سيڪشن: ادب

ڪتاب: مقالات الحڪمت

باب:

صفحو:5 

گفتار ارڙهين

خوبصورتي

نيڪي قيمتي جواهر سان مشابهت رکي ٿي، جيئن جواهر ڪنهن سهڻيءَ منڊي ۾ ويهارڻ ڪري تمام چڱو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تيئن نيڪي به انهيءَ جسم ۾ تمام چڱي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو جيڪڏهن مهانڊي  ۾ چڱو نه هجي، ته به سهڻو هجي، اڪثر ڏٺو وڃي ٿو ته جيڪي تمام سهڻا ۽  خوبصورت آهن، تن ۾ ٻي ڪا گهڻي نيڪي نٿي ٿئي، تنهنڪري هو پڙهيل ۽ سڌريل ٿين ٿا، پر وڏي همت وارا نٿا ٿين، ڪوشش ڪري چڱي چال سکن ٿا، پر ٻي ڪا وڏي نيڪي نٿا سکن،  مگر، هميشه اهو قاعدو نٿو هلي. ” اغسطوس“  ۽ ”طيطوس“. روم جا  شهنشاهه، ”فلپ“ چوٿون فرانس جو بادشاهه، ايڊورڊ چوٿون، انگلينڊ جو بادشاهه، اسماعيل صفوي، ايران جو بادشاهه ۽ ”آلڪيبايديز“، يونان جو سردار _اهي سڀئي بهادر ۽ وڏي دٻدٻي ۽ همٿ وارا ماڻهو به هئا، ۽ پنهنجي زماني ۾ خوبصورتيءَ ڪري مشهور به هئا.

سونهن ۾ چهري ۽ مهانڊي جي سهڻائي، رنگ جي سهڻائيءَ کان بهتر آهي، ناز ۽ هلت چلت جي سهڻائي، چهري جي سهڻائي کان بهتر آهي.

سونهن جو سڀ کان چڱو ڀاڱو اهو آهي، جو مصور نقش ڪري نه سگهي، نڪي هڪڙي ڀيري ڏسڻ سان ماڻهوءَ کي معلوم ٿي سگهي.

ماڻهو ڪهڙو به سهڻو هوندو، ته به ٿورو ڪي گهڻو عيب مڙئي هوندس، ڪيترائي منهن اڪثر ڏسجن ٿا، جي ذرو ذرو ۽ عضوو عضوو ڪري چڪاسي ڏسبا ته چڱا ڪين لڳندا، پر هونئن سڄو ئي گڏ چڱا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جي اها ڳالهه درست آهي ته سونهن آهي ئي رڳو هلت چلت ۽ اٿ، ويهه ۾، ته تڏهن انهيءَ ۾ عجب ڪونهي، جي چئجي ته گهڻا ماڻهو پيريءَ ۾ سئو دفعا وڌيڪ ڏسجن ٿا.

سونهن گرم موسم جي ميون وانگي آهي، جي جلدي ڪنا ٿيو وڃن ٿا ۽ جٽاءُ نٿا ڪن. اڪثر جن ماڻهن ۾ سونهن ٿئي ٿي، سي جوانيءَ ۾ بدچال ۽ عيشي، ۽ پيريءَ ۾ شرمندا ۽ نااميد ٿين ٿا. پر، جي سونهن ڪن چڱن سڀائن وارن ماڻهن ۾ ٿئي ٿي، ته هنن جي نيڪين کي ڏاڍو جلوو ڏئي ٿي، ۽ هنن جي بدن کي ڏاڍو جهڪو ڪري ٿي.

 

گفتار اوڻيهين

بدصورتي

بدصورت ۽ عيبدار ماڻهو گهڻو ڪري سرشت ۽ سڀاءُ وڙهي مٽ پون ٿا، ڇاڪاڻ جو جيئن سرشت ساڻن جٺ ڪئي آهي، تيئن پاڻ وري سرشت سان جٺ ڪن ٿا، ڇو جو هو اڪثر بدطبيعت ۽ بيشرم ٿين ٿا، ۽ ڄڻ ته انهيءَ طرح قدرت کان پنهنجو وير وٺي ڇڏين ٿا، سچ آهي ته جسم ۽ دل جي وچ ۾ ڪا نسبت يا موافقت مڙئي رهي ٿي، ۽ جتي جسم عيبدار ۽ بڇڙو ٿئي ٿو، اتي دل به عيبدار بڇڙي ٿئي ٿي: پر  انسان جي جسم جي بناوٽ سندس هٿ ۾ ناهي، تنهنڪري ان بابت لاچار آهي، مگر دل جي بناوٽ  سندس وس ۾ آهي، تنهنڪري جيئن سج تارن کي لڪائي ڇڏي ٿو، تيئن نيڪي ۽ تعليم ذاتي خواهشن ۽ هوسن کي لڪائي ڇڏي ٿي، انهي لاءِ، بدصورتي کي بد دليءَ جي علامت يا نشاني نه سمجهڻ گهرجي، پر بد دليءَ جو هڪڙو پڪو سبب سمجهڻ گهرجي.

جنهن ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڪو عيب ٿيندو آهي، انهيءَ لاءِ هميشه اها به خواهش ٿيندي آهي ته پاڻ کي ڪوشش ڪري انهيءَ عيب مان ۽ ماڻهن جي ڌڪار کان ڇڏائي، تنهنڪري عيبدار ماڻهو تمام جرئت وارا ٿيندا آهن، پهرين اجا جرئت پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪم آڻيندا آهن، پر پوءِ ان جي عادت ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ڪهڙي به ڪم ۾ اها ظاهر ڪندا آهن، تنهن کان سواءِ، اهڙا ماڻهو محنتي ۽ چست ٿيندا آهن، ۽ خصوصن ٻين جي عيبن ڳولڻ ۽ بدن جي ڦولڻ ۾ چالاڪي ڏيکاريندا آهن، انهيءَ لاءِ ته جي ٻيا کين ڌڪارين، ته پاڻ به هنن کي ڌڪارڻ جهڙا ٿين، وري جن جا هو زير دست ٿين ٿا، سي مٿن ڪنهن به طرح جو رشڪ يا حسد نٿا نين، ڇاڪاڻ جو پڪ اٿن ته اسين هنن کي جيئن وڻي تيئن ڌڪاري سگهون ٿا، جيڪي هنن جا هم جنس، همعصر ۽ جيڏا سرتا آهن، سي به هنن کي خرابي پهچائڻ جي نٿا ڪن، ڇاڪاڻ جو ڄاڻن ٿا ته هي وڌيڪ زور وٺي ڪين سگهندا، تنهنڪري هيترن فائدن ۽ وجهن هوندي، جيڪڏهن ڪو تيز فهم، چالاڪ طبع، مسخرو ۽ ظريف ماڻهو بد صورت يا عيبدار هوندو، ته هن جون پنج ئي گيهه ۾ آهن، هو، ٻين جي بيپرواهيءَ ڪري، چڙهي وڏي درجي کي پهچي سگهي ٿو، اڳوڻن ڏينهن ۾، بادشاهه، ناظرن يعني مخنثن ۾ گهڻو ڀروسو ۽ اعتبار رکندا هئا، انهي لاءِ ته هو سڀني ماڻهن تي حسد نين ٿا، تنهن ڪري رڳو هڪڙي جي تمام چڱي طرح نوڪري ڪري سگهندا، ۽ هن سان ايماندار رهي سگهندا. ايتري اعتبار هوندي به، هنن کي ناظر يا مقدم يا جاسوس ڪيو اٿن، پر ڪنهن مختياريءَ يا منصفيءَ يا ٻئي وڏي درجي تي مقرر ڪيو اٿن.

اهڙو ساڳيو حال ٻين عيبدار ماڻهن جو به آهي، انهيءَ ڪري هو، پنهنجي عيب لڪائڻ لاءِ ۽ پاڻ کي ٻين جي ڌڪارڻ کان ڇٽائڻ لاءِ، نيڪيءِ يا بديءَ جي وسيلي سان ڪوشش ڪن ٿا، تنهن ۾ عجب ڪونهي، جي هو ڪڏهن ڪڏهن تمام بهادريءَ ۽ تعريف جهڙا ڪم ڪن، ۽ چڱائيءَ ڪري ملڪ ۾ مشهور ٿين، تاريخ ۾ اهڙا گهڻا مثال آهن. ”ايجسلاز“، ”سپارٽا“ شهر جو بادشاهه، قد جو بندرو ۽ بد شڪل ۽ منڊو هوندو هو، پر بهادريءَ جي ڪري سڄي يونان ۾مشهور هوندو هو، ”سنجر“ بن سليمان ترڪستان جي سڀني سلطانن کان وڏو هو، پر عيبدار هو، ”ايسپ“، جنهن کي ڪي ماڻهو لقمان حڪيم ڪري ڄاڻيندا آهن، ۽ جنهن جون آکاڻيون مشهور آهن، سو به بندرو ۽ بدشڪل هو، پر ڏاڍو ڏاهو هوندو هو، ”سقراط“ حڪيم، جو يونان جو مشهور فيلسوف ٿي گذريو آهي، ۽ جنهن کي آخر زهر پياري ماريو هئائون، سو به نهايت بد شڪل هوندو هو، امير ”تيمور“جي، بهادريءَ جي نه رڳو هندستان ۾ هاڪ آهي، پر ٻيا اوسي پاسي وارا ملڪ به شاهدي ڏيندا. اهڙا ڪيئي ٻيا مثال به ملي سگهندا.

گفتار ويهين

ڍونگ

ڍونگ هڪڙي قسم جي اجائي رٿ ۽ ڪچي ڏاهپ آهي، ڇاڪاڻ جو اهو وڏي سياڻي حريف ۽ ڏاڍيءَ دل واري ماڻهوءَ جو ڪم آهي، جو برابر ڄاڻي ته ڪيڏيءَ مهل ۽ ڪهڙيءَ جاءِ تي سچ ڳالهائڻ گهرجي، ۽ ڪيڏيءَ مهل ائين ڪرڻ جو ضرور نه آهي، تنهنڪري جيڪي ڍونگ ڪن ٿا، اهي ڪچيءَ رٿ ۽ تجويز وارا ليکڻ ۾ ايندا.

هي هنر يا تجويزون، ڍونگ يا ڳجهڙايون، علحدن قسمن جون عادتون آهن، جن جو هڪٻئي کان تفاوت ڄاڻڻ گهرجي. جنهن ماڻهوءَ کي فهم ۽ فراست، ڏاهپ ۽ سياڻپ ايتري آهي، جو صحي ڪري سگهي ٿو، ته ڪهڙيون ڳالهيون يا ڪهڙا ڳجهه کولڻ گهرجن، ڪهڙا لڪائڻ گهرجن، ڪهڙا رڳو اڌو گابرا ظاهر ڪرڻ گهرجن ۽  ڪهڙن ماڻهن وٽ ۽ ڪيڏي مهل ائين ڪجي، جي سڀ حڪومت ۽ جهانگيريءَ جي ڪمن هلائڻ جا هنر آهن، تن ماڻهن ۾ ڍونگ وڏي خسيس عادت آهي، ۽ سندن ڪم ۾ وڏي روڪ آهي، پر، جي ڪنهن کي اهڙي سياڻپ ناهي، ته پوءِ سندس مرضي وڻيس ته ڍونگ ڪري، وڻيس ته ڳجهڙو رهي، ڇاڪاڻ ته جتي ڪنهن ماڻهوءَ کي جدا جدا حالتن ۾ جدا جدا چال چلن نٿي اچي، يا سندس وس ۾ ناهي، اتي گهرجيس ته جيڪو عام سلامتي وارو  رستو آهي، سو وٺي، جهڙي طرح انڌو، نه ڏسڻ ڪري، هميشه آهستي آهستي ۽ سنڀالي وک کڻي ٿو.

سچ آهي ته جيڪي بهادر ۽ همت وارا ماڻهو ٿي گذريا آهن،  اهي هميشه پنهنجي ڪم ڪار ۾ صاف دل ۽ کليل رهيا آهن، ۽ پڪائي ۽ سچائي جي لاءِ نالو ڪڍيو اٿن، پر اهڙا ماڻهو چڱي طرح تعليم ڏنل گهوڙن وانگي آهي، جن کي خوب خبر آهي ته ڪٿي بيهجي، ڪٿي موٽجي، اهڙا ماڻهو جڏهن ڪنهن وقت ڄاڻندا آهن ته هينئر ڍونگ ڪرڻ ضروري آهي، ۽ ائين کڻي ڪندا آهن، تڏهن انهن کي ڪوئي به ٻيو صحي ڪري ڪين سگهندو آهي، ڇاڪاڻ جو هنن جو نالو اڳي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي ڪري مشهور ٿي ويو آهي،  انهيءَ جي پردي ۾ سندن هي ڍونگ ڍڪجيو وڃي ۽ ظاهر ئي نٿو ٿئي.

هن طرح پاڻ کي لڪائڻ جا ٽي درجا آهن، پهريون ڳجهڙو رهڻ يا حجاب ڪرڻ، ۽ ڳجهه ظاهر نه ڪرڻ ۽ کنڊو رهڻ، انهن حالتن ۾، ٻين ماڻهن کي خبر پئجي ڪين سگهندي ته هن جي اندر ۾ ڇا آهي،  يا سندس ڪهڙي راءِ آهي، ٻيو، ڪوڙو انڪار ڪرڻ ۽ ڍونگ ڪري ظاهر ڪرڻ ته منهنجو فلاڻو مطلب ناهي، مگر  حقيقت ۾ سندن اهو ئي مطلب هجي، ٽيون ڪوڙو اقرار ڪرڻ، ۽ ڍونگ ڪري ظاهر ڪرڻ ته منهنجو فلاڻو ڪ فلاڻو مطلب آهي، مگر فيالحقيقت سندس اهو مطلب پٽيءُ نه هجي.

هاڻي اسين هڪڙي هڪڙي جو ٿورو بيان ڏينداسين.

پهريون: ڳجهڙو رهڻ، يقين آهي ته جيڪو ماڻهو اڪثر ڳجهڙو رهي ٿو ۽ پنهنجو راز ٻاهر نٿو ڪڍي، انهيءَ سان سڀ ڪو ماڻهو کلي ڪڏي پنهنجو اندر اوريندو ۽ ڳجهه ڳوهيندو. ڇاڪاڻ جو ڪنهن کي کٽي کنيو آهي جو وات_ ڦاٽوڙي ماڻهو وٽ وڃي ڳجهه ظاهر ڪندو!، انهيءَ طرح، جي ماڻهو ڄاڻندا ته ٻيلي فلاڻو جيڪي ٻڌي ٿو تنهن جي ٻاڦ به ٻاهر نٿو ڪڍي، ته هو بلاشڪ هن کي ڪيترين ئي ڳجهين ڳالهين جي خبر ڏيندا_ جيئن ڏسبو آهي ته پوريل ۽ گهٽيل هوا، کليل هوا کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺي ٿي، تنهنڪري، ڳجهڙن ماڻهن کي ڪيترين ئي ڳالهين جي سماءُ پوڻ جو وجهه آهي، جو هنن وٽ ٻيا ماڻهو اچي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪن ٿا، مطلب ته جڳ جي رازن ڄاڻڻ لاءِ، ڳجهڙي رهڻ کان سواءِ ٻيو وسيلو ڪونهي، پر جي سچ ڪري پڇبو ته اوگهڙ جهڙي ٻاهر بدن ۾ نٿي  ٺهي، تهڙي اندر دل ۾ ۽ جي وڌيڪ عزت پائين ٿا، باقي وات _ ڦاٽن ماڻهن کان ته خدا رکي وٺي. هو اڪثر اجايا ۽ ڀورڙا ٿيندا آهن، ڇو ته جو ماڻهو جيڪي ڄاڻي ٿو، سو سڀ ظاهر ڪري ٿو وجهي، سو جيڪي نٿو ڄاڻي سو به ظاهر ڪندو، تنهنڪري، هي قاعدو ياد رکڻ گهرجي ته ڳجهڙي رهڻ جي عادت هر طرح چڱي آهي، جهڙي اخلاقن جي چڱائيءَ لاءِ، تهڙي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ، پر هن حالت ۾ ضروري آهي ته جيڪي زبان سان چوڻو هجي، سو منهن مان معلوم نه ٿئي. ڇاڪاڻ  جو اڪثر ڏسبو آهي ته ماڻهو وات مان گهڻو ئي نٽائي ۽ ٻيءَ طرح جي ڳالهه ڪري، پر سندس منهن ۽ چهري مان سندس اندر جي ڳالهه پئي بکندي آهي، ۽ انهيءَ طرح هو ماڻهن ۾ وڏو عيب ۽ هيڻائي آهي، ۽ وري ماڻهو به هن جي لفظن تي اوترو ڀروسو نٿا رکن، جيترو هن جي منهن ۾ نشانن تي.

ٻيو، ڍونگ ڪري انڪار ڪرڻ، هي رڳو ڳجهڙي رهڻ جو نتيجو آهي: يعني جيڪو ڳجهڙو هوندو، سو ٿورو يا گهڻو ڍونگي به ته هوندو ئي هوندو. هن ڪري، جو ماڻهو ڏاڍا پڪا  ۽ حرفتي آهن، ۽ ڪڏهن ڪين ڀائيندا ته ڪو ماڻهو ڳجهڙو رهي، ۽ دم جهلي اهڙي واٽ وٺي جو خبر نه پوي ته هن پاسي آهي يا هن پاسي. تنهنڪري هو کيڏ ڪري اهڙيون ڳالهيون پڇندس، ۽ اهڙو آڻي گهٽيندس ۽ سوگهو جهليندس، جو هو لاچار ماٺ ڇڏي هڪڙي پاسي ڏانهن پنهنجو ميل ڏيکاريندو، ۽ راءِ ڏيندو، يعني هن کي اهڙو آڻي هلاڪ ڪندا، جو هو يا ته سچ ڳالهائي ڏيندو، يا ته ڳجهه لڪائڻ لاءِ ضرور ڍونگ ڪندو، پر جي هو کڻي واڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ دم جهلي ويهي رهي، ته به سندس ماٺ مان هو ايترو معلوم ڪندا، جيترو سندس ڳالهائڻ مان، ۽ جيڪڏهن مشڪوڪ جواب ڏيندو، ته اهي گهڻي تائين جٽاءَ ڪين ڪندا. ضرور هڪڙيءَ نه  ٻيءَ مهل ظاهر ٿي پوندو ته هن جو سچو مطلب ڇا آهي. تنهنڪري، جيستائين ڪو ماڻهو ڍونگي نه ٿيندو، تيستائين ڳجهڙو رهي ڪين سگهندو.

ٽيون، ڍونگ ڪري اقرار ڪرڻ  ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ. هن ۾ وڌيڪ ڏوهه ۽ ڪچائي آهي، ۽ ٿورڙي اٽڪل ۽ سياڻپ آهي، مگر، لاچاري جي وقتن ۾، جڏهن ڪو ٻيو وسيلو ڪونه هجي،، تڏهن سو ائين ڪرڻ روا آهي. تنهنڪري هيءَ هڪڙي بدي آهي، جا ذاتي ڪوڙ يا ڊپ يا ڪنهن عيب مان پيدا ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ جو ماڻهو پنهنجي عيب ڍڪڻ لاءِ ضرور ڍونگ ڪري ٻين ڳالهين جي دعوِيٰ ڪندو. ته متان ڪم کان رهجي وڃي.

ڍونگ ڪرڻ مان ٽي فائدا ملن ٿا. پهريون اهو ته ضديت بند ٿي ٿئي ۽ ڪو سامهون ڪونه ٿو ٿئي. جنهنڪري ماڻهو پنهنجو ڪم اوچتو ڪڍيو وٺي، ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا ارادا ۽ ٺهراءَ خلق جي ڪنين پون ٿا، تڏهن ڄڻ ته سندس دشمنن کي جاڳڻ جو اطلاع ملي ٿو، ٻيو اهو، ته ماڻهوءَ کي آخر ۾ پنهنجيءَ جند ڇڏائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو ظاهر ظهور اهو شرط ڪندو ته آءُ هيئن يا هيئن ڪندس، پوءِ ضرور يا اهو ڪم ڪري، يا ته ڌڪو کائي ئي کائي، جيئن ”ايسپ“ جي آکاڻيءَ ۾ ڏيڏرن ۽ تلاءَ  سڪڻ جي نقل مان ظاهر ٿيندو. ٽيون اهو ته ٻئي جي منجهه جي خبر ٿي پوي، ڇاڪاڻ جو جيڪو ڍونگ ڪري چوندو ته آءَ صاف دل آهيان، ۽ اهڙيون ٻيون صاف دليءَ جون ڳالهيون ڪندو، ته انهيءَ کي ماڻهو هيڏانهن پنهنجو منجهه ڏيندا، انهيءِ طرح، ڍونگي ماڻهو ڄڻ ته ڪوڙ ڳالهائي سچ ٿو ڪڍي، يا ڪوڙ ڏيو سچ ٿو  وٺي.

ڍونگ ڪرڻ مان نقصان به ٽي نڪرن ٿا: پهريون اهو ته ڍونگ مان ڊپ ۽ نامرادي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، انهيءَ ڪري ماڻهو کي ڪنهن به ڪم ڪرڻ ۾ روڪ ٿي ٿئي. جو ڪم جيڪر هو يڪدم ڪري کنڀن کان سواءِ البت روڪجي پوي ٿو. ٻيو اهو، ته ڍونگي ٻين گهڻن ماڻهن کي منجهايو ڇڏي، جي ماڻهو هوند کيس سندس ڪم ۾ ڏاڍي مدد ڏين، ۽ همراهي ڪن، انهيءَ ڪري هن کي پنهنجي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي سر مٿو هڻڻو ٿو ٿئي. ٽيون، سڀ کان وڏو نقصان اهو، جو ڍونگي ماڻهوءَ جو ويساهه ڪڍيو ٿو ڇڏي، ۽ گويا هن کان ڪم ڪرڻ جو تمام چڱو اوزار کسيو وٺي، جنهنڪري هن جو ڪم رنڊجيو پوي.

سڀ کان چڱو ۽ چوکو رستو اهو آهي، ته ماڻهوءَ کي گهرجي ته خلق ۾ صاف دليءَ جي ڪري مشهور ٿئي ۽ ڳجهڙي رهڻ جي عادت نه ڪري، ڍونگ مان انڪار رڳو ڪنهن خاص وقت تي ڪري ۽ ڍونگ مان اقرار تڏهن ڪري، جڏهن ڪو ٻيو علاج  يا رستو نه هجيس.

گفتار ايڪيهين

حسد

عشق ۽ حسد کانسواءِ، انسان جي دل ۾ ٻيو ڪوبه حرص يا  هوس ڪونهي، جو موهي وجهي، يا منڊي ڇڏي، يا جادوءَ جهڙو اثر پيدا ڪري، انهن ٻنهي هوسن وارن ماڻهن کي هميشه ڏاڍيون زور واريون خواهشون ٿينديون آهن، ۽ ڪيترائي خيال ۽ ڪيتريون ئي رٿون انهيءَ دم مغز ۾ اينديون آهن، ۽ جڏهن هو پنهنجا مطلب يعني جن شين جي لاءِ هو هوس پچائن ٿا، سي، حاضر ڄاڻندا آهن، تڏهن انهيءَ ساعت سندن حرص ۽ هوس سندن اکين ۾ اچي بيهي رهندا آهن، حسد کي نظر يا بدنظر به چئبو آهي، جيئن  ته اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته فلاڻي  ماڻهوءَ کي يا فلاڻي شيءِ کي نطر لڳي، نظر لڳڻ مان نقصان تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن حاسد محسود کي ڪنهن وڏي عزت ۽ آبروءَ جي حال ۾ ڏسي ٿو، ڇاڪاڻ جو اها عزت ۽ آبرو، حسد کي تيز ٿي ڪري، تنهن کان سواءِ اهڙن آبروءَ جي وقتن ۾، ماڻهوءَ جون روحاني قوتون نڪريو، ٻاهر جسم تي ٿيون اچن، جنهنڪري مٿن جهٽ پٽ نظر لڳي وڃي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org