سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:12 

بلوچستان طرف سنڌي جو سفر، ۽ سنڌي ۽ بلوچڪي جو هڪٻئي تي اثر: غالباً 6- صدي عيسوي کان وٺي سنڌي قبيلا اولهه طرف مڪران ۽ ايران طرف وڃڻ لڳا. عرب - اسلامي دور ۾ سنڌي قبيلا بغداد تائين پهتا، ۽ انهيءَ سفر ۾، ڪن قبيلن مڪران ۽ ايران ۾ ڪن ماڳن کي وسايو. سمن واري پوئين دور ۾، خاص طرح لس ٻيلي ۾ رونجهن جي عروج وقت وڌيڪ سنڌي قبيلا موجود بلوچستان واري ايراضيءَ ۾ ڪن هنڌن تي وڃي آباد ٿيا ۽ سنڌي ٻولي انهن قبيلن سان گڏ ويندي مڪران تائين پهتي. البت اهي قبيلا ”معياري سنڌي“ جي اثرواري دائري کان ٻاهر هئا، انهيءَ ڪري اندروني بلوچستان وارن ڇڙوڇڙ سنڌي باشندن جي ٻولي ڪچي رهي، جيڪا اڄ تائين سندن خاص بستين ۾ خام ’جدگالي‘ مهاوري جي صورت ۾ رائج آهي. انهيءَ طرف سنڌيءَ جي پکيڙ سان ’مغربي بلوچي‘ ۽ سنڌي جو هڪ ٻئي جي لغات تي اثر پيو. ٻئي طرف سمن جي پوئين دور ۾ سنڌ جي سياسي طاقت سنڌ جي اُترئين سرحد کان اڳتي وڌي ۽ اتر اولهه طرف موجوده جيڪب آباد، سبي ۽ ڪڇي ضلعن وارا ميداني علائقا سنڌ جي سياسي اثر هيٺ آيا، جنهن ڪري انهن ڀاڱن ۾ سنڌي ٻولي رائج ٿي. انهيءَ طرف بلوچي ۽ سنڌي جو هڪ ٻئي تي وڌيڪ گهرو اثر پيو. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو، جو بلوچي لفظ سنڌي ۾ رائج ٿيا. ۽ سنڌي الفاظ ۽ محاورا ”مشرقي بلوچي“ جو جُز بنجي ويا.

آڳاٽي دور کان وٺي سنڌي ۽ بلوچي ٻولين جي سرحد جو ملڻ، بلوچن جو سنڌ کي وسائڻ ۽ سنڌي قبيلن جو اتر (سبي) توڙي اولهه طرف (مڪران) بلوچستان ۾ وڃي ويهڻ واري صدين دوران مسلسل عمل سان بلوچي زبان جا ڪيترائي لفظ سنڌي جو جز بنيا ۽ سنڌي الفاظ توڙي صوتيا بلوچي جو جز بنيا.

بلوچي الفاظ سنڌي ۾ استعمال ٿيڻ لڳا، مثلاً

اصل بلوچي

سنڌي ۾

ليڙَوَ = پنجن سالن جو  يا وڏو اُٺ

پُراپ، پُراف = وڏي گؤنري (ٽن سالن تائين)

رَمَغ = ٻڪرين جو ڌڻ

گورم = ڳائي مال جو وڏو ولر

گَهٽ = جبل جو ڏکيو چاڙهه

اولاڪ = بار گير جانور

مم = هڪ جانور، جو اڪثر پيش جي ٻوڙن ۾ رهي (baboon)

تَگِرد = تڏو

ڊاه = جنگ جي خبر

زَهم = ترار

زِڪ = کَلِي، سانداري

لَغور = بي همت، گيدي

کِر = ڪنڊي جو وڻ

نِشار = پٽ، ڀاءُ، يا ڀائيٽي جي زال

بوٺ، بائٺ = پناه ۾ آيل

ڪَبَگ = تتر جو قسم، ڊيل (؟)

لاپ = لٺ

 

جَمر = ڪڪر

هَوُر = قسم، سخن

 

تهار = اونداهو

لِيڙو = اُٺ

پوراف = وڏي ڏاچي. وڏي ڪڪڙ

 

رَمڙ = جانورن جو ولر

گوهر = ڳائي مال جو وڏو ولر

گهٽ = جبل جو لڪ

اولاڪ = چڙهي جو جانور (گهوڙو)

مم = ساڳيو جانور

 

تڳر = تڏو

ڏاه = اوچتي ڳري خبر

زهم، زهمي = ترار

اِيزڪ = کلِي، اوئي، سانداري

لغُر = بي همت، بيهودو

کير = اَرئو جي ڪَنڊي

نِشار = نُنهن، ڀاڄائي

بائٺ = پناه ۾ آيل ٻانهن، سامَ

ڪَٻہ = ڪاري تتر جي مادي

لاپ = ڪماڻ جو گز جيڪو ڪنهن شيءِ کي لٺ وانگر پاسيارو لڳي.

جَمر، ڇَمر = ڪڪر، جهڙ

هَورَ هڻڻ = وڏي دعوا ڪرڻ، ٻٽاڪ هڻڻ.

تهاري = اونداهي رات

سنڌي جو بلوچي تي ڪافي اثر پيو. بلوچ نسل جا قبيلا (بلوچ، بروهي، جت) سنڌ ۾ رهي وري بلوچستان طرف ويا ۽ سنڌي ٻولي جا الفاظ توڙي اُچار پاڻ سان نيائون، جيڪي بلوچي ۾رائج ٿيا. ستين صدي ۾ جَت قبيلا سنڌ مان وري مڪران، ايران ۽ معرب طرف ويا ۽ سنڌي ٻولي پاڻ سان اتي کڻي ويا. بلوچستان ۽ ايران جي حدن ۾ ان ٻولي کي ’جدگالي‘ (جتن جي ڳالهه، ٻولي) سڏيائون. صديون پوءِ ’جدگالي‘ ڳالهائيندڙ پڻ اتي ’جدگال‘ سڏجڻ لڳا. ان کان پوءِ ايندڙ دورن ۾ پڻ ڪي سنڌي قبيلا بلوچستان جي اراضين اندر آباد ٿيا، جنهن ڪري سنڌي اچار بلوچي ۾ داخل ٿيا. ويندي اڄ تائين ڪجهه سنڌي قبيلا گوادر جي اتر - اولهه، باهو، دشتياري ۽ ايراني بلوچستان جي حدن اندر هن ٿا ۽ ’جدگال‘ سڏجن (1).

گذريل صدي (1874ع) ۾ ’پِيۡئرس‘ نالي انگريز گوادر کان ٻاهر ٻهراڙي واري عام رائج ٻولي جو مطالعو ڪيو ۽ اتي جي مقامي لفظن جي فهرست ڏني، جنهن ۾ هيٺيان الفاظ سنڌي ۽ بلوچي لغات جي هڪٻئي تي عمل ۽ رد عمل تي شاهد آهن:

بلوچي ۾ رائج لفظ جو اُچار                   اصل سنڌي ۾

55. بِل (وڻن جو جهڳٽو)                      ٻيلو

57. بُجِي، بُچ                                 ٻُنجِي، ٻوچ

58. چارگ (خفيه طور نظرداري ڪرڻ) چارِي

65. دِسۡته، دِته، ڊِٺه                             ڏسڻ، ڏٺو

68. هَنيي، هَنُو                                        هاڻي

70. اِدا                                         ايڏان، ايڏاهن

71. جوڪو                                     جوکو

72. ڪَدِين                                    ڪڏهين

73. ڪنگال                           ڪنگال

75. ڪڪڙ                            ڪڪڙ

76. لڊگ                              لڏڻ

76. لگگ                             لڳڻ

79. مان (مان بوئگ = ۾ هئڻ)      ۾

84. پگار                              پگهار

84. پاکڙو                             پاکڙو

84. پَن                                        پَنُ

89. سمبالگ                          سنڀالڻ

90. شاهِم                             ساهمي

93. چُل                                چلهه

93. سنڊ                               سنڍ

94. ٽِلُو                                ٽَلي

94. ڊکن (ڏکڻ جي هوا)              ڏکڻ

95. ٽُڪر                              ٽُڪر

ڪافي آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌي ۽ بلوچي جي وچ ۾ لهه وچڙ ڪري ’ٽ‘، ’ڊ‘ ۽ ’ڙ‘ اچار (صوتيا) بلوچي زبان جو جز بنيا، ۽ اڄ تائين بلوچي زبان جي ’مغربي‘ (مڪراني) توڙي ’مشرقي‘ (مَري - بگٽي ۽ سنڌ جي سرحدي اراضين) محاورن ۾ موجود آهن. مثلاً، هيٺيان لفظ نج بلوچي آهن ۽ مڪران توڙي سبي طرف ڳالهائجن ٿا، پر انهن ۾ اهي سنڌي اچار موجود آهن:

ٽِيہ = غلام، نوڪر

ڊَگار = ميدان، زمين

ليڙَوَ = اُٺ

’ٺ‘ جو اچار پڻ ’مغربي‘ توڙي ’مشرقي‘ بلوچي ۾ موجود آهي، جيئن ته لَٺ، ڦِٺ، ٺگ: اهي الفاظ ٻنهي محاورن ۾ استعمال ٿين ٿا، مگر اصل ۾ سنڌي مان آيا. ’مشرقي بلوچي‘ يعني اها بلوچي زبان جيڪا سنڌ جي اترين سرحد ۽ ان سان لاڳو علاقن ۾ ڳالهائجي ٿي، ان ۾ سنڌي ۽ سرائڪي جي اثر سببان ڀ، ٿ، ڦ، ڇ، ڌ، ڍ، ک، جهه ۽ گهه جا اچار نسبتاً پوئين دور ۾ داخل ٿيا: يعني هڪ ته اهي ’اُچار‘ ڪن خالص بلوچي لفظن جو جز بنيا، ۽ ٻيو ته انهن اچارن وارن سنڌي لفظ خصوصاً ’مشرقي بلوچي‘ ۾ رائج ٿيا: يعني ته اهي اچار مغربي بلوچي ۾ نه ايندا ۽ فقط ’مشرقي بلوچي‘ ۾ ئي ايندا - مثلاً

مغربي         مشرقي                معنيٰ

پِت             ڦِث             پيء

پاد             ڦاذ             پير

چِي            ڇِي            ڇا

توَ              ٿَوَ              تون

انهن اچارن وارا ڪي سنڌي لفظ پڻ ’مشرقي بلوچي‘ ۾ عام رائج ٿي ويا آهن: جيئن ته ڌِڪو، ڍور، ڍَگَوَ (ڍڳو)، گهور (شادي جي)، ڇورَو (ڇورو)، جهيڙو)، گڍ، جُهڙ، ڦڊا (_ڏو)، مَڊي (مڏي)، جَڊَوَ(جڏو)، هَڊَوَ (هڏو) ۽ واجهه (وجهه = بُل).

سنڌي ۽ سرائڪي جو سنٻنڌ

هن دو ر۾ سنڌي ۽ سرائڪي جو تاريخي رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو. اول راؤ ۽ برهمڻ گهراڻن جي وقت ۾، ۽ پوءِ عرب - اسلامي دور ۾، سنڌ ۽ ملتان گهڻي عرصي تائين هڪ ئي سياسي طاقت هيٺ رهيا، جنهن جو خاص مرڪز سنڌ (شروع ۾ اروڙ ۽ پوءِ منصوره) هو. انهيءَ سياسي وحدت سببان سنڌ ۽ ملتان جي ٻولين جو سنٻنڌ شروع ٿيو. سومرن جي دور ۾ پڻ ڪجهه عرصي تائين ملتان ۽ پوءِ ڪافي عرصي تائين ملتان صوبي جو ڏاکڻيون ڀاڱو (موجوده بهاولپور وارو پرڳڻو) سنڌ ۾ شامل رهيو، جنهن ڪري سنڌي ۽ سرائڪي جو رشتو قائم رهيو. پڻ سومرن واري دو ر۾ سهروردي طريقي جي علمبردار ولي غوث بهاؤالدين زڪريا رحه جي تبليغ جو سنڌ ۾ وڏو اثر پيو، ۽ خاص طرح سما قبيلا وڏي تعداد ۾ هن بزرگ جا مريد ۽ معتقد ٿيا، جن مان سوين هن بزرگ جي حياتي ۾ توڙي پوءِ هر سال ملتان وڃڻ لڳا. سمن جي طاقت جي عروج وقت پڻ سمن حاڪمن جي غوث بهاؤالدين زڪريا جي پوين جاءِ نشينن توڙي سندن روحاني سلسلي جي اُچ وارن بخاري بزرگن سان عقيدت رهي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن سلطان فيروز شاهه ٺٽي کي گهيرو ڪري ويٺو ۽ آڏو ڄام صدرالدين ٻانڀڻيي به بهادري سان مقابلو ڪيو، تڏهن سلطان فيروز شاهه جي حمايت ۽ ڄام جوڻي جي موافقت سان شيخ الاسلام صدرالدين ملتاني ۽ اُچ جي بزرگ مخدوم جهانيان ’جهان گشت‘ ٻنهي وچان پئي صلح ڪرايو. مخدوم جهانيان غالباً ڄام جوڻي جو مرشد هو ۽ سنڌ سان سندس خاص تعلق هو، ۽ انهيءَ ڪري سندس ملفوظات ۾ دهلي ۽ سنڌ جي سياست بابت ذڪر موجود آهي. بهرحال، سمن حاڪمن توڙي سنڌ جي عوام جو انهيءَ دور ۾ ملتان ۽ اچ جي بزرگن سان روحاني تعلق رهيو، جنهن سنڌي ۽ سرائڪي جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. غالباً سمي ڄام سڪندر جي ڏينهن تائين بهاولپور وارو ڀاڱو سمن جي حڪومت ۾ شامل هو، جيئن هيٺ ڏنل هڪ ڪَتبي مان معلوم ٿيندو.

سنڌ ۽ ملتان جي وچ ۾ تاريخي تعلقن، سياسي لاڳاپن، ۽ روحاني رشتن سبان صدين جي عرصي دوران سنڌي ۽ سرائڪي جو سنٻنڌ وڌيو. ملتان کان ڏکڻ ڏانهن موجوده بهاولپور واري خطي جي زبان تي سنڌي جو گهرو اثر پيو، ۽ ان ۾ سنڌي لفظن ۽ محاورن جي آميزش شروع ٿئي ٿي؛ ٻئي طرف سنڌ اندر سرائڪي جو ’سنڌي - سرائڪي‘ محاورو رائج ٿيو. نائين صدي هجري جي شروعات ڌاري؛ سرائڪي خاص سنڌ ۾ توڙي مٿي بهاولپور وارن ڀاڱن تائين ڪَتبن ۽ لکيتن ۾ استعمال ٿيڻ لڳي، جنهن جو ثبوت بهاولپور ۽ سنڌ ۾ لڌل سِرن جي هيٺين ڪتبن مان ملي ٿو.

اٻاوڙي تعلقي ۾، ريتي اسٽيشن کان ٽي چار ميل ڏکڻ طرف ۽ اڳوڻي ريڻي ندي جي ڦٽل وهڪري کان ميل ڏيڍ اوڀر طرف ’وِڄڻوٽ‘ جي ڦٽل شهر جا کنڊر آهن. سنه 1873ع ۾ انهن کنڊرن کي کوٽيو ويو ۽ جيڪي شيون هٿ آيون، تن ۾ هڪ سِر هئي، جنهن تي هيٺين عبارت ڪند ٿيل هئي (1):

سلطان سکندر بادشاهه هي شان سيف اسم بالا

سرکار زهي سن سي باش 35513

کاريگر را قلم عدصر شد بس کار ابورا راطا

ظاهر آهي ته اها سِر سلطان سڪندر جي عهد ۾ ٺپي وئي. ڪتبي جي پهرين سٽ سرائڪي ٻولي ۾ آهي. آخري سٽ پڙهڻي غالباً فارسي ۾ ”کاريگر را قلم قاصر شد بس کار او تمام (شد)“ معلوم ٿئي ٿي.

تعلقي اٻاوڙي جي سرحد جي ويجهو ضلعي رحيم يار خان ۾ شهر ’سنجرپور‘ لڳ ’سُرواهي‘ جا کنڊر آهن، جن جي ڀرسان هڪ پراڻي کوه کي ڪِيڻ ڪندي هڪ سِر لڌي وئي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو لڳل هو:

سيلان سِلبَند ٿَپيان، ڦڳيا نام نصير

کُو کَنايا پُتۡر گانۡمَن دي اونڙ نام همير

وقت سڪندر بادشاهه ملڪ ڌڻي پهلوان

رعيت راضي ايهه جِهِي جو ٻُڍانِت جوان

هڪ لک سِلان لڳ چُڪيان ٿيا کُو تمام

تِريء سؤ ٻوٽي باغ دي راڌي اونڙ ڄام.

يعني ته: نصير ڦڳيي نالي سر بند سرون جوڙيون، انڙ پٽ گامڻ (يا هيمر پٽ گامڻ انڙ) جي کوه کڻايو - ملڪ ڌڻي سڪندر بادشاهه جي وقت ۾، جڏهن رعيت اهڙي ته خوش هئي جو پوڙهو ۽ هميشہ جوان هو، هڪ لک سورن لڳيون جو کوه جڙي راس ٿيو ۽ انڙ ڄام، باغ جا ٽي سؤ ٻوٽا پوکايا. پهرين سٽ ۾ سنڌي لفظ ’کڻايا‘ جو پوند لڳل آهي. مٿيون ڪتبو مرحوم مولانا محمد حفيظ الرحمٰن بهالپوري پنهنجي ڪتاب ”ذڪر ڪرام“ ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ اردو صورتخطيءَ ۾ لکيو اٿس (1). اصل سر تي انهيءَ عبارت جي حرفن ۽ لفظن جي هوبهو صورتخطي ڪهڙي هئي، سو معلوم ناهي. البت ڪافي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ”سڪندر بادشاهه“ مان مراد ڄام سڪندر سنڌ جو سمون بادشاهه آهي، جنهن جي ڏينهن ۾ مٿئين انڙ ڄام اهو کوهه کڻايو. سمن ۾ ’ڄام سڪندر‘ نالي سان ٻه بادشاهه ٿي گذريا آهن. ڄام سڪندر ثاني (چوڏهون بادشاهه) فقط ڏيڍ سال کن حڪومت ڪئي، جنهن ڪري ان جي نالي هي ڪتبو ٿي نٿو سگهي. البت چام سڪندر اول (نائون بادشاهه) جنهن جو پورو لقب ۽ نالو غالباً ”صدرالدين ڄام سڪندر شاهه بن خيرالدين ڄام توڳاچي“ هو، سو سنه 816 هه (1413ع) ڌاري تخت تي ويٺو (1) ۽ جيتوڻيڪ سندس حڪومت جو عرصو پڪيءَ طرح معلوم ناهي، مگر هن ڪتبي جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هن پنج ست ورهيه يا اڃان به زياده حڪمراني ڪئي، جو سندس ايامڪاريءَ ۾ ملڪ جي آبادي ۽ رعيت جي خوشحالي وڌي.

اتر سنڌ ۽ سِري ۾ اسان اهڙين ٻين سرن جي پڇا ڪئي. تاريخ 23- جون 1975ع تي ڳوٺ گلو پتافي (تعلقو ميرپور ماٿيلو) ۾ سگهڙ نهال شر خبر ڪئي ته لِياري ڪوٽ (2) مان سرون پٽي شرن بلوچن گَٺ ۾ کوهيون ٺاهيون. انهن مان هڪ سر تي لکيل هو ته:

الله بخش کوهاري، سر پڪي آ ميرن جي واري

سرهيه جي ٻل تي

ان مان ظاهر آهي ته ميرن ٽالپورن جي دور تائين انهن پڪين سرن تي سنڌ جي حڪمرانن جو نالو ڏنو ٿي ويو. قمرالدين پتافي خبر ڪئي ته اڳ به اهڙيون سرون ميرپور ماٿيلي واري ملڪ ۾ مليون هيون. چيائين ته: منهنجو ڏاڏو چوندو هو ته هڪ سر تي هن طرح لکيل هو:

مل ٿپي ٿپهڻاري - صابو نان کوهاري

دلوراءِ دي واري - سل پڪي ٻل ڄانڀي تي

تاريخ 20- فبروري 1966ع تي اَلهندي خان جسڪاڻي (عمر اسي ورهيه) ٻڌايو ته: روهڙي شهر لڳ انگريزن اڀرندو نارو نئين منهن وٽان کوٽايو. اسان جا مائٽ پڻ مزور هئا. روهڙي اسٽيشن جي موجوده ’انجڻ ڇيد‘ جي لڳ، ناري جو ترو کوٽيندي زمين مان اٽڪل پنج گز کن هيٺ هڪ پڪي کوهي نڪتي، جنهن مان ٽي پڪيون سرون هٿ آيون، جن تي هيٺين عبارت لکيل هئي:

اوستو يارو      ذات پوڪارو

سرهيه جو ٻل  مانهه جو گارو

سڪندر جو وارو

اسان اهڙين سرن جي ’موجوده سنڌ‘ جي هيٺين ڀاڱن ۾ پڻ تلاش ڪئي. هڪ ڀيري جهونا کنڊر ووڙيندي تاريخ 9- جولاءِ سنه 1958ع تي ضلع لاڙڪاڻي ۾ ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي قبي تي پهتاسون. معلوم ٿيو ته ميان الياس محمد کان اڳ پڻ اتي مقام هو. ان جي آثارن بابت پڇا ڪندي، اتي جي مجاور پيرل فقير لاشاري کان معلوم ٿيو ته سال کن اڳ (يعني 1957ع ۾) قبرستان جي ڏکڻ اوڀر واري ڀاڱي ۾ جَتن سندن ڪنهن فوت ٿيل ماڻهوءَ جي قبر کنئي ته اندران زمين مان هڪ سِر نڪتي، جنهن تي اکر هئا، جي ماڻهن پڙهيا ته:

”ٿَپڻ والي ٿپي سڪندر دي واري دي“ (1)

پيرل فقير کي انهيءَ سر جي ڪتبي مان فقط ايترا الفاظ انهيءَ نموني ۾ ياد بيٺل هئا.

تاريخ 14- مئي 1960ع تي ڀِٽ ڀائٽي (تعلقي کپري) ۾ عبدالڪريم خاصخيلي ٻڌايو ته شادي پلي اسٽيشن کان ميل کن الهندي (۽ ’بان‘ واه کان اوڀر) جيڪو ڀڙو آهي، ان ۾ ڳولا ڪندي هن هڪ چؤڪس سِر ڏٺي، جنهن تي هيٺيون بيت لڳل هو ۽ ان جي عبارت سِر ۾ ڪَند ٿيل هئي:

ڪوئي آکي سَلان ڪنہ پڪايان دلو نانُ کُهاري

ڄانڀي دا ٻل ٻلايا، شاه سڪندر واري.

پيرل فير ۽ عبدالڪريم خاصخيلي جي انهن اکين ڏٺين شاهدين مان ثابت ٿئي ٿو ته ڄام سڪندر سمي جي عهد ۾ پڪين سرن تي ڪتبن لکڻ جو رواج عام هو ۽ سرون کوهن ۽ عمارتن جي ڪتبن لاءِ سڄي سنڌ ۾ استعمال ٿي ٿيون. ٻيو ته سنڌي سان گڏ سرائڪي ٻولي سِرڪي توڙي سنڌ ۾ عام هئي ۽ نه فقط ڳالهائبي هئي پر تاريخي ڪتبن لکڻ لاءِ پڻ استعمال ٿيندي هئي جيئن ته هن سر واري عبارت مان ان جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ۽ سرائڪي ڄڻ ساڳئي ملڪ جون ٻه ٻوليون هيون ۽ خااص طرح اترين سنڌ ۽ سري ۾ ٻنهي جي قريبي رشتي جي تصديق قاضي قادن جي ڪلام مان ٿئي ٿي؛ جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.

تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي

’باب چوٿين’ هيٺ بيان ٿي چڪو آهي ته عربن جي حڪومت کان پوءِ سومرن جي دور ۾ پڻ غالباً دستور موجب عربي سرڪاري زبان طور جاري رهي. ازانسواءِ سومرا دين اسلام ڏانهن متوجهه ٿيا ۽ انهيءَ ڪري عربي ذريعي تعليم جو سلسلو جاري رهيو. سمن قبيلن پڻ شروع کان ئي دين اسلام قبول ڪيو هو، انهيءَ ڪري سمن قبيلن ۾ عربي تعليم جو سلسلو پڻ آڳاٽو رائج هو. سومرن جي دور جي آخر ۾ سما قبائل غوث بهاؤالدين ذڪريا جي تبليغ ۽ روحاني فيض سبان دين اسلام ڏانهن وڌيڪ متوجهه ٿيا، ۽ منجهائن ڪيترائي صوفي درويش ۽ بزرگ پيدا ٿيا جن سنڌ ۾ اسلامي تبليغ ۽ تعليم کي عام ڪيو. ان ماحول ۾ عربي تعليمي ٻولي طور رائج ٿي. سمن حاڪمن ذاتي طور درسي ڪتابن لکائڻ جي ڪوشس ورتي، جنهن جو ثبوت ان دور ۾ ’منطق‘ بابت لکايل هڪ درسي ڪتاب مان ملي ٿو، جو اتفاقاً زماني جي دستبرد کان بچي ويو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي (1). منطق جي درسي ڪتاب ”شَّہ فِي الۡميزان“ جي مطالعي کي وڌيڪ آسان بنائڻ خاطر ڄام انڙ عرف محمّد سڪندر شاه ثاني سنه 58/857هه (1356ع) ڌاري (2) مئنگلور (ڪاٺياواڙ) جي استاد ۽ عالم مولانا علاؤالدين (3) کي استدعا ڪئي ته هو نئين سر سمجهائڻي (شرح) سان اهو ڪتاب مرتب ڪري، جنهن تي  مولانا علاؤالدين ’الزُّبۡدَة‘ نالي ”شمہ في الميزان“ جي شرح لکي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ مؤلف لکي ٿو:

فقد سالني من لا يسعني ان اخالفہ - الذي اقرَّ بفضلہ الموافق والمخالف - والاجري لمن يقصد في حقہ مدحا يناسب فضلہ ان يراعي شجر حساده و غيظ عداه، اَن يَري مبصره و يسمع واع - وهوالملڪ المعظم ذوالحلم والعلم والجود والکرم محمد المعروف يبانر بن فتح خان بن طوغاچي بن جام لازال لہ من التوفيق عُصام و من التاييد قوام - ان اڪتب ما  يجري مجرا الشرح للشمہ في الميزان لينفع بہ من بهتم بشانها من الخُلان-

(يعني ته: مون کي اهڙي هڪ هستي چيو، جنهن جي انڪار جي مون کي طاقت ناهي - جنهن جي فضيلت جا موافق توڙي مخالف قائل آهن ۽ جيڪو به سندس ڪماحقہ مدح جو خيال ڪري تنهن کي جڳائي ته سندس حاسدن ۽ دشمنن جي ڪدورت کان ڪناره ڪشي ڪري تان ته ٻين لاءِ حقيقت واضح ٿئي - ۽ اهو آهي وڏو حاڪم، علم، حلم، سخا ۽ ڪرم جو صاحب محمد عرف انڙ پٽ فتح خان پٽ توڳاچي پٽ ڄام. شال سدائين سندس ذاتي خوبين سان توفيق شامل حال هجي  ۽ (ڌني جي مدد سهارو هجي.)

بحيثيت سرڪاري زبان جي، غالباً سمن جي دور جي شروعات کان وٺي فارسي جو دخل شروع ٿيو. ان جو مکيه سبب اهو هو جو ان کان اڳ تقريباً ٻن سون ورهين کان وٺي فارسي دهلي جي مرڪزي حڪومت جي دفتري ۽ سرڪاري ٻولي جي حيثيت ۾ ڪافي اهميت حاصل ڪري چڪي هئي، ۽ پڻ صوبائي گورنرن جي دفتري زبان جي حيثيت ۾ هندوستان جي گهڻي ڀاڱي ۾ اها عام ڪاروباري زبان جي صورت ۾ رائج ٿي چڪي هئي. سمن جي طاقت جي اسرڻ وقت سنڌ جا پاڙيسري پرڳڻا، گجرات توڙي ملتان، سڌو سنئون دهلي جي ماتحت هئا ۽ اتي جا گورنر سنڌ جي سياسي انقلاب -يعني ته سومرن جي زوال ۽ سمن جي اُڀرندڙ طاقت - کي غور ۽ ذڪر سان ڏسي رهيا هئا. ملتان جي گورنر عين املڪ ماهرو خاص طرح ڄام ٻانڀڻيي سمي سردار جي سرڪشي کي شڪي نگاهن سان ڏسندي، سومرن جي آخري حاڪم همير پٽ دودي کي ڪوشس ڪري پئي همٿايو ۽ ”سندس وجود جي  ٻوٽي کي حادثن جي تند هوا کان پئي بچايو“، ۽ پڻ ساڳئي وقت هن ڄام ٻانڀڻيي ۽ سندس حمايتن ۽ ساٿين کي خط و ڪتاب ذريعي پئي چتايو (1). انهيءَ عرصي ۾ هڪ ڀيرو شيخ الاسلام صدرالدين ملتاني ۽ مخدوم جهانيان جهان گشت وچ ۾ پئي ڪن شرطن تي ٻنهي ڌرين (دهلي ۽ سنڌ) جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر صلح ڪونه ٿيو. گورنر عين الملڪ سيوهڻ تي لشڪر چاڙهي موڪليو ۽ ڄام ٻانڀڻيي انهيءَ لشڪر سان پڻ خط و ڪتابت ذريعي ڳالهيون هلايون، پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو. گورنر عين الملڪ انهيءَ سڄي سياسي هنگامي جو پنهنجن ڪن خطن ۾ ذڪر ڪيو اهي، جيڪي هن سنڌ جيڪن سربراهن ۽ بااثر شخصيتن ڏانهن لکيا؛ انهن خطن ۾، سنڌ طرفان ڏانهنس لکيل خطن ۾ ڄام ٻانڀڻيي جي سرڪشي ۽ حجتن، ۽ سيوهڻ ۾ شاهي لشڪر ڏانهن سندس لکيل مراسلن جو ذڪر آهي (1).

 گورنر عين املڪ جي خط و ڪتابت فارسي ۾ آهي ۽ يقيني طور ڄام ٻانڀڻيي ۽ سنڌ جي ٻين سربراهن طرفان لکپڙه پڻ فارسي ۾ ئي ٿي هوندي. اها آڳاٽي ۾ آڳاٽي فارسي خط و ڪتابت آهي جيڪا دهلي جي مرڪزي حڪومت جي گورنر ۽ سنڌ جي سمن حاڪمن ۽ ٻين سربراهن جي وچ ٿي، ۽ جنهن جو پڪو پختو تاريخي حوالو موجود آهي. انهيءَ بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته سمن جي طاقت جي شروعات کان وٺي فارسي سياسي معاهدن ۽ مراسلن جي زبان تسليم ٿيڻ لڳي. گورنر عين الملڪ جي خطن ۾ اهو اشارو پڻ موجود آهي، ’ڄام جونا‘ (يعني ڄام ٻانڀڻيي جو چاچو ڄام جوڻو) ان وقت پڻ دهلي جي سلطانن جي اطاعت جو خواهان ۽ هر شاهي فرمان مڃڻ لاءِ تيار هو؛ انهيءَ ڪريئي بعد ۾ ڄام ٻانڀڻيي کي دهلي ۾ نظر بند ڪري رکيو ويو ۽ ڄام جوڻي کي سلطان فيروز شاهه طرفان ٺٽي جو ڄام مقرر ڪيو ويو، ۽ هن علاؤالدين ’ڄام جونا‘ جي لقب سان اندازاً 777 هه کان وٺي 91/790 هه (1388ع) تائين ٺٽي ۾ حڪومت ڪئي. سندس حڪمراني واري انهيءَ دور ۾ هن هڪ آڳاٽي بزرگ شِخ حاجي ابوتراب رحه جي مزار تي 782 هه (1380ع) ۾ گنبذ ٺهرايو ۽ ان کي فارسي ۾ هيٺيون ڪتبو هڻايو، جنهن جي شروع ۾ سلطان فيروز شاهه جو نالو آداب ۽ القاب سان کنيل آهي ۽ ان بعد خود ’علاؤالدين ڄام جونا‘ جو نالو ڏنل آهي:

بعهدِ شهريارِ دهر سلطان داورِ دوران

شہِ فيروز منصور و مظفَر در صفِ ميدان

بامرِ سرفرازِ سند خاصِ حضرت عالي

کہ پاي قدر او اعليٰ زفِر فِرقِدَ تابان

ستودن ’جام‘ جم سيرت ’علاؤالدين‘ دريا دل

کہ از ارزاني لطفش جهان شد جملہ آبادان

برآمد اينچنين گبند معليٰ کز صفا گوئي

بِسانِ بيت مسعود آمدست از هارِ اين ايوان

مقامِ شيخ حاجي بوترابي آن ولي الله

کہ بر درگاهه او گردد روا حاجات خلق آسان

بسالِ هفصد و هشتاد و دواز هجرتِ احمد

زهون ازدو ذوالمن والافضال والاحسان

بنا شد ثالثِ ماهر صفر اين روضہُ ميمون

بسعي کمترينِ بند گانِ موسيٰ بن شهجان.

هيءُ ڪتبو اڄ ڏينهن تائين موجود آهي (1)، ۽ سمن حاڪمن جي دور جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتبو آهي، جيڪو عربيءَ جي بدران فارسيءَ ۾ لکيل آهي. هن ڪتبي مان ظاهر آهي ته سمن جي حڪومت کان وڍي سرڪاري لکيتن ۽ يادگارن ۾ فارسي استعمال ٿيڻ لڳي، ۽ فارسي جو سرڪاري ٻولي جي حيثيت ۾ ملڪ جي ڪاروبار ۾ داخل شروع ٿيو.

سمن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي روايتي ادب جو ذخيرو

سومرن جي دور ۾، سواءِ ’دودي - چنيسر‘جي رزميہ داستان جي جنهن کي سنڌ جي سگهڙن ۽ راويتن، ڀٽن ۽ ڀانن حب الوطني جي لحاظ سان ڳايو، ٻيا مڙيئي داستان قصہ - خواني طور رائج ٿيا. ’عمر - مارئي‘ ۽ ’راڻي - مومل‘ جي قصن ۾ سومرن بادشاهن جي سراهه يا سورهيائي جي بدران سندن اوڻاين وارو پهلو نمايان آهي، انهيءَ ڪري غالباً اهي قصا سمن جي دور ۾ ئي کُليءَ طور ڳايا ويا.

ڪن تاريخي اهڃاڻن ۽ عام مروج مقامي روايتن جي ويچار مان معلوم ٿئي ٿو ته سومرن جي حڪومت جي زوال وقت سما سکيا ستابا ۽ وڏا زميندر هئا. سياسي طاقت خاطر عوام جي همدردي حاصل  ڪرڻ لاءِ هنن دل کولي سخا ڪئي، جنهنڪري ماڻهو سمن ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيا. ڀٽ ۽ ڀان جيڪي ان وقت جون اخبارون هيون، تن کي سمن زميندارن خاص طرح وسايو، ۽ انهيءَ ڪري انعام جي اميد تي ڀٽن ۽ ڀانن سندن سخا کي ڳايو، ۽ سندن نانءُ ناموس کي وڌايو. سمن جي دور ۾ ڪن اڳين سمن سربراهن جهڙوڪ ڄام لاکي، ڄام جکري، ڄام اوٺي جکراڻي، هُڻندٿڌياڻي، وِڪيي ڏاتار، سپڙ ڄام وغيره جي سخا جا قصا مشهور ٿيا. سومرن جي بهادريءَ جي ڪارنامن جي ڀيٽ ۾ ڀٽن ۽ چارڻن وري ڄام لاکي، ڄام ابڙي سمي، ڄام پونئري، ڪارائڙي سمي جهڙن سمن سربراهن جي سورهيائيءَ جا ڪارناما واکاڻيا ۽ پڌرا ڪيا. ٻئي طرف انهن سگهڙن سومرن جي دور جي عشقيہ داستانن جهڙوڪ ڄام لاکي ۽ مهر راڻي، ڄام لاکي ۽ اوڏڻ، ڄام اُڍي ۽ هوٿل پري، ڄام جراڙ ۽ بوبنا، ڄام تماچي ۽ نوري جي قصن کي ڳايو ۽ مشهور ڪيو.


(1). اي. پيئرس جو مضمون ”مڪراني - بلوچي جو بيان“، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي جو جرنل، نمبر 31 (No XXXI) جلد 11، سال 1875ع، ص ص 1-98 هيٺ لفظن آڏو ڏنل انگ هن مضمون جي صفحن جا آهن.

(1). مسٽر فريڊ. اي. رابرٽسن، ايگزيڪيوٽو انجنير ريلوي، ريتي ڊويزن، جيڪو بروقت موجود هو، تنهن سِر واري اها عبارت ۽ ٻين هٿ آيل شين جو تفصيل لکيو ۽ اهو بمبئي جي اخبارن ۾ ڇپيو. انهي تفصيل جو قدري اختصار ڪلنل بي. آر. بِرَينفِل ’وڄڻوٽ‘ بابت پنهنجي مضمون ۾ قلمبند ڪيو آهي، جتان اها عبارت ورتل آهي. ڏسو

“Vijnot and Other Old Sites in N.E. Sindh” by Col. B.R Branfill, the Indian Antiquary, Vol. XI-1882, Bombay, 1882.

(1) . ڏسو ”ذڪر ڪرام“ مطبوع محبوب المطابع پريس دهلي، شايع کرده بهاولپور سنه 1357هه، ص ص 128-129.

(1). سمن بادشاهن جي سلسلي ۽ حڪمراني لاءِ ڏسو اسان جو انگريزي ۾ لکيل مضمون ”سنڌ جي سمن بادشاهن جو سلسلہ حڪومت“ جنهن جو حوالو اڳي اچي چڪو آهي.

(2). لِيارو ڪوٽ ميرن ٽالپورن جو ٻڌايل (ضلعي رحيم يار خان جي حد ۾).

(1). انهيءَ موقعي تي دوست محترم محمد اسماعيل خان نون مرحوم (ان وقت ڊيپوٽي ڪليڪٽر، دادو) ۽ بنده راقم گڏ هئا ۽ پيرل فقير جي زباني کي بروقت قلمبند ڪيو ويو.

(1). ’الزبدة‘ جنهن جو ذڪر هيٺ اچي ٿو، سو سنڌ ۾ درسي ڪتاب طور پڙهيو ويو، جيئن ته سنڌ يونيورسٽي جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قلمي نسخي جي هاشيہ آراين مان ظاهر آهي. هن ڪتاب جا ٽي قلمي نسخا لنڊن ۾ انڊيا آفيس لئبرري ۾ محفوظ آهن. هڪ نسخو ڪوٽڙي جي قاضين جي ڪتبخاني ۾ آهي. گجرات طرف پڻ هيءُ ڪتاب مقبول رهيو ۽ هڪ نسخو قاضي احمد ميان اختر جهوناڳڙهي مرحوم جي ڪتبخاني ۾ هو جيڪو راقم جي نظر مان پڻ گذريو.

(2) . هن سمي حڪمران جي نالي، لقب ۽ دور حڪومت لاءِ ڏسو اسان جو انگريزي ۾ لکيل تحقيقي مقالو ”“سنڌ جي سمن حاڪمن جو سلسلہ حڪومت“ پاڪستان هسٽاريڪل ريڪارڊس ۽ آرڪائيوَز ڪميشن جي ٻئي اجلاس (پشاور) جي ڪارروائي، پاڪستان گورنمينٽ پريس، ڪراچي 1957ع.

(3) . مصنف جو نالو، ’انڊيا آفيس لئبرري‘ جي هڪ نسخي جي پويان ڏنل آهي (ڏسو ان لئبرري جي ”عربي ڪتابن جي فهرست“، لنڊن 1877ع، ص 156).

(1) . انشاي ماهرو، مطبوعه شعبہ تاريخ، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙه ص 877.

(1) . انشاي ماهرو، مطبوعه شعبہ تاريخ، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙه ص 877.

(1) . جئن ته سنڌ ۾ هي آڳاٽي ۾ آڳاٽو فارسي ۾ لکيل تاريخي ڪتبو هو، تنهنڪري راقم جڏهن ’سنڌي صوبائي ميزوم‘ حيدرآباد  جو اعزازي ڊائريڪٽر هو، تڏهن اصلي ڪتبي کي ميوزيم ۾ محفوظ ڪرايو ويو ۽ ان جي بدران هوبهو ان جو نقل نئين سر ساڳيءَ جاءِ تي ولي ابو تراب رحه جي قبي اندر هڻايو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org