سيڪشن: ادب

ڪتاب: ايميلي عرف تعليم

باب:

صفحو:3 

ايميلي عرف تعليم چونڊ ۽ اختصار

 

”ڪَنُ ٿِيُ، ڪيچين ڪُڇيو، ڪُڇ مٿان ڪُڇَن،

اِشارتون اُن جون، سُڪُوتان سُڄن،

وٽان ويهي تن، سُڻ ته سوزُ پرائيين!“

 

ايميلي عرف تعليم چونڊ ۽ اختصار

 

فطرت جي ميزان ۾ انسان سڀيئي هڪجهڙا آهن، ۽ انسانيت جو  پيشو سڀني لاءِ ساڳيو آهي، تنهنڪري جيڪو صحيح علم جو صاحب آهي، اهو انسان لازمي طرح ان توڙي ان سان تعلق رکندڙ ٻين سڀني ڌنڌن ۾ زياده ڪاميابي پائيندو. اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي ته منهنجو شاگرد فوج ۾ سپاهي، ديول ۾ پادري يا هڪ قانون دان وڪيل بڻجڻو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس والدين هن لاءِ ڪو خاص ڌنڌو پسند ڪن، تنهن کان اڳ ئي قدرت کانئس انسان بنجڻ جي تقاضا ڪئي آهي: تنهنڪري آءُ ته کيس زندگيءَ جو هنر ئي سيکارڻ پسند ڪندس. اسان جي سموري پڙهڻ پڙهائڻ جو واحد مقصد ۽ مرڪز آهي ”انسان“ ۽ سندس ”ماحول“.

زندگي دم جو يا ساهه جو نالو نه آهي: زندگي نالو آهي عمل جو، اسان جي حواسن، اسان جي دماغ ۽ اسان جي سمورين فطري صلاحيتن جي استعمال جو- زندگي  نالو آهي اسان جي وجود جي هر هڪ جزي جي استعمال جو، جنهن دوران  اسان کي پنهنجي هستيءَ جي ڄاڻ ۽ پروڙ پلئي پوي ٿي. زندگي  عمر درازيءَ ۾ پوشيده نه آهي، زندگيءَ جو راز زندگي جي اٿاهه ذوق، اڻ کٽ روانيءَ ۽ پيهم تازگيءَ ۾ ئي مضمر آهي.

برعڪس ان جي، اسان جي سموري ڏاهپ محض غلامانه خودفريبيءَ جي برابر وڃي رهي آهي، اسان جون سڀ رسمون رواج اڄ فقط ظلم و استبداد ۽ جبر و تشدد تي ٻڌل آهن.موجوده انسان پاڻ کي  مهذب ۽ سڌريل برابر سمجهي ٿو: پر هو غلام ڄمي ٿو ۽ غلام مري ٿو. معصوم بي زبان ٻار تنجڻن جي بي قياس گرفت ۽ ايذاءَ ۾ ڄائو، ۽ بي جان مردي جو لاش ڪفن جي ڪپڙن ۾ سبجي۽ جڪڙجي، وڃي قبر جي تنگ ۽ تاريڪ چؤديواريءَ جي حوالي ٿيو. انسان گويا پنهنجي سموري حياتي مروج ۽ رسومات قيد وبند ۾ گرفتار آهي.

اوهان فطرت ۽ فطرت جي طريقي  ڪار کي خيال ۾ رکي ۽ ان جي ڏيکاريل راهه عمل تي گامزن ٿيو. فطرت ٻارڙن کي هميشه ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ مشغول ۽ محو رکڻ پسند ڪري ٿي، ۽ اهڙيءَ طرح کين هر ڪنهن قسم جي مشڪلات سان روشناس ڪري، پڪو ۽ پختو ڪندي رهي ٿي، ته جيئن سندن معصوم ۽ ڪچڙا دماغ رنج ۽ راحت جا ابتدائي سبق حاصل ڪري سگهن: اوهان به فطرت جي ڪامياب استاد سان هن ڳالهه ۾ تعاون ڪري، زندگيءَ جي آئنده سختين ۽ ڪجرواين کي منهن  ڏيڻ لاءِ پنهنجي ٻارن کي تربيت ڏيئي تيار ڪريو. آهستي آهستي  ۽ درجي بدرجي اوهان  جا ٻار بزدليءَ، منهن ڪچائيءَ ۽ خوف بدران همت ۽ بي ڊپائيءَ جا سبق سکي، بهادر ۽ بيخوف انسان بنجي پوندا.

هر ڪنهن قسم جي بدڪرداري ضعف ۽ ڪمزوريءَ مان پيدا ٿئي ٿي. ٻار شرير فقط هن ڪري آهي، جو هو ڪمزور ۽ ناتوان آهي، کيس قوي ۽ سگهارو بنايو، ته هو ازخود درست ۽ دانشمند ٿي پوندو: جيڪڏهن اسان ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه پيدا ٿي پوي، ته اسان کان هوند ڪا غلطي  سرزد ٿئي ئي ڪانه، ۽ اهوئي سبب آهي، جو قادر مطلق جي سڀني صفتن مان نيڪيءَ جي صفت سندس اهڙي صفت آهي، جو ان کي سندس هستيءَ جي تصور کان ڪڏهن به علحده نٿو ڪري سگهجي.

آءُ اها ڪوشش هرگز ڪين ڪندس ته ايميليءَ کي ڪو ايذاءُ نه رسي. جي هن ڪو ڌڪو ڌومون نه کاڌو، جي پاڻ کي ڪڏهن نه ايذايائين ۽ اهڙيءَ طرح سور ۽ تڪليف  سان واقفيت پيدا ڪرڻ کان سواءِ ئي هو وڏو ٿيندو رهيو، ته پوءِ ته مون کي پاڻ رنج ۽ افسوس ٿي پوندو. سور سهڻ ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ ته هڪ اهڙو ڪارائتي ۾ ڪارائتو سبق آهي، جو کيس اول اول اُهوئي سکڻ گهرجي. ٻار کي اونداهي ۽ گهٽيل  ڪمري ۾ گُڏو بنائي ويهاري ڇڏڻ بدران ته کيس هر روز ٻاهر ٻيلن ۾ ۽ باغن ۾ وٺي وڃو، ڀلي ته اُتي هيڏانهن جو هوڏانهن ڊوڙي ڊڪي، ڀلي ته هِتي هُتي زور آزمايون ڪري ۽ ڌڪا ڌوماکائي، ڪِري ڪِري وري اٿي، جيترا دفعا ڪرندو اوترا دفعا  اٿندو، پاڻ اوترو جلد از خود پنهنجي پيرن ڀر اٿي بيهڻ سکي پوندو.

اوهان جو مطلب ڇا آهي؟ چي، ”انسان ڪمزور آهي!“ ”ڪمزور“ لفظ ته هڪ نسبتي معنيٰ ٿو رکي.  ان جي نسبت اُنهيءَ جيوَ سان وابسته آهي، جنهن لاءِ  ان جو استعمال ٿو ٿئي. هڪ جيت يا هڪ ڪيئون جنهن ۾ پنهنجي گهرجن پوري ڪرڻ جيتري بلڪه ان کان به زياده طاقت آهي، اهو ايڏي ڪمزوريءَ هوندي به ڪمزور هرگز ڪين آهي، هڪ هاٿي،  هڪ شينهن، هڪ فاتح ۽ سورمو يا خود هڪ ديوتا، جنهن جا  احتجاج ۽ گهرجون  سندس طاقت کان زيادهه آهن، سو ايڏيءَ طاقت هوندي به طاقتور هرگز ڪين ليکبو، تنهنڪري، اي انسان! تون به پنهنجي مخصوص فطري گهرجن ۽ تقاضائن موجب پنهنجي زندگي گذار ته هر قسم جي دک درد کان محفوظ رهين: فطرت جي گونا گون سرشتي ۾ پنهنجي  مقرر شده مقام تي قائم رهه، توکي ان مقام انسانيت کان ڪابه طاقت ٿيلهي ۽ هٽائي، هرگز هيٺ ڪيرائي ڪين سگهندي: قانون فطرت جي همه گير ۽ اڻ ٽر تقاضا خلاف بغاوت نه ڪر!

اهو انسان حقيقي آزاديءَ جو مالڪ آهي، جيڪو خواهش فقط اها ٿو ڪري جنهن جي حاصل ڪرڻ جي هو پاڻ ۾ سگهه ٿو ساري سگهي، ۽ اهڙيءَ طرح جيئن ٿو چاهي  تيئن ٿو ڪري. هيءُ منهنجو بنيادي اصول آهي. ٻار جي زندگيءَ سان هيءُ اصول لڳايو: تعليم جا سمورا قاعدا ۽ قانون اتان ئي ڦٽن ٿا.

انسان کي ٻن قسمن جي منت ڪشي يا محتاجي ڪرڻي پوي ٿي: کيس يا ته شين جي محتاجي ڪڍڻي ٿي پوي، جا هڪ فطرت جي ڪار گذاري آهي، يا ته کيس انسانن جي محتاجي ٿي ڪڍڻي پوي، جا وري سماج يا سوسائٽيءَ جي ڪار فرمائي آهي. شين جي محتاجي ڪرڻ ۾ تهذيب ۽ اخلاق جو سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي، تنهنڪري ان مان انسان جي فطرتي آزاديءَ  کي ڪو گزند ڪونه ٿو رسي، ۽ نڪي وري ان مان ڪنهن برائيءَ جي پيدا ٿيڻ  جوئي ڪو امڪان آهي: انسانن جي محتاجي هڪ خلاف  فطرت ڳالهه آهي، تنهنڪري هر ڪنهن قسم جي سماجي برائي ان مان ٿي ڦُٽي، ۽ ان جي دَواران ئي آقا ۽ غلام ٻيئي ساڳئي انداز ۾ ذليل ۽ خوار خراب  ٿي ٿا پون.

ٻار کي فقط شين جي محتاجي سيکاريو. سندس خواهش کي فقط فطري يا طبعي  رڪاوٽن سان ٽڪرجي مڙڻ گهرجي، کيس سزا اهائي ڀوڳڻ گهرجي، جيڪا سندس عملن مان براهه راست بطور نتيجي جي پيدا ٿيندي هجي: نتيجو هي نڪرندو ته اهڙيون ساڳيون حالتون وري جڏهن سندس زندگيءَ ۾ پيدا ٿينديون، تڏهن هو پنهنجي ناڪاميءَ ۽ سرزنش جا گذريل مثال ۽ سبق ياد ڪري، ساڳئي قسم جي خواهش ۽ عملن کان ازخود باز رهندو. اهڙيءَ طرح غلطيءَ کان سڌيءَ طرح منع ڪرڻ کان سواءِ ئي، جيڪڏهن کيس غلط ڪاريءَ کان بچائجي  ۽ پاسو ڪرائجي، ته اها ڳالهه زياده تسلي بخش ۽ بهتر آهي. مطلب هيءُ آهي ته ٻار تي ڪو حڪم صادر ڪجي يا مٿس ڪو قائدو ٿڦجي، تنهن کان بهتر آهي ته سندس زندگي جي ضبط و نظم جي ذمداري ۽ رکوالي سندس شخصي تجربي ۽ فطري  بيچارگيءَ جي سپرد ڪري ڦٽي ڪجي.

توهان جو ٻار جيڪي واتان گهرندو وڃي، سو کيس هڪدم حاضر ٿي ملندو وڃي- ائين نه ٿيڻ گهرجي، کيس فقط اهو ڪي ڪجهه ملڻ گهرجي، جنهن جي کيس گهرج هجي: توهان جو ٻار ڪنهن جي حڪم جي پيرويءَ يا فرمانبرداريءَ ماتحت ڪو ڪم ڪري- ائين  هر گز نه ٿيڻ گهرجي، کيس اهو ڪي ڪجهه ڪرڻ کپي، جنهن جو ٿيڻ ۽ ڪرڻ هو بذات  خود  لازمي ۽ ضروري ڄاڻي. ”فرمان“ ۽ ”فرمانبرداري“- هي لفظ سندس لغت مان ڪڍي ڇڏڻا پوندا، ساڳيءَ طرح ” فرض“ ۽  ” مجبوي“-هي لفظ ته سندس ڪنهن ڪم جا ڪينهن: انهن لفظن بدران ”سگهه يا قوت“، ”ضرورت“ ، ”فطري ڪمزوري“ ۽ ”خود ضابطگي“- هنن لفظن جو سندس زندگيءَ سان اهم ۽ گهرو واسطو رهڻ گهرجي.

انهيءَ طريقي سان اوهان کيس صابر ۽ شاڪر، قانع ۽ بردبار، متوازن ۽ ديرينه طبع بنائي سگهندا، پوءِ کڻي کيس سندس مرضيءَ مطابق هر ڪاشيءِ ميسر نه به ٿيندي هجي، ڇاڪاڻ ته انسان جي فطرت جو اهو هڪ پڌرو راز آهي ته هو آسپاس جي طبيعاتي يا جنسي شين جي اڍنگاين ۽ ستم ظريفين کي صبر سان برداشت ڪندو رهندو آهي، پر پاڻ جهڙي هڪ انسان جي ٿوري ۾ ٿوري بي توجهي ۽ ڪناراڪشي به کيس آپي کان ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪرڻ لاءِ ڪافي دليل ٿي سگهي ٿو.

هيءُ هڪ ثابت شده ۽ اٽل قانون ڪري  سمجهڻ گهرجي ته فطرت جون اوائلي رغبتون ۽ رجحان يا فطرت  جا اوائلي لاڙا هميشه نيڪ هوندا آهن، انسان جي دل ۾ ڪو به اَبدي گناهه موجود ڪونه آهي: انسان ۾ جيڪي  به برايون پوءِ پيدا ٿيون ٿين، تن مان هر هڪ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي ۽ ڇو ٿي پيدا ٿئي- هنن سوالن جا جواب نهايت آسانيءَ سان ڏيئي سگهجن ٿا. هاڻي اهي برايون انسان ۾ پيدا ٿين، ۽ پوءِ انهن  کي ڪڍڻ جي ويهي ڪوشش ڪجي، تنهن کان ته  زياده بهتر آهي ته انهن براين کي مرڳو شروع کان پيدا ئي ٿيڻ نه ڏجي:  تنهنڪري ڪم از ڪم ابتدائي سالن ۾ ٻار جي تعليم فقط “دفاعي يا بچاءَ واري“ تعليم  هئڻ گهرجي، جنهن ۾ ٻار کي نيڪو ڪاريءَ ۽ حق پرستيءَ جي غير ضروري ۽ بي اثر سبقن سيکارڻ بدران  فقط سندس دل ۽ دماغ  کي برائيءَ ۽ غلطي جي آلايش کان بچائڻ گهرجي، ۽ اهريءَ طرح جيترو گهڻو عرصو ٿي سگهي اوترو ٻار جي فطري پاڪيزگيءَ ۽ معصوميت کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

اخلاقيات جو هڪ ئي سبق جو ٻار لاءِ  هن منزل تي درست ۽ مناسب ٿيندو- ۽ اهو سبق زندگيءَ جي هر دور لاءِ ساڳئي قسم جي اهميت رکي ٿو- سو هيءُ آهي ته ” ڪنهن کي به نه ايذاءِ“. نيڪو ڪاريءَ جا جيڪي به قانون آهن، سي جيڪڏهن  هن هڪڙي بنيادي  قانون جي ماتحت  نه  آيا، ته سمجهجي ته اهي سڀ قانون خطرناڪ ابتا ۽ برخود غلط آهن. ڪير آهي، جو نيڪوڪاري ڪونه ٿو ڪري؟ هر ڪو انسان ڪونه ڪو ڀلائي جو ڪم ڪري ٿو- هن ڳالهه ۾ هڪ بدڪار انسان به هڪ نيڪ ماڻهوءَ جي برابر آهي، پر ڇاڪاڻ  ته هو جيڪڏهن هڪ کي خوش ٿو ڪري ته سون کي ايذاءُ ٿو رسائي، تنهنڪري سندس ڀلائيءَ واري عمل مان پڻ هزارين عذاب ٿا اڀرن. اهوئي سبب آهي، جو انسانن جي هيءَ دنيا ڪيترن ”سخي مردن ۽ داني پُرشن“ جي موجود هوندي به لاتعداد ڏکن ۽ مصيبتن سان ڀري پيئي آهي.

انسان جو فهم ۽ عقل محدود آهي: ڪو به انسان سڀني شين جي ڄاڻ يا سمورو علم حاصل ڪري نٿو سگهي، نه فقط ايترو، پر هو پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي حاصل ڪيل اڌوري علم تي به پوري دسترس حاصل ڪرڻ کان قاصر آهي: ۽ ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن قسم جي ڪوڙ يا غلط ڳالهه جي مقابلي ۽ ضد ۾ صحيح ڳالهه يا سچ موجود آهي، تنهنڪري دنيا ۾ سچيون ۽ صحيح ڳالهيون اوتريون ئي آهن جيترا ڪوڙ يا جيتريون غلط ڳالهيون: ثابت ٿيو ته اسان کي جيڪي ڪجهه سيکارڻو آهي، تنهن جو انتخاب ۽ چونڊ ڪرڻي پوندي. ڏاهي ۽ سمجهدار ماڻهوءَ جو تنهنڪري  هيءُ فرض ٿيو ته اهو ٿورو ڪي گهڻو علم، جنهن ۾ انسان جي ڀلائي ۽ فائدو آهي، فقط تنهن جوئي مطالعو ڪيو وڃي، ۽ ٻار کي به اوتري ئي علم سان روشناس ڪرايو وڃي ته جيئن هو به مناسب ۽ مفيد ڏاهپ ۽ سمجهداريءَ سان مالامال ٿئي. جيڪي ڪجهه علم دنيا ۾ موجود آهن، هروڀرو اهو سمورو علم جي ٻارن نه سکيو ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي: ٻار کي ته فقط اهو علم، جو مفيد ۽ ڪارائتو آهي، سوئي سکڻ گهرجي.

هن حقيقت کي هر گهڙيءَ پنهنجي سامهون رکو- لاعلميءَ يا اڻ ڄاڻائيءَ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪو نقصان ڪو نه رسايو آهي: غلط ڄاڻ يا غلط علم ئي انسان جو شروع کان وٺي هڪ خونخوار دشمن ٿي پئي رهيو آهي. انسان پنهنجو رستو ڀلجي گهمراهه ٿو ٿئي، سو ڪڏهن به اڻ ڄاڻائي ڪري نه، پر محض هڪ غلط خبر کي صحيح خبر سمجهي، پنهنجي ان ”علم“ تي ٺلهي اڀمان ۽ خودسري ڪرڻ ڪري ئي سندس اهو حال ٿو ٿئي.

 اسان کي خبر پهچائڻ جا ابتدائي ذريعا فقط اسان جا حواس آهن، حواسن وسيلي خبر حاصل ڪري، خيالن جي دنيا آباد ڪرڻ- هيءُ هڪ درست عمل آهي، پر هڪ ڳالهه جو خيال رهي ته حواس جي دنيا کي مرڳو خيرباد چئي اڌ ۾ ڦٽو ڪري، خالص خيالي دنيا ۾ تصوراتي پرواز ڪرڻ، نه فقط هڪ بيسود بلڪه هڪ گمراهه ڪن عمل آهي. هر ڪنهن قسم جي فڪر يا خيال تي فقط حواسن جي معرفت ئي رسائي حاصل ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري فهم ۽ عقل جي ابتدائي استعمال لاءِ فقط حواسن کي ئي رهبر بنائڻ گهرجي. ڪتابن کي ڦٽو ڪيو، دنيا جو مطالعو ڪريو: حقيقت جي معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ فقط حقيقتن کي ئي خيال ۾ رکو.

پنهنجي شاگرد کي هيرايو ته قدرت جي گوناگون نظارن کي هو پاڻ ڏسي وائسي، ۽ پنهنجو پاڻ دفتر قدرت جي ورق گرداني ڪرڻ جو دل ۾ چاهه پيدا ڪري: جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته هن جي مشاهدي جي قوت وڌي، سندس فڪر ۽ ذهن جي نشونما ٿئي، ۽ سندس فطري جوهر اُڀرن ۽ اُسرن، ته پوءِ  جلدبازيءَ کان ڪم نه وٺو، ائين نه ٿئي، جو فقط اوهان کان ٻڌي، کڻي ڳالهين تي ڳنڍ ڏئي، ۽ اهڙي طرح منجهس جيڪا علم لاءِ  سڪ ۽ پياس پيدا ٿي هجي، سا هڪدم اڌاري علم مان سيرآب ٿي وڃي: کيس علم اهو پلئه پوڻ گهرجي، جو هن پنهنجي سر پاڻ، هٿ پير هڻي، حاصل ڪيو هجي. جيڪڏهن اوهان هن کي پنهنجي عقل تي هلڻ جي موقعي ڏيڻ بدران ٻين جي عقل تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ ٻين جي پيروي ۽ تقليد سيکاري، ته پوءِ  سندس پنهنجو عقل محض ٻين جي عقل جو پرستار بنجي پوندو، ۽ هو پاڻ محض ٻين جي خيالن ۽ وسوسن جي ڏورين ۾ بور هڪ بي جان رانديڪي جي رهجي ويندو. جيڪڏهن هو ڪا اوڻائي ڪري وجهي، ته هڪدم سندس غلطين کي ويهي درست نه ڪريو، ڪجهه ترسو- ڏسو ته هو پنهنجي غلطين کي ازخود محسوس ڪري جلدئي پنهنجو پاڻ درست ڪري ٿو وٺي نه! گهڻي ۾ گهڻو، اوهان رڳو موقعو ڏسي اهڙي ڪا صورتحال پيدا ڪيو، جنهن مان سندس غلطيون کيس ظاهر ظهور ڏسڻ  ۾ اچي وڃن. ياد رکو ته جيڪڏهن ڪا غلطي ئي ڪين ڪندو ته سکندو وري ڪٿان؟- اهو سوار ئي ڪينهي جو ڪڏهن ڪريو ناهي!

منهنجي طريقي  تعليم  جو هيءُ هڪ لازمي  نڪتو آهي- ٻار کي ٿورو ئي سيکاريو، هروڀرو گهڻي سيکارڻ جي ضرورت ڪانهي، پر جيڪي ڪي کيس سيکاريو سو اڻ چٽو  ۽ منجهيل نه هجي. مون کي اهو خيال ڪين ٿيندو ته ڪو هو ڪجهه ڪين ٿو ڄاڻي، بشرطيڪ هو غلط ڄاڻ کان پاڪ هجي: آءُ هن کي حقيقن سان فقط هن ڪري متعارف ٿو ڪرايان ته متان انهن جي بدران هو غلط ڳالهين کي کڻي، قبول نه ڪري ويهي رهي. فيصلي ۽ تميز جي صلاحيت ۽ سمجهداريءَ ۽ ڏاهپ جي پيدا ٿيڻ ۾ وقت  لڳندو آهي. رسوماتي ۽ مروج غلط عقيدا ٽولن جا ٽولا ڪري هڪدم انسان جي ذهن تي حملا آور ٿيندا آهن: اسان کي هنن کان ئي ٻار جي ذهن کي محفوظ رکڻو آهي.

اوهان تي اهو فرض هرگز عائد ڪونه ٿو ٿئي ته ٻار کي سمورا علم اوهان ئي سيکاريو، اوهان جو ڪم فقط هيءُ آهي ته سندس دل ۾ انهن علمن لاءِ چاهه ۽ شوق جاڳايو، ۽ جڏهن اهو سندس چاهه ۽ شوق وڌي پختو ۽ گهرو ٿئي، ته انهن علمن حاصل ڪرڻ جا صحيح رستا ۽ درست طريقا کيس ڏيکاريو. مفيد ۽ اثرائتيءَ تعليم جو هيءُ هڪ بنيادي اصول آهي.

جيڪا به معرفت ۽ خبر، مختلف شين متعلق، انسان هن نموني پنهنجي پاڻ حاصل ڪري ٿو، اها زياده صاف زياده معقول ۽ زياده معتبر آهي، بنسبت اُنهيءَ جي جيڪا کيس رڳو ٻين جي واتان ٻڌڻ سان ملي ٿي: نه فقط ايترو پر انهيءَ نموني سندس عقل ٻين جي تقليد ۽ غلامانه پيرويءَ جي عادت کان دائمي آزادي ٿو پائي، ۽ اهڙيءَ طرح منجهس اها غور ۽ فڪر جي صلاحيت ٿي پيدا ٿئي، جنهن جي وسيلي هو خالص تخيلاتي دنيا ۾ پڻ نهايت سلامتيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان پنهنجي عقل ۽ خيال جون بلند پروازيون ڪري سگهي ٿي.

اسان جا حقيقي استاد اسان جو تجربو ۽ اسان جا حواس آهن: هيءُ به ظاهر آهي ته اُهو علم جو انسان جي شايان شان آهي سو هو ڪڏهن به سکي ڪين سگهندو، سواءِ انهن ذريعن ۽ وسيلن جي جيڪي سندس فطرت، انهيءَ روءِ پسند ڪري سندس ئي ڀلائيءَ ۽ فائدي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

جڏهن اسان پنهنجي شاگرد کي لفظ ” ڪارائتو يا مفيد“ سمجهائي ڪنهن نموني ذهن نشين ڪرائي ڇڏيو، ته پوءِ اسان کي گويا هڪڙو وڌيڪ  وسيلو ملي ويو، جنهن سان اسان هن کي پنهنجي هٿ وس رکي سگهون ٿا. ” هن ۾ ڪهڙو فائدو آهي يا هن مان ڪهڙو ٿو ڪارج سِڌِ ٿئي؟“- هن سوال جي ڪسوٽيءَ تي آءُ ۽ هو ٻيئي پوءِ پنهنجي زندگين جي هرهڪ عمل جي تورتڪ ۽ پرک ڪندا رهنداسين.

مون کي لفظي تشريح بازيون يا زباني سمجهاڻيون هرگز ڪين ٿيون پسند پون: ننڍڙا ٻار نڪي انهن ڏانهن ڪو ڌيان ٿا ڏين ۽ نڪي وري انهن جي کين ڪا يادگيري ئي رهي ٿي. جنسي شيون!! جنسي شين جو استعمال، جنسي شين جو مشاهدو ۽ جنسي شين جو تجربو! هيءَ ڳالهه آءُ جيترا ڀيرا وري وري دهرايان اوترو ٿورو. اسين رڳو لفظن تي پيا ٿا پنهنجون زور آزمايون ڪريون،، اسان استاد رڳو لفاظي ۽ بڪ بڪ ڪندا ٿا رهون، پوءِ اسان جا شاگرد به اسان جي پيروي ڪيو اسان جي ئي لفاظيءَ ۽ بڪ بڪ جو نقل ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين.

آءُ ڪتابن کان بيزار آهيان: ڪتاب اسان کي ڇا ٿا سيکارين؟- فقط هي ته انهن شين جون محض بي سود، ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪندا وتو، جن جي اسان کي ڪا به معقول ۽ معتبر پروڙ ڪانهي. پر جيڪڏهن هروڀرو ڪتابن کانسواءِ اسان جو ڪم نٿو اُڪلي ته منهنجي نظر ۾  هڪڙو ڪتاب آهي، جو آءُ سمجهان ٿو ته فطرت جي ڏسيل تعليمي طريقي مطابق مرتب ٿيل آهي، اهو بي مثل ۽ عجيب و غريب ڪتاب ڪهڙو آهي؟ اهو ڪو ارسطوءَ جو، افلاطون جو يا سقراط جو جوڙيل ڪونهي: اهو ڪتاب آهي ”رابنسن ڪروزو.“ هي اهو ڪتاب آهي، جنهن کي اوهان پاڻ به عام طرح ”ٻارن جي ڏانو جو ڪتاب“ ڪري سڏيندا آهيو. ايميليءَ کي اول اول آءُ هيءُ ئي ڪتاب پڙهڻ لاءِ  هٿ ۾ ڏيندس، ڪافي مدت تائين  سمورو ڪتبخانو فقط هن ئي ڪتاب تائين محدود رهندو، سندس زندگيءَ ۾ آخر تائين هن ڪتاب کي هڪ اهم ۽ عزت واري جڳهه حاصل رهندي.

اوهان جو مکيه مقصد هيءُ هئڻ گهرجي ته اوهان پنهنجي شاگرد جي راهه کان اهي سمورا خلاف فطرت ننڍ وڏائيءَ ۽ خادم مخدوميت وارا سماجي تعلقات ۽ لڳ لاڳاپا دور رکو، جن کي انساني عقل سمجهڻ کان هونئن به قاصر آهي: پوءِ جڏهن هن جي علم جو اڀياس وڌي ان حد تي اچي پهچي، جو کيس انسانن جي باهمي احتياج ۽ باهمي تعاون وارن سبقن پڙهائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ مجبور ٿي پئو ۽ ان کي ضروري  ڄاڻو، تڏهن به دور ازڪار اخلاقيات جي هڪ خشڪ ۽ بي اثر واعظ ۽ ناصح جي حيثيت ۾ نه پر هڪ حقيقت شناس رهبر جي حيثيت ۾ سندس سمورو ڌيان فقط انسانن جي هنرمنديءَ ۽ صنعت، ڪلن جي ڪاريگريءَ ۽ مشينن وسيلي ٿيندڙ ڪار ڪرت ڏانهن ڇڪايو، تان ته انهن مان هو هيءُ سبق حاصل ڪري وٺي ته محنت ۽ پورهيو انسانن جي زندگي لاءِ  ڪيتريقدر نه ضروري آهي، ۽ بني نوع انسان کي هڪٻئي  جي مدد، همراهيءَ دستگيريءَ جي ڪيڏي نه بنيادي درڪار ۽ ضرورت آهي!

موجوده سماج ۾ عام طرح مختلف ڌنڌن ۽ هنرن جي عزت ۽ قدرُ سندن عام استعمال، ڪم يا فائدي جي بنا تي نه بلڪه ان جي بلڪل برعڪس سندن عدم استعمال، نڪمائي ۽ نقصان جي بنا تي ڪيو ٿو وڃي. اوهان ٿورو ويچار ته ڪيو ته جيڪڏهن اوهان پاڻ ان قسم جي پست ذهنيت سان هم راءِ آهيو، ۽ پنهنجن شاگردن جي دماغن ۾ پڻ اهڙي قسم جي ذهنيت پيدا ٿيڻ تي اوهان خاموش ۽ خوش آهيو، ته پوءِ اوهان جي توڙي انهن جي آخر ڪهڙي  حالت ٿيندي! مثلن جيڪڏهن هو ڏسن ٿا ته اهان هڪ جوهريءَ جي دوڪان تي جوهريءَ جي اٿاهه عزت ٿا ڪريو، ۽ بنسبت ان جي هڪ لوهار جي دوڪان تي لوهار جي عزت ته ٺهيو پر مرڳو ان کي حقير ۽ نيچ سمجهي ساڻس نفرت سان پيش ٿا اچو، ۽ اهڙيءَ طرح سندن سامهون هڪ طرف محض رنگ روپ ۽ هارسينگار جو ملهه ٿو مقرر ٿئي ته ٻئي طرف هڪ واقعي مفيد ۽ ڪارائتي شيءِ پيئي ٿي ٿڏجي ۽ ٿيلهجي- ”انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير  ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا“، واري  مثال کان به وڌيڪ ابتو مثال سندن اکين اڳيان، اهڙيءَ طرح، هر روز ظاهر پيو ٿو ٿئي- ته پوءِ  ”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي“ واريءَ ان حالت کي اهي اوهان جا شاگرد هڪ عين عادلانه ۽ منصفانه حالت ڪري تسليم نه ڪندا ته ٻيو ڇاڪندا!

جنهن به وقت اوهان جي شاگردن ۾ اها ذهنيت ۽ اهڙا خيال پيدا ٿي ويا- پوءِ  اوهان خوش ٿيا، خاموش ويهي  رهيا توڙي بي خبر رهجي ويا- تنهن وقت ائين سمجهو ته وڌيڪ ڪنهن تعليم ڏيڻ جا نه اوهان پاڻ اهل آهيو، ۽ نه وري ان مان ڪو فائدو ئي ڪنهن کي ٿيندو. اوهان جا شاگرد به هوبهو ٻين عام رواجي شاگردن جهڙائي  اوهان وٽان رخصت ٿيندا- افسوس اهو ٿيندو ته اوهان  پنهنجي عمر جا توڙي  انهن جي عمر جا سڄا سارا قيمتي چوڏهن ورهيه فضول برباد ۽ ضايع ڪيا.

فطرت جي نظام جو هيءُ پڌرو فيصلو آهي ته پورهئي پٽاندر ئي ڦل پلئي پوڻ گهرجي: هر حالت ۾ اهو پورهيو، هنر يا ڌنڌو جيڪو زياده ۾ زياده عام فائدي وارو ۽ ضروري آهي، سو ئي سڀ کان زياده عزت ۽ احترام جي لائق آهي.

انهيءَ لحاظ سان، منهنجي خيال ۾، زراعت جو هنر انسانن جي سڀني هنرن ۾ جيڪڏهن هڪ طرف جهوني ۾ جهونو،  ته ٻئي طرف سڀ کان زياده فضيلت، عزت ۽ شرافت وارو هنر آهي! ڌاتن جي استعمال جا هنر آءُ ٻئي درجي ۾ شمار ٿو ڪريان، تنهن کان پوءِ ڪاٺ جي استعمال جا هنر، ۽ پوءِ ٻيا اهڙا هنر مٿئين اصول پٽاندر هڪٻئي  پٺيان بيهاري سگهجن ٿا.

ٻار جي فطري رغبتن ۽ لاڙن کي جيڪڏهن ڪوڙ ٻڌائي ۽ فريب ڏيئي، موڙي ۽ بگاڙي، خراب نه ڪيو ويو آهي، ته هو به انهن انساني ڌنڌن ۽ هنرن جي اهميت ۽ احترام  انهيءَ ئي ترتيب سان  سڃاڻندو ۽ قائم رکندو. هنن ڳالهين بنسبت ايميلي پنهنجي  دلپسند ڪتاب ” رابنسن ڪروزو“ مان ڪيتري قدر مفيد اثرائتا سبق سکي  سگهندو، ان جو اندازو  انهيءَ ڪتاب کي ٻيهر پڙهي، نهايت آسانيءَ سان اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا.

اهڙي طرح، ٻار پاڻ انساني سماج جو هڪ ڪارائتو فرد بنجي سگهي، تنهن کان اڳ ئي کيس انسانن جي باهمي تعلقات۽ لڳ لاڳاپن جي صحيح خبر پوريءَ طرح ذهن نشين ٿي وڃي ٿي. ايميلي ڏسي ٿو ته جيڪڏهن کيس پنهنجي استعمال لاءِ ڪي سهوليتون ۽ اوزار گهرج ۾ آهن، ۽ چاهي ٿو ته اهي  کيس حاصل ٿين، ته ان لاءِ لازمي آهي ته ٻين انسانن وٽ سندن پنهنجي استعمال جا گهربل اوزار ۽ سهوليتون پڻ موجود هئڻ گهرجن، ۽ اهڙيءَ طرح سندس پنهنجي ضرورت واريون شيون کيس ٻين وٽان فقط تڏهن ميسر ٿي سگهنديون جڏهن هو پاڻ ٻين جي ضرورت واريون شيون بدلي ۾ کين ميسر ڪري ڏيندو. زندگيءَ ۾ شين جي هن عام مٽا سٽا ۽ ڏي وٺ جي ضرورت آءُ کيس آساني سان محسوس ڪرائي سگهان ٿو، اهڙي طرح انسانن جي باهمي تعاون  واري اصول کي قبول ڪرڻ ۾ ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ نه فقط کيس ڪو به عار نه ٿيندو، بلڪ ان کي بني نوع انسان جي جيئدان، خوشحاليءَ ۽ آئنده ترقيءَ جو هو واحد ۽ لازمي ذريعو ڪري شمار ڪندو. هر ڪنهن انسان کي زنده رهڻو آهي: جنهن کي جيترو انسان دوستيءَ جو جذبو  ۽ احساس دل ۾ موجود آهي، تنهن کي  هيءُ دليل اوترو دل سان لڳندو ۽ پسند پوندو، پر آءُ سمجهان ٿو ته جڏهن خود پنهنجي ساهه جو سوال ٿو درپيش اچي، تڏهن ته هيءُ دليل هر ڪنهن لاءِ هڪ لاجواب قانون ۽ ناقابل انڪار حقيقت بنجيو وڃي.

جيڪڏهن هن دنيا ۾ ڪا اهڙي درد انگيز ۽ جانگذار صورت حال واقع ٿي ٿئي، جنهن ۾ هڪ انسانُ، سواءِ ٻين انسانن کي ايذائڻ جي، پنهنجو زنده رهڻ مشڪل ۽ محال ٿو ڏسي، ۽ اهڙي طرح پنهنجي جيئدان لاءِ  هو مجبور ڪيو ٿو وڃي ته ٻين جون حق تلفيون يا ٻيون اهڙيون  انسان آزار ڪاروايون ڪري، ته پوءِ اهڙي هڪ بيوس ۽ مجبور ملزم انسانن کي جهلي ڦاهيءَ تي وڃي لٽڪائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟

” مون کي مون پِرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اُڀا ايئن چون متان پاند پُسائيين!“

انصاف جي تقاضا ته هيءَ آهي ته ڦاسي جي تختي  تي فقط انهن انسان نما حيوانن کي ٽنگڻ گهرجي جيڪي انهيءَ مائل به گناهه صورت حال جي پيدا ٿيڻ لاءِ جوابدار آهن، ۽ جن هن ملزم شخص جي سامهون زنده رهڻ لاءِ فقط هڪ ئي رستو کليل ڇڏيو آهي، ته هو اهي گناهه ڪري.

اوهان موجوده سماجي نظام کي هڪ دائم ۽ قائم شيءِ سمجهي، مٿس ڪلي اعتبار ۽ ڀروسو رکيو ويٺا آهيو: اوهان نٿا ڄاڻو ته هيءُ اوهان جو ”محبوب“ نظام پڻ فطرت جي اٽل قانون جي ماتحت  تبديليءَ ڏانهن  مائل آهي، هر گهڙيءَ ۽ وقت  بوقت  تبديل ٿيندو ٿو رهي. انفرادي حالت ۾ ته روز مرهه اوهان اکئين پيا ٿا ڏسو ته وڏن مان ننڍا، تونگرن مان گدا، بادشاهن مان غلام ائين ئي هڪڙا نه ٻيا ٿيندا رهن ٿا: اجتماعي حالت ۾ فطرت جو هيءُ قانون، جو نهايت خاموشيءَ سان پنهنجو اڻ ٽر عمل پورو ڪندو رهي ٿو، تنهن ڏانهن  اوهان ايترو توجهه ڪو نه ٿا ڏيو، ۽ ان کان اوهان، بي خبر ۽ لاپرواهه، ڪنڌ هيٺان ويهاڻا ڏيو، بي خوف و خطر، اگهور ننڊ ۾ غافل ستا پيا رهو، ۽ نٿا ڄاڻو ته اوهان  جي اولاد ۽ اوهان جي آئنده نسلن کي ڪهڙي قسم جي عجيب و غريب ۽ اوچتي ڀونچال سان روشناس ٿيڻو آهي، سو ائين نه سمجهو ته اوهان يا اوهان  جا پويان فطرت جي هنن ناگهاني چيره دستين ۽ ستم ظريفين کان هميشه محفوظ رهجي ويندا. اوهان جي هن بوسيده ۽ پاروٿي سماج  جي وجود جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي، ۽ سندس سياهه ڪارين جي حساب ڪتاب جو وقت في الواقع قريب آهي: اوهان  ۽ اسان اڄ هڪ ازغيبي انقلاب جي بنهه ڪناري تي بيٺا آهيون.

سماج جي دائري کان بلڪل الڳ ٿي هڪ تنهائي پسند گوشه نشين، جنهن کي پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان ڪا سروڪار يا ڏيڻي وٺڻي ڪانه آهي، سو پنهنجي زندگي ڀلي جيئن وڻيس تيئن گذاري، پر سماج اندر رهي ڪري زندگي گذارڻ جا سندس سامهون فقط ٻه رستا کليل آهن: يا ته هو ٻين جي مٿان چٽي بنجي ويهي رهي، ۽ ٻين جي ٺهيل ٺڪيل خون تي ڄؤرن ۽ مڇرن وانگر پنهنجا نيش کوڙي پنهنجو ”هل من مزيد“ * پڪارڻ وارو پيٽ پاليندو رهي، يا ته هو پاڻ پنهنجي حصي واري محنت  ۽ پورهيو پورو ڪري ٻين جي دلين تي پنهنجي زنده رهڻ جو حق ثابت ڪري، ۽ اهڙيءَ طرح ٻين پاڻ جهڙن انسانن سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي، محنت ۽ مشقت جي ڏي وٺ ڪري، باهمي تعاون جي اصول ماتحت، پنهنجي زندگي، حق ۽ حلال خوريءَ جي بنا تي، امن ۽ آزاديءَ سان گذارڻ پسند ڪري. سماج ۾ رهندڙ هر هڪ انسان پورهئي ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي، پوءِ هو غريب هجي يا شاهوڪار، ضعيف هجي توڙي طاقتمند: نڪمو ۽ سست الوجود انسان، پوءِ اهو ڪير به هجي، ظاهر ظهور سماج جو هڪ سينه زور چور آهي.

پنهنجي اوچي مقام تان ٻه قدم رنج فرمائي، ٿورو هيٺ لهي. هڪ پورهيت انسان جي حيثيت قبول ڪيو ۽ اختيار ڪيو، خاطري رکو ته ائين ڪرڻ سان ئي پنهنجي موجوده مقام کان ٻه قدم زياده اوچي حيثيت اوهان کي حاصل ٿي سگهي ٿي.

ايميليءَ کي ڪو نه ڪو هنر يا ڌنڌو سکڻو پوندو. اوهان منهن ڪڙو ڪري وراڻيو ٿا، ”ڪم از ڪم، ڪو شريف ڌنڌو ته سکي!“ شرافت

* آهي اڃا ڪي وڌيڪ؟

مان اوهان جي ڀلا مراد آخر ڇا آهي؟ ظاهر آهي ته آءُ کيس لاڪ جي ” نوجوان نوبزادي“ وانگر ڪا ڀرت بازي، ڪاميناڪاري يا ڪا رنگريزي ڪانه سيکاريندس، نڪي وري آءُ کيس ڪو گويو، ڪو ائڪٽر يا ڪو ليکڪ ۽ ڪتاب ساز بنائيندس: انهن ۽ اهڙن ٻين بيڪار جنسار بازيءَ ۽ ٽڪساليءَ جي ڌنڌن کانسواءِ ڀلي ته جيڪو هنر سندس دل کي وڻي سو وڃي سکي، منهنجي هر گز اها مرضي ڪانهي ته سندس ذاتي پسند ۾ ڪا دست اندازي ڪيان. ايترو سو آهي ته  هڪ ”شاعر“ جي بدران جيڪڏهن هو هڪ موچي وڃي ٿيو ته مون کي اها ڳالهه وڌيڪ پسند پوندي: منهنجي  خيال ۾ جيڪڏهن هو چينيءَ جي ٿانَون تي نقاشي ڪرڻ بدران وڃي رستن ۽ گهٽين ۾ سرن ۽ پٿرن جا فرش تعمير ڪري ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

اوهان چوندا ته ” مفيد ۽ ڪارائتا ته پوليس وارا، جاسوس ۽ ڦاسين ڏيڻ تي مقرر ڪيل جلاد به آهن!“ بلڪل صحيح پر انهن شخصن جا ڪم ۽ فائدا محض سندن حڪومت جي وجود ”مقدس“ سان ئي وابسته آهن، ۽ جيڪا حڪومت پوليس وارن جاسوسن ۽ جلادن جي لاتعداد لشڪرن کان  سواءِ پنهنجو وجود محفوظ ۽ سلامت نٿي سمجهي، اها حڪومت خود هڪ بي سود ۽ بي ڪار چيز آهي.

هاڻي، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏيو. آءُ برابر غلط هوس. هڪ شرافت وارو ڌنڌو پسند ڪجي، رڳو اها ڳالهه به ته ڪافي نه آهي، ڌنڌو واقعي اهو پسند ڪرڻ گهرجي، جنهن مان ڪڏهن به اهي قابل نفرت صفتون ۽ جوهر دل ۾ پيدا نه ٿي سگهن جيڪي انسانيت جي برعڪس ۽ برخلاف هجن. آءُ اوهان سان مڪمل طرح هم راءِ آهيان ته ”ڌنڌو يا هنر اهو پسند ڪجي، جيڪو شرافت ۽ عزت ڀريو هجي؛“ پر اوهان کڻي مون کي ٻڌايو ته ڪارآمد  محنت ۽ خدمت گذاريءَ کان سواءِ ٻي اها ڪهڙي شيءَ آهي، جنهن کي شريف سڏجي ۽ جنهن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ پاڻ مٿان لازم ڄاڻجي؟

بهر حال ايميليءَ کي ڪو نه ڪو ڌنڌو ضرور سکڻو پوندو: ڌنڌو هو ڪهڙو به کڻي سکي، پر اهو هڪ مفيد ۽ ڪارائتو ضرور هوندو، پوءِ جيڪڏهن کيس هڪ نڪمي ۽ سست وحشيءِ جي لعنتاڻي کان بچڻو آهي، ته هڪ ڪڙميءَ وانگر هو پورهيو ڪندو، ۽ هڪ فيلسوف وانگر هو فڪر ڪندو. تعليم جو اهم راز به هن ۾ پوشيده آهي ته دماغ جو استعمال جسم کي راحت ۽ آرام ڏئي، ۽ جسم جي ورزش دماغ کي فرحت ۽ تروتازگي بهم پهچائي.

ايميلي انهيءَ روءِ هٿ پورهيو ۽ ڪار ڪرت ڪرڻ شروع ئي مس ڪندو ته کيس سماجي ننڍ وڏاين ۽ انساني غير برابرين جي ڄاڻ پوڻ شروع ٿيندي، ۽ ان باري ۾ ستت ئي مختلف مسئلن متعلق هو مون کان جواب طلبي ڪرڻ شروع ڪندو. هنن سماجي غير برابرين ڏانهن سندس ڌيان اڳ ڪڏهن به ايترو سڌوسنئون ڪو نه ڇڪايو ويو هو، پر هاڻي جو انهن ڳالهين سان سندس سڌيءَ طرح ڪم ۽ واسطو پيدا ٿيندو، ته هو ضرور پنهنجي هيستائين حاصل ڪيل علم ۽ اختيار ڪيل اصولن جي ڪسوٽيءَ تي هن عجيب و غريب ۽ غيرمعمولي صورتحال کي پرکڻ شروع ڪندو، ۽ پوءِ جڏهن هو ان کي ظاهر ظهور عدل ۽ انصاف جي برعڪس ۽ فطرت جي تقاضا ۽ قانون جي برخلاف پائيندو ته لازمي طرح حق ۽ ناحق، ظلم ۽ انصاف جي پروڙ منجهنس پيدا ٿيڻ شروع ٿيندي.

هي هڪڙو سوال بار بار سندس زبان تي تري ايندو ته هي جي پاڻ کي وڏو ۽ ٻين کي ننڍو سمجهن ٿا، هي جي پاڻ جهڙن لاتعداد انسانن کان پنهنجا هٿ پير چمارائين ٿا ۽ پنهنجي پوڄا ۽ پرستش ڪرائين ٿا، هي جي پاڻ کي آقا ۽ ٻين کي پنهنجو غلام ڪري سمجهن ٿا- آخر هنن ۾ اها ڪهڙي خاص امتيازي خصوصيت آهي جنهن جي آڌار تي  هي ايترو اڀمان ۽ ايتري وڏائي ٿاڪن، ۽ انسانيت جي ايڏي وڏي هتڪ ۽ بي عزتي ڪرڻ جي همت ۽ جُرئت ٿا رکن؟ ڇا هي سڀ فقط انهيءَ ڪري آهي، جو هو پاڻ شاهوڪار ۽ طاقتور آهن، ۽ ٻيا مفلس ۽ ڪمزور؟ طاقت ته منجهس اها آهي، جو ڪک ڀڃي ٻه به ڪڏهن ڪين ٿا ڪن: شاهوڪاري سندن محض هڪ ڌاڙو آهي انهن مفلسن ۽ ڪمزورن جي طاقت ۽ محنت سان پيدا ڪيل مال ۽ دولت جو، جنهن تي ساري دنيا تڳي ۽ هلي رهي آهي!

اهڙي طرح فڪر ڪندي ڪندي، جڏهن هو هن نتيجي تي ٿو رسي ته هي سڀئي سماجي غير برابريون برخود غلط آهن، ۽ انهن مان نظام فطرت خلاف هڪ کلم کلا  انساني بغاوت جي بوءِ ٿي اچي: يعني، جڏهن هو سمجهي ٿو ته هيءَ صورتحال ته ”ستا کائين ويٺن کي ۽ ويٺا کائين بيٺن کي“- هڪ سراسر ظلم ۽ انڌير آهي،- تڌهن سندس دل ۾ اهي منگ ۽ اهي ارادا پيدا ٿا ٿين، جن جي مدد سان بني نوع انسان هيستائين پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي زندگي پئي سڌاري ۽ سنواري آهي، ۽ جن جي ئي وجود تي انسان جي سموري آئينده ترقيءَ ۽ عروج جو انحصار آهي.

انهيءَ طريقي سان اسان ايميليءَ کي هڪ محنت ڪش فيلسوف بنايو آهي، هاڻي هو هڪ معمار به آهي ۽ مفڪر به: ”هٿ هاج ۾، دل يار ڏي“ واريءَ مصداق مطابق هاڻي هو پورهيو به ڪندو رهندو، ۽ پنهنجو پاڻ پروڙيندو به رهندو. هاڻ اسان جو باقي هيءُ ڪم رهيو ته کيس هڪ پيار ڀري، نرم، سٻاجهي ۽ لطيف دل پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪريون، ۽ اهڙيءَ طرح سندس ”عقل“ کي ”عشق“ معرفت پختو ۽ مڪمل بنايون.

انهيءَ تازي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا وک اڳتي وڌايون، تنهن کان اڳ بهتر ٿيندو ته پوئتي لنئوڻو ورائي نهاريون ۽ ڏسون ته ڪيتريءَ حد تائين اسين پنهنجو سفر طئي ڪري چڪا آهيون.

ايميلي واقعي ٿورو علم حاصل ڪري سگهيو آهي، پر جيترو علم هن پرايو آهي سو سندس پنهنجو ئي پرايل آهي، ۽ ان تي کيس مڪمل قبضو ۽ عبور حاصل آهي، اهو علم اڌورو ۽ ناقص علم نه آهي. جيڪي ڪجهه هو ٿورو يا گهڻو ڄاڻي ٿو، ۽ خوب ڄاڻي ٿو، تنهن مان هڪڙي ڳالهه سڀ کان زياده قيمتي ۽ املهه هيءَ ٿو هو ڄاڻي ته دنيا ۾ گهڻيون ڳالهيون اڃا اهڙيون پيون آهن جن جي کيس سردست ڪا ڄاڻ ڪانهي، پر اميد اٿس ته آئنده ڪنهن وقت کيس انهن جي خبر ضرور پئجي ويندي، تنهان ئي گهڻيون ڳالهيون اهڙيون به آهن جن جي ڄاڻ ٻين ماڻهن کي آهي، پر کيس شايد انهن جي خبر ڪڏهن به پئجي نه سگهي، ۽ ٻيون اهڙيون بيشمار ڳالهيون پڻ دنيا ۾ آهن جن جو علم شايد ڪنهن کي به ڪڏهن حاصل ٿي نه سگهي. هن کي پنهنجي دماغ تي ڀروسو آهي،- انهي ڪري نه ته وٽس علم آهي، پر رڳو انهيءَ ڪري ته منجهس علم حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ لياقت آهي: هو بيدار مغز ۽ تيز فهم آهي، ۽ هر حالت ۾ هردم تيار رهڻ جي منجهس عادت آهي. آءُ کائنس مطمئن آهيان، ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي هر عمل جي ماهيت، ۽ پنهنجي هر عقيدي جو منطق معلوم آهي: سندس باري  ۾ مون کي ڪابه ڳڻتي ۽ پريشاني  ڪانهي، ڇاڪاڻ ته کيس اها بخوبي ڄاڻ آهي ته هو ڇا ٿو ڪري ۽ ڇو ٿو ائين ڪري، ڇا ٿو سمجهي ۽ ڇو ٿو ان کي ائين سمجهي ۽ ائين قبول ڪري.

منهنجو مقصد ئي اهو آهي ته کيس آءُ پاڻ ڪوبه ٺهيل ٺڪيل علم کڻي هٿ ۾ نه ڏيان، فقط کيس  اهي طريقا ۽ وسيلا علم حاصل ڪرڻ جا سيکاريان، جن جي مدد سان جنهن علم جي کيس ضرورت محسوس ٿئي، اهو علم هو پاڻ حاصل ڪري سگهي، ۽ ان علم جو هو مناسب ۽ صحيح قدر  ڪرڻ سکي، ۽ انهيءَ روءِ هو سچ کي هر حالت ۾ سڀ کان زياده عزيز ڄاڻي.

ايميلي هڪ جفاڪش ۽ محنتي، قانع ۽ صابر، مستقل مزاج ۽ باهمت نوجوان آهي. سندس تخيل جي قوت اڃا خاموش آهي، تنهنڪري  آئنده جي ڪشالن ۽ خطرن جو کيس ڪو به اجايو گهڻو انديشو ۽ خيال ڪونهي، جيڪي ٿوريون گهڻيون تڪليفون ۽ ايذاءَ کيس زندگيءَ ۾ سهڻا پون ٿا، تن کي هو صبر سان برداشت ڪرڻ ۽ مڙس ٿي منهن ڏيڻ بخوبي ڄاڻي ٿو، جيتوڻيڪ هو سکيو آهي ته جيڪا ڳالهه سندس ذاتي فطرت جي وس کان ٻاهر آهي، تنهن جو مقابلو ڪرڻ يا تنهن سان زور آزمائي ڪرڻ آهي جبل سان مٿو هڻڻ، تنهن هوندي به هو زندگيءَ جي لازمي خطرن ۽ مصيبتن جي سامهون پنهنجي همت جو سندرو ڇوڙي، بزدل ٿي، پنهنجي آڻ ۽ شڪست قبول ڪري، هٿ هٿ تي رکي يا مٿو جهلي ويهي رهڻ کان بالاتر آهي: نا اميديءَ ۽ خوف جا ڀوت ڪڏهن به هن جي ويجهو ڪين ٿا اچن.

موت، جو انسان جو سڀ کان وڏو خطرو آهي، ۽ جنهن کان انسان سڀ کان وڌيڪ خوف ٿو کائي، تنهن جي ايميليءَ کي اڃا ڪابه خبر ڪانهي ته اهو ڇا آهي، پر ڇاڪاڻ ته هو ضرورت ۽ مجبوريءَ اڳيان سواءِ ڪنهن چون چرا جي پنهنجو  سر تسليم خم ڪرڻ تي هريل ۽ ان لاءِ هميشه تيار آهي، تنهنڪري جڏهن موت اچي سندس زندگيءَ جي دروازي تي دستڪ ڏني، ۽ کيس مرڻو پيو، تڏهن هو سواءِ ڪنهن رنجهه ڪنجهه ۽ ريڙهه پيڙهه جي، کلندي مشڪندي، پنهنجو ساهه سندس حوالي ڪري ڇڏيندو، اها وقت جي گهڙيءَ جنهن کي اسين سڀيئي  ايترو ڌڪاريون ٿا، تنهن گهڙيءَ جي آڏو، انسان جي فطرت کان، آءُ سمجهان ٿو، تقاضا به فقط اهائي ڪري ٿي سگهجي. آزاد زندگي گذارڻ ۽ سماجي قيد وبند ۽ محتاجين کان آجو ۽ فارغ گهارڻ- هيءُ ئي هڪ بهترين طريقو آهي موت لاءِ هر وقت تيار رهڻ جو. هاڻي ڇا ٿا ڀانيو، ته اهو ٻار جنهن علم ۽ عمل جي انهيءَ منزل تائين پهچڻ ۾ پنهنجي زندگي جا پهريان پنڌرهن سال گذاريا آهن، تنهن جي اها عمر سچ پچ بيسود بيڪار گذري آهي؟

اسان جي زنده رهڻ جا مکيه ۾ مکيه وسيلا آهن اسان جي من جون سڌون ۽ خواهشون، تنهنڪري انهن کي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ظاهر ظهور چريائي آهي: ٻئي ڪندي اهي مري به ڪين ٿيون سگهن، ڇو جو اهو ٿيندو ڄڻ فطرت مٿان غالب پوڻ، ۽ خالق جي ڪاريگريءَ ۽ تخليق کي نئين سر علحده صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ: ظاهر آهي ته هيءَ ڳالهه هڪ مطلقن ناممڪن امر آهي.

جيڪي ماڻهو هنن خواهشن کي من ۾ پيدا ڪرڻ کان روڪڻ چاهين ٿا، سي به، منهنجي خيال ۾، اهڙائي بي سمجهه آهن جهڙا اهي جيڪي انهن کي مارڻ گهرن ٿا. خواهش کي مارڻ يا انهن کي پيدا ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ائين آهي جئين ٻٻرن کان ٻير گهرڻ.

هن مان هيءَ ڳالهه ثابت ڪانه ٿي ته سموريون خواهشون جيڪي اسين محسوس ڪريون ٿا ۽ ٻين جي من ۾ پيدا ٿيندي ڏسون ٿا، سي سڀئي انسان جون فطرتي خواهشون آهن! انسان جي سڀني خواهشن جو سرچشمو ۽ شروعات واقعي انسان جي فطرت ۾ ئي موجود آهي، پر جيئن هڪ نديءَ ۾ واٽ تي بي شمار نيون، نالا ۽ ننڍيون ننڍيون نهرون اچي ڇڙن ٿيون ۽ ان کي پنهنجا پنهنجا پاڻي پياري اچي ڀرين ٿيون، تان جو ٿوري ئي وقت ۾ اها خبر لهڻ ناممڪن ٿيو پوي ته اصلوڪيءَ نديءَ جو پاڻي ڪهڙو ۽ نين، نالين ۽ نهرن جو پاڻي ڪهڙو، تيئن انسان جي فطري خواهشن ۾ به هزارها قسمن جون خارجي  ۽ غير فطري ملاوتون اچي ٿيون گڏجن، ۽ پوءِ انهن جي وچ ۾ تميز ڪرڻ ۽ فرق سڃاڻڻ واقعي هڪ نازڪ سوال ٿي ٿو پوي. انسان جون فطري خواهشون نهايت محدود ۽ ٿوريون آهن، ۽ انهن جو مقصد آهي ته کيس آزاد ۽ خودمختيار زندگي  گذارڻ ۽ خلاف فطرت محتاجين کان فارغ رهڻ ۾ بطور وسيلي جي ڪم اچن. هاڻي ثابت ٿيو ته باقي اهي سموريون خواهشون جيڪي جيئڻ ۾ مدد ڪرڻ بدران انسان کي خوار ۽ خراب  ڪن ٿيون، سندس زندگي  وبال جان بنائين ٿيون، سندس آخرين خاتمي جا سامان پيدا ڪن ٿيون يا کيس خلاف فطرت غلاميءَ ۽ محتاجيءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪن ٿيون، اهي سڀئي  خواهشون غير فطري آهن، ۽ انهن جو سرچشمو ڪو ٻيو خلاف فطرت مقام آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org