سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:16 

عظيم تر سنڌ جو سَپُوت- عمر ڪمال خان

قديم سنڌ اندازاً سڄي واديء سنڌ تي مشتمل هئي، جنهن ۾ ملتان ۽ اولهه، اوڀر ۽ ڏکڻ جا ڪيترا علائقا شامل هئا. ملتان جي سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، تمدن ۽ جيوت سان ماضيءَ ۾ گهرو تعلق رهيو آهي. ماضيءَ ۾ سنڌي زبان جو دائرو ملتان ۽ ٻين ويجهين ايراضين تائين وسيع رهيو آهي. هن عظيم ترين سنڌ ۾ ملتان جي اهم ۽ مرڪزي حيثيت رهندي آئي آهي. حضرت بهاءُالدين زڪريا ملتاني عليه رحمت ۽ سندس خانوادي جي مريديءَ واري سلسلي ۾ سنڌين جو خاص حصو آهي. سندن اولاد به سنڌ ۾ موجود آهي. خواجه غلام فريد ۽ مولوي لطف عليءَ جي سرائيڪي ڪلام جو غلغلو ۽ اثر سنڌ ۾ رهيو آهي. هِن مقالي ۾ آءٌ پنهنجي دوست، اديب، محقق ۽ دانشور عمر ڪمال خان جي سوانح ۽ علمي خدمتن جو جامع ۽ مختصر جائزو پيش ڪريان ٿو، جو 9 آڪٽوبر 2006ع تي اسان کان جدا ٿي ويو.

عمر ڪمال خان 10 جنوري 1934ع ۾، محمد خان سدوزئي درانيءَ جي گهر ۾ ملتان ۾ جنم ورتو. سندس والد اسڪولن جو انتظامي آفيسر هو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ڪڙي افغانان مان حاصل ڪري، دهليءَ ويو ۽ جامعه مليه دهليءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتان 1950ع ۾ عباسيه هاءِ اسڪول بهاولپور مان پاس ڪيائين. بي. اي جي ڊگري 1954ع ۾ ايمرسن ڪاليج ملتان مان حاصل ڪيائين ۽ 1957ع ۾ لا ڪاليج لاهور مان ايل. ايل. بي جي ڊگري ورتائين. 1958ع کان وڪالت شروع ڪيائين(1).

نواب مظفر خان شهيد، جنهن جو بيان عمر ڪمال خان هڪ کان وڌيڪ ڪتابن ۾ ڪيو آهي سو سندس وڏن مان هو. هن جو تعلق مشهور افغان قبيلي سدوزئي سان آهي. هن قبيلي جي هڪ شاخ کان خيل جو تعلق وري درانين / ابدالين سان آهي. هن جو باني اسدالله خان عرف سدومير افغان آهي. هُو قنڌار ويجهو 1558ع ۾ ڄائو. سدومير افغان غير معمولي قابليت جو مالڪ هو(2).

عمر ڪمال خان جو تعليم ۽ تدريس جي شعبي ڏانهن اچڻ لاءِ ڪاليج ملتان ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿيڻ سان ٿيو. کيس تاريخ سان خاص طور دلچسپي هئي، جا ذاتي مطالعي کان وڌي تجسس ۽ تحقيق تائين پهتي. هن سلسلي ۾ يورپ، آمريڪا ۽ وچ اوڀر جا سفر به ڪيائين(3).

پاڻ به حيثيت هڪ وڪيل، زميندار، اُستاد ۽ ليکڪ جي هڪ ڪامياب انسان جي زندگي گذاريائين. اُن سان گڏ مختلف انجمنن ۽ ادارن جي ڪارڪن جا فرائض به نڀايائين. هر اداري ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪيائين. هن سلسلي ۾ ٻن ادارن ۾ سندس علمي ڪم وسارڻ جو نه آهي. اُنهن مان هڪ ادارو ”پبلڪ لئبرري باغ لانگي خان ملتان“ کيس اُجڙيل ۽ تباهه حل صورت ۾ ملي، جنهن کي هڪ ڪامياب لئبرري بنايائين. لئبرريءَ جي باري ۾ هڪ ڪتاب به لکيائين. ٻيو ادارو ”بزم ثقافت ملتان“ آهي، جنهن جي وسيلي علمي ڪتاب شايع ڪيائين. اِهو سلسلو اڃان به جاري آهي ۽ ڪل 60 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

عمر ڪمال خان اٽڪل هڪ ڊزن ڪتاب لکيا، جيڪي ڇپيل آهن ۽ اُن کان سواءِ سندس ٻه ٽي ڪتاب زير قلم رهيا ۽ تيار نه ڪري سگهيو. سندس ڇپيل ڪتابن جو مختصر جائزو حاضر آهي.

نواب مظفر خان شهيد اور اُس ڪا عهد (1978ع):

هي ڪتاب، عمر ڪمال خان پنهنجي جد امجد نواب مظفر خان جي سوانح عمري ۽ جنگي معرڪن بابت لکيو آهي. سندس سکن سان معرڪه آراين جي هڪ تاريخ لکي آهي. اُن کان سواءِ سکن جيڪي زيادتيون ڪيون، مسجدن ۽ مزارن جي بي حرمتي ڪئي تن جو هڪ ڊگهو داستان آهي. رنجيت سنگهه کي ملتان مان شڪستون به مليون. اُن ڪري هن ڀرپور حملا ڪيا. نواب مظفر خان 1757ع ۾ ڄائو. هن حالات جو جائزو ورتو ۽ پنهنجي تعليم ۽ تربيت هن کي جانبازيءَ ڏي راغب ڪيو. ملتان ۽ ويجهڙائي وارو علائقو حمله آور سکن جي زيادتين جو شڪار هو. اُن ڪري هن تلوار کنئي ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. مسلمانن جي نا اتفاقي جو تدارڪ نه ڪري سگهيو ۽ وڙهندي شهيد ٿيو.

هي ڪتاب عمر ڪمال خان مڪمل تحقيق ۽ محنت سان لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ هر موضوع کي تفصيل، دليلن ۽ حوالن سان نڀايو اٿس. صاحب ممدوح جي وڏن مير سدو، شاهه حسين خان سدو زئي، نواب زاهد خان، نواب شاڪر خان، نواب شجاع خان ۽ ٻين جو تفصيلي بيان ڪندي، نواب مظفر خان جي ولادت، تعليم، شخصيت ۽ شجاعت جو بيان ڪري ٿو. اُن کان پوءِ نواب مظفر خان جي مختلف معرڪن ۾ شرڪت جو ذڪر ڪري ٿو. مختلف معاملن ۽ نااتفاقيءَ جي ڪري نواب صاحب بهاولپور ۽ ٻين معرڪن ۾ به شريڪ ٿيو. اُن جا عنوان وار تفصيل هن ڪتاب ۾ موجود آهن. نواب مظفر، عبدالنبي ڪلهوڙي جي مدد خاطر مدد خان کي سنڌ ڏانهن موڪليو جنهن حملو ڪري عبدالنبيءَ کي بحال ڪرايو. هن معرڪي جو ذڪر عمر ڪمال خان ڪيو آهي(4). هن سلسلي ۾ اِهو به مشهور آهي ته مدد خان بدين تي به حملو ڪيو ۽ ڦرلٽ ڪئي. جتيون ۽ تڏا به نه ڇڏيائين. واقعات، مهم جوئي، حملن ۽ مقابلن جو مصنف تفصيلي ذڪر ڪري ٿو. ڪتاب جي آخر ۾ نواب صاحب جي دور جي مصنفن، مؤرخن، نقاشن، خوش نويسن، انجنيئرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن جي اهم ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. تنهن سان گڏ نظام حڪومت، مشيرن ۽ ٻين معاملن جو احوال ڏنو ويو آهي.

نواب مظفر خان جي شهادت ملتان جي حربي تاريخ ۾ هڪ وڏي معرڪي جو نتيجو هئي. سندس لاش ملتان جي خضري دروازي وٽ مليو ۽ اُن کي حضرت بهاءُالدين زڪريا جي مزار جي ڏاکڻين دروازي جي سامهون دفن ڪيو ويو(5).

هن ڪتاب مان نه رڳو مصنف جي تاريخ جو شعور پڌرو ٿئي ٿو، بلڪه سندس وطن ۽ اڪابرن سان محبت جو به اندازو ٿئي ٿو. هن واقعات ۽ جنگ و جدل جي معرڪن جو بيان هڪ ڪهنه مشق مؤرخ جي حيثيت سان ڪيو آهي ۽ ڪٿي به سندس جانبداري ظاهر نٿي ٿئي.

Rise of Saddozais & Emancipation of Afghans.

 هي ڪتاب مصنف، پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل اردو ڪتاب ۽ هڪ ٻي انگريزي ڪاوشSaddozais in Multan جي تسلسل جي طور لکيو آهي. هن جي اشاعت 1999ع ۾ بزم ثقافت ملتان طرفان ٿي آهي. هن ڪتاب ۾ واقعات اڳئين انگريزي ڪتاب جي مقابلي ۾ وڌيڪ دليلن سان آندل آهي. عمر ڪمال خان هن ڪتاب کي اِن لحاظ کان مرتب ڪيو آهي ته افغانستان کي هڪ خودمختيار ملڪ بنائڻ لاءِ ملتانين ڪهڙيون ڪاوشون ڪيون. انهن جا تفصيل (1638 – 1747ع) ڏنا ويا آهن.

هي ڪتاب موضوع تي هڪ مڪمل تاريخ جي حيثيت رکي ٿو. هيٺيان باب اُن ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا. افغانن جو اصل نسل، ابدالين جي ابتدائي تاريخ، سدورئين و مهندار، ابدالين جي ابتدا ۽ هرات ڏي پيش قدمي، شاهه عبدالله خان جي تخت نشيني ۽ خراسان جي آزاد حيثيت، نادر شاهه جو عروج ۽ موت ۽ افغانن جي خود مختياري. ڪتاب ۾ آخر ۾ ڪتابيات، ماڻهن جي نالن جي فهرست، ماڳ مڪانن جي فهرست، شجرا ۽ نقشا ڏنل آهن. هي ڪتاب ٽائپ ٿيل مسودي مان ڇپيل آهي. عمر ڪمال خان جي محنت جو هڪ ٻيو ثبوت آهي.

History of Judiciary & Administration of Multan(1980).

هن موضوع تي مصنف هڪ تاريخي نوعيت جو ڪم ڪيو آهي ۽ قديم هندوستان جي قانونن ۽ انتظامي معاملن کان ابتدا ڪئي آهي. اُن سلسلي ۾ پهرين مڪمل تاريخي پس منظر بيان ڪيو اٿس. تهذيب جي شروعات جو ذڪر ڪندي ويدن جي زماني ۽ منوءَ جي قانون جو بيان ڪري ٿو. اسلام کان اڳ واري دؤر جي عدالتي نظام جو 632ع تائين احوال ۽ عرب دؤر جي نظام جو تذڪرو ڪري ٿو. اُن کان پوءِ دهلي سلطنت واري دور جو تفصيل سان ذڪر ڪري ٿو.

هن سلسلي ۾ ليکڪ مختلف شخصيتن جي باري ۾ معلومات فراهم ڪندي انهن جي دؤر جا واقعات بيان ڪري ٿو. اڪبر جي دين الاهيءَ بيان ڪري ٿو. اڪبر جي دين الاهيءَ جي اثر جو ذڪر ڪندي ملتان تي مقرر گورنرن جو به احوال ڏي ٿو. انهن جي دؤر جي عدالتي نظام بابت تفصيلي ذڪر ڪري ٿو. برطانوي دؤر حڪومت جو بيان ڪندي، 19 هين صديءَ جي آخر ۽ ويهن صديءَ جي اڌ ۽ پاڪستاني دؤر جي عدالتن ۽ ججن جو بيان ڪري ٿو. اُن سان گڏ ملتان جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ذڪر تي ڪتاب کي مڪمل ڪري ٿو. آخر ۾ اردو، فارسي ڪتابن تي مشتمل ببليوگرافي شامل ڪيل آهي. ڪتاب ۾ گروپ فوٽو به ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جي مطالعي مان اهو پتو پوي ٿو ته عمر ڪمال خان کي تاريخ جي شعور سان گڏ عدالتي نظام سان به تمام گهڻي دلچسپي هئي.

هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ ڪي تاريخ

پنجاب هاءِ ڪورٽ جي پنڊي، بهاولپور ۽ ملتان بينچن جو اعلان گورنر پنجاب طرفان پهرين جنوري 1981ع تي ٿيو ۽ ملتان جي بينچ جو فل ڪورٽ ريفرنس 13 جنوري 1981ع تي ٿيو. هن 68 صفحن تي ڪتاب ۾ شروعات ڪندي ليکڪ اسلامي نظام ۽ هندوستان ۾ مسلمانن جي حڪومت جي عدالتي نظام جي تاريخ بيان ڪئي آهي. اُن کان پوءِ برطانوي عدالتي نظام جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اُن کان سواءِ پنجاب چيف ڪورٽ، ڊويزنل اعليٰ عدالتي نظام جي قيام، پنجاب ۾ جديد عدالتي نظام جي تنظيم، سرڪٽ ڪورٽ، ملتان ۾ هاءِ ڪورٽ بينچ لاءِ عوامي مطالبن، بار ڪائونسل طرفان ڪيل مطالبن جو بيان ڪيو ويو آهي.

فل ڪورٽ رفرنس جي به ليکڪ تفصيلي رپورٽ ڏني آهي. آخر ۾ ضميمن ۾ جج صاحبان جي فهرست، بار ڪائونسل جي عهديدارن ۽ بينچ جي رجسٽرارن جي فهرست شامل ڪيل آهي. اِن ريت هي ڪتاب ملتان بينچ جي مڪمل تاريخ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب مان ظاهر ٿئي ٿو عمر ڪمال خان هڪ اسڪالر جو ڪردار به نڀايو آهي.

پبلڪ لئبرري باغ لانگي خان ڪي سؤ ساله تاريخ (1982ع)

هن لئبرريءَ کان اڳ اُن جو هڪ پيشرؤ ادارو بنام مولتان بوڪ سوسائٽي قائم هو. ”جنهن جو قيام اندازاً 1849ع ۾ جڏهن انگريزن ملتان فتح ڪيو تڏهن ٿيو. اُنهن جي وندر لاءِ هي ادارو قائم ٿيو. هن سوسائٽيءَ طرفان ملتان ۽ اُن جي ويجهڙن ضلعن ۾ رهندڙ انگريز آفيسرن لاءِ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا هئا(6).“ اُن سوسائٽيءَ جي موجوده شڪل هيءَ لئبرري آهي. لئبرريءَ ۾ آيل پراڻن ڪتابن تي اشاعت جو سال 19 صديءَ جي ٻئي چوٿ کان شروع ٿي، اُن جي آخري چوٿ تائين لڳل آهي. انهن ڪتابن جا جلد خوبصورت ٺهيل آهن.

ڪتاب حاصل ڪندڙ آفيسرن جا نالا رجسٽر ۾ لکيل آهن. انهن ۾ هڪ نالو ڪورٽ لئنڊ جو آهي، جيڪو ملتان ۽ قريبي ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو هو(7). هو 1861ع 1863ع تائين ۽ ان کان پوءِ 1863ع کان 1868ع تائين پنج سال ملتان جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. اندازاً 82-1881ع ۾ پبلڪ لئبرريءَ جي نالي سان عوام جي اڳيان آئي. اُن جو رڪارڊ 1886ع تائين ظاهر ڪونهي. اُن کان پوءِ جو رڪارڊ موجود آهي. ليکڪ اُن وقت کان وٺي لئبرريءَ جي سربراهن جو واقعات ۽ ڪتابن جي عطين جو ذڪر ڪيو آهي. اُنهن عطين ۾ سنڌ جي مشهور اديب محمد شفيع علويءَ جو 1233 ڪتابن جو تحفو ڏنو، تن جو بيان آهي، جن ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي ڪتاب شامل آهن(8).

هن لئبرريءَ جي ترقيءَ ۾ لالا هر چند جو دور، جيڪو 1913ع کان شروع ٿيو سو هڪ درخشان دور هو ۽ ٻيو آخري دور جنهن جو عمر ڪمال خان سربراهه رهيو سو بهترين دؤر هو جنهن ۾ ٻين ڪتابن سان گڏ سنڌي ڪتابن جو واڌارو ٿيو ۽ ريڊنگ روم ۾ پڙهڻ وارن جو اضافو ٿيو. مون کي فخر آهي ته منهنجا ڪتاب به هن لئبرريءَ ۾ موجود آهن.

لانگي خان جو نالو لئبرريءَ سان منسلڪ ٿي ويو سو باغ جو مالڪ هو جنهن سان متصل لئبرري آهي. هُو بادشاهه محمد شاهه رنگيلي جو همعصر هو(9). سؤ سالن جي تاريخ رکندڙ هيءَ لئبرري مالي مسئلن سان مقابلو ڪندي، اڄ (2006ع) 124 سالن جي عمر کي پهتي آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ منعقد ٿيل ميٽنگن جي مڪمل روئداد ڏني آهي ۽ مختلف دورن جي انتظاميه جا گروپ فوٽو به شامل ڪيا آهن. عمر ڪمال خان، پبلڪ لئبرري ملتان جي تاريخ لکي هڪ اهم باب جي تڪميل ڪئي آهي.

عمر ڪمال خان جا انهن ڪتابن کان سواءِ ڪي ٻيا به ڇپيل، اَڻ ڇپيل ۽ غير مڪمل ڪتاب موجود آهن، جن ۾ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس (1988ع) جي مڪمل رپورٽ به ڇپيل آهي.

شخصيت

عمر ڪمال خان، دوستن جو دوست، اديب ۽ محقق پهريون ڀيرو بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ مبصر طور شامل ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ آيو. پاڻ سان ڀري ڪتابن جي آندائين ۽ دوستن کي ڏنائين. ڪتابن ۾ اٽڪل ويهارو ڪتابن جون ڪاپيون هيون، جي گهڻو ڪري سندس ادبي اداري بزم ثقافت ملتان شايع ڪيا هئا. ذاتي سطح تي مون جيئن عمر ڪمال خان کي ڏٺو، اُن باري ۾ سندس ذات ۽ شخصيت جا چند پهلو بيان ڪرڻ سان هن سڄڻ ۽ واديء سنڌ جي سپوٽ جي اهليت جو اندازو ٿي سگهندو.

عمر ڪمال خان، ملتان ۽ سنڌ جي تذڪري ۾ ملتان کي واديء سنڌ جي حوالي سان بيان ڪيو آهي ۽ اُن ڳالهه تي فخر ڪندو هو. اُن جو اندازو سندس انهيءَ رپورٽ مان به ٿئي ٿو جا هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ادبي ڪانفرنس بابت لکي. اُن وقت کان وٺي مون سان رابطي ۾ رهندو آيو ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪرڻ (5 آڪٽوبر 2006ع) تائين اُهو رابطو خطن، فونن ۽ ملاقاتن وسيلي قائم رهيو.

آءٌ 2002ع ۾ خواجه فريد ڪانفرنس ۾ مٺن ڪوٽ وڃڻ لاءِ پهرين سڌو ملتان ويس. ملتان ريلوي اسٽيشن تي لڪڻ سان موجود هو. سنڌي ٽوپي پهريل هئس. ڪارن بجاءِ هڪ ٻئي جا اڇا وار ڏسي سڃاڻي پاٻوهه سان ملياسين. کيس پير ۾ تڪليف هئي، پر ريلوي اوورهيڊ برج پار ڪري ٻئي پليٽ فارم تائين آيو هو. مون کيس چيو: خان صاحب! جي تڪليف هئي ته ههڙي زحمت ته نه ڪريو ها! پر هن من موهڻي مُرڪ سان منهنجي ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ڪار ۾ گهر پهچڻ تائين مون کي ملتان جي باري ۾ معلومات ڏيندو رهيو.

پنهنجي شاندار گهر ۾ منهنجي رهڻ جو بهترين انتظام ڪيائين ۽ کاڌي پيتي جو به سهڻو انتظام هو. هر ويلي تي ڪيترائي طعام هئا. انب خاص طور ڌيان ڇڪائي رهيا هئا جو سندن ئي باعن جا هئا. شايد سندن ڏاڏي حفيظ الله خان جي شوق جو نتيجو هو جيڪو انبن جي نين نين جنسن پوکڻ جو شوقين هو. اُن جو فرزند حامد خان دراني (عمر ڪمال خان جو چاچو) به رات جي مانيءَ تي گڏ هو. اُن جو لکيل ڪتاب ”صلاءِ آم“ ٿورو اڳ ئي مون ڏانهن موڪليو هئائين. هي ڪتاب انبن جي تاريخ ۽ پوک بابت هڪ اهم دستاويز آهي. حفيظ الله خان دور دراز هنڌن تي وڃي انبن جون نيون نيون چڪيون آڻي پنهنجن باغن ۾ لڳائيندو هو. هي ڪتاب پڙهندي مون کي پنهنجا باغ ياد پيا جيڪي اسان جي ڏاڏي رئيس حيدرخان لڳايا هئا، جن ۾ انب، زيتون، ٻير ۽ ڄمون گهڻي تعداد ۾ هئا. اُهي اسان جي ڀاءُ عبدالحميد اُن ڪري تباهه ڪيا جو اها زمين کيس حصي ۾ نه ملي هئي.

بهرحال ٻئي ڏينهن عمر ڪمال خان عدالت روانو ٿيو ۽ مون کي اشتياق نالي هڪ نوجوان سان مٺن ڪوٽ روانو ڪيائين. مظفر ڳڙهه، عالم پور، فاضل پور ۽ ٻين ننڍن شهرن کان لنگهندا ٽپهريءَ جو مٺن ڪوٽ پهتاسين، خواجه فريد جي مزار تي فاتحه پڙهي، نماز پڙهي ڪانفرنس جي معلومات ڪئي سين ته ڪو اير ڀير نظر نه آيو اُن ڪري ديري غازي خان کان ٿيندا رات جو اٺين بجي واپس ملتان پهتاسين. ٻئي ڏينهن شهر جو سير ڪندي، حضرت بهاءُالدين، شاهه رڪن عالم، شمس تبرير ۽ ٻين آستانن تي دعا گهرندا واپس گهر پهتاسين. مون رات واري گاڏيءَ ۾ موٽڻ جي رٿ ڪئي. خان صاحب ٽڪيٽ لاءِ ماڻهو موڪليو پر مون کي پئسا ڏيڻ به نه ڏنائين. خود آيو ۽ مون کي ڪمپارٽمينٽ ۾ ويهاري پوءِ موٽيو. سندس محبت مون کي هميشه ياد رهندي. اُن کان پوءِ ٻئي پيري به مٺن ڪوٽ ويس ته سڌو ويس ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي اِتان ئي موٽيس. ملتان نه وڃي سگهيس، پر عمر ڪمال خان سان خط ۽ فون تي رابطو سندس آخري ڏينهن تائين رهيو.

1999ع ۾ منهنجو ڪتاب ”سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو“ ڇپيو. کيس ڪاپي موڪليم ته خط ۾ لکيائين ته اردوءَ ۾ ترجمو ڪري موڪليو ته بزم ثقافت طرفان ڇپايان. مون ترجمو ڪري موڪليو ۽ ٻن مهينن اندر هُو شايع ڪيائين. اُن کان پوءِ فرمائشون ڪندو ويو آءٌ تعميل ڪندو ويس. اِن ريت بزم طرفان منهنجا ڪتاب ”ميرا عشق ڀي تو“، (2002ع)، ”ڪافيان“ (2003ع) ۽ ”شاهه عبداللطيف (2005ع) شايع ڪيائين. گذريل جنوريءَ ۾ منهنجو ڪتاب ”بابا بهلي شاهه“ ڪمپوز ڪرائي چڪو هو ۽ ٻي فرمائش موجب ”صوفيانه موسيقي“ جو مسودو ملتان پهتو ته سندس وفات جو اطلاع مليو. ڪتاب پيا ڇپبا پر ههڙو دلبر دوست جدا ٿي ويو. اُن جو صدمو ملتان وارن سان گڏ سنڌ جي دانشورن کي به آهي. انهن کي به ياد رکندو هو ۽ بزم ثقافت جا ڇپيل ڪتاب کين موڪليندو هو.

عمر ڪمال خان جي گفتگو ۽ تحريرن ۾ واديء سنڌ جو ئي نمايان ذڪر آهي. هو ملتان ۽ ويجهڙائيءَ جي ٽن چئن يا وڌيڪ ضلعن کي واديء سنڌ ليکيندو هو. خود انهيءَ لحاظ کان عظيم تر سنڌ جو هڪ سَپُوت هو. سندس علميت ۽ شخصيت هڪ جيتري اهميت جون حامل آهن.

 

حوالا

 

1.      خان صاحب جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندس وڏن جو ذڪر، سندس ئي ڪتاب ”نواب مظفر خان شهيد اور اُس ڪا عهد“ ۾ ڊاڪٽر عبدالحق مهر جي لکيل تحرير تان ورتل آهي.

2.      ڏسو عمر ڪمال خان جو ڪتاب ”نواب مظفر خان شهيد اور اُس ڪا عهد“، فاروقي ڪتب خانه ملتان، 1978ع ص 4

3.                 ايضاً – ص ”ش“

4.                 ايضاً – ص 94

5.                 ايضاً – 237

6.      عمر ڪمال خان، پبلڪ لئبرري باغ لانگي خان ملتان ڪي سؤ ساله تاريخ، بزم ثقافت ملتان، 1982ع، ص 7

7.                 ايضاً – ص ص 8 – 9

8.                 ايضاً – ص 136

9.                 ايضاً – 11

 

مير حاجي محمد بخش ٽالپر

 

يادش بخير: مير صاحب محترم جي سوانح، شخصيت ۽ علمي ڪارنامن جي تذڪري کان اڳ آءٌ سندن ذات ۽ منهنجي نيازمنديءَ بابت ٻه لفظ چوڻ پنهنجو فرض ٿو ڄاڻان. اندازاً 1970ع جو زمانو هو جو سنڌالاجيءَ ۾ ڪنهن مهربان مير صاحب سان تعارف ڪرائن لاءِ اڃان منهنجو نالو ورتو ته مير صاحب جن کڻي مون کي ڀاڪر ۾ ورتو ۽ چيائون ته: ”هي ته منهنجو ”ڀائيٽو آهي“. مون کي اُن ڏينهن خبر پئي ته منهنجي والد صاحب محترم (ڊاڪٽر سلطان احمد) سان مير صاحب جا گهاٽا لاڳاپا هئا.

ايئن مير صاحب سان ادبي ميڙن ۾، ۽ ڪڏهن سنڌالاجيءَ ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. نهايت مهربانيءَ ۽ پنهنجائپ جو مظاهرو ڪندا هئا. سنڌالاجيءَ جي لئبرريءَ ۾ اڪثر ايندا هئا. سندن گفتگو مان معلوم ٿيندو هو ته پاڻ سنڌ جي تاريخ ۽ خاص طور ميرپورخاص جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيا هئا، اُن ۾ به سندن توجهه جو مرڪز شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر (سندن پڙ ڏاڏي) جي شخصيت ۽ جدوجهد هئي. هڪ ڀيري مون کي چوڻ لڳا ته اوهين اسان جي رعيت آهيو. مون چيو سائين جي اوهين نه چئو ته به آهيون. پاڻ چيائون ته نندي شهر وٽ ميرن جا قبا آهن. بدين ۽ چاچڪان وارو سڄو علائقو ميرپور وارن جي قلمدان ۾ هو. ٻيو ته اوهين ويڙهيچا جوڻيجا آهيو. مارئي به ويڙهيچي هئي. شاهه عبداللطيف ۽ ٻين شاعرن رڳو ويڙهه ۾ رهڻ جي نسبت سان کيس ويڙهيچي نه چيو آهي. اهو سچ آهي ته اسين اوڙڪ جي مدنظر ويڙهيچا آهيون.

آءٌ ادب جي ڪري مير صاحب سان ڪڏهن به بحث نه ڪندو هوس. 1982ع ۾ سچل نئشنل سيمينار جي موقعي تي خيرپور ميرس آيا. اُتي پهرين ته چوڻ لڳا ته: ”بس! پنهنجو مقالو پڙهي هليو ويندس.“ پر پوءِ مختلف نشستن ۾ ٻين جا به مقالا ٻڌندي ٽي ڏينهن ويٺا رهيا ۽ محقق کي داد ڏيندا رهيا. ڪراچيءَ ۾ مارچ 1975ع ۾ جيڪو ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ٿيو هو اُنهن ئي ڏينهن ۾ ميرپورخاص ۾ به هڪ سيمينار ٿيو هو جنهن جا مقالا ”اُٺا مينهن ملير“ نالي ڪتاب ۾ شايع ٿيل آهن. اُن سيمينار جي مقابلي ۾ خيرپور وارو سيمينار کين گهڻو وڻيو هو. اُن جو داد ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ڏيندا رهيا ۽ وري ميرپورخاص ۾ سيمينار ڪرڻ جي خواهش به ظاهر ڪيائون. اجهو هي اُهو سيمينار ته ناهي!

سوانح: شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر، مير صاحب حاجي محمد بخش خان جو پڙڏاڏو هو. شير سنڌ جو فرزند مير نبي بخش خان هو. اُن جو فرزند مير عبدالله خان، مير حاجي محمد بخش جو والد هو. جنهن 1971ع ۾ 92 ورهن جي عمر ۾ وفات ڪئي. مير صاحب حاجي محمد بخش خان، پنهنجي لکڻ موجب 1925ع ۾ ڄاوا(1). سماهي مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ محمد سومار شيخ وري سندن سوانح ۾ ڄمڻ جو سال 1924ع لکيو آهي(2). هڪ ٻئي سوانح نگار خادم حسين چانڊئي به سال 1924ع لکيو آهي(3). محمد سومار شيخ وارو سال مير صاحب خود به نقل ڪيو آهي(4). ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي زمين سنڀالڻ لڳا ۽ سياست ۾ به حصو وٺن لڳا. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لوڪل بورڊ ۾ ميمبر ۽ پوءِ وائس چيئرمين ٿيا. تعليم جي واڌاري ۽ ثقافت جي ترقي خاطر ڪم ڪندو رهيو. اِن سلسلي ۾ مارئيءَ جو ميلو به لڳايائين(5). مير صاحب جي وفات کان پوءِ مارئيءَ جو ميلو اختلافن جو شڪار ٿي ويو. اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيا ۽ نهايت فعال ڪردار ادا ڪيائون. ابتدائي ادبي زندگيءَ ۾ شاعري به ڪيائين ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ تحقيق طرف ڌيان ڏيڻ لڳا. اُن سلسلي ۾ مير صاحب جو ڌيان سنڌ جي تاريخ ۽ اُن جي ڪن خاص پهلوئن ڏي ويو. پنهنجي پڙڏاڏي شير سنڌ مير شير محمد خان جي عملي جدوجهد ۽ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ واري ڪردار کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ خاطر ميرپورخاص جي تاريخ لاءِ مواد گڏ ڪرڻ لڳا. هن سلسلي ۾ مير صاحب جي تصنيف ”تاريخ سنڌ: ميران ميرپوخاص“ 1982ع ۾ شايع ٿي. انتساب  ۾ 1982ع کي ٿرپارڪر ضلعي جي قيام کي سؤ سال ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي اٿن.

هن ڪتاب ۾ ميرصاحب محترم، ميرپورخاص جي ميرن جي تاريخ ۽ انگريزن خلاف سندن جدوجهد جي تاريخ بيان ڪئي آهي. سنڌ جي ٽن حصن ميرپورخاص، خيرپورميرس ۽ حيدرآباد جي بالترتيب ماڻڪاڻي، سهراباڻي ۽ شهداداڻي ٽالپر حاڪمن جي ڪارنامن جو احوال ڏيندي، هِن ۾ مير شير محمد خان جي مهاڏي جو تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. حيدرآباد جا مير سازشن جو شڪار ٿيا ۽ هٿيار ڦٽا ڪيائون. حمله آور انگريزن نه رڳو وعدا نه پاڙيا، ڦرلٽ ڪيائون ۽ ميرن جي تضحيڪ ڪيائون. اهڙي ذلت ڀري شڪست سبب شير سنڌ مير شير محمد خان سخت نالان هو ۽ جڏهن ڪراچي يا ٻئي طرف وڃڻو هوندو هو ته چوندو هو: ”مون کي اهڙي رستي کان وٺي هلو جيئن حيدرآباد جي قلعي تي نظر نه پوي. مون کي قلعو ڏسي افسوس ٿو ٿئي جو مردن وانگر نه وڙهيا بلڪ هڪ جهڙپ بعد وڃي پيش پيا. جڏهن ته قلعي جي هڪ سِرَ به نه ٽٽي ۽ نه ڪنگرو ڪريو(6).

مير صاحب محترم هن ڪتاب ۾ ماڻڪاڻي ميرن جي سڄي جدوجهد جو ذڪر ڪندي مير شير محمد خان جي همت، جدوجهد ۽ شخصيت جو تفصيلي بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ نه رڳو مخالفن سان معرڪن جو ذڪر آهي، بلڪ شير سنڌ جي شخصيت کي به اُجاگر ڪيو آهي. انهن واقعن ۾ خود ڪئمپ جو پهرو ڏيڻ به شامل آهي. هن سلسلي ۾ نيپئر ۽ ٻين انگريز حمله آورن جي ڊائرين جا اقتباس به شامل ڪيل آهن. انهن ۾ نيپئر جا مارچ ۽ اپريل 1843ع جا اقتباس اچي وڃن ٿا(7). هن ڊائريءَ ۾ 27 مارچ جي هڪ داخلا به آهي جا ميرپور جي قلعي بابت آهي. هُو لکي ٿو ته: ”هي دشمن جو مکيه شهر ۽ تخت گاهه آهي. هت هڪ مضبوط قلعو آهي جنهن ۾ هڪ سهڻي مگر ننڍي محلات آهي. جنهن جي ڀتين تي بهترين نقاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي، مگر اُڏوهي سبب ڇتين کي ڪافي نقصان ٿيل آهي. آءٌ هن جي مرمت ڪرائيندس ۽ هت ڇانوڻي قائم ڪندس(8).“ اهڙي طرح نيپئر جي روزنامچي مان ڪي ٻيون اهم داخلائون به ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهن. مير شير محمد خان جي قيام لاهور بابت به انگريزن جي ڊائرين مان ڪي حوالا ملن ٿا. اُتان سنڌ ۾ اچڻ جو نيپئر سخت مخالف هو. اُن ڪري مير صاحب سنڌ  اچڻ جو پروگرام ملتوي ڪيو(8).

اِن سلسلي ۾ مير حاجي محمد بخش لکي ٿو ته: ”شير سنڌ جي والد کي راجا رنجيت سنگهه لکيو هو ته سنڌ ۽ پنجاب يا ته انگريزن کي گڏي ڏينداسون يا گڏي وٺنداسون“(9). اهڙا اشارا گورنر جنرل جي ايجنٽ ۽ ريزيڊنٽ آف لاهور جي روزنامچي مان به ملن ٿا.

شير سنڌ ۽ سندس ساٿي 1853ع ۾ لاهور کان ميرپور پهتا ته هزارين ماڻهن سندن استقبال ڪيو. سندن قيام لاهور وارو دور به اهميت جو حامل آهي. اُن جي باري ۾ تفصيل به هن ڪتاب ۾ موجود آهن. شير سنڌ جي وفات جو ذڪر ڪندي، مير صاحب محترم لکي ٿو ته: ”جنهن وقت شير سنڌ وفات ڪئي اُن وقت ڪمشنر سنڌ جي منزل سنڌڙي ڳوٺ وٽ پي. ڊبليو. ڊي جي انسپيڪشن بنگلي ۾ هئي، جتي اُن وقت ٻيا به ڪيترائي يورپين ۽ نيٽو آفيسر موجود هئا. انهن ۾ مير شير محمد خان جي وفات جو ٻڌي ٽي ڏينهن مجلسون ملهايون ۽ خوشيون ڪيون ته اڄ اسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن وفات ڪري ويو آهي. ان وقت سنڌ جو ڪمشنر سر وليم ميري ويدر هو(10)“.

اهڙي طرح سنڌ جي تاريخ جو هڪ درو ختم ٿي ويو. هي دور جدوجهد جو هو، جنهن ۾ شير سنڌ ۽ سندس جانثارن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سازشن سبب اڪيلا ٿي پيا ۽ اُن جو احساس مير محمد بخش تائين ايترو رهيو جو مير صاحب محترم هي ڪتاب لکي حقيقتون ظاهر ڪيون. هن سلسلي ۾ هو هوشو شيديءَ جي جدوجهد جي بنيادي اهميت کي ڪونه مڃيندو هو. بلڪ چوندو هو ته هُو هڪ غلام هو ۽ حڪم جو بندو هو. ٻيو ته ”مر ويسون سنڌ نه ڏيسون“ وارو نعرو ميرن جو ٿي سگهي ٿو. انهن جي پٺيان هوشوءَ به نعرو هنيو هجي.

مير صاحب محترم جڏهن هي ڪتاب لکيو ته وٽس گڏ ٿيل مواد ۽ حوالن ۾ ڪيترا ٻيا الحاقي پهلو به نمايان رهيا. جن تي لکڻ جو ارادو هوس. انهن جي نشاندهي مهاڳ ۾ ڪئي اٿس. اُهي هي آهن:

1.         جهاد سنڌ

2.        منهنجي آتم ڪٿا

3.        بلوچن جو نسل

4.        ضلعي ٿرپارڪر جا آثار قديمه

5.        اسان جي خاندان جا نوادرات

6.        سومرن جو اصل نسل

7.        برٽش خلاف جدوجهد ۽ مختلف شخصن ۽ قبيلن جو حصو

8.        مضامين مير (11).

موجوده جشن ميرپورخاص اسين يقيناً هڪ جذبي سان ملهائي رهيا آهيون، جنهن موجب هن شهر جي تعمير مير ٺاري خان جي فرزند مير علي مراد خان 1806ع ۾ ڪئي ۽ قلعو به ٺهرايو. هي شهر ماڻڪاڻي ٽالپورن جو تخت گاهه رهيو. هن جي آبادي 10000 هئي ۽ 200 دوڪان هئا(12).

جدوجهد جي هن داستان کي بيان ڪندڙ مير صاحب محمد بخش خان اسان کان 3-5-1985ع تي جدا ٿي ويو.

حوالا

 

1.      ٽالپر، مير حاجي محمد بخش. تاريخ سنڌ، ميران ميرپورخاص، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1982ع، ص 407

2.                 مهراڻ شاعر نمبر. ڏسو مٿيون ڪتاب ص 413

3.                 چانڊيو، خادم حسين، ’مارو جي ملير جا‘، گنج بخش بوڪ ڊيپو حيدرآباد، 2003ع ص – 605

4.                 ڏسو حوالو نمبر ٻيو 413

5.                 ڏسو حوالو نمبر 1، ص 413

6.                 ڏسو حوالو نمبر 1، ص ص 367 – 368

7.                 ايضاً – ص ص 270 – 275

8.                 ايضاً – ص 356

9.                 ايضاً – 356 – 357

10.             ايضاً – ص 379

11.              ايضاً – ص 14

12.             مولائي، رحيمداد خان شيدائي. جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ 1993ع وارو ڇاپو، ص 763.

 

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: هڪ جائزو

 

مرليڌر، سنڌي، سنسڪرت ۽ ٻين پراچين زبانن جي ودوان ڪشنچند توپڻ لال جي گهر 7 نومبر 1930ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. اڳتي هلي ثابت ٿيو ته هي ٻالڪ تعليم ۽ تربيت کان پوءِ خود به هڪ وڏو لساني ماهر ٿيو. پنڊت ڪشنچند (1910ع – 1995ع) سنڌ جي تاريخ ۽ زبانن تي تحقيق ڪئي. سندس ڪتابن ۾، ميگهه دوت، سنڌي هٽ واڻڪن اکرن جي پراچينتا، موهن جي دڙي جي سنسڪرتي مهرن جي لپي ۽ ڀاشا، سنڌي ڀاشا ۽ سنسڪرتي، سنڌي نالن ۾ سنڌيت جي سڳند، سنڌي وياڪرڻ پريچيه، سئنڌوي سنسڪرتي، سنڌي هم – معنيٰ لفظن جي لغت، سنڌي ڀاشا ڪا سمڪشپت پريچيه ۽ سنڌي لپيءَ جي نشانين جي حياتي وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ڪتاب سنڌي، هندي ۽ مراٺيءَ ۾ آهن.

جنهن گهر ۾ ٻوليءَ بابت ويچار گردش ڪندا رهن، تنهن جو ٻالڪ به هن علمي ماحول ۾ رچي ريٽو ٿئي ٿو. مرليڌر جي پرائمري ۽ ثانوي تعليم سنڌ ۾ ٿي. اُن کان پوءِ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ پوني ۽ دهليءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. ايم. اي (هندي ۽ سنسڪرت)، ايم. اي (لسانيات) ۽ پي ايڇ. ڊي (لسانيات) جو مقالو ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو بناوت“ جي عنوان سان لکيائين. دهلي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سربراهه رهيو. اُتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌي جاتيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندو اچي. ڊاڪٽر جيٽلي جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. مقالا به ڇپيل اٿس ۽ ڪي ترجما به.

ڊاڪٽر جيٽلي سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيو آهي. سندس ڪن ڪتابن جو مختصر جائزو ڏجي ٿو. اُن کان سواءِ به سندس ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ميگهه دوت (سمجهاڻي)، سنڌي ساهتيه جو اِتهاس،  سنڌوءَ جون لهرون ۽ سنڌي ساهتيه جي جهلڪ، اهم آهن. اُن کان سواءِ ڊاڪٽر ستيش روهڙا سان گڏجي ”هندي – سنڌي ۽ هندي – سنڌي – انگريزي شبڪوش ۽ ٻين ليکڪن سان گڏ به سندس ڪتاب موجود آهن. ڊاڪٽر جيٽلي خاص طور لسانيات جي ماهر طور ڄاتو وڃي ٿو. پر سنڌي ادب جي مختصر پهلوئن تي به سندس قابليت نمايان آهي.

اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (1986ع)

ڊاڪٽر جيٽلي جو هي ڪتاب انهن پراڻين سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي آڌاريل آهي جيڪي ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي تيار ڪيل سنڌي گرامر (1849ع) جي آخر ۾ ڏنيون آهن. اُهي ڪُل پنج آهن ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ هيون جن کي ڊاڪٽر جيٽلي هن ڪتاب ۾ عربي سنڌي لپيءَ ۾ آندو آهي. ڪئپٽن اسٽئڪ هن ڪتاب کان سواءِ سنڌي انگريزي ڊڪشنري (ديوناگري) به تيار ڪئي جا 1853ع ۾ سندس وفات کان پوءِ ايلس صاحب جي سعيي سان مڪمل ٿي ۽ 1855ع ۾ بمبئي مان شايع ٿي. ”گاسپيل آف سينٽ ميٿيو“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين.

ڪئپٽي اسٽئڪ کي سنڌي زبان سان ايتري دلچسپي هئي جو هن بيماريءَ مان صحتياب ٿي وري به حيدرآباد ۾ رهڻ پسند ڪيو. هُو سر چارلس نيپئر جي ڏينهن ۾ به حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو هو. هيءُ سڄو احوال ڊاڪٽر جيٽلي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڏنو آهي. ڪتاب ۾ شامل لوڪ ڪهاڻيون اڳ ٻين ليکڪن ڇو پنهنجن ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ نه آنديون، جو اُنهن ۾ ڪي سنڌ جا ڄاتل سڃاتل ڪردار نه آهن. فقط سورٺ راءِ ڏياچ ڊاڪٽر بلوچ شامل ڪئي آهي. ٻيون اهڙيون ڳالهيون يا آکاڻيون آهن، جن جي سٽاء ۽ مضمون معمولي نوعيت جو آهي. اُنهن ۾ البت ناصحانه موضوع آهن. اُهي آکاڻين جي عنوان هيٺ اچن ٿيون. پهريون ٽي بلڪل مختصر آهن. پهرين هڪ ٻار بابت ٻن عورتن جي دعويٰ بابت آهي. قاضيءَ وٽ فيصلي لاءِ وڃن ٿيون. هُو جڏهن عقل هلائي ٻار کي ٻه ٽڪر ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته هڪڙي عورت دعويٰ ڇڏي ٿي ڏي. قاضي پروڙي ٿو وٺي ته حقيقت ۾ ٻار جي ماءُ اُهائي آهي ۽ کيس ٻار ڏياري ٿو. هيءَ ڪهاڻي / آکاڻي پراڻن سنڌي درسي ڪتابن ۾ آيل آهي.

ٻي ڪهاڻي ٻن ماڻهن بابت آهي، جيڪي پرڏيهه وڃن ٿا. اُن کان اڳ پنهنجي پونجي هڪ ٻڍڙيءَ وٽ رکي ويا ۽ چيائونس ته ٻئي گڏجي اچون تڏهن واپس ڪجانءِ. ٿوري گهڻي ڏينهن هڪڙو آيو ۽ چيائين ته منهنجو ساٿي مري ويو آهي. مائي اعتبار ڪري رقم اُن کي ڏني. جڏهن ٻيو آيو ته مائي کيس حقيقت بيان ڪري ٻڌائي، هو هيءَ حالت ڏسي قاضيءَ وٽ داد فرياد خاطر ويو. اُن به چيو ته ٻئي ساٿيءَ کي وٺي اچ ته فيصلو ڪريون!

ٽين ڪهاڻي هڪ ڇوڪر بابت آهي جيڪو واسي کان ڀڳڙا وٺڻ لاءِ هٿ ڊگهاري ٿو، پر جو مُنيءَ کي ڀاڪر پايو بيٺو آهي ۽ هٿ کولي نٿو ته ڀڳڙا وٺي نٿو سگهي. ويا ڏاهرين جي سردار وٽ اُن چيو ڇت پٽيو ۽ زمين کوٽيو ته ڇوڪر آجو ٿي پوندو! ايئن ڪيائون ته معاملو نبري ويو. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏاهرين جي چڱي مڙس کي لال بجهڪڙ چيو ويو آهي، جيڪو هندي / اردوءَ جو ڪردار آهي. سنڌيءَ ۾ اُن جي برابر ڪاڪي آچار جو ڪردار مقبول آهي. جڏهن اُٺ جو ڪنڌ ديڳڙي ۾ ڦاسي پيو ته ڪاڪي اچار کي وٺي آيا اُن چيو ته اُٺ کي ڪُهو ۽ ديڳڙو ڀڃو ته اُٺ جو ڪنڌ نڪري ايندو!

چوٿين ڪهاڻي شهزادي اَمُلهه ماڻڪ ۽ حُسيني پريءَ جي آهي. هيءَ البت تفصيلي ڪهاڻي آهي. هن کي چين جي ڪهاڻي سڏيو ويو آهي. پنجين معروف ڪهاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آهي، جيڪا لوڪ ادب سلسلي ۾ نشانبر آهي. شاهه عبداللطيف ۽ ٻين شاعرن هن کي ڳايو آهي. هن متن ۾ ڪي بيت به شاهه جي رسالي جا ڏنا ويا آهن.

ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر جيٽلي ڪن غلط فهمين کي به دور ڪيو آهي، جي ڪن ليکڪن پيدا ڪيون هيون. هي ڪتاب خاص طور اُن جو مهاڳ ڊاڪٽر جيٽلي جي تحقيق جو هڪ نمونو آهي. سنڌ ۾ هڪ روايتي پبلشر بنا اجازت وري شايع ڪيو ۽ ليکڪ کي هڪ ڪاپي موڪلڻ به گوارا نه ڪيائين (ڏسو ڊاڪٽر جيٽلي جو خط).

سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (1993ع):

هي حقيقت ۾ سنتداس پنهون مل ڪشناڻيءَ جي ساڳئي نالي واري ڪتاب جو مهاڳ آهي، جو ڊاڪٽر جيٽلي لکيو ۽ وري اُن کي جدا شايع ڪيو. ذڪر ڪيل ڪتاب جو ايڊيٽر به ڊاڪٽر جيٽلي آهي. هي مقدمو تفصيلي آهي. هن ۾ پهرين لوڪ ساهتيه (ادب) ۾ پهاڪن ۽ محاورن جي اهميت تي لکيو ويو آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته ساهتيه يا ادب سماجي زندگيءَ ۾ ڪيئن ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهي. لوڪ ثقافت (سنسڪرتي) حقيقت ۾ ڇا آهي؟ اُن ۾ انساني زندگي ۽ اظهار جا طريقا ڪهڙي اهميت رکن ٿا. اُهو اظهار ڪهڙن جدا جدا ذريعن سان ٿئي ٿو. اُنهن ۾ هنر به آهن جيڪي روزگار جو ذريعو آهن ۽ لوڪ ڪٿائون، شاعري، ناٽڪ، ادب ۽ مصوري وغيره وري وندر جو ذريعو آهن. هنرن توڙي ادبي اظهار ۾ زندگيءَ جو عڪس چٽو آهي.

مهاڳ وارن چند صفحن ۾ جيٽلي صاحب اڳ شايع ٿيل پهاڪن ۽ محاورن جي ڪتابن جو تذڪرو ڪيو آهي. اُنهن ۾ پهريون مجموعو ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلڻاڻيءَ (1844ع – 1916ع) جو آهي، جيڪو هن ”سنڌي پهاڪا“ نالي ڪتاب ۾ 1889ع ۾ ڇپايو. اُن کان سواءِ ڪيولرام، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل، ڊاڪٽر سنديلي ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

پهاڪن جي انهن ڪتابن ۾ جن صنفن جو ذڪر آهي، سي ڪُل چار آهن، اُهي آهن: (1) پهاڪا (2) اصطلاح يا محاورا (3) چوڻيون (4) ورجيسون. ڊاڪٽر جيٽلي هنن صنفن جو مثالن سان وستار ڪيو آهي. اڪثر اَڻ ڄاڻ ماڻهو هر مصدر کي به اصطلاح چون ٿا. انهن لاءِ ڊاڪٽر جيٽلي جون بيان ڪيل وصفون نهايت ڪارآمد ۽ رهنمائي ڪندڙ آهن. اُنهن مان هڪ هڪ جو مثال هن ريت آهي:

-         پهاڪو: گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا.

-         چوڻي: ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو ڇپڙ مٺو.

-         محاورو / اصطلاح: کير کنڊ ٿي وڃڻ.

-         ورجيس: چور چڪار.

ٻوليءَ جي سونهن واريون هي صنفون نهايت معنيٰ خيز آهن. انهن جي لفظي سٽاءَ ڪيئن به هجي، معنيٰ خوبصورت پيدا ڪن ٿيون.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻي: سندس جيون چرتر ۽ رچنائون (1983ع):

هي ڪتاب گربخشاڻيءَ جي جنم شتابدي (ڄمڻ جي هڪ مديءَ) تي ڪوٺايل سيمينار جي موقعي تي شايع ڪيو ويو آهي. هن سيمينار جي مڪمل رپورٽ ۽ ڪن مضمون تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جا سمپاوڪ (ايڊيٽر) آهن: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي. هي ادبي ميڙ (سيمينار) 22-23 ۽ 24 سيپٽمبر 1982ع تي دهليءَ ۾ سڏايو ويو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڄمڻ جو ڏينهن 8 مارچ 1883 هو، پر هي ميڙاڪو اندازاً، اصل سالگرهه 8 مارچ 1983ع کان پنج ڇهه مهينا اڳ رکيو ويو. هنن افتتاحي اجلاسن ۽ مقالن جي ميڙن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي علمي خدمتن جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر جيٽلي جي تفصيلي مهاڳ ۽ رپورٽ کان سواءِ هن ڪتاب ۾ هيٺيان مقالا شامل آهن:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org