سيڪشن: ادب

ڪتاب: مقالات الحڪمت

باب:

صفحو:2 

گفتار چوٿين

پڙهڻ، يا اڀياس ڪرڻ

پڙهڻ مان جهڙي خوشي ۽ خرمي حاصل ٿي ٿئي، تهڙي عزت ۽ زينت، چالاڪي ۽ هوشياري حاصل ٿي ٿئي، خوشي ۽ خرمي خانگي هلت ۾ حاصل ٿي ٿئي، عزت ۽ زينت گفتگو  ۾ حاصل ٿي ٿئي، ۽ چالاڪي ۽ هوشياري انصاف ڪرڻ ۽ ڪم جي استعمال ۾ حاصل ٿي ٿئي، چالاڪ ماڻهو ڪوئي به ڪم چڱيءَ طرح ڪري سگهندا ۽ شايد ذري ذري جو انصاف  به ڪري سگهندا. پر ڪم کي پوري بندوبست ۾ بيهارڻ ۽ چڱيءَ رٿ سان هلائڻ، پڙهيل ماڻهن جي لاءِ آهي.

پڙهڻ يا اڀياس ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وڃائڻ، سستي ۽ ڍرائي آهي، علم کي ناموس ۽ زينت لاءِ گهڻو ڪم آڻڻ، فضولي آهي، سڀ ڪنهن ڪم ۾ پڙهيل قاعدن تي هلڻ، يا ذري پرزي تي ڪتابن جي شاهدي وارڻ، چريائي آهي، اڀياس ڪرڻ مان ماڻهو جون سڀاوي طاقتون ۽ عادتون ڪمال کي پهچن ٿيون ۽ آزمودي ۽ تجربي ڪرڻ مان وري ماڻهو جو اڀياس وڌي ٿو ۽ ڪمال کي پهچي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيئن وڻ قلم ٿيڻ ۽ ڇانگجڻ ڪري زور رکي وڌن ٿا، جيئن انسان جون سڀاوي طاقتون اڀياس جي ڪري زور رکي وڌن ٿيون، پڙهڻ مان ماڻهوءَ کي گهڻائي حڪم ۽ ارشاد ملن ٿا، جي استعمال ۽ آزمودي ۾ نه آڻبا، ته گهڻو فائدو وارا ڪين ٿيندا، ٺڳ ۽ اٽڪلي ماڻهو، علم کي ڌڪارين ٿا، ڀورڙا ماڻهو علم جي تمام گهڻي تعريف ڪن ٿا ۽ عزت رکن ٿا، ڏاها ماڻهو علم تي عمل ڪن ٿا، ۽ ان کي ڪم آڻين ٿا، جنهن مان ٻين کي ڏاهپ حاصل ٿي ٿئي، اها ڏاهپ خود ڪتابن ۾ پوري ڪين پيئي آهي، پر انهن کان ٻاهر آهي، يعني جڏهن علم کي استعمال ۾ آڻجي ٿو ۽ ان تي عمل ڪجي ٿو، تڏهن ڏاهپ حاصل ٿي ٿئي، پارسيءَ واري چيو آهي ته

علم چندان که بيشتر خواني،

چون عمل در تو نيست، ناداني،

نه محقق بود نه دانشمند،

چار پائي بر اوکتابي چند،

آن تهي معز راچه علم و خبر،

که بر او هيزم است يا دفتر!

انهيءَ مطلب سان نه پڙهجي ته تڪرار ۾ ٻين کي ضد ڪرڻ يا منجهائڻ يا ماري مڃائڻ سولو ٿئي، نڪري انهيءَ لاءِ ته جيڪي ڪچو پڪو پڙهجي، تنهن تي ڪمر ٻڌي ويهي رهجي، ان تي اعتبار ڪجي، ۽ ان کي قبول رکجي، ۽ نڪي انهيِ‏ءَ لاءِ ته ڳالهائڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو وجهه ملي، پر انهيءَ لاءِ ته ڳالهه کي چڱيءَ طرح توري ۽ چڪاسي سگهجي.

ڪن ڪتابن کي رڳو  چکڻ گهرجي، ڪن کي ائين ئي ڳهڻ گهرجي: فقط ڪن ٿورن کي چٻاڙي کائي هضم ڪرڻ گهرجي، يعني ڪن ڪتابن کي رڳو مٿاڇرو، هيڏي هوڏي، مطالع ڪرڻ گهرجي، ڪن کي سنڀالي يڪدم  پڙهڻ گهرجي، فقط  ڪن ٿورن کي، منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، ورائي ورائي، گهڻي ڌيان ۽ محنت سان پڙهڻ گهرجي، ڪن ڪتابن جا جيڪي منتخب ٻين ماڻهن پڙهي ڪڍيا آهن، سي پڙهڻ گهرجن، پر اهو قاعدو رڳو ڪن ننڍن ۽ خسيس مضمون وارن ڪتابن سان لاڳو آهي، پڙهڻ ڪري ماڻهو پڪو ٿئي ٿو، گفتگوءَ ڪري ماڻهو چالاڪ ٿئي ٿو ۽ لکڻ ڪري ماڻهو پورو ٿئي ٿو، تنهن ڪري جيڪو ماڻهو ٿورو لکندو هجي، تمام چڱو حافظو رکڻ گهرجيس، جي ٿوري گفتگو ڪندو هجي، ته تمام چالاڪ طبع رکڻ گهرجيس، ۽ جي ٿورو پڙهندو هجي ته تمام گهڻي اٽڪل رکڻ گهرجيس، جنهن ڪري جيڪي نه ايندو هجيس، سو به جهان ائين ڄاڻي ته هن کي اچي ٿو.

تاريخن پڙهڻ ڪري ماڻهو ڏاهو ٿئي ٿو، شعرن پڙهڻ ڪري ماڻهو خيال ۽ سمجهو ٿئي ٿو، هندسه ۽ حسابي علم پڙهڻ ڪري ماڻهو پورو ۽ قابل ٿئي ٿو، علم طبعي پڙهڻ ڪري ماڻهو گنڀير، سنجيدو ۽ شڪومند ٿئي تو، منطق ۽ معاني پڙهڻ ڪري ماڻهو بحث ڪرڻ ۾ چالاڪ  ۽ هوشيار ٿئي ٿو. مطلب ته انسان جي عقل ۾ ڪهڙو به خلل هوندو يا ڪهڙي به خرابي هوندي، ته به هڪڙي نه ٻئي علم جي پڙهڻ ڪري ان کي برطرف ڪري سگهجي ٿو، جهڙيءَ  طرح بدن جي مرضن کي هڪڙي نه ٻيءَ ورزش  ۽ استعمال سان ڇٽائي سگهجي ٿو.

حڪيم چون ٿا ته گردي، بڪين ۽ مثاني لاءِ کينوءَ جي راند چڱي آهي، ڇاتيءَ ۽ ڦڦڙن جي لاءِ تير هڻڻ جي استعمالي چڱي آهي، پيٽ جي لاءِ پنڌ ڪرڻ چڱو آهي، مٿي جي لاءِ سواري فائدي واري آهي، وغيره اهڙيءَ طرح، جي ماڻهوءَ جو عقل ۽ حواس بيجا ٿئي، ته حسابي علم جا ڪتاب پڙهي، جي گهڻن شين جي وچ ۾ تفاوت سمجهڻ جي اٽڪل ۽ سياڻپ نه هجيس، ته منطق جا ڪتاب پڙهي، ۽ جي ڳالهين کي چڪاسڻ ۽ ڦولهڻ ۽ ثابت ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ جو هنر نه هجيس، ته قاعدن جا ڪتاب ۽ وڪالت جا دفتر پڙهي، انهيءَ طرح، دل ۾ ڪهڙو به خلل يا عيب هوندو، ته انهيءَ جي لاءِ علاج موجود آهي، چيو اٿن ته ”هر کجا در ديست مانش مقرر کرده اند“.

 

گفتار پنجين

خرچ

 مايا خرچڻ جي لاءِ آهي، ۽ خرچڻ عزت آبرو هٿ آڻڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ آهي، تنهنڪري وڏا وڏا خرچ، وقت مناسب ڄاڻي ۽ مهل جي ضرورت سڃاڻي ڪرڻ گهرجن، ملڪ جا خير خواهه ماڻهو پنهنجي وطني ملڪ جي بچاءَ لاءِ پاڻ کي ان تان صدقو ڪن ٿا، ۽ وڃيو غازي ۽ شهيد ٿين، ۽ اهڙي طرح سخي ۽ عبادتي ماڻهو به، خدا جي واٽ ۾ پنهنجو مال ۽ اسباب لٽايو، پنهنجو خانو خراب ڪيو ڇڏين، مگر عام خرچ ماڻهوءَ کي پنهنجي هوند ۽ وس آهر ڪرڻ گهرجي، ۽ سوڙ ڏسي پير ڊگهيرڻ گهرجن، ماڻهو اهڙي اٽڪل ڪري، جو نوڪر ٺڳي نه ڇڏيس، ۽ اهڙي رٿ هلائي، جو خرچ حقيقت ۾ ٿورو ڪندو هجي، پر ماڻهو ڄاڻن ته گهڻو ٿو ڪري، يعني  ڪم خرچ بالانشين“ رهڻ گهرجي، پڪ آهي ته جيڪو ماڻهو ڀانئي  ته آءُ هميشه قرض کان آزاد رهان ۽ ڇوٽ گذاريان، ته جيڪا پيدائشي اچيس، تنهن جو اڌ پنهجي عام خرچ ۾ لڳائي، ۽ جي ڀانئي ته پيسا ميڙيان ۽ دنيادار ٿيان، ته ٽي پتي خرچ ڪري، ٻيو سانڍي رکي، وڏا ماڻهو جيڪڏهن وڏائي ڇڏي پنهنجيءَ حالت هوند تي نگاهه ڪندا، ۽ پنهنجيءَ پيدائش تي نهاري خرچ ڪندا، ته منجهانئن ڪي گهٽ ڪين ٿيندو، شيخ سعدي فرمائي ٿو ته

بد خل و خرچ، خود هر دم نظر کن،

چو دخلت نيست، خرج آهسته ترکن

پر ڪي ماڻهو غفلت ڪري ائين نٿا ڪن، ۽ ڪي ته ڄاڻي ٻجهي نٽايو ڇڏين، ته متان پنهنجيءَ هوند ۽ اپت جي چڪاس وٺڻ ڪري صحي ڪن ته اسان وٽ باقي ڪين بچيو آهي ۽ انهيءَ ڪري غمگين ٿين ۽ مونجهاري ۾ رهن، پر جيستائين ڪ ڦٽن کي ڦولهبو ۽ چڪاسبو ڪين، تيستائين ڇٽي ڪين سگهندا،  جيڪو انهيءَ طرح پنهنجيءَ هوند ۽ اپت کي چڪاسي ۽ نهاري نٿو سگهي، انهيءَ کي گهرجي ته خبرداريءَ سان ماڻهو چونڊي پاڻ وٽ رکي ۽ ڪم ۾ لڳائي، ۽ انهن کي اڪثر ڦيرائي گهيرائي هڪڙا ڪڍي ٻيا رکي، ڇاڪاڻ جو نوان نوڪر گهڻو ڪري وڌيڪ ڊڄن ٿا، ۽ گهٽ همت وارا ٿين ٿا، جيڪو پنهنجي خرچ جي چڱيءَ طرح چڪاس وٺي سگهي ٿو، مگر وقت ڪونه ٿو مليس ته گهڻا ڀيرا ائين ڪري، ته انهيءَ کي گهرجي ته جيڪي خرچ ضرور ٿيڻو آهي، سو ٻڌي پڪ ڪري ڇڏي، ماڻهو کي گهرجي ته جي هڪڙي قسم جو خرچ ڳرو ڪري، ته ڪنهن ٻئي قسم جي خرچ کي هلڪو ڪري، جيئن ته جي کاڌي جو خرچ گهڻو ڪري، ته ڪپڙي، گنديءَ جو خرچ ٿورو ڪري، جي جاءِ جي سينگار جو خرچ وڌيڪ ڪري، ته گهوڙي گاڏيءَ جو خرچ گهٽ ڪري، وغيره، ڇاڪاڻ جو جيڪو سڀني قسمن جي خرچن کي وڌائيندو، سو ضرور پنهنجو خانو خراب ڪندو، قرض يا ڳهه مان ملڪيت ڇڏائڻ ۾ جي اوچتو تڪڙ ڪبي ته به نقصان پهچندو، ۽ جي گهڻن ڏينهن تائين ڍرائي ڪبي ته به نقصان پهچندو، ڇاڪاڻ ته تڪڙي وڪڻڻ مان ايترو ڇيهو آهي، جيترو گهڻي وياج ڏيڻ ۾ آهي، تنهن کان سواءِ، جيڪو پنهنجي ملڪيت يڪدم ڏئي وٺي ويهي رهندو، ته سڀ سختيون پاسي ڏسي وري پنهنجين اڳوڻين گهڻي خرچ جي عادتن تي ايندو، پر جيڪو درجي ٿورو ٿورو ڪري ملڪيت وڪڻندو ايندو، سو پاڻ کي صرفي جي عادت سيکاريندو ايندو ۽ جهڙي پنهنجي عادت سڌاريندو، تهڙي پنهنجي حالت سڌاريندو، سچ آهي ته جيڪو ڀانئي ته آءُ پنهنجي ملڪيت وڌايان ۽ حالت سڌاريان، ته ننڍين ۽ خسيس شين کان نفرت نه ڪري، گهڻو ڪري خسيس رقمن وٺڻ ۾ جيتري بيعزتي آهي، اوتري خسيس خرچن گهٽ ڪرڻ ۾ ناهي، ماڻهوءَ کي گهرجي ته پهريندي کان سياڻپ سان خرچ ڪرڻ لڳي، جيئن هڪڙي ڀيري شروع ٿيو، تيئن پوءِ هليو هلندو، پر، جي ڪم ورائي ورائي نٿا ٿين، انهن تي دل جي ڪشادگيءَ سان خرچ ڪرڻ بڇڙو ناهي.

 

گفتار ڇهين

تندرستي

طبيبن جي دوائن کائڻ کان، کاڌي سنڀالڻ ۾وڌيڪ ڏاهپ آهي، تندرست رهڻ لاءِ سڀ کان چڱو علاج اهو آهي، جو ماڻهو پاڻ جاچي ڇڏي ته ڪهڙيءَ شيءِ جي کاڌي مان مون کي فائدو ٿو پهچي ۽ ڪهڙيءَ مان نقصان، جنهن شيءِ کاڌي بدن کي ڪا حرڪت ڪانه ٿي رسي، تنهنجي ڪم آڻڻ ۾ ايتري سلامتي ناهي، جيتري هن ۾ آهي ته جيڪا شيءِ ماڻهوءَ کي ڀانءِ نه پوي، سان ڇڏي ڏجي ۽ وري ان کي هٿ نه لائجي، ڇاڪاڻ جو ماڻهو گهڻو ئي اجايو سجايو کائي پيئي ٿو، جو جوانيءَ ۾ سڀاوي مضبوطيءَ ڪري ۽ طبع جي چشتيءَ ڪري حرڪت نٿو پهچائي، پر پيريءَ ۾ انهيءَ جو اثر اچيو ظاهر ٿئي، پنهنجن ايندڙ ورهين جي سنڀال رکڻ گهرجي ۽ ساڳي شيءِ ورائي ڪم ۾ نه آڻڻ گهرجي، اوچتو هڪڙي قسم جوکاڌو مٽائي، ٻيو کائڻ نه گهرجي، پر جي لاچار ائين ڪرڻو پوي ته انهيءَ سان گڏ پنهنجون ٻيون عادتون به مٽائڻ کپن، جن جو بدن جي حالت تي اثر ٿيندو هجي، ڇاڪاڻ جو ملڪي ڪمن، توڙي جيڪي ڪم جسم سان لاڳاپو ٿا رکن، تن ۾، گهڻين شين مٽائڻ ڪري جيتري سلامتي آهي، اوتري رڳي هڪڙيءَ شيءِ مٽائڻ ۾ ناهي، کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، ڪم ڪار ۽ ورزش ڪرڻ، پوشاڪ ڍڪڻ ۽ ٻيون عادتون چڪاسڻ گهرجن، ۽ جنهن مان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو نقصان پهچي، ته انهيءَ کي درجي بدرجي ڇڏيندو اچي، اهڙيءَ طرح، جو انهيءَ ڦير مان جيڪڏهن ڪو اهنج لڳي، ته وري پنهنجي اڳوڻيءَ عادت تي اچي سگهجي، ڇاڪاڻ جو اها مشڪل ڳالهه آهي، جو چئي سگهجي ته شيءِ تمام چڱي ۽ عام فائدي واري سمجهيل آهي، سا ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي طبيعت لاءِ به ضرور  فائدي واري هوندي.

کائڻ، سمهڻ ۽ ورزش ڪرڻ مهل، هميشه، خوشدل ۽ خوشحال رهڻ ڪري، ماڻهوءَ جي حياتي وڌي ٿي، انهيءَ کانسواءِ، تندرستي لاءِ هي به ضروري آهي ته ريس ۽ حسد نه ڪجي، گهڻي انتظار ۽ مشڪل ڳالهين ۽ عميق نڪتن جي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ گهڻو مٿو نه کپائجي، حد کان وڌيڪ خوشي نه ڪجي، اندر  جو سور زور ڪري پي نه وڃجي، پر جيڪو ڳجهو درد هجي، سو ڪڍي ظاهر ڪجي، سڀ ڪنهن ڪم ۾ اميدون  ۽ آسرا گهڻا رکڻ گهرجن: خوشيءَ ۾ ٽپڻ ۽ ڪڏڻ کان، خوش طبع ۽ مرڪندو رهڻ چڱو آهي، هڪڙي قسم جي خوشيءَ ۾ گهڻي تائين رهڻ کان، گهڻن قسمن جون خوشيون ڀوڳڻ وڌيڪ فائدي واري عادت آهي، نيون نيون شيون ڏسي، انهن تي عجب ڪرڻ چڱو آهي، تاريخون، آکاڻيون، ۽ طبي مقالن جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن، جن مان مزي جهڙا خيال دل ۾ پيدا ٿين.

جي اصلي دوا وٺڻ کان بيزار رهبو  ۽ عادت نه ڪبي، ته جڏهن ان جو ضرور پوندو، تڏهن اها بدن کي نه لڳندي ۽ ڀانءِ نه پوندي، جي دوا وٺڻ جي تمام گهڻي عادت ڪبي  ۽ ان کي گاهه بي گاهه استعمال ۾ آڻبو، ته بيماريءَ مهل اوترو اثر ڪين ڪندي، تنهن ڪري اڪثر دوا کائڻ کان بهتر اهو آهي ته جدا جدا قسمن جا طعام جدا جدا وقتن ۽ موسمن لاءِ ٻڌي ڇڏجن، ۽ انهيءَ وقت کائجن، ڇاڪاڻ جو اهي طعام بدن کي گهڻي تبديلي ڏين ٿا ۽ ٿوري تڪليف رسائين ٿا، جيڪڏهن جسم ۾ اتفاق سان ڪو نئون اثر يا ڦير ڦار ڏسڻ ۾ اچي، ته انهيءَ بابت ڪنهن طبيب کان راءِ پڇڻ گهرجي، بيماريءَ ۾ تندرستيءَ  جي سنڀال وٺڻ گهرجي ۽ تندرستيءَ ۾ ورزش ۽ استعمال جي سنڀال وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو تندرستيءَ ۾ سختيون ڪڍن ٿا، ۽ بدن کي جهاڳوڙين ٿا، تن کي ننڍين ننڍين بيمارين ۾ رڳو کاڌو ۽ جسم جي پوئواري ڇٽايو ڇڏي ٿي.

”سلسوس“ نالي هڪڙو رومي حڪيم، چڱڀلائيءَ  ۽ وڏيءَ حياتيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ هي قاعدو ڏسي ٿو: ”ماڻهوءَ کي گهرجي ته مخالف شيون، ڦيرائي گهيرائي واري سان استعمال ۾ آڻي، پر ٻنهي حدن مان بهتر حد ڏي وڌيڪ مائل رهي، مثلن بک به جهلي ۽ گهڻو به کائي، پر انهن ٻنهي حدن مان گهڻي کائڻ ڏي وڌيڪ  مائل ٿئي، جاڳي به ۽ ننڊ به ڪري، پر ننڊ ڏي وڌيڪ مائل ٿئي، ويهي به ۽ ورزش به ڪري، پر ورزش ڏي وڌيڪ مائل ٿئي، وغيره. انهيءَ طرح، بت کي زور به وٺائجي، ۽ سڌارو به ڏجي“.

ڪي طبيب بيمار جي طبع خوش رکڻ لاءِ ۽ هن کي راضي ڪرڻ لاءِ ايتري ڪوشش ڪن ٿا، جو هن جي مرض جي پوري ۽ لائق دوا ڪري نٿا سگهن، ۽ ڪي وري دوا ڏيڻ ۾ قانون تي اهڙو سخت هلن  ٿا، جو بيماري جي حالت تي پوري سنڀال نٿا ڏين، تنهنڪري، وچوليءَ طبيعت جو طبيب وٺڻ  گهرجي، يا جي اهڙو ڪو هڪڙو ماڻهو نه ملي سگهي، ته ٻنهي قسمن جا ٻه طبيب پڇائي، ٻنهي جي صلاح وٺڻ گهرجي: جيڪو پنهنجي جسم جي خاص عادتن ۽ حالتن سان خوب واقف هجي، انهيءَ کي به سڏجي، ۽ جيڪو  چڱي دوا ڏيڻ جي لاءِ مشهور هجي، انهيءَ کي به سڏجي.

 

گفتار ستين

شڪ يا گمان

خيالن ۾ شڪ اهڙا آهن، جهڙا پکين ۾ چمڙا، جي صاف روشنائيءَ ۾ نٿا اڏامن، پر رڳو منهن اونڌائي ۾. بهتر اهو آهي ته انهن شڪن کي بند رکجي، نه ته به انهن جي گهڻي سنڀال رکجي، ڇاڪاڻ جو هو دل کي ستايو منجهايو وجهن. دوستن کي رسايو ڀڄايو ڪڍن، ۽ ڪم کي بگاڙيو سگاڙيو ڇڏين، جنهن ڪري ڪم ڪار رنڊجيو بيهو رهي  ۽ لسو هلي نٿو سگهي. شڪ يا گمان بادشاهن کي رعيت تي ظالم ڪن ٿا، مڙسن کي زالن ڏانهن بدگمان ڪن ٿا، ۽ ڏاهن کي غم ۽ فڪر ۾ وجهن ٿا.

شڪ دل جا خلل ڪين آهن، پر مغز جا خلل آهن، ڇاڪاڻ جو اهي ڏاڍن سخت ۽ همت وارن سڀائن ۾ پيدا ٿين ٿا، (جهڙي طرح انگلينڊ جي بادشاهه هينري ستين ۾، جنهن جهڙو همت ڀريو ۽ وري شڪي ڪو ٻيو ٿورو هوندو) . اهڙن سڀائن ۾ شڪ ٿورو نقصان رسائين  ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي سڀ ڪنهن شڪ يا گمان کي، چڪاسڻ ۽ جاچڻ کانسواءِ، پنهنجيءَ دل ۾ لنگهڻ، ۽ جاءِ وٺڻ نٿا ڏين، پر ڊڄندڙ ماڻهن ۾ اهي يڪدم گهڙيو وڃن ۽ مٿن اثر ڪن، ٿورڙي خبر وٺڻ ڪري گهڻو شڪ پيدا ٿو ٿئي، تنهن ڪري شڪ لاهڻ لاءِ علاج اهو آهي ته ان بابت گهڻو ڄاڻجي ۽ گهڻي خبر وٺجي، ۽ اندر ۾ گمان رکي نه ويهجي. ماڻهن جو الائجي مطلب ڇا آهي، شايد ڀانئين ٿا ته جن سان سندن واهپو ۽ ڪم ڪار آهي، سي سڀ  خدا ترس، عبادتي ۽ پاڪدل آهن، ايترو خيال نتو اچين ته البت سڀ ڪو پنهنجي مطلب کي ڪڙهندو هوندو ۽ ٻين کان وڌيڪ پاڻ ڏي سچو ۽ ايماندار رهندو هوندو! تنهن ڪري، شڪ کي گهٽائڻ لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻيو ڪو رستو ڪونهي ته سڀ ڪنهن گمان کي سچو ڄاڻجي، پر ڪوشش ڪري  بند ڪجيس، ڄڻ ته ڪوڙو آهي، ماڻهن کي شڪن مان ايترو فائدو وٺڻ گهرجي، جو اڳواٽ سچيتائي ڪري انهي بابت  پڪو  بندوبست ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته جي اهي شڪ سچا به کڻي هجن، ته به انهيءَ بندوبست ڪري هنن کي ڪو جوکو يا نقصان نه پهچي.

جي شڪ پاڻيهي ماڻهوءَ جي دل ۾ جاڳن ٿا، يا خيال ۾ اچيو گڏ ٿين، سي رڳو ڀون، ڀون ڪن ٿا، ٻي گهڻي حرڪت ڪانه ٿا پهچائين، مگر جي شڪ لچائيءَ ۽ اٽڪل ڪري ماڻهن جي مٿن  ۾ وجهجن ٿا،  ۽ تجويز سان ڪن جي ڳالهين ۽ قصن جي رستي ٻين جي معرفت ڪنهن ۾ پيدا ڪجن ٿا، انهن کي ڏنگ آهن، سچي ڳالهه ته اها آهي ته جي ڀانئجي ته شڪ جي مونجهاري کان ڇٽجي ۽ دل صاف ڪجي، ته جيڪو گمان اندر ۾ هجي، سر سچائيءَ سان کولي ڪرڻ ڪري هن کي اڳي کان به وڌيڪ حقيقت جي پوري خبر پوندي، ۽ تنهن کان سواءِ هو ٻئي طرف کي به سچيت ڪندو ته وري اڳتي  اهڙي هلت نه ڪري، جنهن ڪري ٻئي جو منجهس ڪو شڪ پوي، پر، اهو قاعدو ڪميشن ۽ نيچ ماڻهن سان لاڳو ڪري ڪين سگهبو.

ڇاڪاڻ جو هي ڪنهن ڪميني کان ايمانداريءَ سان پڇبو ته منهنجو تو ۾ هي شڪ آهي، تون سچ چئو، ته مورڳو وري سڄي عمر هن سان سچو نه رهندو، اٽلي ڏيهه جي ماڻهن ۾ اها چوڻي آهي ته ”شڪ ايمانداريءَ جي ڪتر آهي“ يعني جي ڪنهن ۾ شڪ ٿيو ته هو ڪڏهن ايماندار ڪين رهندو، پر اسين ڀانيون ٿا ته پاڻ کي وڌيڪ ايماندار رهڻ گهرجي، جنهن ڪري شڪ ڪرڻ واري جو شڪ لهي وڃي ۽ ڪوڙو ٿي پوي.

 

گفتار اٺين

ڏک يا بدبختي

هڪڙي ڏاهي لکيو آهي ته ”سک ۾ جيڪي چڱا ڪم ٿين ٿا، تن جي لاءِ سڀ ڪنهن کي خواهش ٿئي ٿي، پر ڏک ۾ جيڪي چڱا ڪم ٿين ٿا، تن جو سڀ ڪو تعريف ڪري ٿو“، انهي ۾ شڪ ناهي ته جي نفس کي زيردست ڪرڻ ۽ سڀاوتي حڪم هلائڻ هڪڙي قسم جو معجزو آهي، ته اهڙا معجزا اڪثر ڏک جي حالت ۾ ڏسجن ٿا، ساڳئي ڏاهي وري لکيو آهي ته ”هڪڙي ئي شخص ۾ انساني ضعف ۽ ڪمزوريءَ، خدائي امن ۽ بچاءُ جو گڏ ٿيڻ، سچي وڏائي ۽ عاليٰ همتي آهي.“ اڳوڻن يوناني شاعرن به آکاڻيءَ وانگي آندو آهي ته ”فرمثوث“ (جنهن جي مجازي معنيٰ آهي، انساني سڀاءُ) تمام گهڻا ڏوهه ڪيا، انهي ڪري مٿس تهمت رکي وئي، ”فيطر“، جو يونانين جي ديوتائين جو بادشاهه هو، تنهن هن کي سزا ڏيڻ لاءِ حڪم ڏنو ته ڪوهه قاف ۾ وڃي هڪڙي پيلپائي سان اهڙو مضبوط  ٻڌي ڇڏيوس، جو چري به نه سگهي، اتي ”فيطر“ جي حڪم سان ڏهاڙي هڪڙي ڳجهه اچي سندس ماس پٽيندي هئي، جو وري رات جو ميٽجي  ويندو هو، انهيءَ طرح ويچارو ”فرمثوث“ ڏهاڙي عذاب پيو کائيندو هو، نيٺ ”هرقل“ بهادر کي سورج ديو هڪڙو مٽيءُ جو ٽڀو ڏنو، تنهن ۾ ويهي سمنڊ تري، هو ڪوهه قاف  ۾ آيو ۽ تير سان ڳجهه کي ماري، ”فرمثوث“ کي عذاب ۽ بند مان ڇٽائي ڇڏيائين. هن آکاڻيءَ مان صاف سمجهبو ته ديني ڀروسو، توڪل  ۽ پڪو ارادو، انسان جهڙي ماس جي ٻيڙي کي دنيا جي لهرن مان پار لنگهائي ڇڏي ٿو، سک ۾ پرهيز ڪرڻ هڪڙي وڏي نيڪي آهي، ۽ ڏک ۽ همت جهلڻ ۽ صبر ڪرڻ ٻي نيڪي آهي، انهن ٻنهي مان پوئينءَ ۾ وڌيڪ بهادر معلوم ٿئي ٿي، تنهن ڪري وڌيڪ تعريف جوڳي آهي، چوڻي آهي ته “مرغ زيرک چون بدام افتد، تحمل بايدش، يا ”بغير صبر بوقت بلانمي شايد“.

دنيا ئي  سک فقط هن جهان جي لاءِ آهن، يعني جيڪو چڱا ڪم ڪندو اهو هتي سک پائيندو، پر هتي جي ڏکن مان هن جهان جو  ابدي سک حاصل ٿيندو، يعني جيڪو هن جهان جا ڏک همت سان سهي ويندو،  اهو هن جهان ۾ هميشه جو سک ڀوڳيندو، ”زبور“ ۾ جي حضرت دائود جون مناجاتون ۽ سندس شعر پڙهي ڏسبا، ته سڄا ڏک ۽ سوز سان ڀريا پيا آهن، اهڙي طرح، حضرت ايوب ڪيئن صبر ڪري ڏک ڪاٽيا، سو به سڀ ڪنهن کي معلوم آهي، ديني ڪتابن ۾ جيترو هن جي ڏکن جو ذڪر لکيل آهي، اوترو حضرت سليمان جي سکن جو نه لکيل آهي.

جيئن سک اڪثر ڊپن ۽ خرابين کان آزاد ناهن،  تينئن ڏک به اڪثر سرهائين ۽ اميدن کان خالي ناهن، ٻئي گڏ رکيل آهن، قرآن ۾ آهي ته ”ان مع العسر يسرا“، يا جيئن فارسي واري چيو آهي ته ”گنج و مار و گل و خار و غم و شادي بهم  اند.“ ڀرت  ۽ زردوزيءَ جي ڪم ۾ ڏسبو آهي ته ڪاري ترواري ڪپڙي تي کليل ۽ رنگ آميزي ڪم ڏاڍو سهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، اهڙي طرح جن شين  ڪري اکين کي خوشي پهچي ٿي، ساڳين انهن شين ڪري دل کي به پهچي ٿي، يقين آهي ته نيڪي گويا هڪڙي قسم جي سرهاڻ آهي، جهڙو عود، لوبان وغيره، جي جيئن ٻرن يا باهه  ۾ سڙن، تيئن وڌيڪ خوشبو ڪن، ڇاڪاڻ جو سک جي حالت ۾ اندر جي بدي يڪدم معلوم ٿئي ٿي، پر ڏک جي حالت ۾ اندر جي نيڪي سا يڪدم ظاهر ٿئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org