سيڪشن: ادب

ڪتاب: مقالات الحڪمت

باب:

صفحو:3 

گفتار نائين

بحث ۽ گفتگو ڪرڻ

ڪي ماڻهو گفتگو ڪرڻ مهل، سچي ڳالهه جاچڻ لاءِ، عقل ۽ انصاف جي ايتري گهرج نه ڄاڻيندا آهن، جيتري حجت هلائڻ لاءِ چالاڪيءَ ۽ ظرافت جي: جيئن ته برابر ڳالهائڻ جي پوري خبر رکڻ تعريف جهڙي ڳالهه هجي، پر برابر خيال ڪرڻ جي پوري خبر رکڻ تعريف جهڙي ڳالهه نه هجي.

ڪن ماڻهن کي ٻه چار مضمون پڪا ٿي ويا آهن، جن تي هو چڱيءَ طرح گفتگو  ڪري سگهن ٿا، پر گهڻن قسمن جا مضمون هنن کي مور نٿا اچن. اهو عيب اڪثر ڪڪ ڪرڻ جهڙو آهي، ۽ جي هڪڙي ڀيري ظاهر ٿي ويو، ته کل جهڙو آهي، ڪنهن به طرح جي گفتگو  ۾ وڏو ڪم آهي، مضمون آڻي وجهڻ، تنهن کانپوءِ آهي، انهيءَ کي جهلي ڪنهن ٻيءُ ڳالهه تي وڃڻ. گفتگو ڪرڻ ۽ بحث  هلائڻ ۾ چڱي ڳالهه اها آهي ته سنئين سپهتيءَ ڳالهه سان گڏ حجتون به آڻجن، قصن سان گڏ سبب به ڏجن، سوالن سان گڏ پنهنجا رايا به ڏيکارجن، چرچن سان گڏ ساڀيان ڳالهيون به ڪجن، پر رڳو هڪڙيءَ ڳالهه کي وڌائي لانڍ ڪرڻ، ٿڪايو ۽ بيزار ڪيو وجهي.

ياد رکڻ گهرجي ته چرچن ۾ دين جون ڳالهيون يا سرڪاري ڪم، يا وڏن وڏن ماڻهن بابت اشارا، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي خاص ۽ ضرور واري هاج، يا ڪائي به ڳالهه جنهن تي رحم آڻڻ کپي، سا ٽپائي آڻي نه وجهجي. انهيءَ هوندي به ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جي جيستائين ڪنهن ٻئي تي ٽوڪ نه ڪندا، يا خندو نه وٺندا، تيستائين پنهنجا حواس نه ڄاڻندا آهن ۽ پنهنجو عقل برجا نه سمجهندا آهن، اها عادت روڪڻ گهرجي، ماڻهن کي کپي ته چرچي ۽ ٽوڪ جي وچ ۾ تفاوت ڄاڻن، ۽ ظرافت ۽ هجو جو سنڌو رکن، جنهن کي ٽوڪ هڻڻ جي عادت آهي، تنهن جي هجو کان جيئن ٻيا ڊڄن ٿا، تيئن کيس وري ٻين جي گلا ۽ غيبت کان ڊڄڻ گهرجي.

جيڪو گهڻو پڇندو، اهو گهڻو سکندو، ۽ گهڻي ڄاڻڻ ڪري خوش رهندو، خصوصن تڏهن، جڏهن ماڻهو ڪن دانائن ۽ سياڻن کان ڏاهپ جا سوال پڇندو، ڇاڪاڻ جو  انهيءَ ڪري ڏاهن ۽ پڙهيلن کي خوشيءَ سان ڳالهائڻ جو وجهه ملندو ۽ پڇڻ واري کي علم گڏ ڪرڻ ۽ سياڻپ وڌائڻ جو وجهه ملندو، پر سنڀال گهرجي ته سوال ڪڪ ڪرڻ جهڙا يا هلاڪيءَ ڏيڻ جهڙا نه هجن، ڇاڪاڻ ته  هن کان امتحان ڪين ٿو وٺجي. ڇڏجي ته ڀلي ٻين کي به ساڻس ڳالهائڻ جو وارو ملي.

جيڪا ڳالهه ماڻهن جي اعتبار ۾ آهي، ته اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا، سا جي ڪڏهن ڪڏهن اسين ڍونگ ڪري چونداسين، ته اسان کي اها نٿي اچي، ته ٻيءَ مهل وري جيڪا ڳالهه اسان کي في الحقيقت نه ايندي هوندي، سا به ماڻهو ڄاڻندا ته اسان کي اچي ٿي، پر چئون نٿا.

پنهنجي بابت گهڻيون ڳالهيون نه ڪجن، ۽ جيڪي ڪجن، سي به سنڀالي چونڊي ڪرڻ گهرجن، هڪڙي حالت سان سجهي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو بلاشڪ پنهنجي پاڻ تعريف ڪري سگهي ٿو، ۽ اها هي آهي ته هو ڪنهن ٻئي ماڻهو پاڻ ڀانئي ته مون ۾ آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪري هو ڄڻ ته ٻئي جي نيڪي نٿو ساراهي، پر پنهنجي نيڪي پاڻ ٿو ساراهي.

ٻين بابت هجو طور اشارا ڪرڻ،  يا طعني طريقي ڪنايا ڏيڻ، چڱي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ جو گفتگو پکڙيل ۽ عام هئڻ گهرجي، ڳالهائڻ ۾ ذري ذري هڪڙي ماڻهو تي ٽوڪ ڪرڻ نه گهرجي. اهڙيءَ طبع وارو ماڻهو ٻئي سان ڪيتري به ڀلائي ڪندو، پر جي پڇاڙيءَ ۾ ذرو مٿس ٽوڪ يا خندو ڪندو ته پنهنجي اڳين پوئين مهرباني برباد ڪري ڇڏيندو.

ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙي نه ڪرڻ گهرجي، ان جي خبرداري ڪرڻ فصاحت ۽ خوش گفتاريءَ کان به وڌيڪ آهي، ۽ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، تنهن سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ سان ڳالهائڻ، بلاغت ۽ صنعت داريءَ کان به بهتر آهي.

جي لسو ئي لسو ڳالهائيندو هلبو ۽ منجهس سوال، جواب ڪونه آڻبو، ته ان مان ڳالهائيندڙ جي سستي ۽ ڍرائي معلوم ٿيندي، ۽ جي رڳو چڱيون وراڻيون ڏبيون ۽ ڳچ تائين لسو نه ڳالهائبو ته انهيء مان ڪچائي ۽ اڄاڻائي معلوم ٿيندي، جهڙيءَ طرح جانورن ۾ ڏسجي ٿو ته جيڪي جلد ڊوڙي نٿا سگهن، تن کي گهڻيون گهتون ياد آهن، جيئن ڪتي ۽ سهي جو حال آهي.

مطلب جي ڳالهه ڪرڻ کان اهي ٻين اجاين ڳالهين ڪرڻ مان ماڻهو ورچيو پون، پر ٻي ڪائي به ڌارين ڳالهه ڪانه ڪرڻ ۽ يڪدم مطلب ته ڪاهي پوڻ وري ڄٽپائي آهي.

 

گفتار ڏهين

دولت

دولت نيڪيءَ جي لاءِ بوجو يا روڪ آهي، ڇاڪاڻ جو جهڙي طرح لشڪر سان گهڻو بوجو، تهڙيءَ طرح نيڪيءَ سان گهڻي دولت، نڪي خوشي سان ڇڏي سگهجي، نڪي سهجنائيءَ سان کڻي سگهجي. جي ڇڏجي، ته گهرج پوي، جي کڻجي ته روڪ ٿئي، ۽ اڪثر ان جي سنڀال  لهڻ ڪري فتح حاصل نٿي ٿئي، يا ته منجهس گهڻي حرڪت پئجو وڃي، گهڻي دولت حقيقت ڪري ٻئي ڪنهن ڪم جي ڪين آهي، سواءِ انهيءَ  جي ته ورهائي ماڻهن کي ڏجي، ٻيو ته رڳو وهم ۽ خيال آهي. حضرت سليمان فرمائي ٿو ته ”جتي مال گهڻو آهي، اتي کپائڻ وارا به گهڻا آهن ۽ مالڪ کي، اکين سان ڏسڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو حاصل ٿئي!“ جيڪو ماڻهو رڳو پنهنجي سر خرچي ۽  ڀوڳي ٿو، تنهن کي تمام گهڻيءِ دولت سان ڪهڙو ڪم؟ يا ته هڪڙي هنڌ سانڍي  رکي ڇڏيس، يا ته ٻين کي ورهائي ڏئي ۽ بخششون ڪري، يا ته انهيءَ بابت چئو پچئو ڪري نالو ڪڍي پر ٻيو ڪو سجايو ڪم يا فائدو مالڪ کي پهچي ڪين سگهندو. اسين ڏسون ٿا ته ماڻهو ننڍڙن پٿرن ۽ ڪيمياب شين تي ڪيترو نه وڏو ملهه مٽو ڪيو رکن، ۽ ڪهڙا نه ڏيک ۽ نماءَ وارا ڪم پيا ڪن، انهيءَ لاءِ ته دولت ڪمائتي ڏسڻ ۾ اچي. ڪو وري دولت جي ڪمائتي هئڻ جو اهو عذر ڏيندو ته گهڻن ماڻهن کي هوءَ خوفن ۽ محنتن کان ڇڏايو ڇڏي، جيئن حضرت سليمان جو قول آهي ته ”دنيادار ماڻهوءَ جي خيال ۾ دولت هڪڙو وڏو ڪوٽ يا بچاءَ آهي“ پر رڳو هن جي خيال ۾ آهي. سچي پچي ائين ناهي، ڇاڪاڻ جو سچ ته اهو آهي، جو گهڻي دولت ڪري جيترا ماڻهو هلاڪيءَ کان ڇٽا آهن، انهن کان وڌيڪ پاڻ جنجال ۾ پيا آهن ۽ چٽ ٿيا آهن، تمام حد کان وڌيڪ ڏيک واري مايا ميڙڻ جي نه ڪجي، رڳو ايتري هجي، جيتري انصاف ۽ ايمانداريءِ سان هٿ آڻي سگهجي. سياڻپ ۽ هوشياري سان ڪم لڳائي سگهجي، خوشيءَ ۽ خورميءَ سان ورهائي سگهجي ۽  رضا ۽ رغبت سان ڇڏي سگهجي، پر وري، فقيرن ۽ قلندرن وانگي، دولت کي گهڻو ڌڪارجي به نه، تمام گهڻيءَ سيگهه ۽ هٻڇ سان دولت نه ميڙڻ گهرجي. جيئن حضرت سليمان فرمايو آهي ته ”جيڪو دنيادار ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪندو، اهو صاف ۽ بيگناهه رهي ڪين سگهندو.” ڪن شاعرن اهو خيال ٻڌو آهي ته ”جڏهن دولت يزدان وٽان اچي ٿي، تڏهن آهستي آهستي منڊڪائيندي اچي ٿي، پر جڏهن شيطان وٽان اچي ٿي تڏهن ڇوهه مان ڊڪندي اچي ٿي“ :يعني جڏهن دولت چڱي اپاءِ سان ۽ حق حلال جي پورهئي سان گڏ ٿئي ٿي، تڏهن آهستي آهستي گڏ ٿئي ٿي، پر جڏهن ٻين جي مال تڪڻ مان يا هنن جي ورثن ملڻ مان هٿ لڳي ٿي، تڏهن سو ان ساعت ماڻهوءَ تي اچيو ڪڙڪي، ۽ گهڙيءَ ۾ ان کي تونگر ڪريو ڇڏي، يا ته جڏهن لچائيءَ، ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ سان گڏ ٿئي ٿي، تڏهن به جلدي سان مڙي ٿي.

دنيادار ٿيڻ جا رستا جهجهائي آهن، پر اڪثر منجهن بي ايماني ۽ ناراستيازي معلوم ٿئي ٿي، سڀ کان سهنجو رستو آهي، بخل ۽ ڪنجوسائي، پر وري اهو بيگناهيءَ جو رستو سو ناهي، ڇاڪاڻ جو بخيلائيءَ ڪري ماڻهو سخا ۽ خير جا ڪم ڪري نٿو، ٻيو رستو آهي، زمين سڌارڻ ۽ پوکڻ، اهو دولت گڏ ڪرڻ جو هڪڙو اصلڪو رستو آهي، پر انهيءَ مان ڏاڍو دير سان اثر ٿو ٿئي،  انهي هوندي به، جڏهن پيسن وارا ماڻهو پوک جي ڪم ۾ هٿ کنيو وجهن ٿا،  ته هنن جي دولت ٻيڻي ٽيڻي وڌيو پوي، هڪڙي ڏاهي چيو آهي ته ”پهرين ٿورڙي دولت، ڏاڍيء مشڪلاتن سان هٿ لڳي ٿي، پر پوءِ گهڻي دولت، ڏاڍيءَ مشڪلات ۽ چالاڪيءَ سان هٿ لڳي ٿي، پر پوءِ گهڻي دولت، ڏاڍي سهنجائي ۽ آساني سان ملي وڃي ٿي“ ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ايترو وکر اچي گڏ ٿئي ٿو، جو هن کي پڪ آهي ته انهيءَ جي وڪري مان مون کي گهڻو فائدو پوندو. يا جڏهن هو وڏن وڏن سودن  ۾ هٿ وجهندو يا  ٻين نون واپارين سان ڀائيوار ٿيندو، تڏهن البته هن جي دولت وڌندي، عام سودن ۽ ننڍن واپارن مان جيڪو نفعو ٿئي ٿو، سو ايمانداريءَ سان  ٿئي ٿو، ۽ اهو نفعو خاص ٻن سببن ڪري وڌي ٿو، هڪڙو محنت ڪري، ٻيو ايمانداريءَ ۽ راستبازي جي لاءِ مشهور ٿيڻ ڪري، پر وڏن وڻجن ۽ واپارن مان جيڪو نفعو ٿئي ٿو، سو اڪثر شڪ، گاڏڙ آهي،  ڇاڪاڻ جو هو مال سانڍيو ويٺا هوندا، ته جڏهن ماڻهن کي گهڻي گهرج ۽ لاچاري پوي، تڏهن وڪڻون، يا دلالن جي معرفت ٻين کي ڌتاري پاڻ وٽ آڻيون، يا اهڙيون ڪي ٻيون ٺڳيون ڪريون، ڀائيواريءَ ڪري به ماڻهو تونگر ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪ معتبر ۽ ايماندار ماڻهن سان ڀائيوار ٿبو، گهڻو وياج وٺڻ ته دولت ميڙڻ جو پڪو رستو آهي، پر سڀني کان بڇڙو آهي، جنهن نئين شيءِ جوڙڻ يا ڪنهن نئين هنر پيدا ڪرڻ ڪري به گهڻا ماڻهو پيسن وارا ٿي ويا آهن، جنهن کٽيي جي پڪ آهي، انهيءِ تي ڀاڙي ويهي رهبو، ته تمام دنيادار ڪين ٿي سگهبو، ۽ وري جي وڏن وڏن واپارن ۾ هٿ  اٽڪائبو ۽ کٽيي لاءِ نصيب تي ڀاڙي پيسا اڇلائي وجهبا، ته کٽي پئبو، بهتر اهو آهي ته ٻنهي ڳالهين جي سنڀال وٺجي، ڌن گڏ ڪرڻ جو ٻيو رستو اهو آهي جو تمام گهڻو سامان وهائي رکجي، خصوصن جڏهن اڳواٽ خبر پوي ته هن شيءِ جي آئيندي گهڻي هلندي ٿيندي، يا گهرج پوندي، پوءِ مهل سر ٿورو ٿورو ڪري هلائجي، سرڪاري نوڪري ڪري پيسا هٿ آڻڻ، هڪڙو چڱو ۽ عزت جو رستو آهي، پر جڏهن خوشامد ڪرڻي ٿي پوي، يا ڌڻيءَ جي دل خوش ڪرڻي ٿي پوي، يا ٻيا ڪي نيچ ڪم ڪرڻا ٿا پون، تڏهن هو اهو تمام بڇڙو ۽ بيعزتيءَ جو رستو آهي.

جي ماڻهو رڳو وات سان چون ٿا ته اسين دولت کان بيزار آهيون، اسان کي نه گهرجي، انهن تي گهڻو اعتبار نه رکجي، هو رڳو ڍونگي آهن، ڌڪارين تڏهن ٿا، جڏهن کين ملڻ جي اميد ڪانهي. ”گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا“، يقين آهي ته جڏهن اهڙن ماڻهن کي وجهه لڳي ٿو، تڏهن سڀ کان وڌيڪ لالچي ٿين ٿا، ٻيا هڪڙي هٿ سان، ته هي ٻن هٿن سان بلڪه پيرن سان به مال ميڙين ٿا!

گهڻي ڪنجوسائي نه ڪجي، ۽ ڪوڏيءَ تي ساهه نه ڏجي، نڪي هن ڳالهه وانگي” چمڙي ڏجي، پر دمڙي نه ڏجي“، ڇاڪاڻ جو دولت کي کنڀ چيا اٿن. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پاڻيهي اڏامي وڃي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ته وري هن کي هٿن سان اڏائجي ته وڌيڪ دولت کي پاڻ سان وٺي اچي.

ماڻهوءَ جي موئي کان پوءِ دولت يا ته سندس مائٽن کي ملي ٿي، يا ته عام ماڻهن جي ڪم لڳي ٿي، ٻنهين ڳالهين ۾ جي مال پورو پنو هوندو، ته وڌيڪ فائدي وارو ٿيندو، جي تمام گهڻو ورثو ڇڏي وڃبو، ته پوءِ جيڪڏهن وارث عمر جو ننڍو يا ڀورڙو هوندو، ته ٻيا گهڻا ڳجهن ۽ پرمار پکين وانگي هن کي ويڙهي وڪوڙي ويندا، وري نالي ڪڍڻ ۽ ناموس ڪرڻ لاءِ بخشش ۽ انعام ڏيڻ به اجايو آهي، جو منجهائنس ڪو ثواب ڪونه ٿو ٿئي، نڪو سخا ۽ خيرات جي ارادي سان ائين ٿو ڪجي، تنهن ڪري سخا ۽ بخشش جي چڱائيءَ جو قياس ان جي انداز يا گهڻي هئڻ مان نه ڪجي، پر ان جي ڪمائيءَ يا ڪم ۾ اچڻ مان ڪجي، دولت گهڻي ڀلي هجي، پر جي ڪنهن سجائي ڪم لاءِ نه هوندي، ته ڪهڙو فائدو؟ نڪي پنهنجي موئي کانپوءِ خيرات ڏيڻ جو حڪم ڏجي ، ۽ نه جيئري  ڏجي، ڇاڪاڻ جو انصاف ڪري ڏسبو ته ائين ڪرڻ ڪري ماڻهو ڄڻ ته پنهنجي مال مان خيرات نٿو ڪري، ٻين جي مال مان ٿو ڪري، مئي کان پوءِ سندس مال ائين  ئي ٻين جي ملڪيت آهي.

 

گفتار يارهين

وير يا بدلو وٺڻ

وير جهنگلي قسم جو انصاف آهي، جيترو ڪيترو انسان جي طبيعت جو ان ڏي ميل ٿئي، اوترو سرڪاري قاعدي کي گهرجي ته ان جي پاڙ پٽي ڪڍي، ڇاڪاڻ جو پهريندي حرڪت ڪرڻ يا نقصان رسائڻ ڪري ماڻهو رڳو قاعدي جي برخلاف وڃي ٿو، پر انهيءَ حرڪت جي وير يا بدلي وٺڻ ڪري هو قاعدي کي مور کلي ئي نٿو، ڄڻ ته قاعدي جي هئڻ جو هن کي ضرور ڪونهي، هجي ته ڇا، نه هجي ته ڇا.

انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته بدلي وٺڻ ڪري ماڻهو پنهنجي دشمن سان رڳو مٽ ٿئي ٿو، پر ڏوهه تان گذر ڪرڻ ڪري هن کان مٿي ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته معافي ڏيڻ شاهن جو ڪم آهي، پارسيءَ واري چيو آهي ته

گر عظيم است از فرو دستان گناهه،

از بزرگان عفو کردن اعظم است.

حضرت سليمان جو قول آهي ته ”ڪنهن گناهه تان گذر ڪرڻ ڪري انسان جو شرف ظاهر ٿو ٿئي“، جيڪي ٿي پيو آهي، سو گذري ويو، تير وانگي هٿن مان نڪري ويو، انهيءَ کي وري هٿ آڻڻ مشڪل آهي، چيو اٿن ته

نيا بد بکف تير جسته بشست،

و اگر بدندان گزي پشت دست.

 ڏاهن کي حال ۽ مستقبل ۾، يعني هلندڙ وقت ۽ ايندڙ وقت ۾، گهڻو ئي ڪرڻو پيو آهي، تنهن ڪري جي ماڻهو ماضي ءَ جي ڳالهين تي پيا مٿو کپائين، اهي پنهنجو وقت اجايو ٿا وڃائين ۽ مفت پاڻ کي هلاڪ ٿا ڪن.

ڪوبه ماڻهو رڳو نقصان جي لاءِ ٻئي کي نقصان نٿو رسائي، ضرور ٻئي کي نقصان رسائڻ ۾ سندس ڪو فائدو يا خوشي، يا عزت، يا ٻي اهڙي ڳالهه هوندي، تڏهن اسين ٻئي ماڻهوءَ تي اسان کان پاڻ کي وڌيڪ ڀائڻ ڪري، يعني پنهنجي فائدي تي وڌيڪ نظر ڏيڻ ڪري، ڇو ڪاوڙجون؟ جي کڻي ائين به چئجي ته ڪنهن ماڻهوءَ بدطبعيتيءَ ۽ خراب سڀاءَ ڪري ٻئي کي نقصان پهچايو، تڏهن به چئبو ته هو گويا ڪنڊو آهي، جو ضرور چڀندو ۽ رهڙيندو، ڇاڪاڻ جو هن جو سڀاءُ اهڙو آهي، ۽ هو ٻيو ڪي ڪين ڪري سگهندو، جن ڏوهن ۽ حرڪتن جي لاءِ سرڪاري قاعدن ۾ ڪوبه علاج ڪونهي، انهيءَ جو بدلو روا رکڻ گهرجي. پر اهڙيءِ حالت ۾ ماڻهوءَ کي سنڀالڻ کپي ته اهڙو ۽ ايترو بدلو وٺي، جنهن جي لاءِ وري پاڻ قاعدي موجب سزا جوڳو نه ٿئي، نه ته سندس هڪڙو دشمن ته اڳي ئي آهي، ٻيو دشمن وري قاعدو ٿيندس.

ڪي ماڻهو وير وٺڻ مهل ڀانئين ته ٻيءَ ڌر کي خبر پوي ته ڪير ٿو بدلو وٺي، اهو اڃان چڱو آهي، ڇاڪاڻ جو نقصان رسائڻ ۾ ايتري خوشي نٿي اچي، جيتري ٻيءَ ڌر جي پڇتائڻ ۾، پر نيچ ۽ دغا باز ۽ نامرد اهي آهن، جي لڪڇپ ۾ بدلو ٿا وٺن، جيئن اونداهيءَ ۾ تير هڻجي، جنهن جو حاڪم، دغاباز دوستن بابت چوي ٿو ته ”ڪتابن ۾ ائين لکيل آهي، ته اسان کي گهرجي ته دشمنن کي معافي ڏيون، پر ائين ڪڏهن به ڪين لکيل آهي، ته دوستن کي معافي ڏيڻ گهرجي“، انهيءَ کان به چڱو حضرت ايوب جو قول آهي ته ”جيئن اسين خدا تعاليٰ جي هٿان سک خوشيءَ سان وٺون ٿا، تيئن ڏک به خوشيءَ سان نه وٺون ڇا؟ انهي طرح، جيئن دوستن کان اسان کي سک پهچن ٿا، تيئن ڏک به قبول ڪرڻ گهرجن.“ يقين آهي ته جيڪو ماڻهو وير تي گهڻو ڌيان ڏئي ٿو، اهو ڄڻ ته پنهنجا ڦٽ آلا ٿو رکي، جي شايد هونئن ڇٽي ميٽجي وڃن.

عام ماڻهن جي پاران وير وٺڻ مان اڪثر فائدا ٿين ٿا، جهڙيءَ طرح تاريخن ۾ آهي ته جڏهن روم جي ماڻهن ڏٺو ته يوليوس قيصر تمام زور ورتو آهي ۽ سرڪشي ٿو ڪري، تڏهن ٻڌي ڪري هن کي ظاهر ظهور ماري وڌائون، پر پوءِ جن جو هن جي مارڻ ۾ هٿ هو، تن کان وير وٺڻ لاءِ ”اعسطوس“ ۽ ”انطونيوس“ سڀني کي هڪڙو هڪڙو ڪري ماريو، اهڙو حال واري ”قرطناقس“ روم جي سپهه سالار سان ٿيو، ۽ فرانس جي بادشاهه ”هينري“ سان ٿيو، جنهن کي ماڻهن ماري وڌو، پر، خانگي طرح وير وٺڻ مان اهڙو فائدو ڪونهي، بلڪه وير وٺندڙن جي سڄي حياتي ڏکي ٿي گذري، جي پنهنجي جيئري، نقصان پهچائڻ ڪري، عذاب کائي مرن ٿا.

گفتار ٻارهين

خدمتگار ۽ يار

ٽنڊ، ٽوپيءَ وارن نوڪرن ۽ ڇنڊ، ڦوڪ  وارن خدمتگارن کي گهڻو پسند ڪرڻ نه گهرجي، نه ته جي ماڻهو اهڙا رئيس نوڪر پنهنجي پٺيان لائيندو، ته ڄڻ پنهنجو پڇ ڊگهو ڪندو، پر کنڀ ننڍا ڪري وجهندو، جنهن ڪري مرضيءَ موجب ستت اڏامي ڪين سگهندو، ٽنڊ، ٽوپيءَ وارا نوڪر رڳو اهي ڪين آهن، جي ڌڻيءَ جا پئسا ٿا ڦرين ۽ وڃائين، پر اهي به آهن، جي ڌڻيءَ کي عرضن ۽ سوالن سان ڪڪ ڪيو ڇڏين، عام خدمتگار کي رڳو مدد ڏيڻ، سفارش ڪرڻ ۽ ايذاءُ کان بچائڻ، حق آهي.

جي خدمتگار، طرفداري ڪري پٺيان لڳا هجن، اهي سڀ  کان بڇڙا آهن، ڇاڪاڻ جو هو محبت ۽ سچائيءَ ڪري ڪين پٺيان لڳا آهن، پر جڏهن ڪنهن ٻئي طرف سان نه ٺهيا آهن  ۽ ڦٽا آهن، تڏهن ان کي ڇڏي اچي هيءُ طرف ورتو اٿن، انهيءَ ڪري اڪثر وڏن وڏن ماڻهن جي وچ ۾ تڪرار ۽ نزاع ٿيندا آهن، ۽ ڦٽوڻي پوندي آهي، جيڪي نوڪر ۽ خدمتگار فضول ٿيندا آهن، ۽ جتي ويهندا آهن، اتي پنهنجي ڌڻيءَ جي تعريف ڪندا آهن ۽ دهل وانگي سڄو ڏينهن هنن کي ساراهيندا آهن، انهن مان ڏاڍي حرڪت ۽ خرابي پيدا ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ جو هنن جي دل ۾ ڪائي به ڳالهه ڪانه ٿي ٽڪي ۽ جيڪو ڳجهه ڪنن تي پوين ٿو، سو ان ساعت ظاهر ڪيو ڏين، انهيءَ ڪري ڌڻيءَ جي ڪم ۾ گهڻو رولو وجهيو ڇڏين، ۽ هن جي عزت ۽ آبرو ڏيو، هن جي لاءِ ماڻهن جي ريس ۽ حسد وڌايو رکن.

ٻيا وري هڪڙي قسم جا خدمتگار ٿيندا آهن، جن کان ڏاڍو خوف ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو هو جاسوسن وانگي گذارين ٿا ، ۽ جيڪو خانگي ڳجهه ۽ راز آهي، سو وڃيو ٻين کي ٻڌائين، ايتريءَ خرابيءَ هوندي به اڪثر ڏسجي ٿو ته اهڙن ماڻهن تي ڌڻين جو ڏاڍو پيار ٿئي ٿو. هن لاءِ ته هو ڪم ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪن ٿا، ۽ اڪثر ٻين جون ڳالهيون آڻي کين ٻڌائين ٿا، شيخ شعديءَ سچ چيو آهي ته

هر که عيب دگران پيش تو آورد و شمرد،

بيگمان عيب تو پيش دگران خواهد برد.

ٻيا خدمتگار وري اهي ٿيندا آهن، جي رڳو انهيءَ قسم جي ماڻهن جي پٺيان لڳندا آهن، جنهن قسم جا پاڻ هوندا آهن، جهڙوڪ سپاهي ماڻهو انهن جي پٺيان ٿا لڳن، جي جنگ جو ۽ بهادر ٿين ٿا، انهيءَ قسم جا ماڻهو هميشه لياقت وارا ۽ بادشاهتن ۾ ڪمائتا ٿين ٿا، مگر جي منجهن ٽنڊ ۽ فضولي هوندي، ته چڱا نه آهن، پر، سڀ کان وڌيڪ عزت ۽ آبروءَ واري خدمتگاري اها آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي ڪنهن نيڪ آدمي جي پيروي ڪرڻ مان نيڪي حاصل ٿي ٿئي، ۽ لياقت ٿي وڌي، نه اها، جنهن ۾ هنن کي ڪنهن زور ۽ هلنديءَ واري ماڻهوءَ جي نوڪريءَ مان زور حاصل ٿئي ٿو، ۽ سگهه وڌي ٿي، پر حقيقت ڪري پڇبو ته، هن خراب زماني ۾، نيڪ ماڻهن کان چست ۽ زور وارا ماڻهو وڌيڪ ڪم ٿا اچن.

سچ آهي ته سرڪاري ڪمن ۾ هڪ درجي ۽ هڪ قسم جي ماڻهن کي هڪجهڙو ڄاڻڻ ۽ رکن گهرجي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن هنن منجهان ڪن کي وڌيڪ آبرو ڏبي، ته هو پاڻ مٿي تي چڙهندا، ۽ ٻيا ناراض ٿيندا، جن کي ساڳي آبرو ۾ به حق آهي، پر، خانگي ڪمن ۾، انهيءَ جي برعڪس، هڪڙن کي چونڊي، خاص ڄاڻي، مٿن مهرباني ڪجي  ۽ ٻين تي پوري پني نظر ڪجي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪري جيڪي چونڊيل ٿا ٿين، سي ڌڻيءَ جا وڌيڪ شڪر گذار ۽ احسانمند ٿا رهن، انهيءَ طمع تي، ته اسين به ڌڻيءَ کي هنن وانگي پهرين راضي ڪري وڏو درجو پايون، سياڻپ جي ڳالهه اها آهي ته نئي نوڪر کي پهريندي گهڻي مهرباني ۽ نرمي نه ڏيکارجي، ڇاڪاڻ جو اها ساڳي مهرباني ماڻهو هن تي مدامي ڪري ڪين سگهندو، پر جي پهريندي کان ٿورو ڪندو، پوءِ ذرو ذرو ڪري وڌائيندو ويندو ته هو خوش رهندو.

رڳو هڪڙي خدمتگار جي چئي ۾ رهڻ، ۽ جيڪا هو صلاح ڏئي انهيءَ تي هلڻ، سلامتي ناهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ مان ماڻهوءَ جي نرمي ۽ هيڻائي ظاهر ٿئي ٿي، ۽ خواري ۽ خرابي ٿي نڪري، هن لاءِ، ته جي ماڻهو خود برک آهن ۽ جن جي چئي ۾ هو رهي ٿو، تن جي گلا ڪندا ئي ڪندا، پوءِ ڄڻ ته خود ڌڻي جي گلا ڪيائون، پر، وري گهڻن جي چئي تي هلڻ ۽ گهڻن جي صلاح تي ڪم ڪرڻ به چڱو نه آهي، ڇاڪاڻ جو انهيء ڪري ماڻهو پڪي ارادي وارو نٿو ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن ڪم ۾ لهان، چڙهان پيو ڪري، ۽ ذري هڪڙي حال تي ذري ٻئي حال تي ٿو اچي، ڪن ٿورن دوستن جي صلاح وٺڻ، سڀ کان چڱي ڳالهه آهي.

گفتار تيرهين

تعريف يا ساراهه

تعريف گويا نيڪي جو عڪس يا پاڇو  آهي، پوءِ جنهن ڪنهن قسم جو آئينو يا عڪس ڏيڻ وارو جسم هوندو، انهيءُ قسم جو عڪس به هوندو، تهڙي طرح جيڪڏهن عام ماڻهو ڪنهن جي تعريف يا ساراهه ڪندا، ته اڪثر اجائي ۽ ڪوڙي سمجهبي، ۽ گهڻو ڪري فضول ۽ ٽنڊي ماڻهو جي لاءِ هوندي، نه نيڪن جي لاءِ، ڇاڪاڻ جو عام ماڻهن کي نيڪن ۽ چڱن اخلاقن جي سمجهه ناهي، جيڪي سڀ کان گهٽ درجي واريون نيڪيون آهن، تن کي هو ساراهيندا آهن، جيڪي وچوليون نيڪيون آهن، تن تي هنن کي اچرج لڳندو آهي، جيڪي تمام اعليٰ درجي واريون نيڪيون آهن، تن جو هنن کي سماءُ ئي ڪونه ٿو پوي، هو رڳو ڏيک تي پيا مرن، سچ آهي ته ناموس نديءَ سان مشاهبت رکي ٿي، جنهن ۾ جيڪي هلڪيون ۽ پوريون ۽ واءُ سان ڀريل شيون هونديون، سي مٿي کڄيون پيئون ترنديون، باقي جيڪي ڳريون ۽ نهريون شيون هونديون، سي ٻڏي وڃي تر وٺنديون، پر ڏاهن وٽ چڱو نالو عطر يا کٿوري کان به وڌيڪ قيمت وارو آهي، چوڌاري هٻڪار به پيو ڏيندو ۽ گهڻي تائين به پيو جٽاءُ ڪندو.

گهڻي ئي اجايون ۽ نالائق شيون آهن، جن جي ماڻهو ڏاڍي تعريف ڪندا آهن، ڪي ته رڳو خاشامد ۽ چاپلوسي ڪري، ساراهه ڪنسدا آهن، انهن خوشامد ڪندڙ ماڻهن جا به گهڻائي قسم آهن، هڪڙا عام خوشامندڙيا، جن کي ٻه چار صفتون ۽ واکاڻون ياد هونديون، جي هو سڀ ڪنهن سان لڳائيندا ۽ هنن کي انهيءَ چٽ سان خوش ڪندا وتندا، ٻيا ٺڳ خوشامدڙيا، جي پهرين جاچي صحي ڪندا ته فلاڻو ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ پنهنجي تعريف ۽ خودنمائي ٿو ڪري، پوءِ پاڻ به انهي ساڳي ڳالهه ۾ هن جي ساراهه ڪندا، جو بيشڪ خوشامدڙا، جي ماڻهوءَ جي انهيءَ گڻ لاءِ واکاڻ ڪندا، جو گڻ خبر هوندين ته هن ۾ مور ڪونهي، ڪي وري خير خواهي ۽ چڱي نيت ڪري ٻين جي تعريف ڪندا آهن، جهڙيءَ طرح بادشاهن يا وڏن ماڻهن جي، اهڙي ڳالهه تي تعريف ڪرڻ گويا سبق سيکارڻ آهي، يعني جڏهن چوندا ته فلاڻو ههڙو ڪ ههڙو آهي، تڏهن ان جو مطلب اهو سمجهبو ته فلاڻي کي ههڙو يا ههڙو نيڪ ٿيڻ گهرجي ۽ ڪي وري بد خواهي ۽ دشمني ڪري ٻين جي تعريف ڪندا آهن، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو هنن جي واکاڻ ٻڌي مٿن حسد  ۽ ريس ڪن.

چوندا آهن ته خوشامد ڪرڻ وارا سڀ کان وڏا دشمن آهن، سچ آهي ته پوري پني تعريف، جا وقت سر ملي ۽ اجائي نه هجي، ان مان گهڻو فائدو ٿو پهچي، حضرت سليمان فرمايو آهي ته ”جيڪو ماڻهو فجر جو اٿي، وڏي سڏ، پنهنجي دوست جي واکاڻ ڪندو ته اها واکاڻ هن کي پٽ ٿي لڳندي“. ڪنهن ماڻهوءَ کي يا ڪنهن شيءَ کي حد کان وڌيڪ پڏائڻ ڪري حسد ۽ ضديت ۽ نفرت پيدا ٿي ٿئي.

خودستائي، يعني پنهنجي پاڻ تعريف ڪرڻ، گهڻو ڪري سهڻي ڳالهه ناهي، پر پنهنجي ڪم يا ڌنڌي جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي، پاڻ بزرگي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org