سيڪشن: ادب

ڪتاب: ايميلي عرف تعليم

باب:

صفحو:2 

آخر ۾، روسي تي ڪن تعليمي ماهرن طرفان جيڪي عام اعتراض ڪيا ويندا آهن انهن جي باري ۾ ٻه- چار لفظ لکڻ ضروري ٿو ڄاڻان.

پهريون اعتراض هيءُ آهي ته  روسي جي طريقي تعليم ۾ امڪان هيءُ آهي ته ٻار جي عمر جا  پهريان 12 ورهيه فضول ٺينگ ٽپي ۾ ضايع ٿي وڃن. ان سلسلي ۾ روسي جو تعليمي اصول حقيقتن هي آهي:

’12 ورهين جي عمر تائين ٻار کي ٻار سمجهجي، ۽ کيس سماجي قانونن ۽ بندشن ۽ غلاميءَ سيکارڻ بدران فقط فطرت جي قانونن جي پابنديءَ تي هيرائجي، يعني فقط سندس بدن، عضون، حواسن ۽ قوت کي مشق ڏيندو رهجي، ته جيئن سندس ذهن کي نصاب يا امتحاني تعيلم جي ڪمهلي ۽ اڻ وڻندڙ بار ۽ بوجي کڻڻ بدران، فطرتي گهرجن مطابق اڀرڻ ۽ اسرڻ لاءِ  خاطر خواهه موقعو ۽ فرصت ملي وڃي.‘

جيتوڻڪ اعتراض جو جواب خود انهيءَ اصول ۾ اڳ ئي موجود آهي، تنهن هوندي به ان جو مزيد جواب روسو پاڻ هنن لفظن ۾ ٿو ڏئي ”اوهان کي ڊپ ٿو وٺي ته هو (ٻار) پنهنجي اوائلي عمر بيڪار ۽ نڪمي گذاريندو؟ ڇا، خوش گذارڻ بيڪاري آهي؟ آءُ ته چوندس ته هو آئنده سڄي عمر ۾ ايترو مشغول وري ڪڏهن به ڪين گذاريندو! خود افلاطون به کيل تماشي، راند روند، راڳ روپ ۽ ٻين اهڙين وندر وارين مشغولين دوران ئي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لازمي ٺهرائي آهي،۽ سندس نظر ۾ تعليم جو بنيادي مقصد ڄڻ پورو ٿي ويو جڏهن ٻارن کي اها ڳالهه سيکاري ويئي ته هو خوش ڪيئن گذارين! اوهان مون کي 12 سالن جو ٻار آڻي ڏيو، جنهن کي ڪجهه به نه ايندو هجي. پنڌرهن سالن جي عمر ۾ آءُ کيس موٽائي اوهان جي حوالي ڪندس. اوهان ڏسندا ته هن کي ڪم از ڪم اهو سڀ ڪجهه اچي ٿو، جو اوهان پنهنجي شاگرد کي ٻالڪپڻي کان وٺي ’سيکاريو‘ آهي. فرق فقط اوهان کي هيءُ ڏسڻ ۾ ايندو ته اوهان جو شاگرد جيڪي ڄاڻي ٿو سو رڳو طوطي وانگر کيس بر زبان ياد آهي، ۽ منهنجو شاگرد جيڪي ڄاڻي ٿو تنهن کي زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ به کيس اچي ٿو.“

ٻيو اعتراض جو عام طرح روسي جي ڏسيل تعليمي طريقي تي ڪيو ويو آهي، سو هيءُ آهي ته هو ٻار جي تعليم فقط قدرت يا فطرت  (Nature) تي ڇڏي ٿو ڏئي، جنهن جو نتيجو ممڪن آهي ته فقط هيءُ نڪري ته ٻار هڪ وحشي يا، گهڻي ۾ گهڻو هڪ خودپرست ۽ خودپسند انسان بنجي پوي. هن اعتراض جي باري ۾ جيتوڻيڪ فقط هيءُ چوڻ ڪافي ٿيندو ته روسو، ٻار جي تعليم فطرت جي فقط رهنمائي لازمي ٿو ٺهرائي، تنهن هوندي به ضروري ٿو ڄاڻان ته روسي جا ان باري ۾ مفصل خيال هتي پيش ڪري ڇڏيان.

”ايميليءَ“ جي شروعات روسو  اجهو هيئن ٿو  ڪري:

”خداوند تعاليٰ سڀني شين کي نيڪ ۽ نيڪيءَ ڏانهن  مائل ٿو پيدا ڪري، انسان انهن ۾ دست اندازي ڪري کين خراب ۽ خرابيءَ ڏانهن مائل بنائي ٿو ڇڏي. هڪڙيءَ زمين جي پيدائش هو ٻيءَ زمين مان زوريءَ اپائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، هڪڙي وڻ جو ميوو هو ٻئي وڻ مان حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، وقت، جاءِ ۽ قدرتي حالتن کي هو موڙي ۽ مروڙي، انهن ۾ فضول بکيڙو ۽ انتشار پيدا ڪري ٿو ڦٽي ڪري. هو پنهنجي دروازي جي ڪتي، سواريءَ جي گهوڙي ۽ خدمتگذار غلام جي فطرت کي پنهنجي فائدي خاطر اهڙيءَ طرح تي بيڪار ۽ معطل ڪري ٿو ڇڏي، جو سندن سڃاڻپ ئي مشڪل ٿيو پوي. هر ڪنهن چيز کي هو بد تهذيب ۽ بد شڪل بنائي برباد ڪرڻ پٺيان لڳل رهي ٿو، کيس ڪابه چيز پنهنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ فطري حالت ۾ نٿي پسند پوي، خود پاڻ جهڙي هڪ انسان کان به سندس فطرت جا خزانا ۽ جوهر ڦري، کيس پنهنجي سواريءَ واري گهوڙي وانگر هو خاص قسم جا پنڌ سيکارڻ گهري ٿو، ۽ پنهنجي باغ جي وڻن وانگر سندن شڪل شبيهه جي،  پنهنجيءَ مرضيءَ موجب، هو ازسرنو تعمير ۽ تشڪيل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو.

”باوجود انهيءَ جي، هيءَ حقيقت آهي ته انهيءَ تعليم ۽ سکيا کان سواءِ حالتون تنهان ئي وڌيڪ بدتر ۽ حوصله شڪن ٿي پونديون، ۽ مهذب انسان انهيءَ باهمي تعليم کانسواءِ پنهنجي موجوده مقام تي هڪ پل به قائم رهي نه سگهندو. موجوده حالتن ۾ هڪ شخص کي ڄمڻ کان وٺي جيڪڏهن پنهنجي حال ۾ آزاد ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڏجي، ته هو يقينن ٻين سڀني کان زياده وحشي درندو ٿي پوندو. ذهن جون مصنوعي خود فريبيون، ٻين جي خيالن جي تقليد ۽ خوش اعتقادي، حيواني ضرورتن جو دٻاءُ، روزمره پيش ايندڙ قابل نفرت مثال ۽ اهڙيون ٻيون سماجي حالتون، جي هونئن به اسان تي هر گهڙيءَ اثر انداز ٿينديون رهن ٿيون، تن جي ماتحت کانئس پنهنجي ذاتي فطرت جي نعمت به هٿان ڇٽي ويندي، ۽ ان جي جاءِ تي کيس ٻيو ڪجهه به مفيد ۽ قابل تعريف خزانو ميسر نه ايندو ۽ سندس فطرت هڪ انهيءَ نازڪ سلي وانگر وڃي رهندي، جو آمدرفت جي هڪ عام رستي جي وچ ۾ اتفاقن ڦٽي پيو آهي، جنهن کي سڀ ڪو ايندو ويندو هيڏانهن هوڏانهن پيو ٿيلهي ۽ ٿڏي، تان جو هو ڪنهن نه ڪنهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي، آخر مورڳوئي ختم ٿي وڃي!

”اي نازڪ ۽ معصوم ٻالڪ جي رحمدل ۽ ساهه صدقي ڪندڙ ماءُ! آءُ توکي واسطو ٿو ڏيان تنهنجي محبت جو: تون پنهنجي انهيءَ نازڪ انگور کي انهيءَ عام رستي تان هڪ پاسي ڪري سگهين ٿي، ۽ ان کي سماجي رسم رواج جي تباهه ڪن چيڀاٽ کان محفوظ رکي سگهين ٿي: انهيءَ کي تون پنهنجي ساهه سان سنڀال ۽ پنهنجي خالص محبت جا پاڻي ڏي: هڪ ڏينهن توکي هو اُهي رس ڀريا ميوا کارائيندو، جو هيڪر تنهنجا سڀ ڏک ڏولاوا ڏور ٿي ويندا: هاڻي ئي تون هن جي چوڌاري پنهنجي مهر ۽ شفقت جي عالم پناهه ڏيئي ڇڏ: آءُ ٿو توکي ترتيب ڏيکاريان، پر ان کي عملي صورت تون ۽ فقط تون ئي ڏيئي ٿي سگهين.

” جئين فصل کي زراعت رستي اپائي سگهجي ٿو، تيئن انسان کي تعليم رستي سڌاري ٿو سگهجي. جيڪڏهن  ڪو شخص شروع ۾ ئي قداور ۽ قوي ڄمي پوي، ته سندس قد ۽ سندس قوت کيس ڪهڙي ڪم جا ٿيندا، جي کيس انهي جي استعمال جو هنر حاصل نه هوندو؟ اِهي ته پاڻ کيس نقصان ۾ وجهندا، ڇاڪاڻ ته سندس ڊگهو قد ۽ پوري قوت ڏسي، ڪو به کيس ڪنهن قسم جي مدد ۽ دستگيريءَ جو محتاج ڪيئن ڀائيندو، ۽ هو پاڻ، ڳالهائڻ جي هنر کان محروم ۽ ڳالهائڻ معرفت جيڪي به خيال ظاهر ٿا ڪجن تن کان بنهه بي خبر هئڻ سبب، ڪنهن ٻئي تي پنهنجي  محتاجي ظاهر به ڪري ڪين سگهندو، نتيجو هيءُ نڪرندو ته کيس پنهنجي ضرورتن جو احساس ۽ گهرجن جو پورو علم ئي اڃا حاصل ڪين ٿيندو ته هو ان پنهنجي ڊگهي قد ۽ ضرورت کان زياده قوت سميت وڃي قبر حوالي ٿيندو! اسين هڪ صغير ٻالڪ جي ڪمزوريءَ ۽ بيچارگيءَ تي پنهنجو افسوس ٿا ظاهر ڪيون، پر اسين هيءُ نٿا ڄاڻون ته جيڪڏهن انسان جو جنم اهڙيءَ طرح هڪ صغير ٻالڪ جي صورت ۾ ايامن کان وٺي نه ٿيندو اچي ها، ته هوند انسان ذات گهڻو گهڻو  اڳي نيست ونابود ٿي چڪي ها.

”اسين ضعيف ۽ ڪمزور ڄمون ٿا، اسان کي زور ۽ طاقت جو احتياج آهي، بيڪس ۽ بيچارا پيدا  ٿيون ٿا، مدد دستگيريءَ جي اسان کي گهرج ٿئي ٿي، بي سمجهه ۽ بي عقل  ٿي دنيا ۾ پير ٿا پايون، عقل ۽ سمجهه جي اسان کي درڪار محسوس ٿي ٿئي، ڄمڻ وقت جن چيزن کان اسين هٿين خالي آهيون، انساني جامي پهرڻ وقت جن شين جو اسان کي احتياج آهي، اُهي ئي شيون، اُهي ئي چيزون اسان کي  اسان جي تعليم معرفت بطور تحفي جي عطا ٿين ٿيون.

”اها تعليم اسان کي قدرت يا فطرت  (Nature) هٿان، انسانن  (Men) هٿان، ۽ طبعي شين  (Things) هٿان پلئي پوي ٿي. اسان جي عضون ۽ اسان جي صلاحيتن جو اندروني اُڀرڻ ۽  اُسرڻ- هيءُ آهي فطرت جي تعليم جي ڪارروائي: پنهنجي عضون ۽ صلاحيتن جي هن تدريجي واڌ جي استعمال جي هنر ۽ انهن مان فائدن حاصل ڪرڻ جي ترتيب- هيءُ آهي انسانن جي تعليم جو نتيجو: پنهنجي طبعي ماحول سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري، شخصي تجربي دوران، جيڪي ڪجهه پرايون ٿا- هيءُ آهي طبعي شين جي تعليم جي ڪار گذاري.

” اهڙيءَ طرح اسان مان هر هڪ گويا ٽن استادن  جي هٿ تي علم ٿو سکي. هاڻي جيڪڏهن هنن ٽنهي استادن جي تعليم جو هڪٻئي سان ٽڪر ۽ مقابلو ٿي ٿو پوي ته ويچاري شاگرد جي تعليم ناساز ۽ ناقص ٿي پوي ٿي، ۽ پوءِ هو غريب ڪڏهن به رڳو پنهنجو پاڻ سان به همشريڪ ۽ همصلاح نٿو رهي، پر جيڪڏهن انهن ٽنهي استادن جي تعليم ۾ وحدانيت ۽ هم آهنگي واقع ٿيو ٿي وڃي، ته پوءِ اسان جو شاگرد سڌو پنهنجي منزل مقصود تي وڃي ٿو رسي، هن جي شخصيت ۾ يڪ وجودي ۽ تنظيم پيدا ٿي ٿئي، ۽ پوءِ هو هڪ صحيح تعليم يافته انسان سمجهڻ ۽ سڏجڻ ۾ ايندو آهي.

”هاڻي، تعليمي عمل ۾ جن ٽن استادن جو هٿ آهي، تن مان فطرت جو استاد ته اسان جي بنهه وس کان  ٻاهر آهي. مٿس اسان جو ڪو به حڪم هلي نٿو سگهي: طبعي شيون به اسان جي مڪمل قبضي ۾ نه آهن: انسانن جي تعليم ئي آهي، جا اسان جي پنهنجي هٿ وس آهي، پر هن دائري ۾ به اسان جي سموري طاقت محض خيالي ۽ وهمي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪير آهي، جو انهن سڀني انسانن جي هر هڪ گفتي ۽ هر هڪ عمل کي پنهنجي هٿ وس رکڻ جي اميد رکي سگهي ٿو، جن سان ٻار کي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾، ڄمڻ جي گهڙيءَ کان وٺي، سڌيءَ طرح، واسطي ۽ لاڳاپي ۾ اچڻو ٿو پوي!

”تعليم کي جيڪڏهن هڪ فن يا هنر جي حيثيت ۾ خيال ٿو آڻجي ته پوءِ ڏسڻ ۾ هيئن ٿو اچي ته ان ۾ ڪاميابيءَ جو حاصل ٿيڻ قريب قريب هڪ ناممڪن امر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪاميابيءَ جا جيڪي لازمي شرط آهن، سي اسان جي وس کان ٻاهر آهن: اسان جي ڪوشش ۽ اسان جي محنت ئي اسان کي پنهنجو مقصد اکئين ڏيکاري سگهن ٿيون، پر جيڪڏهن ان مقصد کي رسڻو ۽ اسان جي غريباڻي غوراب کي ساحل تي پهچڻو آهي، ته پوءِ اسان کي ضرورت ڪنهن اتفاقي سڻائي واءَ لاءِ ترسڻو ۽ انتظار ڪڍڻو پوندو.“

”اسان جو اهو ساحل ڪٿي آهي؟ اسان جو اهو مقصد ڪهڙو آهي؟ اُهو ئي جيڪو اسان جي فطرت اسان جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، يعني صحيح ۽ صالح انسان بنجڻ. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيءُ اشد ضروري آهي ته تعليم جا مٿي بيان ڪيل ٽيئي  وسيلا همراهه ۽ هم آهنگ رهي ڪري ، اسان جي تعليم جي تڪميل ڪن. تنهنڪري اهي ٻه وسيلا، يعني طبعي شيون ۽ انسان، جيڪي ڪجهه قدر اسان جي هٿ وس آهن، تن کي ضرور ٽئين استاد، جو اسان جي وس کان بنهه ٻاهر آهي يعني فطرت جي استاد جي ئي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان جي ئي پيرويءَ ۽ فرمانبرداريءَ ۾ پنهنجا اثر ۽ نتيجا ظاهر ڪرڻا آهن.“

آءُ سمجهان ٿو ته روسي جي ايتريءَ مفصل ۽ واضح تشريح کانپوءِ مٿس اهو اعتراض ته سندس تعليم جي طريقي ۾ امڪان هن ڳالهه جو آهي ته ٻار هڪ وحشي يا زياده ۾ زياده هڪ خود پرست ۽ خودپسند انسان بنجي پوي، ڪنهن به طرح هڪ معقول اعتراض نٿو رهي سگهي: ٻيءَ حالت  ۾ محض اڻ ڄاڻائيءَ يا غلط فهميءَ کي انهيءَ اعتراض جو سبب سمجهڻو پوندو. ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته خود روسي کي به پنهنجي طريقي تعليم  تي خاص انهيءَ اعتراض جي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، تنهنڪري اهڙيءَ غلط  فهميءَ جو ڪو امڪان ئي مرڳو پيدا نه ٿئي تنهن لاءِ هن ”ايميلي“ ۾، اڳتي هلي، هيٺين لفظن ۾ پنهنجي خيال جي هڪ فيصله ڪن سمجهاڻي پيش ڪئي آهي:

”جڏهن آءُ ايميلي کي هڪ اهڙي انسان بنجڻ جي تربيت ڏيڻ ٿو چاهيان جو عين فطرت جي منشا مطابق هجي، تڏهن منهنجي هر گز اها مرضي ڪانهي ته آءُ کيس محض هڪ وحشي بنائي، موٽائي هڪ جهنگلي زندگي گذارڻ لاءِ آماده ڪريان، برعڪس ان جي منهنجو مقصد ته فقط هيءُ آهي ته هو سماج ۾ رهي ڪري، ۽ سماجي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ضرورت آهر بهرو وٺندي به، ٻين ماڻهن جي شخصي حرص هوس ۽ پاروٿن خيالن ۽ عقيدن جو شڪار بنجڻ کان پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت رکي سگهي: پنهنجا ڪن ۽ اکيون کولي هلي، ۽ جيڪي ڪي ڏسي وائسي، تنهن کي ضروري غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ  ئي  قبول ڪري، پنهنجي دل کي هڪ احساس رکندڙ دل بنائي، ۽ خالص عقل کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ جو قبضو ۽ غلبو پنهنجي دماغ مٿان قائم ۽ مسلط ٿيڻ نه ڏئي.“

هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي- ۽ تعليم جي مڙني ماهرن ان کي هميشه تسليم پئي ڪيو آهي- ته روسو ئي هو، جنهن تعليم جي دنيا ۾ بنيادي طرح هڪ نئين قدر، هڪ نئين زاوي ۽ هڪ نئين نظريي جو آغاز ڪيو: جديد تعليم جي سموري جدت ۽ سموري تازگي  روسي جي ئي رهين منت آهي.

”برو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اجاريو،

ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،

آيو سو اَتورُ، جنهن ڏکيو ڏک وهاريون!

دنيا جي ههڙيءَ عظيم المرتبت شخصيت جي هڪ بهترين ۽ تاريخي شاهڪار جي چونڊ ۽ ان جي اختصار جو هيءُ نازڪ ۽ نفاست طلب ڪم، پنهنجي مڙني اوڻاين ۽ ڪمال ڪم مايگيءَ جي احساس رکڻ هوندي به، جو مون هٿ ۾ کنيو، سو فقط پنهنجن عزيز شاگردن جي بار بار  تقاضا ۽ فرمائش تي، ۽ منجهن علم لاءِ جيڪو شوق ۽ دلي اشتياق ڏٺم، تنهن جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪلاس ۾ روسي جي فڪر ۽ تعليم تي تبصرو ڪندي، مون جيڪا سندن نگاهن ۾ چمڪ ۽ منهن تي مسرت ۽ روشنيءَ جي جهلڪ ڏ‎ٺي، تنهن ئي آخر مون کي آماده ڪيو ته پنهنجي انتهائي عدم صلاحيت جي باوجود سندن سڪ ۽ پياس کي پنهنجي وس آهر ڪجهه قدر زياده سيرآب ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. هن ڪم کي جنهن نماڻائيءَ ۽ جنهن ادب ۽ احترام سان مون هٿ وڌو، تنهن جي مون کي ئي ڄاڻ آهي، ۽ هن ”مجذوب مفڪر“ جي تصور حيات کي سميٽڻ ۽ سهيڙڻ ۾ مون کان ڪٿي ڪا سَهَوَ يا گستاخي نه ٿي وڃي، تنهن جو خوف ۽ خيال هميشه منهنجي دل تي رهيو. اميد اٿم ته اُهي، جن لاءِ جُرئت ڪري هي گل چونڊيا اٿم ۽ گلن جو عرق نچوڙيو اٿم، ۽ ٻيا سڀئي، جيڪي علم جا پياسا ۽ سچ جا سڪايل آهن، هن منهنجي ناچيز محنت مان اها سڳنڌ ۽ اها خوشبوءِ حاصل ڪندا، جيڪا گذريل ٻن سون ورهين کان وٺي علم ودانش جي دنيا کي پنهنجي پر بهار مسترتن ۽ دل نوازين سان زندگي جي نت نون رازن ۽ رمزن ۽ تروتازگين جي نعمت سان مالا مال ڪندي پئي آئي آهي.

آءُ پنهنجي معزز ۽محترم محسن مسٽر غلام حسين سومري بي. اي، ايل. ايل بي، بي، ٽيءَ، جو نهايت شڪر گذار آهيان، جن پنهنجي بيش بها صلاح ۽ مشوري سان وقت بوقت مون کي نوازي، منهنجي قابل قدر رهبري ڪرڻ فرمائي، ڪتاب جي آخر ۾ جيڪا حوالن جي سمجهاڻي  ۽ تشريح  پيش ڪئي ويئي آهي، سا سندن ئي صلاح مشوري جو نتيجو آهي، نه فقط ايترو پر صاحب جن منهنجي هن ناقص پورهئي کي نظر  مان ڪڍي ۽ پسند فرمائي، پنهنجي پر معنيٰ پيش لفظ لکيو ۽ منهنجي  لاجواب  حوصله افزائي ڪرڻ فرمائي.

آءُ پنهنجي عزيز ۽ مخلص  دوست مسٽر شيخ عبدالله  جو به بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن نه فقط وقت بوقت منهنجي علمي ۽ ادبي اوڻاين ڏانهن  منهنجو ڌيان  ڇڪائي، مناسب درستيون مون کي ڏسيون، ۽ ڪتاب جي طبعي  تنظيم ۽ ترتيب ۽ طباعت جي سڀاويڪ غلطين  درست ڪرڻ ۾، بلڪل پنهنجو ڪم سمجهي، منهنجي دستگيري ڪئي، پر ڪتاب جي سرورق توڙي ابتدا ۽ خاتمي واريون لاجواب تصويرون ڪڍي، انهن ۾روسي جي تعليمي  طريقي جو اهو باڪمال تصور پيش ڪيو آهي، جنهن مان جي هڪ پاسي سندن هڪ قابل فنڪار هئڻ جي ثابتي ٿي ملي، ته ٻئي پاسي وري سندس ڪمال علم دوستي ۽ ادب  نوازي ظاهر ٿي ٿئي.

ٽريننگ ڪاليج فارمين،

حيدرآباد سنڌ                       محمد ابراهيم م.جويو

27-12-1949ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org