سيڪشن: ادب

ڪتاب: ايميلي عرف تعليم

باب:

صفحو:5 

ٻاراڻي اوستا ۾، ٻارن کي پڇ پڇ جي عادت گهڻي هوندي آهي. اها سندن فطرت آهي،سندن انهيءَ عادت کي روڪڻ ۽ دٻائڻ يا سندن سوالن جي صاف ۽ سلجهيل جوابن ڏيڻ بدران، کين هيسڻ ۽ ڇڙٻڻ يا کين منجهيل ۽ اڻپورا جواب ڏيڻ – اهو ٿيندو گويا مٿن صحيح علم ۽ ڄاڻ جا دروازا بند ڪرڻ. جنسيت متعلق پڻ ساڳي اها روش جيڪڏهن ساڻن وٺبي، ته ظاهر آهي ته هو پنهنجن سوالن جا جواب پيا ڪنهن نه ڪنهن طرح ۽ ڪٿان نه ڪٿان وٺندا؛ پر گمراهه ۽ اڄاڻ ساٿين کان، ڌارين ماڻهن جي غليظ ڳالهين مان، يا خود والدين جي بوس و ڪنار کي ڏسڻ ۽ سندن مخفي ۽ مام ڀريل رازدارين، سرگوشين ۽ اشاري بازين مان جيڪڏهن هو ڪي غلط اثر ۽ نتيجا جذب ڪندا وتن- تنهن کان بهتر آهي ته سندن معصوم سوالن جا جواب، سواءِ ڪنهن رک رکاءَ جي، سواءِ ڪنهن هٻڪڻ ۽ هيسجڻ جي، سواءِ ڪنهن رازدارانه کل چرچي جي، نهايت صاف، سلجهيل ۽ سڌا سنوان کين بروقت ئي ڏيئي ڇڏجن.

عام طرح نئين ڄاول ٻار کي ڏسي ٻار پنهنجي ماءُ کان جنسيت متعلق پهريون پهريون سوال هي پڇندا آهن ته ’’ اما، ڀلا ننڍڙا ٻار ڪٿان ٿا اچن ؟‘‘ هن معصوم سوالن تي کين چيڙائجي يا ڇڙٻجي يا وٺي هيئن گمراهه ڪجي ته ’’ ٻار آسمان مان ٿا اچن، خدا وٽان ٿا اچن، يا پريون ٿيون کين کڻي اسان کي  ڏيئي وڃن‘‘- تنهن کان ته هي بهتر آهي ته کين ماءُ ٺهه پهه ٻه ٺپو جواب هيءُ ڏيئي مطمئن ڪري ڇڏي ته ’’ ابا ننڍڙا ٻار زالون ڄڻينديون آهن، پر کين ٻارن ڄڻڻ ۾ ايتري تڪليف ٿيندي آهي، جو هو مري مري مس ٿيون بچن، ۽ ڪيتريون ته ويچاريون انهيءَ تڪليف ۾ صفا مريو به وڃن!‘‘

جنهن نوعيت واري تعليم ۽ تربيت ماتحت، ايميليءَ پنهنجي ٻاراڻي اوستا گذاري آهي، تنهن ۾ شايد کيس جنسيت متعلق اهڙيءَ طرح سوالن پڇڻ جو ڪو موقعو ئي نه مليو هجي: راند روند، ڊڪ ڊوڙ، کل خوشيءَ ۽ ٽپڻ ڪڏڻ ۾ هو ايترو ته محو ۽ مشغول رهيو آهي، جو جن ڳالهين سان سندس ڪو واسطو ئي پيدا ڪين ٿيو آهي، تن جي باري ۾ بي سود سوالن پڇڻ جي کيس ضرورت ئي ڪڏهن پيش ڪانه آئي آهي.

ٻاراڻي اوستا ۾، جنسيت متعلق جيڪي اخلاق ۽ پاڪدامنيءَ جون ڪمهليون ۽ ٺلهيون نصيحتون ٻار هڪ ڪن مان ٻڌندو رهي ٿو تن کي، جنهن وقت انهن جي استعمال جو وقت ٿو اچي تنهن وقت، پنهنجي ٻئي ڪن مان ڪڍي اڇلا.ئي ڇڏڻ ۾ هڪدم دير نٿو ڪري: تنهن بدران جيڪڏهن اسين فطرت طرفان مقرر ڪيل گهڙيءَ لاءِ ترسون ۽ انتظار ڪڍون - ۽ انهيءَ وچ ۾ ٻار کي سندس فطري ضرورتن مطابق ٻي عام تربيت ڏيندا فقط ميدان تيار ڪندا رهون ته جيئن وقت اچڻ تي هو اسان جي ڳالهين کي غور سان ٻڌي ۽ هنئين سان هنڊائي - ۽ پوءِ جڏهن سندس جواني جي بهار پنهجي مڙني دلرباين ۽ رنگينين، البيلاين ۽ ارڏاين سان کيس پنهنجا پهريان ديدار ڏيکارڻ شروع ڪري، تڏهن کيس اسان جنسيت جي ڪرشمي جا معنيٰ خيز ۽ مسرت ڀريا راز ، عالم نباتات ۽ عالم حيوانات جي کليل دفترن مان، جيڪڏهن ويهي پڙهايون، اهڙي طرح کيس سمجهايون ۽ ذهن نشين ڪريون ته فطرت طرفان مقرر ڪيل هيءُ قانون حيات ڪيتري قدر نه انسان جي مسلسل حيات جادوانيءَ لاءِ مفيد ۽ ضروري آهي، ۽ ساڳئي وقت ان جي عمل ۾انسان لاءِ ڪيتريون نه بي انداز ۽ بي مثل لذتون، ڪيتريون نه جانفزا ۽ دلپزير مسرتون ۽ ترو تازگيون پوشيده آهن، ۽ ٻئي طرف وري ان جي بي حجابانه ۽ ڇڙواڳ استعمال ۽ فطرت طرفان عائد ڪيل دستور ۽ حد بندين جي ٿوري تجاوز مان ڪيڏا نه بيان کان ٻاهر جسماني ۽ اخلاقي عذاب ۽ ڪيتريون نه درد انگيز ۽ لاعلاج پيڙائون انسان کي ڀوڳڻيون پون ٿيون، اڃان به وڌيڪ جيڪڏهن اسين کيس ٻڌايون ته ٻن جنسن جي هيءَ ابدي ۽ بنيادي ڪشش ڪيئن مهذب، متمدن انسانن جي سماجي زندگيءَ ۾ پنهنجو بهترين ۽ صالح ترين روپ فقط هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي باهمي عزت ۽محبت، وفاداري ۽ لازوال باهمي عقد و نڪاح جي رشتي ۾ظاهر ڪري ٿي، ۽ ان باهمي معاهدي جي ڏوريءَ کي ٽوڙڻ ۽ اورانگهڻ وارا ڪيتري قدر ته پنهنجا دشمن. سماج جا دشمن ۽ تهذيب ۽ تمدن ۽ اخلاق جا باغي آهن؛- منهنجو مطلب هيءُ آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي شاگرد کي هي ڳالهه مڪمل طرح ثابت ڪري ۽ تسليم ڪرائي ڇڏيون ته انسان جي صحت، طاقت، مردانگي، خوش اخلاقي، نيڪو ڪاري ۽ خود عشق و محبت جون پاڪيزه لطافتون ۽ نزاڪتون، سڀ جون سڀ، سندس عصمت ۽ پاڪدامنيءَ تي ئي منحصر آهن: ته پوءِ مونکي يقين آهي ته کيس پنهنجي اها عصمت ۽ پاڪدامني ايتري قدر ته دلپسند ۽ عزيز ٿي پوندي، جو هو ان کي محفوظ ۽ سلامت رکڻ لاءِ اسان جي هر هڪ صلاح مشوري کي دل جي ڪنن سان ٻڌندو، هنئين سان هنڊائيندو ۽ مٿن دل جان سان عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو: جيستائين انسان پاڻ معصوم ۽ پاڪدامن آهي فقط تيستائين ئي سندس اکين ۾ ٻين جي  عصمت ۽ پاڪدامنيءَ جو قدر، عزت ۽ احترام قائم رهي سگهندو؛ پنهنجي عصمت هٿان ويئي، پنهنجي پاڪدامني ختم ٿي، ته پوءِ ٻين جي عصمت ۽ پاڪدامنيءَ، ٻين جي انهيءَ انمول سرمايهءِ حيات جو انسان کي باقي ڪهڙو قدر،  ڪهڙو فڪر ۽ڪهڙو خيال رهندو!

عورت نه پوڄڻ لائق ديوي آهي، نه مرد عيش عشرت جو رانديڪو. عورت صرف عورت آهي، صرف انسان، جنهن کي پنهنجي شخصيت آهي پنهنجو ڌار وجود آهي. ساڳي ريت جنسيت بذات خود ڪرشمهءِ حيات جو هڪ معصوم ۽ پاڪيزه راز آهي، پر سندس اڻ سهائيندي استعمال ۾ انسانن لاءِ موت هلاڪت جو هڪ ڀيانڪ ۽ هوشربا پيغام پڻ پوشيده آهي. جنسيت هڪ اهڙي شئي آهي جنهن جي نه پرستش جڳائي، نه ان کان خوف، نفرت ۽ ڇوت ڇات ئي انسان جي منهن تي ٿي سونهي. جڏهن انسان جي جنسيت خالص ۽ صاف بنجي، هڪ آدرشي ۽ صالح جنس لطيف ڏانهن پاڪيزه محبت جي صورت وڃي ٿي وٺي- جائي سندس سماجي نظام توڙي فطرت جي کائنس تقاضا آهي- تڏهن ئي بني نوع انسان ۽ انسانيت جي بقاءِ حيات جا فرض ڪاميابيءَ سان ادا ڪرڻ جي منجهس خاطر خواھ طاقت ۽ صلاحيت پيدا ٿئي ٿي.

آءُ ڄاڻان ٿو ته اوهان مان ڪيترن کي حيرت وٺندي هوندي ته مون پنهنجي شاگرد جي هن سموري اوائلي تعليم و تربيت جي دور ۾ ساڻس مذهب متعلق هڪڙو لفظ به نه ڳالهايو آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته آءُ نٿو پسند ڪيان ته ايميلي ڪو اهڙو مذهب اختيار ڪري جنهن جي سچائيءَ ۽ صداقت جو دليل فقط وٽس اهو هجي ته اهو کيس سندس پيءُ کان ورثي ۾ مليل آهي، ۽ سندس پيءُ کي وري سندس ڏاڏي کان، اهڙي طرح پشت به پشت اهو مذهب موروثي ملڪيت وانگر هڪ کان ٻئي تائين، ٻئي کان ٽئين تائين پهچندو رهيو هجي.

موجوده مذهبن جي معقوليت رڳو قومي حد بندين ۽ جاگرافيائي تقسيم جي مجبورين ماتحت پرکي وڃي ٿي: اهو ئي سبب آهي، جو اڄ هر هڪ مذهب فقط ڪن خاص لفظن جي هرهر اچارڻ ۽ انهن جي احترام ۽ پرستش تائين وڃي محدود رهيو آهي. مذهب جو چرغو اڄ ڪلهه رڳو خود غرضيءَ ۽ خود پرستيءَ کي لڪائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي؛ مذهب جون رسوماتي ۽ مروج عبادتون، زيارتون ۽ ٻيا ڪريا ڪرم اسان جي فقط مفاد پرستن ۽ منافقين تي پرده پوشيءَ جو ڪم ڏيئي رهيا آهن: چئو طرف مذهبي بحث مباحثا ۽ مناظرا اڄ ڪلهه رڳو هن نتيجي تي ختم ٿين ٿا ته ٻنهي ڌرين وٽ الاهي انعام ۽ الاهي عذاب جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن؛ ۽ جيڪڏهن هنن خاص لفظن جو شو منتر يا هُنن خاص لفظن جو ورد ۽ وظيفو ڪبو يا نه ڪبو، ته انسان تي انعام ۽ ثواب جون بي انداز بارشون ٿينديون يا عذاب ۽ مصيبتون، برف جا ڳڙا بنجي، مٿن اچي نازل ٿيندا: هر ڪا ڌر پاڻ کي جنتي ۽ ٻين سڀني کي لعنتي ۽ دوزخي شمار ڪري ٿي؛ هرڪا ڌر هڪ طرف خودسريءَ ۽ خود فريبيءَ جي خواب آور نشي ۽ غلطان ته ٻئي طرف پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان حقارت ۽ نفرت وارن انسان دشمنيءَ جي مهلڪ مرض ۾ مبتلا آهي.

آءُ ايميليءَ کي يقيناَ اُها شعبدي بازي ۽ عقل دشمني سيکارڻ نٿو پسند ڪيان. پنڌرهن ورهين جي عمر تائين هن کي اها به خبر نه پوندي ته جسم کان الڳ ڪا ٻي چيز آهي، جنهن کي عام طرح ماڻهو روح ٿا سڏين، ارڙهن سالن جو جڏهن هو ٿيندو تڏهن به شايد هو ان ڳالهه  کي سمجهڻ لاءِ آماده نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن کيس انهن ڳالهين جي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪمهلي ۽ پيش از وقت ڪوشش ڪئي ويئي ته پوءِ يا ته هو منجهانئن ايترو تنگ ۽ بيزار  ٿي پوندو جو آئنده سڄي عمر پيو انهن جي سمجهڻ کان ڇرڪندو ۽ ٽهندو، يا ته وري انهن ڳالهين متعلق  سندس ذهن تي غلط ۽ غير معقول ويساهه ۽ عقيدا اهڙا ته نقش ٿي ويندا، جو انهيءَ باري ۾ کيس صحيح روشني ۽ ڄاڻ وري ڪڏهن به نصيب ڪين ٿي سگهندي.

”اسان  لاءِ لازمي آهي ته الله تي ايمان آڻيون، جي نه ته اسان لاءِ نجات  ناممڪن آهي“- هن عقيدي مان جيڪڏهن ڪنهن جو ذهن غلط معنيٰ ۽ ابتو مطلب اخذ ٿو ڪري ته پوءِ اهو عقيدو ان انسان جي دل ۽ دماغ مٿان خونخوار تعصب ۽ هٺ ڌرميءَ جا پردن مٿان پردا چاڙهي ٿو ڦٽي  ڪري، ۽ پوءِ ڪنهن به صحيح علم ۽ درست ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ، هن لاءِ ڏاڍو ناممڪن ٿيو پوي، سندس دماغ محض ٻين جي انڌي تقليد ڪندو رهي ٿو، ۽ سندس عقل پنهنجي  ذاتي  صلاحيت  ۽ تخليقي قوت وڃائي ، رڳو چند بي معنيٰ ۽ بي سود لفظن جي طلسمي فريب ڪارين ۾ ڦاسي، هميشه حيران ۽ پريشان، هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو ۽ ٿاٻڙجندو ٿو رهي.

اهڙيون به حالتون منهنجي خيال ۾ اچن ٿيون، جن ۾ انسان خدا تي ايمان آڻڻ کان سواءِ ئي نجات حاصل ڪري سگهي ٿو: معصوم ٻارڙن، بي ميار مستن ۽ ديوانه انسانن جي حالت ۾ جڏهن انسان جو دماغ خدا جي خدائيت کي تصور ۾ آڻڻ لاءِ ضروري استعمال جي صلاحيت  نٿو رکي، تڏهن ائين چوڻ غلط ۽ نسورو ناحق ٿيندو ته انهن لاءِ نجات جا دروازا بند آهن: هڪ شخص پنهنجي ساري عمر خدا تي ايمان آڻڻ کانسواءِ گذاري آهي، اهڙو شخص آئينده واريءَ زندگيءَ ۾ به هروڀرو خدا جي ديدار کان فقط انهيءَ سبب ڪري محروم رکيو وڃي- هيءَ ڳالهه نامناسب ۽ غلط ٿي معلوم ٿئي، ڇو جو ان شخص اهو ڪفر ڪو ڄاڻي ٻجهي نه، پر اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيو هو- ۽ منهنجو اهو يقين آهي ته  ڪفر هميشه غير ارادي هوندو آهي، ۽ هر حالت ۾ فقط لا علميءَ ۽ اڻ ڄاڻائي جو هڪ نتيجو آهي،- ٻئي ڪندي ممڪن آهي ته خدا  تي ايمان نه آڻڻ هوندي به اهو شخص سڄي عمر هڪ صحيح ۽ ڪامل انسان ٿي رهيو هجي، ۽ انسانيت جي هر تقاضا کي دل و جان سان مڃي، ان تي پوريءَ طرح ۽ هميشه عمل پيرا رهندو آيو هجي!

ڪنهن به خاص ڳالهه جي سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي جيستائين ڪنهن ماڻهوءَ ۾ اهليت ۽ صلاحيت نه آهي، تيستائين هن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ ئي  نه جڳائي، ڇاڪاڻ ته ان مان سندس ذهن، روشني حاصل ڪرڻ بدران، الٽو پريشانيءَ ۽ مونجهاري جي تاريڪيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندو. خدا جي خدائيت  متعلق غلط، ابتا، نقصانڪار ۽ اڻ سهائيندا عقيدا انسان پنهنجي ذهن ۾ پيدا ڪري، تنهن کان ته هر حالت ۾ بهتر آهي ته ان باري ۾ هو بنهه لاعلم، اڻ ڄاڻ ۽ معصوم هجي، خدا تعاليٰ جي باري ۾ بيهودهه زبان درازي، گستاخانه بڪواس ۽ گندهه ذهني ڪندو وتجي، تنهن کان ته سندس هستيءَ ۽ وجود جو صاف انڪار هزار بار بهتر آهي.

مافوق الطبيعاتي ٻه چار ڳالهيون ۽ مذهب جون چند مخصوص عبادتون، زيارتون ۽ ڪريا ڪرم جن کي عام طرح مذهب سڏيو وڃي ٿو، تن جو جيڪڏهن ڪو به مقصد ٿي سگهي ٿو ته اهو مقصد صرف هيءُ هئڻ گهرجي ته انهن جي  معرفت انسان کي صحيح انسان بنجڻ ۾ ۽ کيس انفرادي توڙي سماجي زندگيءَ ۾ ڪامياب، خوشحال ۽ مائل به ترقي هئڻ ۾ آساني ٿئي. موجوده مذهبن مان ڪو به مذهب انسانن جي زندگين تي انهي لحاظ کان ڪنهن به صورت ۾ اثر انداز نه آهي، مذهب انسانن لاءِ آهي ۽ نه انسان مذهب لاءِ: مذهب مذهب خاطر نه، پر مذهب زندگيءَ خاطر آهي- هيءَ آهي مذهب جي صحيح وصف، جنهن کان جيڪڏهن ڪو منڪر ٿيو ته سمجهبو ته مذهب خود هن لاءِ هڪ بت بنجي چڪو آهي.

مذهب جو ٻيو نالو جيڪڏهن آهي انفرادي توڙي سماجي خوشحاليءَ، ڪاميابيءَ ۽ ترقي لاءِ انسانن جي زندگيءَ جو هڪ صحيح دستورالعمل، ته پوءِ ايميليءَ هيستائين فقط مذهب پئي سکيو آهي، جيتوڻيڪ  ان سموري عرصي ۾ سندس سامهون مذهب جي رڳي ٺلهي نالي پيش ڪرڻ کان به آءُ قاصر رهيو آهيان: نالا طوطي وانگر ياد ڪرائي، ۽ انهن جي دلڪش ۽ هوشربا آوازن تي مفتون بنائي، کيس ميان مٺو بنائڻ- سندس تعليم ۽ تربيت مان منهنجي اها مراد ته هرگز ڪين هئي!

ايميليءَ کي انسان بنجڻو هو، ۽ ان لاءِ کيس ”زندگي جي صحيح هنر“ سيکارڻ جي ذميداري مون پنهنجي مٿان عائد ڪئي هئي. زندگيءَ جي صحيح هنر سمجهڻ ۽ سيکارڻ لاءِ مون فقط  فطرت جي استاد کي پنهنجو رهنما بنايو آهي. انسانن جي انڌيءَ تقليد کي خيرباد چئي، ۽ پنهنجي وطن ۽ قوم جي رسوماتي ۽ مروج اعتقادن، سادهه دماغين  ۽ ذهني فريب ڪارين کي ڦٽو ڪري، مون فقط فطرت جي نظام جو خالص عقل جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيو آهي، ائين ڪرڻ سان زندگيءَ جي شاهراهه، جنهن کي مذهبي طرز بيان ۾ ” صراط المستقيم“ ٿو سڏجي،  منهنجي  سامهون فقط هيءُ روشن ٿي ته انسان فقط فطرت  جي ڏسيل راهه عمل تي گامزن ٿي، خود شناسيءَ ۽ انسان شناسيءَ جون بيان کان ٻاهر برڪتون ۽ فضيلتون حاصل ڪري سگهي ٿو، ۽ انهيءَ روءِ پنهنجي اڻ کٽ تدريجي عروج جون لا تعداد منزلون آئينده هو قدم قدم تي خود پاڻ پيدا ڪري ۽ خود پاڻ پائي سگهي ٿو.

” عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي!“

ايميليءَ کي مون اهو فطرت جو ڏسيل دستورالعمل پڙهايو ۽ سيکاريو آهي، انهيءَ کانسواءِ جيڪڏهن کيس ڪو ٻيو مذهب اختيار ڪرڻو آهي ته اها سندس مرضي؛ مون کي انهيءَ کان وڌيڪ سندس رهبري ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونهي.

حوالا ۽ انهن جي تشريح

1-     ايميلي:

هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ انسان جي فرض جون ٽي صورتون آهن: جڏهن هو ٻار ڄڻي هن لاءِ کاڌي ۽ خوراڪ جو بندوبست ٿو ڪري تڏهن ڄڻ ته هو پنهنجي فرض جي هڪ صورت ٿو پوري ڪري، اڃا کيس هڪ انسانُ انسان ذات جي حوالي ڪرڻو آهي، ۽ هڪ شهر واسي وطن ۽ قوم کي سپرد ڪرڻو آهي. اهو شخص جيڪو  هن جامع فرض کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر ائين  ڪرڻ کان  ڪيٻائي  ۽ ڪترائي ٿو، سو واقعي  هڪ عظيم گناهه ٿو ڪري، پر اهو شخص جيڪو هن فرض جي فقط هڪ صورت  يا حصي کي پورو ڪري ٿو ۽ ان جي ٻين صورتن کان لاپرواهه ۽ غافل ٿو گذاري، سو ته تنهان ئي وڌيڪ وڏي گناهه جو پاڻ کي سزا وار ٿو ثابت ڪري، ڪنهن به شخص  کي پيءُ بنجڻ جو ڪو به حق ڪونهي جيڪڏهن هو پيءُ جي فرضن جي بجا آوريءَ کان قاصر آهي.  غربت، مشغولي، سماج جا غلط رسم و رواج ۽ عقيدا، انهن مان ڪو به دليل کيس ان گناهه جي ملامت کان نٿو بچائي سگهي.

جيڪڏهن ڪو به شخص جنهن  جي دل ۾ ڪي فطري احساس موجود آهن، پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ تعليم و تربيت جا هي پاڪيزه فرض وساري  ٿو ڦٽي ڪري، اهو آئنده کڻي ڪيترا به ندامت ۽ پشيمانيءَ جا رت گاڏڙ ڳوڙها ڳاڙي پر تڏهن به کيس روح جي راحت  ۽ دل جو اطمينان جو نه ملڻو آهي سو ڪڏهن به ڪين ملندو.

” باوجود انهيءَ جي، اڄ ڪلهه جو هڪ شاهوڪار شخص پاڻ کي انهيءَ جي فرض بجا آوريءَ کان، ڪنهن نه ڪنهن طرح مجبور ٿو سمجهي  ۽ سڏائي، ۽ پوءِ ڇا ٿو ڪري؟ اهي فرض جيڪي کيس بجاءِ آڻڻا آهن تن کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪڙي ٻئي شخص کي پگهار ڏيئي  کڻي ٿو پاڻ وٽ ملازم بيهاري. کانئس ڪو پڇي ته سهي ته اي زر پرست انسان! ڇا، تون ائين ٿو سمجهين ته تون پنهنجي  پيسن سان پنهنجي ٻچي لاءِ ڪو ٻيو پيءُ خريد ڪري سگهندين؟ پاڻ کي خود فريبيءَ جو شڪار  ٿيڻ نه ڏي، ائين ڪرڻ سان تو پنهنجي ٻچي لاءِ رڳو هڪ معقول ۽ مناسب استاد به ڪو نه بيهاريو آهي، تو ته هن جو فقط هڪڙو خوشامدڙيو خدمتگار کڻي ڀاڙيو آهي، هيءُ ته هن کي فقط پاڻ جهڙو هڪڙو وڌيڪ جي حضور غلام بنائي ڦٽي ڪندو!

” پوءِ ڀلا منهنجي ٻچي کي ٻيو ڪير تربيت ڏئي؟- اي،محترم عزيز، مون توکي اڳ ئي ٻڌايو  آهي ته ’تون خود ئي اهو فرض بجاءِ آڻ!‘ ’ ائين برابر آهي پر آءُ ته ادا، نٿو اهو فرض بجاءِ آڻي سگهان!‘ ’تون نٿو بجاءِ آڻي سگهين! پوءِ لاچار ڪنهن هڪ اڌ خير خواهه ۽ مخلص دوست جي تلاش ڪر: ٻيو ته ڪو به رستو مون کي ڪونه ٿو سجهي!

” هڪ انسان جي ٻار جي تربيت  فقط ان ٻار جو پنهنجو پيءُ ئي ڪري ٿو سگهي، يا ته وري اهو انسان ڪري سگهي ٿو جو ڪم ازڪم پاڻ عام انساني رتبي کان ڪنهن زياده اوچي ۽ غير معمولي مقام جو مالڪ هجي. ههڙو نازڪ ۽ اهم فرض تون چپ چاپ هڪڙي زر خريد شخص جي حوالي ڪري ڇڏيندين؟ مون کي ته بنهه خاطري آهي ته اهو پيءُ جنهن کي هڪ قابل ۽ صالح استاد جي شان ۽ اهميت جو احساس آهي، سو ڪڏهن به ڪنهن ٻئي شخص کي پنهنجي ٻار  لاءِ بطور  استاد جي منتخب ڪين ڪندو، ڇاڪاڻ ته  خود کانئس بهتر استاد ٻيو  کيس ملڻ مشڪل آهي، ۽ کيس ان لاءِ  ڪا وڌيڪ ڳولا به نه ڪرڻ گهرجي: خود فطرت طرفان اهو انتخاب  اڳواٽ  ئي ٿيو پيو آهي.

”هڪ دفعي هڪڙي شخص، جنهن کي سوسائٽيءَ ۾ ڪافي وڏو مرتبو حاصل آهي، اشارتن مون کي چيو ته آءُ سندس پٽ جي تعليم و تربيت جي ذميداري پنهنجي هٿ ۾ کڻان. ائين برابر آهي ته انهيءَ ڪم لاءِ هن شخص،  جو مون کي موزون ۽ لائق سمجهيو، سو سندس انهيءَ عزت افزائيءَ جو مون کي اعتراف ۽ قدر آهي، پر مون جو سندس چوڻ ڪين مڃيو تنهن لاءِ کيس ناراض ٿيڻ يا ارمان ڪرڻ بدران نه فقط خوش ٿيڻ کپي پر پاڻ منهنجا احسان مڃڻ کپن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آءُ سندس آڇ قبول ڪيان ها ۽ پنهنجي ذميداريءَ جي بجا آوريءَ ۾ ناڪام ثابت ٿيان ها، ته هوند سندس پٽ جي ساري زندگي فضول ضايع ۽ برباد ٿي وڃي ها، پر جيڪڏهن آءُ انهيءَ پنهنجي فرض جي بجا آوريءَ ۾ ڪامياب ثابت ٿيان ها ته پوءِ ته هيءُ ويچارو سادهه دماغ شخص هيڪاري وڏي نقصان هيٺ اچي  وڃي ها، ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ سندس پٽ پنهنجي ابي ڏاڏي جي موروثي شان و شوڪت، دولت ۽ اقتدار خلاف بغاوت  جو جهنڊو بلند ڪري،انهن سڀني  اڌارين  ۽ طلسمي وڏ ماڻهپاين کان هڪدم دست بردار ٿي وڃي ها، ۽ پاڻ کي اميرزادو، نوابزادو يا شهزادو سڏائيندي نه فقط شرم محسوس ڪري ها، پر ان کي پنهنجي انتهائي بي عزتي، ذلت ۽ خواري سمجهي ها!

”هڪ طرف مون کي هڪ استاد جي فرض ۽ ذميداريءَ جي اهميت ۽ عظمت جو ايترو  ته گهرو احساس آهي، ۽ ٻئي طرف ان ڏس ۾ پنهنجي نا اهليت ۽ عدم صلاحيت کان ايترو قدر ته آءُ واقف آهيان، جو ههڙيءَ نازڪ ۽ سنگين  ذميداريءَ کي ڪڏهن ڀلجي ڪري به آءُ پنهنجي مٿان  ڪين مڙهيندس، پوءِ اهڙي آڇ منهنجي سامهون کڻي ڪير به پيش ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪو منهنجو دوست مون ۾ ڀروسو رکي اهڙي قسم جي آڇ مون کي ڪندو ته ساڻس دوستي هئڻ ڪري جيڪي سندس خير خواهيءَ جا فرض مون تي لازم ٿا اچن، تن جي لحاظ کان ته پاڻ وڌيڪ شدت سان، سندس اهڙيءَ پيشڪش جي قبول ڪرڻ کان آءُ انڪار ڪندس.

”هاڻي، جيڪڏهن تعليم و تدريس جي ههڙيءَ عملي ذميداريءَ جي بجا آوريءَ کان آءُ قاصر آهيان، ته پوءِ  ان جي بدران آءُ هڪڙو ٻيو رستو، جو زياده سولو ۽ سهنجو آهي، سو ٿو في الحال کڻي اختيار ڪريان،- يعني، جيئن هن کان اڳ ٻين سمجهدار شخصن ڪيو آهي، تيئن آءُ به انهن جو مثال وٺي کڻي قلم کي ٿو هٿ ۾ کڻان، ۽ اهڙيءَ روءِ عملي طرح هڪ درست ڪم ڪرڻ بدران ويهي ٿو ان جي بيان ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيان.

” اهو خيال دل ۾ رکي، مون فيصلو ڪيو آهي ته هڪ خيالي شاگرد پنهنجي نظر ۾ رکي، ۽ سندس تعليم و تربيت لاءِ گهربل عمر ۽ صحت ، ڄاڻ ۽ لياقتن جو تصور پنهنجي ذهن ۾ قائم ڪري، کيس ڄمڻ جي گهڙيءَ کان وٺي جنهن رهبريءَ ۽ هدايت جي ضرورت ٿئي تنهن جو ويهي هتي مفصل بيان ڪريان، تان جو هو وڃي پنهنجي  ڦوهه جوانيءَ جي انهيءَ منزل تي صحيح سلامت رسي، جتي کيس ڪنهن  به قسم  جي وڌيڪ هدايت ۽ رهبريءَ جي ڪا ضرورت نه رهي، سواءِ هن جي ته پوءِ هو پاڻ پنهنجو رهبر ۽ پاڻ  پنهنجو هادي بنجي زندگيءَ جو آئنده سفر پنهنجي پيرن تي پاڻيهي طئي  ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.

(جي- جي- روسو)

روسي پنهنجي انهيءَ خيالي شاگرد جو نالو ”ايميلي“ تجويز ڪيو 

2-                ”رابنسن ڪروزو“ (Robinson Crusoe)

هيءُ هڪ انگريزيءَ ۾ مقبول عام ڪتاب، ڊينئل ڊيفو  (Daniel Defoe: 1661-1731) نالي شخص جو لکيل آهي، ۽ 1719ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو هو.

ڊيفو پاڻ هڪ غريب گهراڻي  جو شخص هو، ۽ سندس عام ڌنڌو اخبار نويسي هو. 1702ع ۾ هن  هڪ طنزيه مضمون لکيو، جنهن ۾ ان زماني جي مذهبي تنگ نظريءَ ۽ غلط ذهنيت تي شديد نڪتچيني ڪيائين، جنهن ڏوهه جي پاداش ۾ کيس ڪاٺ جي شڪنجي ۾ سوگهو ڪري ٽي ڀيرا شهر جي عام چؤسول تي بيهاريو ويو ته جيئن عام ماڻهو ان مان جوڳو سبق حاصل ڪن، ۽ ڪنهن ٻئي کي اهڙي ”گناهه“ ڪرڻ جي وري جُرئت نه ٿئي. ان زماني جي جاهل ۽ معتقد عوام جو هيءُ دستور هوندو هو ته هو اهڙي ڏوهاريءَ تي هڪدم پٿرن، ڀترن ۽ ٻين اهڙين گندين شين جو وسڪارو شروع ڪري ڏيندا هئا، پر ڊيفو پنهنجي بيخوف آزاد خياليءَ جي ڪري ايترو ته عوام جي نظرن بدران مٿس عطر جي پاڻيءَ جو ڇڻڪار ۽ گلن جون ورکائون شروع ڪري ڏنيون. پوءِ هن اُتي جو اتي اشڪنجي  جي تعريف ۾ هڪ قصيدو ٺاهي ورتو، جنهن ۾ هن حڪومت جي ظلم ۽ بدعنوانين جي خوب مٽي پليد ڪئي. فورن کيس  قيدخاني ۾ بند ڪيو ويو، جتي کيس پنهنجي  ” رفيقن“ يعني عادتي ڏوهارين جي ذهني ڪيفيت ۽ نفسياتي زندگيءَ جي مشاهدي ۽ مطالعي ڪرڻ جو موقعو مليو. پنهنجي انهن تاثرات جي بنياد تي هن پوءِ به افسانا لکيا، جي ان زماني جي عملي ۽ ادبي دنيا ۾ نهايت مشهور ۽ مقبول ٿيا. هڪ دفعي  کيس غربت ۽ تنگدستيءَ ايترو ته اچي گهيريو، جو کيس آچر جي ڏينهن کانسواءِ  هفتي جا ٻيا ڇهه ڏينهن بيلفن  (Bailiffs) جي ڊپ کان گهر ۾ اندر دروازا بند ڪري، لڪي ويهي رهڻو پوندو هو، ايتري قدر جو ماڻهو کيس چوندائي هئا ”آچر جي ڏينهن جو رئيس“  (Sunday Gentleman)

زير ويچار ڪتاب هڪ افسانو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي خيالي شخص، رابنسن ڪروزو، جا تجربا بيان ڪيا ويا آهن، جو 26 سالن جي ڄمار ۾ سامونڊي سفر تي نڪري ٿو ۽ جهاز جي مارجڻ سبب اتفاق سان هڪ دور دراز، انسانن جي بستيءَ کان بلڪل ٻاهر، اڪيلي ۽ سڃي ٻيٽ تي ٻڏي ٻڏي مس ٿو وڃي سلامت پهچي، ۽ جتي پوءِ کيس عمر جا سڄا سارا 27 سال تن تنها ڪاٽڻا پون ٿا.

روسو ”ايميليءَ“ ۾ هن ڪتاب جو ذڪر ڪندي پنهنجو رايو هيٺئين پيرايي ۾ ٿو پيش ڪري:

”ڇا، هيترن سارن ڪتابن ۾ هيترا سارا جيڪي سبق هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيا پکڙيا ۽ ڀريا پيا آهن، تن سڀني کي  هڪٻئي سان ڳنڍڻ ۽هڪ ڌاڳي ۾ پوئڻ جو ڪو رستو ئي ڪونهي؟ ڇا، انهن سڀني شمار کان ٻاهر مختلف ڳالهين کي ڪنهن طريقي سان پاڻ ۾ ملائي هڪ اهڙي مرڪز تي جمع نٿو ڪري سگهجي، جيڪو سولائيءَ سان سڃاڻي سگهجي، آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ۽ جنهن جي سڃاڻڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ لاءِ هڪڙي ٻار جي دل ۾ به چاهه ۽ اتساهه جاڳائي سگهجي؟..

رابنسن ڪروزو پنهنجي ٻيٽ تي نهايت ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾، پاڻ جهڙن انسانن جي مدد ۽ دستگيريءَ کان بنهه دوري، کاڌي خوراڪ حاصل ڪرڻ وارن عام انساني ڌنڌن لاءِ جيڪي به وسيلا لازمي آهن تن سڀني کان مطلقن محروم رهڻ هوندي به، پنهنجي حياتي بچائي ۽ تڳائي سگهي ٿو، ۽ تنها ئي وڌيڪ ، پنهنجي مناسب راحت ۽ آرام جا سامان پڻ پاڻيهي  پنهنجي لاءِ  پيدا ڪري سگهي ٿو- هي اُهي ڳالهيون آهن جيڪي نه فقط ننڍڙن ٻارڙن لاءِ نهايت مفيد ۽ دلچسپ نموني ۾ بيان ڪري سگهجن ٿيون، پر وڏيءَ عمر وارن شخصن لاءِ پڻ مناسب هدايت ۽ دلچسپيءَ جو باعث بنجي سگهن ٿيون.“

هن عجيب و غريب ڪتاب کي پڙهڻ سان انسان جي ارتقاءِ حيات جي سموريءَ تاريخ جو گويا هڪ جنسي مشاهدو ۽ مطالعو ٿو ٿئي. انسان پنهنجي اوائلي زندگيءَ ۾ ڪيئن جبلن جي غارن ۾ يا وڻن جي چوٽين تي، ۽ ڪيتري ڊپ ۽ خوف ۾ پنهنجا ڏينهن  گذاريندو هو، تنهن کانپوءِ باهه ٻارڻ، زراعت جو هنر، چوپايو مال ڌارڻ، واڍڪو، ڪنڀارڪو، لوهارڪو ۽ ٻيا اهڙا ڌنڌا ۽ هنر هو ڪيئن آهستي آهستي هزارها مشڪلاتن ۽ ناڪامين کانپوءِ سکيو، سندس نفسياتي ڪيفيت، ذهني خود فريبين، خيالن ۽ وسوسن جو اندازو ۽ مذهبي طرز خيال جي ابتدا ۽ ان جي اصلي ماهيت- انهن ۽ ٻين اهڙين بي شمار ڳالهين جي ڄاڻ ۽ واقفيت نهايت دلچسپ ۽ مؤثر تمثيلي انداز ۾ هن ڪتاب مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.

3-                ” نوجوان نوابزادو“ The young Gentleman))

انسان جي سماجي  زندگيءَ جي ارتقا جي اها منزل جنهن کي جاگيرداري يا نوابي نظام جو دور سڏيو ٿو وڃي، تنهن جي هيءَ هڪ پڌري خصوصيت آهي ته ان زماني ۾ تعليم جو عوام ۾ ڦهلجڻ هڪ قطعن ناممڪن امر آهي. اڄ به دنيا جا اهي ملڪ جيڪي هن جاگيرداري نظام جي پيڙا ۾ ورتل آهن، تن ۾ لاتعداد تجويزن ۽ ڪوششن کانپوءِ  به عوام ۾ تعليم مس ايتري ڦهلجي سگهي آهي جيترو اٽي ۾ لوڻ.

 ههڙيءَ عام جهالت جي ترت ختم ٿيڻ جو ڪو به تسلي بخش امڪان نه ڏسندي، ۽ ٻئي طرف چؤڌاري ظلم ۽ انڌير جي بازار جيئن پوءِ تئين زياده گرم ڏسندي، هن زماني جي حساس طبيعت ۽ انصاف  پسند شخصن جي ذهن ۾ سماجي بهتريءَ ۽ سڌاري جو فقط هڪڙو ئي وسيلو سُجهي ايندو آهي، ۽ اهو هيءُ ته ڪنهن طرح اميرن، جاگيردارن ۽ نوابن جي پٽن کي صحيح تعليم سان روشناس ڪيو وڃي ته جيئن اهي نوجوان اميرزادا ڪنهن حد تائين صحيح انسان بنجي هڪ طرف خود پاڻ انهن بدڪارين ۽ انسان دشمن ڪاررواين  کان باز اچن جيڪي کين ابن ڏاڏن کان وٺي  گويا ورثي ۾ ملنديون پئي آيون آهن، ۽ ٻئي طرف هو پنهنجو غير محدود طاقت، اقتدار، اثر ۽ رسوخ کي ڪنهن طرح  درست نموني ۾ استعمال ڪري ڪجهه قدر سماج جي درستي ۽ اصلاح ڪري سگهن.

پرڇاڪاڻ ته انهن نوجوان اميرزادن ۽ نوابزادن جي زندگيءَ جو سمورو منطق محض سست الوجوديءَ ۽ ٻين جي پورهئي تي شڪم پروري ڪرڻ  تي مبني آهي، تنهنڪري هو مفيد ۽ ڪارائتو علم سکن سا بنهه هڪ اڻ ٿيڻي  ڳالهه آهي، ۽ انهيءَ ئي سبب جيڪڏهن  هو ڪو علم ۽ هنر سکن به ٿا ته اهو فقط ڪتن پالڻ جو، شڪار ڪرڻ جو، فضول خرچيءَ جو، واهيات قسم جي عيش پرستيءَ ۽ اخلاق سوز مردم آزاديءَ جو جيڪڏهن انهن ذليل ۽ مهلڪ حرڪتن کانسواءِ ڪنهن ٻئي علم ۽ فن سکڻ جو منجهن ڪو چاهه ۽ اتساهه جاڳي  به سگهي ٿو ته اهو فقط خسيس ۽ بي مقصد شعر و شاعريءَ، ناچ گاني، انگريزيءَ ۽ ٻين اهڙين بيڪار جنسار بازين ۽ فضول ڳالهين لاءِ۔

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org