سيڪشن: ادب

ڪتاب: ايميلي عرف تعليم

باب:

صفحو:6 

لاڪ (Locke: 1632-1704) جو انگلينڊ جو هڪ مشهور  مفڪر ۽ تعليمي  ماهر ٿي گذريو آهي، سو به پنهنجي همعصر جاگيرداري دور جي انهيءَ خصوصيت  کان متاثر ٿي ساڳئي قسم جي ذهني خود فريبيءَ ۽ خوش اعتقاديءَ جو شڪار ٿيل ٿو ڏسجي. هو پنهنجي مشهور ڪتاب ” تعليم بنسبت منهنجا خيال“ (Thoughts Concerning Education)جي انتساب ۾ لکي ٿو: ”منهنجي هن تبصري جو مکيه مقصد هيءُ آهي ته آءُ ڏيکاريان ته هڪ نوجوان نوابزادي جي صحيح تعليم ۽ تربيت ڪهڙي طريقي سان ڪري سگهجي ٿي: ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهيءَ مرتبي وارن  شخصن کي هڪ دفعي درست تربيت ڏيئي ڪنهن صحيح رستي تي آندو ويو، ته پوءِ هو پاڻيهي ٻين عام انسانن کي سگهو ئي پوري پير تي آڻي ڇڏيندا.“

1-                 ”ليکڪ يا ڪتاب ساز“

”اوهان مون کي چوندا ته تون پاڻ به ته آخر هڪ ليکڪ آهين! هائو، بلڪل صحيح، آءُ برابر اوهان جو ڏوهي آهيان، پر منهنجيون بڇڙايون ڏسي ٻيا به مون جهڙا ٿين، تنهن لاءِ ته مون کي ڪو معقول سبب ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. آئون ته انهيءَ گناهه جو پورو پورو عيوضو هيلتائين ڏيئي به چڪو آهيان. ٻئي ڪندي منهنجو قلم ڪنهن ٻئي وٽ وڪاڻل نه آهي، ۽ نڪي وري آئون ان کي پنهنجي روزگار جو وسيلو سمجهي، ڪتاب ٿو لکان: انسان جو فڪر ۽ خيال ته هڪ املهه چيز آهي، ۽ ساڳئي وقت اها ڪنهن جي شخصي ۽ نجي ملڪيت به نٿي رهي سگهي. ته پوءِ ان جي ڪهڙيءَ ريت خريد فروخت ٿي سگهندي! نه فقط ايترو پر آئون جو ڪتاب لکان ٿو سو انهيءَ ڪري نه ته لفظن جي انبارن هيٺ پنهنجا نقص ۽ پنهنجون خوبيون ۽ صفتون ظاهر ڪريان ۽ ثابت ڪري ڏيکاريان، برعڪس ان جي آئون ته فقط هن مراد سان قلم هٿ ۾ کڻان ٿو ته عام انسانن کي اڳواٽ چتائي ۽ خبردار ڪري ڇڏيان ته هو گهٽ ۾ گهٽ منهنجي براين ۽ غلط ڪارين جي نقل ڪرڻ کان پرهيز ڪن ۽ انهن کان پاڻ کي محفوظ رکن.“

(جي- جي- روسو)

ڏکين لفظن جي معنيٰ

اختصار- تَتُ

ضخيم- ٿلهو

مُروج- رواج ۾ آيل، هلندڙ چالو

بلند پائيِ- اوچائيءَ تي بيٺل

تلقين- هدايت سمجهاڻي

عمل پيرا ٿيڻ- هلڻ

محض- رڳو، فقط

هوشربا- هوش کسيندڙ، وائڙو ڪندڙ

عارفانه- ڄاڻ وارو

اقتباس- ٽُڪر

مُسلم- قبوليل

سابق- اڳوڻو

طبعزاد- اصلوڪو

دل آويز- دل کي وڻندڙ

هنگامه آرائي- هلچل، شور ۽ غوغا

معمار- اڏيندڙ، ٺاهيندڙ

قدامت پرست- پراڻين ڳالهين کي پوڄيندڙ

قدامت شڪن- پراڻين ڳالهين کي ڀڃندڙ يا ڊاهيندڙ

پيش رو- اڳواڻ

معنيٰ خيز- معنيٰ سان ڀريل

دُور رس- پري تائين پهچندڙ

روشناس ڪرڻ- واقف ڪرڻ

مطلق العنان- ڇڙواڳ

علم برداري- جهنڊو کڻڻ

اعتراف نامو- پنهنجي ڏوهه ثواب جو بيان

ناگهاني- اوچتو

محجوب- شرميلو، لڄارو

يڪسر- بنهه

زود رنج- جهٽ ۾ ڪاوڙجي پوڻ وارو

پوشيده- لڪل

مشفق- شفقت وارو، ٻاجهارو

موضوع- ڳالهه

فراغت- واندڪائي، ڇوٽڪارو

همعصر- پنهنجو دور

نمايان- کليل، ظاهري، پڌرو

مساوات- برابري

اخوت- ڀائپي

حريت- آزادي

استبداد- ڏاڍ

تشدد - سختي

دلخراش - دل کي رهنڊيندڙ

ذلت آميز -  خوار ڪندڙ

تاريڪي - اونداهي

لمحو - گهڙي، پَلَڪُ

محبوس - قيدي

احتزاز ڪندڙ - پاسو ڪندڙ، ڀڄندڙ

دستڪ - هٿ جي ٺڪ ٺڪ

تارڪ الدنيا- دنيا کي ترڪ ڪندڙ

مصلح- سڌارڪ، اصطلاح يا سڌارو آڻيندڙ

عرق ريزي- پگهر وهائڻ

دلگدار- دل کي رجائيندڙ يا پگهاريندڙ

ڪسمپرسي- اُها حالت جنهن ۾ ڪير به نه ڀڄي

مجذوب- جذبي ۾ ورتل

فروغ ڏيڻ- وڌائڻ، اوسر ڏيڻ

عادي- عادت وارو يا هريل

ماتحت- هيٺ

لمحو- گهڙي

بيعت- مڃتا

تخريب- بربادي

برعڪس- برخلاف، ابتڙ

مزيد- وڌيڪ

مفصل- پيرائتو

باهمي تعليم- هڪٻئي جي تعليم

احتياج- گهرج

ساحل- ڪنارو

مسلط- ڇانيل

عظيم المرتبت- وڏي مرتبي وارو

ڪم مايگي- گهٽ ڦَرَ واري حالت

ميزان- ساهمي، ترازو

پيشهءِ انسانيت- انسانيت جو ڌنڌو يا ڪم

تقاضا- گهر

ماحول- آسپاس- وايو منڊل

پيهم- دائمي

ضعف- هيڻائي

مقرر شده- مقرر ٿيل يا بيٺل

همه گير- سڀ تي اثر ڪندڙ

منت ڪشي- ٿورو کڻڻ، ٿورائتو ٿيڻ

گزند- ڏنگ، ايذاءُ

سرزنش- سزا يا ڀرڻي

خودضابطگي- پنهنجي پاڻ تي ضابطو رکڻ

توازن- وزنائتو

ديرينه طبع- ڳنڀير، ماٺيڻي سڀاءَ وارو

ميسر ٿيڻ- ملڻ، حوالي ٿيڻ، هٿ اچڻ

ستم ظريفي- مشڪلات

ڪناره ڪشي- پاسو ڪري ويهڻ جي حالت

رجحان- لاڙو

رغبت- لاڙو

ابدي- اصلوڪي

آلايش- آلاڻ، داغ

نيڪوڪاري- سٺا ڪم ڪرڻ

گمراهه ڪن- واٽ منجهائيندڙ، گمراهه ڪندڙ

ابتدائي- شروعات

مطالعو ڪرڻ- پڙهڻ

گونا گون- قسمين قسيم

مشاهدو ڪرڻ- ڏسڻ

نشوونما- پالنا

تقليد- انڌي پوئلڳي يا قبوليت

عائد ٿيڻ- مقرر ٿيڻ

شايان شان- شان موجب

تشريح- سمجهاڻي

لفاظي- بي معنيٰ لفظن جي ڀرمار

مرتب- ترتيب ڏنل، ٺهيل

احتياج- گهرج

باهمي تعاون- هڪٻئي سان سهڪار

واعظ- وعظ ڪندڙ، ڊگهيون نصيحتون ڪندڙ

ناصح- نصيحت ڪرڻ وارو

حقيقت شناس- سچ کي سڃاڻيندڙ

تسليم ڪرڻ- قبول ڪرڻ

درد انگيز- ڏکائيندڙ

جان گداز- ساهه کي ڳاريندڙ

چيره دستي- ڏاڍ، ظلم، اڍنگائي

لبريز- ڪنن تائين ڀريل

گوشه نشين- ڪنڊ وٺي ويهڻ وارو

مشقت- سخت پورهيو

سست الوجود- سستيءَ ۾ گذارڻ وارو

مقدس- سڳورو

تروتازگي- آلاڻ ۽ سڄر پائي

محنت ڪش- پورهئي ڪرڻ وارو، پورهيت

عروج- مٿي اُڀرڻ

انحصار- مدار، ڀروسو

مصداق- پهاڪو يا عام مڃيل سچي ڳالهه

مطمئن- خوش، راضي

قانع- قناعت ڪرڻ وارو

مستقل مزاج- پختيءَ طبيعت وارو

فارغ- واندو

تخليق- اُپڄ

مطلقن- بنهه

اَمُرُ- ڳالهه، شيءِ

سرچشمو- شروعاتي  هنڌ جتان ٻيون شيون ڦٽي نڪرن، پاڙ

صف آرائي- مخالفت

زور آمائي- مقابلو

مفيد- فائدي وارو

مضر- نقصان وارو

فنافي النفس- پنهنجي نفس ۾ گم ٿيڻ يعني فقط پنهنجي لاءِ جيئڻ

مذهب- تهذيب وارو يا سڌريل

لازوال- اَمَرُ

في الواقع- سچي پچي

مدهوم- خيالي

بدعنوانيون- خراب ڪم

آهني طوق- لوهه جو پٽو

برسر اقتدار- طاقت ۾ آيل

ڪار پرداز- ڪم ڪار هلائيندڙ

رعبدار- دٻدٻي وارو

بهيمانه- جهنگلي جانورن جهڙو

صريحن- صاف صاف، بلڪل

ازروءِ- موجب، مطابق

مضمر- لڪل

انسانيت نا آشنا- ماڻهپي کي نه سڃاڻيندڙ

مطلقن- بنهه

مفرح- فرحت ڏيندڙ

خشڪ روءِ- رُکي منهن وارو

خنده پيشاني- کل مک سڀاءُ

صلح جو- صلح يا پرچاءُ ڳوليندڙ

سرگوشي- ڪنن ۾ منهن ڏيئي ڳالهائڻ، سس پس

مام ڀريل-راز وارو

نوعيت- قسم

مسلسل- لاڳيتو

حيات جاوداني- هميشه جي حياتي

جانفزا- ساهه کي جاڳائيندڙ

دلپذير- دل کي وڻندڙ

متمدن- سڌريل

سرمايهءِ- حياتيءَ جي موڙي

پشت به پشت- هڪ پيڙهيءَ کان ٻيءَ پيڙهيءَ تائين

موروثي- ورثي ۾ مليل

تعصب- ساڙ، پاڻ کانسواءِ ٻين سڀني کي هيچ سمجهڻ ۽ پنهنجي هر ڳالهه اوچي سمجهڻ

نجات- ڇوٽڪارو

مافوق الطبيعاتي- روحاني

مفتون- چريو، قربان

دستور العمل- عمل ڪرڻ جو پروگرام، ڪم جو رستو

انتخاب- چونڊ

قاصر- لاچار

سنگين- ڳرو

عدم صلاحيت- لياقت جو نه هجڻ

پيرايو- نموني

باعث- سبب

ڪيفيت- حالت

مؤثر- اثرائتو

تمثيلي انداز- مثال ڏيئي سمجهائڻ جو طريقو

ارتقا- اوسر

قطعن- بنهه

حساس طبع- ڏکوئجندڙ يا نرم طبيعت

روشناس ڪرڻ- واقف ڪرڻ

رسوخ- هلندي، پڄندي اختيار

اصلاح- سڌارو

شڪم پروري- پيٽ ڀرڻ

مبني- بيٺل

خود فريبي- پاڻ کي  ٺڳڻ

خوش اعتقادي- پنهنجي خيال کي بنا دليل جي سٺو ۽ فائدي وارو سمجهڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org