سيڪشن: ادب

ڪتاب: مقالات الحڪمت

باب:

صفحو:7 

گفتار ٽيويهين

وڏو درجو

وڏي درجي  وارن کي ٽن طرحن جي چاڪري ڪرڻي ٿي پوي، هڪڙي سرڪار جي، ٻي پنهنجي ءَ ناموس جي، ٽي پنهنجي ڪم جي، يعني هنن کي پنهنجي حاڪم تي ڌيان  ڏيڻو  ٿو پوي، پنهنجي ناموس تي ڌيان ڏيڻو ٿو پوي ۽ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻو ٿو پوي. تنهنڪري هنن کي ڪنهن به طرح جي آزادگي ڪانهي، نڪا جسم جي آزادگي، نڪا ڪم ڪرڻ جي، نڪا وقت جي، يعني هو اهڙا آزاد ناهن، جو جيڪي وڻين سو ڪن، يا جڏهن وڻين تڏهن ڪن.

ماڻهن ۾ اها عجيب خواهش ڏسبي آهي، جو اختياري ڳولين، ۽ آزادگي وڃائين، يا ٻين تي حڪم ۽ اختياري هٿ آڻڻ لاءِ مٿا هڻن، ۽ اختياري هٿان وڃائين! مٿي چڙهي وڃي وڏي درجي کي پهچڻ ڏاڍو مشڪل آهي، پوءِ به ماڻهو محنتون ڪيو ڄڻ ته پاڻ کي وڏين محنتن ۾ ٿا وجهن، ڪڏهن ڪڏهن ته وري ماڻهو ڪميڻا ٿيو ۽ ڪين جهڙي هلت ڪريو درجو پائين ٿا، وڏي درجي تي قائم رهڻ ڏاڍو اهنجو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو اتي ترڪڻ بازي لڳي پئي آهي، جيڪو مٿان ڪريو ته پنهنجو ڪنڌ ڀڃائيندو، نه ته به شڪست کائي، اڳين پوئين عزت ۽ آبرو وڃائي، ويهي رهندو، جنهن ڪري ڏاڍو غمگين ۽ پشيمان ٿيندو:جڏهن ماڻهن جي مرضي هوندي ته اسين وڏا ڪم ڇڏي گوشي نشيني اختيار ڪريون، تڏهن ائين ڪري ڪين سگهندا، وري جڏهن گوشي نشيني ڪرڻ لازم ۽ واجب هوندو، تڏهن سندن مرضي نه هوندي، رڳو پيريءَ ۽ ضعيفي ۾، يا بيماريءَ ۾، جڏهن ڪم ڪار ڇڏي لاچار بستر نشين ٿيڻو ٿو پوين، تڏهن به گوشي نشينيءَ مان ڪڪ هوندا، ۽ ڀائيندا  ته اڃان به ڪن وڏن ڪمن ۾ هٿ هجي ته چڱو.

وڏن ماڻهن کي گهرجي ته ٻين ماڻهن جا رايا پڇي ڏسن، ته پاڻ نصيب وارا ۽ خوش آهن يا نه، ڇاڪاڻ جو پنهنجي خوشيءَ يا ناخوشيءَ جي هنن کي پاڻيهي پوري خبر پئجي ڪين سگهندي، پر ڄاڻندا ته ڪيترائي آهن، جي سندن جاءِ ۽ درجي ملڻ ڪري ۽ سندن حالت ۾ رهڻ  ڪري جيڪر ڏاڍا سرها ۽ خوشحال ٿين، تڏهن ائين چئبو ته هو افواهه ۾ خوش  ۽ نصيب وارا لکيل آهن، مگر اندر ۾ شايد انهن جي برخلاف هوندا، ڇاڪاڻ جو جيتوڻيڪ پنهنجي عيبن جي هنن کي اهڙي جلد خبر نٿي پوي، تڏهن به پنهنجن ڏکن جي سببن جي هنن کي سڀ کان اڳي خبر ٿي پوي.

هي سچ آهي ته وڏا ماڻهو پاڻ کان بيگانا آهن، يعني پنهنجا پاڻ واقف ناهن، ۽ وڏن ڪمن جي هڄ پڄ ۾ هنن کي ايترو وقت ڪونه ٿو ملي، جو پنهنجي بدن يا دل جي تندرستيءَ جي سنڀال وٺن.

وڏي درجي  ۾ چڱن توڙي بڇڙن ڪمن ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو: بڇڙائيءَ ۾ ٻه حالتون تمام چڱيون آهن، جن جي ڪري ماڻهوءَ جو ڀلو رهجيو اچي: پهرين حالت آهي نه خواهش ڪرڻ، يا نه ارادو ڪرڻ ۽ ٻي حالت آهي ڪي به نه ڪري سگهڻ. پر، جڏهن بڇڙي ماڻهو کي جيئن وڻي تيئن يا جيڪي وڻي سو ڪرڻ وس ۾ آيو، ته پوءِ ٻين جي ڪاڻ ظلم ٿيو. چڱن ڪمن ڪرڻ جي سڌ ۽ سگهه ته خدا شل عالم کي ڏئي، ڇاڪاڻ جو چڱا خيال ۽ چڱا ارادا اگرچ خدا تعاليٰ وٽ مقبول آهن، تڏهن به انسان لاءِ خوابن خيالن کان وڌيڪ ناهن، يعني رڳو ڪنهن ماڻهوءَ جي چڱي نيت  ۽ ارادي مان لوڪ کي ظاهريءَ ڪري فائدو ڪونه ٿو پهچي، جيسين ڪ اهي ارادا ۽ اهي خيال عمل ۾ اچن ۽ چڱا ارادا ڦري چڱا ڪم ٿين، ۽ انهيءَ ڪم لاءِ طاقت، گهرجي ته چڱا ڪم ڪن،  ۽ چڱا گڻ ڏيکارين، ته پوءِ انهن جي چڱائيءَ تي خيال ڪرڻ مان کين ڏاڍو آنند ۽ آرام ايندو.

جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن وڏي درجي تي مقرر ٿيو هجي، تڏهن گهرجيس ته ڪم هلائڻ مهل جيڪي انهيءَ ساڳيءَ جاءِ  تي اڳي چڱيءَ طرح ڪم هلائي ويا هجن، انهن تي نظر ڏئي، ۽ ڪوشش ڪري پاڻ چڪاسي ڏسي ته پهريندي کان مون چڱيءَ طرح ڪم ٿي ڪيو يا نه.  جيڪي ماڻهو انهيءَ ساڳيءَ جڳهه تي بڇڙيءَ طرح ڪم ڪري ويا هجن، انهن تي به نظر ڪرڻ گهرجي، نه انهيءَ لاءِ ته هنن مان ڪا چڪ يا ڪو عيب ڪڍي پنهنجيءَ دل کي خوش ڪجي، پر انهيءَ لاءِ ته جيڪو عيب اهڙي طرح نظر اچي، انهي کان گوشو ڪجي، انهيءَ طرح، اڳوڻن وقتن ۽ ماڻهن کي خوار ڪرڻ کانسواءِ، ۽ پنهنجي مغرور  ٿيڻ کان سواءِ، پاڻ کي سڌارڻ گهرجي: هلت ڪرڻ ۾ پاڻ ٻين جي چڱن مثالن تي هلجي، ۽ اهڙا ڪم ڪجن، جو ٻيا انهن کي چڱا مثال ڄاڻي مٿن هلن.

سڀ ڪنهن شي جو بنياد ۽ اصلي حالت جاچي ڏسڻ گهرجي ته  ان جي رونق ڪيتري ۽ ڪيئن گهٽجي وئي آهي، پر نظر ٻنهي وقتن تي ڏيڻ گهرجي. ماضيء تي انهيءَ لاءِ ڏجي، ته ڏسون ته ڪهڙا ڪم تمام چڱا ٿي گذريا آهن، ته اسين به اهڙا ڪريون ۽ حال تي انهيءُ لاءِ ڏجي، ته ڏسون ته ڪهڙا ڪم هاڻي ڪرڻ واجب آهن، جي هاڻوڪيءَ هلت ۽ چال سان لاڳو ٿين ۽ ٺهي اچن.

ڪوشش ڪري، پنهنجي چلت يا ڪم ڪار قاعدي موجب ڪجي، جو ماڻهن کي اڳي ئي خبر پوي ته فلاڻو هينئر ڇا ڪندو ۽ پوءِ ڇا ڪندو، پر رڳو پڳ، نٺر ٿي، انهيءَ تي ڪمر ٻڌي به نه ويهجي، جڏهن ضرورت مهل پنهنجو هميشه وارو قاعدو ڦيرائڻو پوي ۽ ڪا ٻي نئين هلت ڪرڻي پوي، ته انهيءَ جو سبب ظاهر ڏيڻ گهرجي، ته ماڻهن کي به خبر پوي ته  هنن ڳالهين ڪري فلاڻي پنهنجي هلت يا  پنهنجو قاعدو بدلايو.

پنهنجي درجي جا جيڪي حق حقوق هجن، سي مضبوط رکڻ گهرجن، پر جيڪا اختياري يا جيڪو حڪم ماڻهوءَ کي هٿ ۾ هجي، ان بابت ڳالهه ئي نه چورجي، ماٺ ڪري ان کي هلائجي، ۽ پنهنجن حقن ظاهر ڪرڻ لاءِ  هڏيءَ  يا مغروريءَ يا ٽنڊ سان هلت نه ڪجي. گهٽ درجي وارين جاين تي به پنهنجو حق ڄمائڻ گهرجي، پر سڀني ۾ هٿ وجهڻ ضرور ناهي، جيڪي مکيه هجن، انهن ۾ اختياري رکڻ عزت جهڙي ڳالهه آهي.

ڪم هلائڻ ۾ ٻين جي صلاح ۽ مدد وٺڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو زور ڪري پاڻو واڻ هيڏي هوڏي جي خبر آڻي رسائين، انهن کي لوڌي نه ڪڍجي، پر جيترو واجب هجي، اوترو سندن ڳالهه قبول ڪرڻ گهرجي.

وڏن ۽ اختياريءَ وارن درجن ۾ چار  عيب ٿيندا آهن، دير يا سستي، لالچ يا رشوتگيري، کهرائي يا شوخي، ۽ نرمي يا ڀورڙائي. دير جو علاج اهو آهي ته جيڪو ڪم، وٺندو يا فريادي اچي. انهيءَ کي جهٽ پٽ پاڻ وٽ سڏڻ گهرجي. ڪم ڪرڻ جا وقت مقرر ڪرڻ گهرجن.  جيڪو ڪم، پهرين هٿ ۾ چڙهي، انهيءِ کي هلائي پورو ڪري پوءِ ٻيو کڻجي، ۽ پهرئين کي اڻپورو ڇڏي ٻيو، وچ ۾ ٽپائي نه وجهجي، مگر جڏهن لاچار ٿئي، تڏهن مضائقو ڪونهي، رشوت يا لالچ جو علاج اهو آهي ته وڍيءَ وٺڻ کان نه رڳو پنهنجا ۽ پنهنجن ماڻهن ۽ نوڪرن جا هٿ ٻڌي ڇڏجن، پر جيڪو وڍي آڇي، انهيءَ جا به هٿ ٻڌي ڇڏجن، ڇاڪاڻ جو سچائي ۽ ايمانداري جو ڪم يڪبارگي ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، پر ايمانداريءَ ۽ راستبازيءَ جي عادت ڪري ڇڏڻ ۽ انهيءَ تي هلت  ڪرڻ ۽ ظاهر ظهور رشوت ۽ لالچ کي ڌڪارڻ  ٻي ڳالهه آهي، نه رڳو انهيءَ عيب کان ڪئو کائجي ۽ ڀڄڻ گهرجي، پر رڳو شڪ کان به موشو ڪرڻ گهرجي. جيڪو ماڻهو پنهنجي هلت ۾ هڪجهڙو نه رهندو هوندو، ۽ ڪنهن ظاهر سبب کان سواءِ پيو ڦرندو ڳرندو، انهيءَ  ۾ ماڻهو اهڙي نيچپائي جو ضرور شڪ نيندا، تنهنڪري هميشه جڏهن پنهنجي راءِ يا چال بدلائجي، تڏهن ڳجهه ڳوهه ۾ نه بدلائجي، ظاهر ظهور بدلائجي، ۽ بدلي جا سبب ڏيکارڻ گهرجن، جي ماڻهوءَ وٽ ڪو خاص معتبر نوڪر هوندو، جنهن تي سندس گهڻو پيار هوندو، ته جهان کي يڪدم شڪ پوندو ته فلاڻو انهيءَ جي وسيلي سان ڳجهو پالهو لالچ يا رشوت وٺي ٿو، گهرائي ۽ ناراضپي ۽ بدخواهيءَ جو اجايو سبب آهي، جي ماڻهو سختي ڪندو ته ٻيا کانئس ڊڄندا، پر جي کهرائي ۽ ڇت، ڪتائي ڪندو ته ٻيا کيس ڌڪاريندا، وڏي درجي ۽ اختياريءَ واري ماڻهوءَ کي گهرجي ته جڏهن ڪنهن کي عتاب ڏئي، ته به گنڀيرائيءَ سان ڏئي، نه طعني يا تنڪي جي طريق. حد کان وڌيڪ نرمي يا، ڀورڙائي، لالچ جي عيب کان به بڇڙي آهي، ڇاڪاڻ جو لالچ يا وڍيءَ ملڻ جو ڪڏهن ڪڏهن ڇٺمي ڇماهيءَ وجهه ملي ٿو، پر جي ماڻهو کي ٿوريءَ گهڻي ڳالهه تي ٻئي جي عزت يا ڀلائي ۽ نيزاريءَ تي نظر  ڪرڻ جي عادت هوندي، سو ٻاروهي انهيءَ ۾ گرفتار هوندو، حضرت سليمان جو قول آهي ته ” ماڻهن جي عزت تي نظر ڏيڻ چڱي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ جو اهڙو ماڻهو مانيءَ جي ڳڀي لاءِ به قاعدي جي حد کان ٻاهر هليو ويندو.“

سچ آهي ته وڏي درجي ۾ ماڻهوءَ جو سڀاءُ ظاهر ٿئي ٿو، پوءِ ڪي چڱا ماڻهو ٿا نڪرن، ڪي بڇڙا، پارسيءَ واري چيو آهي ته

مي خوردن و هوشيار نشستن سهل است،

چون بدولت برسي، مست نگردي مردي.

 وڏ ماڻهپ ۽ اشراف جي اها نشاني آهي، ته جيئن وڏو درجو ۽ عزت ملندي ويندي، تيئن ماڻهو سڌرندو ويندو، ڇاڪاڻ جو عزت ۽ آبرو نيڪن لاءِ آهي، ۽ هئڻ گهرجي، طمعي ماڻهوءَ ۾ نيڪي ڏاڍي ڇوهه ۾ رهي ٿي، پر اختياريءَ ۾ وڏي درجي  واري ماڻهوءَ ۾ سانهه سستيءَ ۽ آهستگي سان هلي ٿي.

وڏي درجي کي پهچڻ لاءِ گويا هڪڙي وراڪن واريءَ چرڻيءَ تان چڙهڻو ٿو پوي، جڏهن حڪومت ۾ گهڻا طرف يا گهڻيون جماعتون هجن، تڏهن گهرجي ته چڙهڻ مهل ڪنهن ڏاڍي طرف جو پاسو وٺجي، ته چڙهڻ سولو ٿئي، پوءِ جڏهن وڃي درجي کي پهچجي، تڏهن پنهنجي سر هٿ هڻي تري بيهي رهجي، ۽ پوءِ ٻئي سان واسطو نه رکجي، جيڪي ماڻهو اڳي انهيءَ جاءِ تي ڪم ڪري ويا هجن، انهن جي تعريف ڪجي، جي ائين نه ڪبو، ته ٻيا به پنهنجي ڪين ڪندا، جيئن ته هڪڙي پارسي شاعر چيو آهي ته

نيک از کني بجاي تو نيکي کنند باز،

ور بد کني بجاي تو از بد بتر کنند.

جيڪي همڪار يا همراهه هجن، انهن کي عزت ڏيڻ گهرجي. جڏهن هنن کي ڪم ۾ هٿ وجهڻ جي اميد يا حق نه هجي، تڏهن انهن کي سڏي کانئن صلاح وٺڻ گهرجي، ۽ جڏهن هنن کي شريڪ ٿيڻ جو حق هجي، تڏهن هنن کي ڪڍي نه ڇڏڻ گهرجي.

ٻين سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾،  يا فريادن کي خانگي جواب ڏيڻ ۾، پنهنجي درجي جا اشارا نه ڏيڻ گهرجن، نڪي اهڙي ڳالهه دل تي آڻڻ گهرجي ، اهڙي هلت ڪجي، جو ماڻهو ائين نه چون ته فلاڻو جڏهن سرڪاري ڪم تي  ٿو ويهي، تڌهن وچئون ٻئي قسم جو ماڻهو آهي.

گفتار چوويهين

جرئت

ڳالهه ڪندا آهن ته ”ديماسطنيس“ يونان ۾ خوش گفتاريءَ ڪري ڏاڍو مشهور هوندو هو، تنهن کان ماڻهن پڇيو ته ”فصاحت ۽ بلاغت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ درڪار آهي؟“ جواب ڏنائين ته ”حرڪت، يا اشارا“  يعني ڳالهائڻ مهل هٿ ۽ منهن جو چورڻ ۽ ناٽ ڪرڻ، وري پڇيائونس ته ”انهي کان پوءِ ٻي شيءِ ڪهڙي درڪار آهي؟“ وري به چيائين ته ”حرڪت يا اشارا“، وري پڇيائونس ته ”انهي کانپوءِ؟“ چيائين ته ”وري به اشارا!“ عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ”ديماسطنيس“ جهڙو هوشيار ماڻهو فصاحت ۽ بلاغت جون ٻيون وڏيون خاصيتون ڇڏي، هڪڙيءَ ڪين جهڙي ڳالهه تي آڻي ايترو زور رکي، پر هن جو سبب ظاهر آهي، انسان جي سڀاءُ ۾ عقل کان بيعقليءَ جو  جزو وڌيڪ آهي، تنهن ڪري عام ماڻهن جي دلين ۾ جو بيعقليءَ جو جزو آهي، تنهن کان جا شيءِ موهي وجهي ٿي، اها زور واري ڄاڻڻ گهرجي.

انهيءَ طرح، جي کڻي پڇجي ته ”زماني جي ڪم ڪار ۾ ڪهڙي شيءِ  سڀ کان وڌيڪ درڪار آهي“ ته جواب ڏبو ته ”جرات“، تنهن کانپوءِ؟، جواب ”جرئت“، تنهن کانپوءِ؟، جواب وري به ”جرئت“ ايتري هوندي به، جرئت ۽ دليري، جهل ۽ ڪمينائيءَ مان پيدا ٿئي ٿي، ۽ ٻين گهڻن گڻن کان گهٽ آهي.

جن ماڻهن کي ڏاهپ ۽ سياڻپ ٿوري آهي ۽ همت پوري پني آهي، تن کي ٻئي جي جرات ۽ بي محابائي موهي وجهي ٿي، ۽ هنن جا هٿ پير قابو ٻڌي ڇڏي ٿي، خود ڏاهن ماڻهن تي به  ضعيفيءَ جي حالت ۾، غالب پوي ٿي. انهيءَ ڪري، تواريخن مان معلوم ٿيندو ته عام ماڻهن جي حڪومت ۾ جرات ۽ دليري ڪلور ڪري گذري آهي،  باقي شاهن يا ڏاهن وزيرن تي اوترو اثر ڪونه ڪيو اٿس.

 جڏهن جرئت وارو ماڻهو پهريندي ڪو ڪم ڪري ٿو، تڏهن البت ٻين ۾ اچرج ۽ حيراني پيدا ڪري ٿو، پوءِ جهڪو ٿيو وڃي، تنهن جو سبب هي آهي ته جرات وارا ۽ بي محابا ماڻهو جيڪو واعدو ڪندا، اهو پورو ڪري ڪين سگهندا، جهڙيءَ طرح ڪي ويڄ. ٿورا ٽوٽڪا سکي طبابت جو دم هڻندا آهن، ۽ ٻين چئن کي اتفاق سان ڇٽائي وجهندا آهن، پر طب جي علم جي منجهن بوءِ به ڪانه هوندي آهي، تنهنڪري ٿورين گهڻين ڏينهين هٽجي پيهي رهندا آهن، اهڙي طرح، جرئت وارا ماڻهو جڏهن ڏسندا ته هو وڏيون ڳالهيون ڪري ويٺا آهن، جن تي هلڻ يا انجام تي پورو رهڻ اسان سياڻن ماڻهن جي اڳيان ههڙا ماڻهو کل جهڙا آهن، نه رڳو سياڻا، پر عام ماڻهو به سندن اجاين بڻاون ۽ ٻٽاڪن تي کلندا آهن، تماشو تڏهن آهي، جڏهن ڪو  بي محابو ماڻهو جرات ڪري ڪنهن ڪم جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پوءِ منجهي بيهي رهندو آهي، ۽ ڪوئي به هلڻ جو رستو نه ايندو اٿس، جهڙيءَ طرح شطرنج جي بازيءَ ۾ بعضي ائين اچيو ٿئي جو شاهه ڪشت هيٺ مات به ڪين هجي، پر تڏهن به هلاڻ لاءِ رستو ڪونه ملندو اٿس.

 پڌرو هجي ته جرات، بي محابائي ۽ بيخطري هميشه انڌي آهي، ۽ ڪنهن به طرح جي ڊپ يا ڏک تي نظر نٿي پويس، تنهنڪري اها صلاح ۽ مصلحت ۾ خراب آهي، مگر ڪم ڪرڻ ۾ چڱي آهي، انهيءَ لاءِ، جرئت وارن ماڻهن کي ڪنهن به ڪم ۾ مکيه ۽ پهرئين درجي جي اختياري نه ڏيڻ گهرجي، هميشه ٻئي درجي ۾ رکڻ گهرجي ته جيئن ٻيا هنن کي بتائين ته ويئن ڪن. ڇاڪاڻ جو پهريندي ڪم جي رٿ ۽ صلاح مصلحت ڪرڻ مهل جوکي وارين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ فرض آهي، پر ڪم ڪرڻ مهل انهن کي وسارڻ گهرجي، پر، جي وڏو جوکو هجي، ته ڪم ڪرڻ مهل به ان تي اڳ، ڳڻتي ۽ خبرداري ڪرڻ ضروري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org