهن ۾ طبعي ۽ حيواني جيوت ڏيکاريل آهن. هن ۾ طبيعات، انساني ۽ ٻي جيوت جي ارتقا جا نشان موجود آهن. جبلن ۽ معدني پيداوار، قديم غار جي انسان (Caveman) ۽ زراعت جي نمائش ڪيل آهي.

اُن کان پوءِ آثار قديمه جو ميوزيم آهي، آمري، موهن جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجي وغيره جي آثارن جو نماءُ آهن. قديم آثارن ۾ ٻُڌ، اسلامي ۽ ٻين دورن جا آثار آهن. ٻارن جي ميوزيم، ڪاشيءَ جي ڪم، زيورن ۽ سنڌ جي قديم جيوت ۽ تهذيب جا عجائبات موجود آهن. ظفر ڪاظمي ۽ ٻين ڪارڪنن جي محنت سنڌ ميوزم کي بهترين نموني سينگاريو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ميوزيم جي قيام ۽ ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو، اهو عالم آشڪار آهي.

سنڌيونيورسٽيءَ جو ادارو سنڌي اڪيڊمي، جيڪو هاڻي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سڏجي ٿو، ان جي قيام ۽ ترقيءَ ۾ به ڊاڪٽر صاحب جو هٿ آهي. سنڌالاجي جيتوڻيڪ ترقيءَ ۽ ماٺار جو دؤر ڏسندي آئي آهي، پر هن کي تعصب جي باهه لڳي ته اُن کي پاڻيءَ جي بالٽين سان عملي طور وسائڻ وارو به ڊاڪٽر بلوچ صاحب هو. آءٌ ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. سنڌالاجيءَ ۾ هن وقت پبليڪيشن، تحقيقي لئبرري، ڪتابن جي حفاظت ۽ عجائب گهر وارا شعبا آهن. هن وقت سنڌالاجيءَ جي عجائب گهر ۾ ڏهه گئلريون آهن، اُهي آهن: قومن ۽ نسلن جو ميوزيم، هٿيارن جو شعبو، آثار قديمه جو شعبو، اهم شخصيتن بابت شعبو، فوٽوگرافيءَ جو شعبو، موسيقيءَ جو شعبو، عمومي شعبو ۽ بينظير ڀٽو گئلري. اُها ٻي ڳالهه آهي ته قابل عملي ۽ رهنمائيءَ جي کوٽ سبب هي ادارو اڄڪلهه ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهي ته به اُن جي عمارت پُرڪشش آهي. سنڌالاجيءَ جي قيام بابت ڊاڪٽر صاحب جي جاکوڙ جو ذڪر آءٌ پنهنجي ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو ۾ ڪري آيو آهيان. (29، 30 ۽ 31)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب تعليم ۽ تدريس جي لحاظ کان هڪ تعليمي ماهر آهي. تعليم جي ترويج لاءِ شروع کان پاڻ پتوڙيندو اچي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه تعليم (ٽي. ڊي. بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ پروگرام) ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ (۽ هاڻي فئڪلٽي) سان نه رڳو وابسته رهيو ۽ سرواڻ رهيو، پر هن اداري کي اوج تي رسايائين. اُن ۾ تحقيقي جرنل ۽ ٻئي اشاعتي ڪم سان گڏ ميوزيم جو قيام به هو. هن مان سندس بصيرت ظاهر ٿئي ٿي. ڊاڪٽر صاحب شعبه تعليم ۾ هڪ ميوزيم قائم ڪيو ۽ اُن جي تڪميل ڪئي. مقصد هي هو ته زير تربيت استاد تعليم جي طريقن کان واقف ٿين ۽ نصاب جي ضرورتن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هنر ۽ ڪاريگريءَ جي روايت کي بهتر نموني سمجهن. هن مان ڊاڪٽر صاحب جي هنر ۽ آرٽ لاءِ دلچسپي به ظاهر ٿئي ٿي. شعبه تعليم جو هي ميوزيم سنڌ جي هنرمنديءَ جو مظهر بنيو ۽ پنهنجي وسعت ۽ تدريسي افاديت جي لحاظ سان سنڌ جو پهريون ميوزيم هو. ڊاڪٽر صاحب جي وڃڻ کان پوءِ اهو ميوزيم سنڌالاجيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو(27 ۽ 28).

اِهي اهم ميوزيم آهن، جن جي قيام ۽ واڌاري لاءِ محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب دل و جان سان جاکوڙ ڪئي. هن سلسلي ۾ سندس عملي ڪم وسارڻ جوڳو ناهي. عمرڪوٽ ميوزيم، ڀنڀور ميوزيم ۽ حيدرآباد ٿالپر ميوزيم لاءِ به ڊاڪٽر صاحب جو ڪم قابل قدر آهي. وقت بوقت انهن جي واڌاري لاءِ مدد ڪيائين. نه رڳو ايترو پر حيدرآباد ۾ آثار قديمه جي زونل آفيس به سندن سعيي سان قائم ٿي. اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته ڊاڪٽر صاحب منصوره جي کوٽائي دهلن شرناين ۽ شاندار دعوت جي ڌام ڌوم سان عملي طور ڊاريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خان سان سنگت ۾ شروع ڪرائي. (118)

عجائب گهرن ۾ لاڙ ميوزيم به اچي وڃي ٿو، جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب هر وقت همٿائيندو رهي ٿو. نئين عمارت تيار آهي، پر ارباب اختيار جي وس آهي ته باقي اڻ لکو ڪم مڪمل ڪرائي، دوست محترم محمد سومار شيخ جي گڏ ڪيل نواردات کي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏين. هي هڪ مختصر ترين خاڪو آهي، ڊاڪٽر صاحب جي جاکوڙ جي هڪ پهلوءَ جو – نه ته ڳالهه گهڻي آهي.

مون پنهنجي تازي ڪلام ۾ هڪ سؤ ڏيڍ – سٽا شعر چيا آهن، جيڪي ميون، سنڌ جي جاين دنيا جي عظيم شاعرن ۽ اهم شخصيتن بابت آهن. اُنهن ۾ هڪ شعر ڊاڪٽر صاحب بابت به آهي. هيءَ پنهنجي پوٽي اسفنديار سان گفتگو ڪئي اٿم:

اسفنديار ادا! هل ته پسون بلوچ

وڏي سندس سوچ.

حوالا

هن مقالي ۾ آيل ڏنگين ۾ صفحن جا نمبر منهنجي ڪتاب، ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو لاڙ ادبي سوسائٽي بدين 1998ع مان آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org