سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:3 

باب پهريون

قديم دؤر: سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون

(600 ورهيه قبل مسيح کان 500 ورهيه بعد مسيح)

سهوليت خاطر، تاريخي لحاظ سان، سنڌي ٻولي جي ابتداء ۽ ارتقاء کي چئن مکيه دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) قديم دؤر، جنهن ۾ ڪا ’سنڌ جي ٻولي’ يا ’سنڌ جون ٻوليون‘ رائج هيون، پر موجوده ’سنڌي ٻولي‘ جي خاڪي جو اڃان نالو نشان ئي ڪونه هو؛ (2) بنيادي دؤر، جنهن ۾ موجوده ’سنڌي ٻولي’ جي خاڪي جي تشڪيل ٿي؛ (3) تعيمري دؤر، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري پنهنجي لغوي ۽ ادبي منزل قائم ڪئي؛ ۽ (4) علمي دؤر، جنهن ۾ عالمن، شاعرن، مورخن، مصفن ۽ محققن جي ڪارنامن ۽ ڪوشش سان، سنڌي ٻولي جو سرمايو هر لحاظ سان وڌيو ۽ ويجهيو. هن باب ۾ ”قديم دؤر“ تي قدري روشني وڌي وڃي ٿي.

(الف) 600 ورهيه قبل مسيح کان اڳ.

’سنڌ جي اوائلي ٻولي‘ ۽ موجوده ’سنڌي ٻولي‘: قديم دور اٽڪل چوٿين صدي عيسوي ۽ ان کان اڳ وارو زمانو آهي، جنهن کي ’سنڌ جي ٻولي يا ٻولين وارو دور‘ چئي سگهجي ٿو. ان وقت سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون ضرور هيون، مگر ”سنڌي ٻولي“ جنهن جي اسان کي علمي ڄاڻ آهي، سا اڃا ناپيد هئي. هن عرصي ۾ سنڌ ديس جي ٻولين تي سامي، دراوڙي ۽ آريائي ٻولين جو اثر پيو.

’مئن جي دڙي‘ جي آثار قديم مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته، ’سنڌ جي قديم ٻولي‘ شايد ڪا ’سامي‘ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي دراوڙي ۽ پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان، هن قديم زماني ۾ ’سنڌ جي ٻولي‘ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو، ۽ ان بعد پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو اسان جي تحقيق جي لحاظ سان اهو صحيح نه آهي ته سنڌي ٻولي ڪو سنئون سڌو ”سنسڪرت“ مان نڪتي. هن غلط فهمي جا ٻه ٽي ڪارڻ آهن: اول ته لسانيات جا يوروپي عالم، پنهنجي ابتدائي ۽ اجنبي تربيت سببان، هن اثر هيٺ رهيا ته هندوستان جون جملي ٻوليون سنسڪرت مان نڪتل آهن. انهيءَ گمان هندوستاني زبانن بابت سندن جانچ پڙتال تي اثر وڌو. هنن هر زبان ۾ سنسڪرت جي عڪس کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي ٻولي جي سنسڪرت مان نڪتل لفظن جي بناء تي، هنن سڌي کي سنسڪرت مان نڪتل قرار ڏنو. سنڌي صرف - نحو جي نرالي ۽ ڳُوڙهي سِٽا، جا هن ٻولي سنسڪرت خواه ان جي پوٽين توڙي ڏهٽين کان ممتاز ڪري ٿي ۽ سنڌي ٻولي کي هڪ جدا اصليت ۽ مستقل حيثيت ڏئي ٿي - توڙي ٻولي جون ٻيون ’انفرادي خوصيتون‘، تن کي انهن يوروپي محقق، مستشماق (exceptions) جو نالو ڏيئي، ٽاري ڇڏيو. ازنسواءِ انهن محقق جيڪي دليل دلائل سنڌي جي سنسڪرت سان نسلي نسبت بابت ڏنا آهن، تن مان گهڻا رڳو گماني آهن؛ باقي جيڪي علمي آهن، سي به تنقيد جا محاج آهن، ۽ اڃان زياده تحقيق طلب آهن. ٻيو ڪارڻ، سنڌي جي سنسڪرتي نسل واري نظريي جو، ڪن هندن صاحبن جون لکيتون آهن، جن جي اڪثريت هن خيال جي وڏي تائيد ڪئي؛ مگر انهن لکيتن جي حيثيت تبليغي چئي سگهجي ٿي ۽ نه علمي ۽ حقيقي. ٽيون ڪارڻ سنڌي جي سنسڪرتي نسل جو، هڪ عام غلط فهيم آهي، ته سنڌي ٻولي يا ته سنسڪرت مان نڪتي آهي يا ته عربي مان: جنهن صورت ۾ عربي زبان ٻاهران آئي، تنهن صورت ۾ سنڌي ٻولي پڪ سنسڪرت مان نڪتي هوندي؛ ۽ اڪثر مسلمان صاحبن کي وري هيءُ حسنِ ظن آهي ته سنڌي ٻولي عربي مان نڪتل آهي.

’مئن جي دڙي‘ جي ٻولي: سر زمين کي جن ماڻهن اول اول اچي آباد ڪيو، سي اُلهندي ڪناري واري ايراضي ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. سندن تمدن جي انتهائي ترقي ’مئن جي دڙي‘ واري تهذيب جي صورت اختيار ڪئي. ’مئن جي دڙي‘ جي آثار قديمہ جي انڪشاف مان قطعي ثبوت ملي ٿو ته سنڌ جو هي قديم تمدن، مغربي ’دريائي تمدن‘ يعني ته دجله ۽ فرات دريائن جي سُمير ۽ بابُلي تمدن جو ساٿياري آهي. سر جان مارشل جي تحقيق موجب، ”سنڌ، سُمير ۽ بابُل جي تهذيبن جي وچ ۾ ڪافي هڪجهڙائي هئي: خصوصاً سنڌ ۽ عراق جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهاٽي اچ وڃ هئي، جا سمنڊ توڙي سيستان ۽ ايران مان خشڪيءَ ذريعي جاري هئي“ (1). ازانسواءِ سنڌ جو هيءُ قديم تمدن هڪ قسم جو ’غير آريائي تمدن‘ آهي (2)؛ ۽ انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا غيرآريائي، يا ’سامي - صفت‘ (1)، زبان هئي، جا سنڌ ملڪ جي اوائلي زبانن مان هئي. انهيءَ ٻولي جا مسخ شده نشان ’مئن جي دڙي‘ مان لڌل مهرن تي موجود آهن. ڪن لکندڙن جي خيال مطابق ’مڻ‘، ’ڪنجهو‘ ۽ ’هنجهه‘ بابلي زبان جا الفاظ آهن؛ جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته پوءِ غالباً اهي الفاظ سنڌي ۾ هن اوائلي دور ۾ داخل ٿيا. تازي تحقيق موجب قديم عراق جي ’سِمير تمدن’ جي قديم لکيتن ۾ لفظ ’ادا‘ بمعنيٰ ’پيءُ‘ جي ملي ٿو ۽ ساڳيو لفط، فقط سنڌي ٻولي ۾ ئي اڄ ڏينهن تائين ’ڀاءُ‘ جي معنيٰ ۾ رائج آهي.

انهيءَ دور واري سنڌ جي هن ’سامي-صفت‘ زبان جي سنٻنڌ جو امڪان هڪ طرف دراوڙي زبانن سان، ٻئي طرف ايراني زبانن سان، ته ٻئين طرف ’ملتان کان ڪشمير‘ وارين ’سنڌو - وادي ٻولين’ سان ٿي سگهي ٿو. ازنسواءِ هندوستان جي اُتر - اولهه وارن پهاڙي لڪن مان به اتي جي داردي قومن جو ڪشمير کان ملتان تائين رهندڙ ماڻهن سان، اصل - آريائي قرابت توڙي مسلسل هجرت ۽ آمدرفت سببان تعلق رهيو، جنهنڪري هن سڄي اُتر - اولهه خطي تي داردي ٻولين جو پن اثر پيو. انهيءَ ڪري ڪشميري، ملتاني ۽ سنڌي ٻولين جو رنگ ڍنگ ٻين هندي - آريائي ٻولين کان نرالو ٿيو ۽ انهن ٽنهي ٻولين ۾ هڪ بنيادي نسبت پيدا ٿي.

دراوڙي ٻوليون ۽ سنڌي ٻولي

آرين جي اچڻ کان اڳ دراوڙي ٻوليون هن برصغير جي گهڻي ڀاڱي ۾ رائج هيون. سنڌ سان لاڳو بلوچستان جي ڀاڱي ۾ ’بروهڪي ٻولي‘ دراوڙي ٻولين جي قبيلي مان آهي. انهيءَ مناسبت سان ڪن جو گمان آهي ته شايد ’مئن جي دڙي‘ واري ٻولي پڻ ’دراوڙي‘ دفعي جي هجي. اسان مٿي چئي آيا آهيون ته ’مئن جي دڙي‘ جي ٻولي شايد سامي سٿ مان هئي، ۽ ان دور جي پاڙيسري دراوڙي ٻولين سان ان جي لهه وچڙ ممڪن ٿي سگهي ٿي. دراوڙي اصليت وارا الفاظ جهريءَ طرح ٻين موجوده عوامي ٻولين ۾ ملن ٿا، اهڙيءَ طرح ۾ پڻ موجود آهن.

جارج شرٽ ’سنڌي ٻولي جي بنياد‘ بابت سنه 1878ع ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ سنڌي جي مستقل لغوي ذخيري ۽ ٻين جداگانه نحوي خصوصيتن کان متاثر ٿي، هن ’سنڌي جي سنسڪرت‘ مان نڪرڻ واري نظريي کان منهن موڙيو ۽ ان جي بجاءِ ’سنڌي جي دراوڙي بنياد‘ واري نظريي جي پٺڀرائي ڪئي. سندس مضمون ”سنڌي ۾ دراوڙي جُز جا اهڃاڻ“ جي عنوان سان ”انڊين آينٽِيڪُئري“ ۾ ڇپيو (1)، جنهن ۾ اهو نئون نظريو پيس ڪيائين. هيٺ اسان سندس نظريي ۽ دليلن جو اختصار سان تجزيو پيش ڪريون ٿا.

سنڌي جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظريي ۾ شڪ: سنڌي ٻوليءَ جي ڪن مستقل خصوصيات جي مدنظر، جارج شرٽ سنڌي جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظريي کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ۽ ڄڻ دٻيل زبان ۾ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيائين ته سنڌي جو نج بنياد سنسڪرت ناهي. چوي ٿو ته:

”اهو ته بلڪل سچ آهي ته سنڌي سنسڪرت زبان جي ڌيءَ آهي، پر ساڳئي وقت اهو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته سنسڪرت وارو نج خون سنڌ ۾ ناهي. ان جي گرامر جي مکيه ڀاڱن جو بنياد سنسڪرت آهي، مگر هڪ اهم۽ خاص خصوصيت، يعني ضميري پڇاڙين جو استعمال، سنڌيءَ کي ايراني زبانن سان ملائي ٿي، حالانڪ انهيءَ استعمال ۾ انهن (ايراني زبانن) کان هيءَ (سنڌي) گهڻو اڳتي آهي“ (ص 293).

سنڌي لغت جو پنهنجو نج ذخيرو ڪٿان آيو؟ عربي ۽ فارسي لفظن کان سواءِ، سنڌي ۾ جيڪي ٻيا الفاظ آهن تن ۾ پڻ ڪيترائي اهڙا آهن جن جو سنسڪرت سان ڪو لاڳاپو ڪونهي: (مثلاً، لفظ ’اسان‘ يا ’اسين‘ سنسڪرت ۾ آهن ئي ڪونه.) جارج شرٽ سوال اُٿاري ٿو ته لغت جو اِهو پنهنجو ذخيرو ڪٿان آيو؟ اهي لفظ سندس خيال ۾ يقيني طور انهيءَ ٻولي جا آهن، جيڪا سنسڪرت کان اڳ جي هئي. سندس نظريي مطابق اهي الفاظ ڪنهن دراوڙي ٻولي جا آهن، چوي ٿو ته:

”جڏهن (سنڌي مان) سڀ سنسڪرت، عربي ۽ فارسي لفظ خارج ٿا ڪجن ته به هڪ وڏو ذخيرو اهڙن لفظن جو باقي بچي ٿو، جن کي مسٽربيمس (Beames)، پنهنجي تقابلي گرامر (Comparative Grammar) ۾ ’ديسي‘ سڏي ٿو. (سنڌي ۾) در حقيقت اهو ذخيرو ايترو ته گهڻو آهي، جو جيڪر فقط اهڙن لفظن کي استعمال ڪندي پورو مڪالمو مرتب ڪري سگهجي. اهي لفظ ڪٿان آيا؟

منهنجي خيال ۾ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نٿو ٿي سگهي ته اهي لفظ انهيءَ زبان جي بقايا آهن، جيڪا آرين جي آمد کان اڳ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي: آرين غالباً انهن دراوڙي نسل جي ڪن قبيلن کي، جيڪي (موجوده) بروهين جا وڏا هئا، پهاڙن ڏي هڪالي ڪڍيو، ۽ سنڌ جي باقي باشندن کي گهٽ ذات جي طبقي۾ ملائي ڇڏيو.

جيڪڏهن سنڌي لغت ۾ ايترا سارا سنسڪرت کان اڳ جا ’ديسي‘ لفظ ملن ٿا ته هيءَ اهم ۽ دلچسپ سوال اُٿي ٿو ته ڀلا سنڌي گرامر ۾ پڻ اهڙي ديسي اُهڃاڻ موجود آهن“ (ص 293).

جارج شرٽ اهو اشوُ اٿاريو آهي ته آرين کان اڳ سنڌ ۾ دراوڙي قبيلا آباد هئا، جن مان ڪن کي، جيڪي بروهين جا وڏا هئا، آرين الهندي طرف ڪوهستان ڏانهن هڪالي ڪڍيو ۽ باقي جيڪي سنڌ ۾ بچيا تن کي ”گهٽ ذات واري طبقي“ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هي محض شرٽ جو پنهنجو خيال آهي، جنهن لاءِ ڪابه تاريخي ثابتي مجود ڪانهي: مگر انهيءَ تصور پيشڪرڻ سان ه-و پنهنجن نظرين جي پٺڀرائي ڪرڻ چاهي ٿو ته سنڌي ٻولي جي لفظن جو پنهنجو نج ذخيرو توڙي ان جي گرامر جا ڪي اهڃاڻ دراوڙي نسل جي ڪنهن ٻولي سان تعلق رکن ٿا: ان مان نتيجي طور هن نظريي کي هٿي ملي ٿي ته سنڌي ٻولي جو بنياد ڪا دراوڙي ٻولي آهي.

سنڌي ٻولي جي دراوڙي بنياد لاءِ شرٽ جا دليل: سندس انهيءَ نظريي جي پٺڀرائي لاءِ جارج شرٽ ڇهه مکيه دليل ڏنا آهن، جيڪي قدري توضيح ۽ تجزبي سان هيٺ ڏجن ٿا:

(1) لفظن جي آخري حرف تي حرڪت وارو اصول سنڌي توڙي دراوڙي زبانن ۾ ساڳيو آهي. شرٽ جي هن دليل جو خلاصو هن طرح آهي ته: هر سنڌي لفظ جي پڇاڙي حرڪت يا نون غُني سان آهي. ’بشپ ڪالڊويل‘ پڻ پنهنجي تصنيف ”دراوڙي ٻولين جي تقابلي گرامر“ ۾ چوي ٿو ته: ’تيليگو‘ ٻولي جي هر لفظ جو آخري حرف لازمي طور صحيح متحرڪ ٿئي ٿو جيڪڏهن بنيادي طور اهو حرف صحيح متحرڪ نه هوندو آهي ته پوءِ ان تي پيش ڏنو ويندو آهي، جيتوڻيڪ اُهو اُچاريو نه ويندو آهي. اهو قاعدو سنسڪرت مان نڪتل لفظن سان پڻ لاڳو ٿئي ٿو، موجوده ’ڪَينۡري‘ ٻولي ۾ پڻ اهو قاعدو رائج آهي: ’تامل‘ ٻولي ۾ لفظن جو آخري ’حرف صحيح‘ تي پيش ڏنو وڃي ٿو، جو قديم ’ڪينري‘ ٻولي دراوڙي ٻولين ۾ اها آخري حرڪت تمام هلڪي هوندي آهي، جيئن سنڌي ۾ ساڳيو اصول ڪارفرما آهي. مگر تعجب اهو آهي ته سنڌيءَ تي آريائي، ايراني ۽ سامي ٻولين جي اثر جي باوجود اهو اصول سلامت رهيو آهي!

هن دليل تي تنقيد: اول ته خود ’ڪالڊويل‘ جي لکڻ موجب تيليگو، تامل يا ڪينري ٻولين ۾ لفظن جي آخر حرف تي ننڍو خفيف پيش هوندو آهي جو لکجي ٿو پر ڳالهائجي ڪونه ٿو. ان جي برعڪس، سنڌيءَ ۾ نه صرف اسمن جي آخر ۾ زير، زبر، پيش يا الف، واو ۽ ي اچن ٿا، پر اهي حرڪتون مختلف حالتن (فاعلي، مفعولي، اضافي ۽ جري) ۾ ڦرن ٿيون. يعني ته سنڌي ۾ ’اعراب‘ جو هڪ وسيع نظام موجود آهي، جو يقيني طور عربي جي اثر جو نتيجو آهي. مگر انهيءَ مشترڪه خصوصيت سببان ائين ڪونه چئبو آهي ته ڪو سنڌي ٻولي عربي مان نڪتي آهي. شرٽ جي دليل جي بناءُ تي، سنڌي جو دراوڙي زبانن جي بجاءِ عربي مان نڪرڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو.

(2) سنڌي جي ڪن مجهول فعلن جي سٽاءَ ۾ ’ب‘ جو اچار موجود آهي، جو ساڳيو دراوڙي ٻولين وارو ’پو‘ (Po) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’وڃڻ‘: شرٽ جي هن دليل جو اختصار هن طرح آهي: سنڌي ۾ ڪي غير جانبدار (Neuter) فعل آهي جي ’فعل مجهول’ جو ڪم ڏين ٿا، حالانڪ اهي مجهول فعلن وانگر نٿا بنجن، سنڌي ۾ فعل مجهو بالڪل ائين ٺهي ٿو جيئن سنسڪرت ۾، سواءِ هن جي جو سنسڪرت ۾ فعل مجهول واري نشاني ’ي‘ سنڌي ۾ ڦري ’ج‘ ٿئي ٿي (جيئن ته مارجڻ، کائجڻ، گهٽجڻ وغيره). مگر هيٺيان سنڌي فعل انهيءَ قاعدي کان مستثنيٰ (exception) آهن: ڍاپڻ، ڇپڻ (= لڳڻ، پليت ٿيڻ)، پرپڻ (= پلئه پوڻ، ملڻ)، جاپڻ، ڌوپڻ، ماپڻ ۽کپڻ (ص 293) انهن ۾ مصدر واري وڻ، کان اڳ ’ج‘ جي بدران ’پ‘ حرف صحيح طور موجود آهي. منهنجي خيال ۾ انهيءَ ’پ‘ جو تعلق دراوڙي ’پو‘ (Po) بمعنيٰ ’وڃڻ‘ سان آهي، جو انهن ٻولين ۾ فعل مجهول ٺاهڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. اهو ’پو‘ سنسڪرت واري ’ي‘ ۽ فارسي جي ’شُدن‘ جي معنيٰ آهي. ’شدن‘ پڻ قديم فارسي ۾ ’وڃڻ‘ جي معنيٰ ۾ هو؛ جيئن فارسي جي قديم ڀيڻ ’بلوچي‘ ۾ (شُتَغ = وڃڻ) آهي. هندوستاني ۾ ته فعل، ’جانا‘ (= وڃڻ) جي پشتي سان ئي ٺهن ٿا (ص 294).

هن دليل تي تنقيد: هن دليل ۾ ڏنل آخري مثال خود ٿابت ڪن ٿا ته ’وڃڻ‘ جي پشتي سان مجهول فعل جي سٽاءَ دراوڙي ٻولين تائين محدود ناهي بلڪ هيءَ خصوصيت ايراني، هندوستاني وغيره ٻولين ۾ به موجود آهي. اهو پڻ غور طلب آهي ته ڪو انهن سنڌي فعلن ۾ ’پ‘ جو اچار ’وڃڻ’ جو قائم مقام آهي، ڇو ته ’وڃڻ‘، جي پشتي لڳائڻ جي باوجود انهن فعلن جي اڪثر صيغن ۾ ’پ‘ باقي رهي ٿي: مثلاً ’ڍاپڻ‘ برابر آهي ’ڍاپي وڃڻ‘ جي، ۽ اهڙي طرح ڌاپڻ = ڌاپي وڃڻ، ڄاپڻ = ڄاپي وڃڻ، ڌوپڻ = ڌوپي وڃڻ، کپڻ = کپي وڃڻ. جيڪڏهن ’پ‘ قائم مقام هجي ها ’وڃڻ‘ جو، ته ’وڃڻ‘ جي پشتي لڳائڻ سان ’پ‘ يا ته حذف ٿئي ها يا بدلجي ها.

(3) سنڌي ۾ ٻه حرف صحيح گڏ نٿا اچن، ۽ ساڳي خصوصيت دراوڙي ٻولين ۾ آهي: سنڌي لفظن ۾ ساڳيو ’حرف صحيح‘ تشديد جي صورت ۾ ٻٽو ٿي سگهي ٿو، يا وري جڏهن ٻه حرف صحيح گڏ ايندا ته هڪ ضرور هلڪو (Liquid) هوندو. انهن ٻنهي صورتن کان سواءِ سنڌي ۾ ڪنهن به لفظ ۾ حرف صحيح (بنا حرڪت جي) گڏ نه بيهندا. اها خصوصيت دراوڙي ٻولين ۾ بالڪل نمايان آهي. (ص 294).

هن دليل تي تنقيد: هيءَ اهڙي خصوصيت ناهي جيڪا صرف دراوڙي ٻولين ۾ آهي. خود شرٽ پاڻ قبول ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته: ’البت اهو اقرار ڪرڻو پوندو ته اِها خصوصيت رڳو دراوڙي ٻولين تائين محدود ناهي، حالانڪ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اِها خصوصيت غير سنسڪرتي‘ آهي (ص 294).

(4) سنڌي جا لفظ ’کي‘ ۽ ’آن‘ سنسڪرت بدران دراوڙي ٻولين مان نڪتل آهن: سنڌي جي ’کي‘، سنسڪرت ’ڪِرۡت‘ جي بدران دراوڙي ’ڪوُ‘ سان واسطو رکي ٿي. ٻن لفظن ’آن‘ ۽ ’کان‘ مان، ٿي سگهي ٿو ته ’آن‘ سنسڪرت مان نڪتل هجي. ’آن‘ يا ’ائان‘ بروهڪي ٻوليءَ ۾ موجود آهي، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ دراوڙي ٻولين ۾ ’آن‘ يا ’ائان‘ جا لفظ موجود هئا: آرين ڪو لاحقو (affiix) کانئن اڳ موجود ڏنو، جو سندن ’آت‘ واري ’ت‘ بدلجي ’آن‘ وارو ’ن‘ بڻيو (ص 294).

هن دليل تي تنقيد: هن دليل جو پس منظر مغربي عالمن جو ان وقت وارو عام خيال آهي ته سنڌي ۽ ٻيون هند - آريائي ٻوليون سنسڪرت مان بڻيون، ۽ انهيءَ ڪري انهن ٻولين جو هر لفظ ڪنهن ه ڪنهن سسڪرت لفظ جا عڪس آهي. اهڙي خيال سببان، شرٽ پڻ ڇڪتاڻ ڪري سنڌي ’آن‘ کي سنسڪرت ’آت‘ مان بدلجڻ جو جواز پيش ڪيو آهي، هالانڪ ٻئي طرف شرٽ ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ’آن‘ سنڌ ۾ اڳ موجود هئي، مگر اها دراوڙي ٻولين جي هئي، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين بروهڪي ٻولي ۾ موجود آهي. کيس غالباً اهو معلوم نه هو ته سنڌي جا ڪيترائي الفاظ بروهڪي ۾ رائج ٿي چڪا آهن.

(5) سنڌي ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن، جيڪي اصل ۾ دراوڙي آهن. شرٽ چوي ٿو ته: منهنجي خيال ۾ (جيڪڏهن جانچ ڪبي ته) هيٺين سنڌي لفظن مان ”گهڻن جو“ اصل نسل يقيني طور ’دراوڙي‘ ثابت ٿيندو:

سنڌي          دراوڙي      *سنڌي          دراوڙي *

پرائڻ           پيڙ             نِرَڙُ             نِڙ

سُلَڻ            شول            وائي            وائي (= وات)

ڪُراڙو          ڪِيۡڙُو          سوڙهو         شُرُّڪُّ

ڪؤڙو          ڪارُو           پِڙُ. (چنڊ جو)  پير، يئه

ڪُڏڻ          ڪُودي         منڍ            منڊُ

کوٽڻ           ڪوٽّ          اوڍڻ            اُڊّ

منجي          مانُرِي          ڪرنڊي        ڪارَنڊي

ٽَڙي            ٽاڙي           ** اوڙاهه     آڙ

ٽِڙڻ            ٽِيڙاپُو          کٽ            ڪَٽَّ

دليل تي تنقيد: ٿي سگهي ٿو ته انهن ۾ ”گهڻا“ لفظ اصل دراوڙي هجن. اهڙي طرح عربي ۽ فارسي بلڪ انگريزي جا پڻ ”گهڻا ئي لفظ“ سنڌي ۾ رائج آهن، پر ان جو مطلب اهو نه ٿيندو ته ڪو سنڌي جو بنياد اهي ٻوليون آهن. مٿي ڏنل لفط ’کٽ‘ جي مثال مان (جيڪو سنڌي، هندي بلڪ انگريزي ۾ رائج آهي) ته جيڪر ائين ڇو نه چئجي، ته مٿين لفظن مان گهڻا اصل ۾ ’آريائي‘ يا ’هند - آريائي‘ الفاظ آهن، جي پوءِ دراوڙي ٻولين (تامل وغيره) ۾ رائج ٿيا.

(6) ڪي الفاظ نڪي سنسڪرت ۾ نه ڪي ايراني يا سامي زبانن ۾ آهن، مگر سنڌي ۽ بروهڪي، ٻنهي ۾ يڪسان موجود آهن. شرٽ جي خيال ۾ هيٺيان ۽ ٻيا الفاظ سنڌي ۽ بروهڪي ۾ موجود آهن، مگر اهي نڪي سنسڪرت ۾ نڪي ايراني يا سامي زبانن ۾ آهن.

سنڌي          بروهڪي       سنڌي          بروهڪي

منجهند        مَنجَن          ڪَڪِڙا         ڪَڪۡڙا

ڪوپري (مٿي جي) کوپري    رنبي           رنبي

پِني (ڄنگهه جي) پني                جهُڙ            جُر (ڪوهيرو)

کُڙي           ڪُرِي          لڪ            لڪ

ٺونٺ           ٽوٽ           ارمان           ارمان

ٿوم            ٿوم            تنوار           توار

کارِي (کاريندڙ)        کارِي           کٻڙ            کبر

ڳوٿرِي         گوٿري         ڀولڙو           بولُو

ڍڳي           ڍڳي          

اوجهري                اوجَرنِڪ                گُنگُ          گنگ

هن دليل تي تنقيد: بروهڪي سنڌ جي همسايه ٻولي آهي، ۽ صدين کان وٺي هر سال سياري ۾ بروهي - بلوچ قبيلا سنڌ ۾ پورهئي خاطر اچن ٿا، جنهن ڪري سنڌيءَ جا سوين لفظ بروهي زبان م سنڌي توڙي بروهڪي ۾ موجود آهن. مگر شرٽ هن قسم جي دليل کي رد ڏيڻ لاءِ چوي ٿو ته: ”انگريزي ۽ وياشي ٻئي زبانون همسايه آهن، مگر ٻنهي جي لغات ۾ ايترا مشترڪ الفاظ نه آهن جيترا بروهڪي ۽ سنڌي ۾. ٻيو ته بروهين ۽ سنڌين جي صدين تائين پاڻ ۾ لهه وچڙ نه رهي آهي، ڇاڪاڻ ته بروهڪي - بلوچ خانه بدوش ۽ تيز - خو آهن، سنڌي صلح پسند ۽ سانتيڪا، واپاري ۽ زراعت پيشو آهي.“ شرٽ جا اهي ٻئي دليل ڪمزور آهن. غالباً کيس بروهي - بلوچ قبائل ۽ سنڌين جي صدين تائين هڪٻئي سان لهه وچڙ جي خبر ئي ڪانهي. ازانسواءِ مٿين لفظن ۾ ’ٿوم‘ لفظ عربي ۽ ’ارمان‘ ۽ ’گونگو‘ (گنگ) فارسي آهن: يعني ته بروهڪي ۽ سنڌي ۾ جيڪي مشترڪ الفاظ آهن، سي شرٽ جي چوڻ جي برعڪس، ايراني ۽ سامي زبانن ۾ پڻ موجود آهن.


(1) . جان مارشل: محڪمہُ آثار قديمہ هند، ساليانه رپورٽ، 27 - 1926ع.

(2) . ”غير آريائي تمدن“ (A Non-Aryan Civilization)- ڏسو اسٽار رچرڊ جو ڪتاب Indus Valley Pottery، ڇپيل پرنسٽن يونيورسٽي، پرنسٽن، آمريڪا، 1941ع.

(1) . سرياني، عبراني ۽ حبشي عربيءَ کي علم لغات جي اصطلاح ۾ ’سامي زبانون‘ سڏيو ويو آهي ’سامي - صفت‘ يعني انهن ٻولين جهڙي.

(1) . Shirt, George: `Traces of a Dravidian Element in Sindhi’, The Indian Antiquary, Vol. II, 1878 (Issue of December 1878).

* . شرٽ اهي الفاظ انگريزي صورتخطي ۾ لکيا آهن. اسان ڪوشش ڪري سنڌي صورتخطي ۾ ساڳيو اچار پيش ڪيو آهي.

* . شرٽ اهي الفاظ انگريزي صورتخطي ۾ لکيا آهن. اسان ڪوشش ڪري سنڌي صورتخطي ۾ ساڳيو اچار پيش ڪيو آهي.

** . اصل آڙاهه:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org